سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :32

پوري ڪر حاجات، محمّد!

      عــيـــن عـــنـــايــــت ڪــر، مـحمّد! پير ڀري اچ در، محمّد!

واهه ولهن جي ور، محمّد!

      غـــيـــن غـــريــــب سڃاڻ، محمّد! ڏي تن ڏوڙا ڏاڻ، محمّد!

وير وساءِ وٿاڻ، محمّد!

      فـــي فـــي الهال رسيج، محمّد! هينن هٿ وٺيج، محمّد!

دوست دلاسو ڏيج، محمّد!

      قـــــاف قـــريــــشـــي آءُ، مـــحـــمّـد! رهبر راهه نماءُ، محمّد!

لهه ڪُل سُڌ سماءُ، محمّد!

      ڪاف ڪرم ڪر زود، محمّد! ڪوٺي ڪر خوشنود، محمّد!

تو سِر لک درود، محمّد!

      لام لـــنـــگـهـايــو سِيـر، مـحــمّـد! احمد ڄام امير، محمّد!

آيو وقت آخير، محمّد!

      مــيــم مــداح مـــدام، مــحـــمّــد! پَرَتَوَ هي پينام، محمّد!

”عبدالله“ غلام، محمّد!

      نـــون نـــمـــاڻـــا نــيــــن، مــــحــــمّــد! سِڪن سدا دِن رين، محمّد!

ڏيکاريو حرمين، محمّد!

      واو وڌائـــــج ديـــــــــن، مــــحــــمّـــــــد! ڏي ويساهه يقين، محمّد!

پنهنجي ڪر تلقين، محمّد!

      هي هر حال هميشہ، محمد! ڪرت ڪچو ڪم پيش، محمّد!

سام پِيَوَ درويش، محمّد!

      لام لطف لک يار، محمّد! ڪر يتيمن يار، محمخد!

غور ڪيو گلزار، محمّد!

      اءلف اميد غلام، محمّد! ڪر مقبول ڪلام، محمّد!

چوان صلاوة سلام، محمّد!

      يي يڪ تنهنجي بات محمّد! سهنجي ڪر سڪرات، محمّد!

ڪلمون وائي وات، محمّد!

                      لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

·

(2)

ٽيهه اکري: مداح مرشد جي*

 

الف اول اسم ٿِئي، سڻ سيّدا! منهنجو سوال،
تون ڀلارن ۾ ڀلو، اعليٰ قرب ڪامل ڪمال،
نِزد موليٰ جي مُشرّف، نِزد نرمل جي نهال،
سي رتا سڀ رنگ ۾ جنهن ڏي ڪرين خاصو خيال-
اغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿِي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

بي بلاشڪ ڀروسو آهين مريدن ماه تون،
هادي هدايت جا ڌڻي! سڀ ڪنهن ڏسيندڙ راه تون،
اوکيءَ مهل اڙين سندو حام ٿئين همراه تون،
سردار ڪُل سادات جو شهباز شاهنشاه تون،
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مرين جي مدد، نروار نر نعرو هڻي!

 

تي توقع طلب تنهنجي، برهه بيشڪ بيشمار،
تار طفليءَ ۾ لڳي آ، حُبّ هيڻي کي آپار،
لئي ملڻ جي منتظر، مشتاق آهيان بيقرار،
پِير! پروش پانهنجي ڪر، ٿئي بدن بيحد بهار-
اغثني يا مرشدا، اي نُور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

ثي ثبوتي جُرمَ چَندين، جي هٿئون منهنجي ٿيا،
ڏوهه ڏِنگ ساري عمر، مون ڪل ڪچا ڪردار ڪيا،
حرص دل حيران ڪئي، سڀ وقت غفلت ۾ ويا،
مَحٌوَ ڪر مون تان مديون، ڏاتار ڏيهن جا ڏيا!
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نر نعرو هڻي!

 

جيم جانٌ ڪِي مان جيان، تنهنجي محبت من اندر،
جوش جلايو جان کي، نيڻين وهي ٿي اڄ نهر،
سوز ۽ سڪ مان سڄڻ! توي سنڀاليان هر سحر،
ڏي دلاسو دلبرا! ننگدار، نافع، نامور!
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نر نعرو هڻي!

 

حي حقيقت حال جي معلوم توکي سيّدا!
دائما در جو ڪتو آهيان، اصل کؤن ابتدا،
ويل مشڪل اي پرين! سڏ ٿو ڪيان توکي سدا،
ڪوٺي ڪيو ڪامل! ڪرم، گوهر! گڏيو گوڏي گدا-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نر نعرو هڻي!

 

خي خدا جي ڇانٌوَ توتي، تون نسورو نور ٿئين،
سان شريعت ۽ طريقت، مُلڪ ۾ مشهور ٿئين،
۽ حقيقت معرفت ۾ موليٰ در منظور ٿئين،
مهر مروت ۽ سخا ۾ مجتبيٰ معمور ٿئين-
اَغثني يا مرشدا، اي نرو ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نر نعرو هڻي!

 

دال درماندي جي سِڪ آهي سدائين ساهه کي،
ٻيو وسيلو ڪونه آهي تو بنا بيواهه کي،
سوڙهه سختي وقت طلبيان دوست! تو دلخواهه کي،
ڪُرنشون ڪوڪون ڪريان من ٻاجهه پئي تو شاهه کي!
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نر نعرو هڻي!

 

ذال ذاتي ذڪر تنهنجو واٽ وحدت واهه جي!
ويٺي، سُتي اُڻ تُڻ اندر دمدم درس درگاهه جِي،
اکڙين اُڪانڊو ايڏهين رويو نهاريان راهه، جِي!
يادگيري قوت منهنجو تو منّور ماهه جي-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هني!

 

ري رباني راض رهبر رهنما توتي مدام،
رحمتون رحمان جون توتي وسن ٿيون صبح شام،
آهين ڇپر ڇورن سندو، در دين دنيا، نيڪنام!
سام پرتو سيّدا! محتاج هي گولو غلام-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

زي زبان زاريون ڪري، ڪي مَن قبوليت ۾ پون،
عشق جا اَڙاهه اُٿيا، جهڙڳ ٿا جيءَ ۾ جهون،
پانهنجو پهراءِ پينو، هي سوالي منجهه سَوَن،
لاڳ توکان سي وٺن، جي نياز نوڙت سان نَوَن-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

سين ساراهه کون بيان بيشڪ ڀَلن بسيار ٿيو،
علم ”عبدالحيّ“ جو عالَم اندر اظهار ٿيو،
ارشاد ”ارشد شاهه“ جو، جيءَ جان جو جنسار ٿيو،
حب ”حبيب الله“ جي، سيني سڀن سينگر ٿيو-
اَغثني يا مرشدا، اي نرو ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

شين شهزادو قطب، الله جو اسرار آهه،
شرف ”شمس الدين“ جو، وٽ مصطفيٰ موچار آهه،
دادلن درگاهه جي سِر دين جو دستار آهه،
هي بندو بيشڪ سندن پيرن پڻي پيزار آهه-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

صاد صاحب! سربسر، آهي اوهان جو اشتياق،
سرخرو عاصيءَ کي ڪريو، جو ڪيو فاني فراق،
مهر مان معذور تي، امداد جو ٿئي اتّفاق،
ڪڍ ڪوري ڪس قلب جي، نادر! نماڻي جو تفاق،
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

ضاد ضامن لئي ضعيفن، خلقيو توکي خدا،
هاشمي هيڻن حمايت! وڙ ڪريو راهه خدا،
آسرا اڙين اجها، جانب! نه ٿيءُ جيئري جدا،
تون منوّر مقتدا، مختيار! موليٰ جو مدا-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!
 

طوئي طالب ترت پهچايو نسنگ ناسوت ۾،
تهدليون توجهه ڪري ڏيو مرتبو ملڪوت ۾،
رمز رندي سان رسايو جيءَ جسو جبروت ۾،
غمگين گوليءَ کي گڏيو، لائق! منجهان لاهوت ۾-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!
 

ظوئي ظهوري جسم ۾، ڏي اِسم جي اعليٰ تنوار،
مَرُ هجي هروقت هردم’هو‘، جي لُنءَ لُنءَ ۾ لغار،
ناقصن نوري نظر، نروار ٿي ناصر! نهار،
وير ورنَہ! وسوسا، وارث! ويچاريءَ جا وسار-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

عين عاجز جو عرض ورناءِ وسيلا وير! تون،
ٻاڪر ٻانهيءَ جي ٻڌي مهدي، مغان رس مير! تون،
پورهيت پرچاءِ پنهنجي، ڏئي خوشي کنڊ کير تون،
ور سڻي واڪا وِلهن جا، پهچ پارس پير! تون-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي!

 

غين غفلت غير کؤن غمناڪ کي آباد ڪر!
دل دکن ويران ڪئي، سا دل سِگهو آزاد ڪر!
جي لڙن لچ لَعنتي، مردود ماري ماد ڪر!
في الحال فائق! فيض ڏي، ڪو عشق جو ارشاد ڪر!
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

في فسق عصيان ۾، وئي عمر ساري، هاءِ هاءِ!
هيءَ حياتي حرص جي غم وهم ڳاري، هاءِ هاءِ!
افسوس ۽ ارمان کان ڪيان آهه زاري، هاءِ هاءِ!
توريءَ تڏي ڪنهن جي اچي؟ بيوس ويچاري، هاءِ هاءِ!
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.


*  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org