لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.
زي ئون زائل ٿيندءِ هٿ، هيءُ جو اٿيئي ثرانُ،
ڪيرائيندءِ ڪڏهين، جو تون ڪُڏائين ڪَيڪانُ،
ويندءِ وسري وير ڪَهين، ان جو ايءُ ڊوڙاڻُ،
مڙندءِ ماڳ ڪنهن، اوڳا! اِيءُ اُهڃاڻ،
اِيهين ڪِرندين ٿيندين ڪُڪَرا، جئن ڀِتَلُ ڀنجھو
بيبان،
تان جھَل تون واڳ اِن جي، اُلهه وٺ امڪان،
اِنَ ڪڏائڻ ڪيڪانُ جو، ٿيندءِ گھڻو ارمانُ،
ٻيا ڏس ٻيءَ طرحين، پس پاڪيزو پاڻ،
اوڳا! انهيءَ ڳالهه کان، اڃا آهين تون اڄاڻ،
اوڳا! اٽڪل ڪري، تان پهرين پنهنجو نفس سڃاڻ،
ته ڪر سڃاتئي سڀين ڀَتين، سچو جو سبحان.
پر نفس سڃاڻڻ سٿرو، ادا! آهي نه آسانُ،
اِت وڏو مصالح گھرجي، شُروي جو سامانُ،
ريءَ مصالح ماهه رڌڻ، آهي ظاهر زيان،
پاڻان مبارڪ ماهه جو، ٿو وڃي شرف شان،
ٻيو جيئن رڌڻ گهرجي، جو ڄاڻي پچائي پڪانُ،
ريءَ بورچي ڀَتُ ماهه ۾، لهي نه مڇيءَ جو مڪان،
جي پوئي پَرُوڙ ڪا، هوئي دل ڌيان،
ته ٿيئي مثال سامهان، هيءُ سارو جڳ جهان،
جي ڪهن ڪلمون ڪوڏ منجھان، اُنِ سلامت ايمان.
لاالہ الا الله محمد رسول الله.
سين
ئُونٌ ساٿِي! کي سڄڻين، ڏيج ساري سَلاما،
ڪَهِج ڪوڙينٌ ڪرمشون، اڳيان عالم اِماما،
چئج حال حبيب کي، منهنجو تَرسِي تَماما،
پوءِ ٻولي ٻُڌائج پِرينءَ کي، ڪَنا لڪائي عاما،
ته، ڪڏهين ايندو وصال جو، هِن وارو ورياما؟
ڏي دلاسو دوست تون، ته اچي آراما.
جي مون ۾ عيب اجھاڳ گھڻا اَپر عظيما،
ته تون پِريَمَ آهين وَڏ وڙو، ڪامل ڪريما،
تو اُتو ”اَلسّلام علينا“ اَلتّحياتَ ۾، اڳيان
عليما،
عاصي گڏيئي پاڻ سين، سندءِ اهڙا احسان عميما،
شال وري واءُ وصال جو، ناگهه نسيما.
ڪِ اچي پَهِي پرينءَ پار کان، جو ڏئي مون بشارتا،
ته سڄڻ ڪنان تو سرهائي رسي ايءَ مون اَمانتا،
جنهن مان هينئڙي رسي هِيرَ ڪا، ٿئي سالم سليما،
۽ ڪري ميڙائي جي ڳالهڙي، ته ٿئي مون فرحتا.
هو جو ڏسجي ڏونگر، آڳاهينءَ ڏس تان،
اُو ڪر پهي پريان جو ڀانئيان، مانَ ايندڙ هوءِ
اتا،
اِجھو آيو، آءُ سڃاڻان، وٺِي نياپا نِرتا،
آءُ ته وهاريانءِ وچ وَنيين، جانب جيءَ جھتا،
ڪا ڪر پِريان جي ڳالهڙي، ويهي واڍوڙين وٽا،
حبيباڻيون ڳالهڙيون آهن روح راحتا،
جئن سُڄن تئن لهي، قلبئون قساوتا.
ادا! سڻاءِ سنيهو سندو سڄڻين، سَهان فُرجو نه
فُرصتا،
تو ڪِينٌ ڏٺا مون پرين، سالم سلامتا،
ڪِ آهن آسودا ڏيہ پانهنجي، اَمنئون اَمانتا،
ميان! مون ساريندي سانڀيين، گذري مدتا،
پاڻ ڪرينم ياد ڪِينٌ، ويل ڪنهن وقتا؟
ڪا وائي ڪر وصال جي، ٻي هاڻي حقيقتا،
مانَ ميّسر مون ٿئي، ڪا سانڀين صحبتا،
ڪڏهن مِڙنديس مارُئين؟ اُوءَ سَلِهِين ساعتا،
جي مون ماريا موک ٿئي، ڇُٽان ڪِنائي عِلّتا،
ته پُر ان اکئين پير ڪري، ويڙهيچن واٽا.
هئي هئي! هنجون هاريان،. جيئن ڪيم ڪيچي ڪَچا
ڪِرتا،
جئن آءُ هِت گذاريان، هو پنهنجِي ولايتا،
پر اَٿم اُميد آسرو، بيحد نهايتا،
ته ڪين ڇڏيندم، البت ڪڍندم، سڄڻ ڪا شدتا،
پاڻ پسائيندا، هاڻي ايندا، اَٿم سندين پِرتا،
جڏهين اکين آڏي اچي ڦري سندين صورتا،
تڏهين دل کُلي باغ ٿئي، رسي روح راحتا،
اهڙي ويل نه سنڀران، خوشي زيادتا.
هئي هئي! جهڙو ذائقو ذڪر جو ۽ محبوب محبتا،
تهڙي ٻي ناهه ڪا، نافع نعمتا،
توڻي پڙپي پاڇاهت جهان جي، تان سڀ هلاڪتا،
ريءَ يادگيريءَ يار جي، آهيئي محنتا.
کوءِ منڊل، ٻَن ماڙيون، وڙ پنوهارن پکڙا،
کوءِ پَٽ پٽيهر پَٽ جا، وَر کٿٻيرن کٿڙا،
کوءِ پُلاهون ٻَن دو پيازا، ور پوُسي دُٿ ڏونرا،
سڱر سُونهن سونَ کان، ڀانيان چڱا چوڍيرا،
محبت ميسر جئن ٿئي، ته ڪر سَرئا سڀ سُکڙا،
ڌاران حب حبيب جي، سک سڀيئي ڏکڙا،
جهڙي زينت ذوق جي، تهڙا ڳچيءَ نه ڳَهڙا،
اِت آهي اِشارت ذرو، پر گهُرجي پروڙا.
جڏهن پيئي سڪ ڏونہ سڄڻين، بيبي خديجة ڪبريٰ،
نظر نهوڙي نبيءَ جي، پچائي پُورا،
پيس حُب حبيب جو، جوشن سين جيرا،
ڊاٺي درد دوس جي، اُحمد اُڪيرا،
شوق سُونهايس پيچرو، فائق جي فِڪرا،
لٿس لاڳاپا دنيا جا، سين پرين پچارا،
روئي اندر روح ۾، سلي نه سورا،
لوچي پَچي پَر ۾، ڪنهن سين ڪُڇي نه قدرا،
ڏئي اَنت نه پِريان جي عشق جو، سَلي نه سُورا،
واجهائي وصال کي، راتين روزمرا،
ويس لاڳاپا ٻيا لهي، سين نافع جي نظرا،
پوءِ ٿوري گهڻي ڏينهڙي، مليس محب موچارا،
سڄڻ گڏيا سڄڻين، گيا گُوندرا،
سڀ ڏنائين کي سڄڻين، مال متاع مورا،
ڪين رکيائون ڪو ذرو، توءِ زينت زيورا،
ڪيان قربان ڪامل تان، حويليون هندورا،
سي سڀ فائق فقرائن کي، ڏنا ڏاتارا،
ڪين رکيا پاڻ کي، منجهان تنهن مالا.
پاڻ آيا هلي گهر مائٽن، جن ۾ هلي پهر نه پچارا،
هئا گهڻي مدت جا منجهن، هو ڪِرجُ ۽ ڪکڙا،
جان پهرين رات پرين کي، پئي تهين منجهه گهرا،
تنهن ۾ هون نه ايترو ڪين ڪوڏيءَ جو قدرا،
سڀ ڏنائون لڳ سائينءَ جي، لک پدم هزارا،
هرگز رکيائون نه ايترو، جنهن مان پِر وٺن پڙڇا،
ڪِ وٺي تيل قدر ڪو، ڪن روشن قنديلا،
پوءِ پرين ستا ٻئي پٽ تي، ٿي هوت هيڪاندا،
سڄڻ سرها پاڻ ۾، ڪيا خوش خدا.
بيبيءَ فرمايو فضل سين، وهلو تنهن ويرا؛
ته واهه! اڄوڪي راتڙي، ڪريان صاحب جا شڪرانا،
جيئن ٿيس هيڪاندي حبيب سين، وَر پَٽ پون پاسا،
وَر جان ڏنا ڏونيون، پر لڳن لالن جا لڱڙا،
وَر ڀَڪُلجان ڌوڙ سين، پر هئان پاسي لڳ پِريان.
هوڏانهن ڪن ايها ڳالهڙي، سندي بيبي ڀلايا،
ته پرڻيان اڳي پرينءَ جي هئس ايءَ ڏينهڙا،
جيئن هئا پلنگ پٿراڻيون پکيڙيا، تن تي پوندا هئا
ڦلڙا،
سڀ بِڇاڻون پَٽ جو، رنگ به رنگيلا،
تنهن تي ڪامل هئي قراربي، ڪندي آراما،
پر ڄُنڊيءَ لڳندي ڦل جي، هئس لڱ جُهرندا،
بلڪ ڄُنڊي جت هئي، هو نڪرندو ٽٻڪو رت تئان.
پر جان پيس پرت پرينءَ جي، محڪم محبتا،
مٿي حُسن حبيب جي، پِيسُ نظر ڪا نِرتا،
ڪا پِڪ پيتائين پرين کان، شوقئون شرتبا،
تنهن پيئندي پريندهين پُر ڪي، ذوقئون زيادتا.
پرين اڏي پکڙا، ڪڻِس اندر روح رهيا،
ڪري ريلو روح رڳُن ۾، پيهي پهس ويا،
وڃي وٺتائُون هنڌ هِنئين، محڪم مضبوطا،
چِڻڪن چُرن چِت ۾، سڀ ڪنهن ساعتا،
وٽس وڇاڻا وسري، سٻين هوتن حالتا،
اوڏي عجيب کي ٿي، قُربئون قريبا،
موهي محبت محبوب جي، ذوق جي زيبا،
ڏک ڀانئي سڀ سکڙا، سبب حبيب جي حُبا،
تنہ لاءِ ماڻيائين مجلس محبوب جي، ٿيس نصيبا،
ڀَلِي ٿي ڀلن ۾، اوچي عجيبا،
اِلاهي برڪت ڀلي بيبيءَ جي، ڏي حب مون حبيبا،
عيسي کي عشق منجهان، ڪو ذرو ڪر زيبا،
سين لطف لنگهايين لڪڙا، سِيڙيهُون محبوبا،
منجهه حب آهي حبيب جي، تنهنجو راضيپو رضا.
جنہ کي اندوهه عشق ناهه ڪي رسڪو رقيبا،
تنہ ڏنہ تنهن جي ناهه ڪا محب مجيبا،
توڻي ورهين ورهيه ۾، ڪري عبادت عجيبا.
هوءِ حيف تنهنجي حال کي، جئن تو سڌ نه ڪو شوقا،
هونهين جيين جال ٿو، رءِ رمڪي رقيبا،
جي چکيوءَ چئاڪو مئٻي جو، ذرو ڪو ذوقا،
ته هڏ نه کليوءِ، ڪر ٿيين فاني فراقا،
هي دنيا جون ڳالهڙيون، ڪَيُئي مڙيئي موقوفا،
هٺ تو کي کارين پرينءَ کان، هي سڏيون سياڪا،
ڪم نه ايندءِ ڪو ذرو، هن عالم علاقا،
ٿيون ڌاريون پنهنجي دل ۾، ڪنا هن لوڪا،
ناحق وَلل سين ماڻهئين، ٿئين هُهِين هلاڪا،
ڪرين ذڪر پرينءَ جو، جان تو حياتي ڪا،
گوشي ٿيءُ تون غير کان، تاري ڏيئي طلاقا،
منجهه مراقبي مشغول ٿِي، پُوري لوڪئون لياڪا،
ته تو سين اونداهيءَ ۾ اچي، پرين ڪن مجلس ملاقا،
ويندا سي ايمان سان، جي ڪلمون چون مها.
لا اِلہ
الا الله محمد رسول الله
شين
ئون شوق پرين جي، جهڙوئي شرفا،
جيئن ڪري قوّيُ تنہ کي، جو ضعيفن ۾ ضُعّفا،
پر قوّيُ ٿيڻ قلب جو، ٻيا ٿين اڱرا،
عشق جي اُساٽ سين، اُو پاڻان ٿين پورا،
حُبّ جي حرارت سين، کامن اکين کورا،
بلڪ شاهد پريان جي شوق جا، اي ٿين پريندهين پڌرا.
جيئن جنهن جي رسي روح کي، ڪو عشق جو اثرا،
محبت معرفت جو رسيس، ترت تاثيرا،
سُرڪي سِڪ ساڃاهي، پيئندي پيس پروڙا،
ڪو آيس اوهيڙو اوچتو، پهس کي اندرا،
رهنس روحاني راڄ ۾ سهجئون سنگهارا،
ڪنس اوٿياڪ اندر ۾، محب موچارا،
دل دکائينس درد سين، محبت جي مڪرا،
ڦوڪي ٻار باهڙي، ڪري اوهَس اوهيڙا،
جلپ جلندي نه ڏئي، سانڍي سگهي نه سورا،
اچي اُڀري اندر کان، پرينءَ جو پورا،
اکيون ٽمنس آب ڀريون، ڳلن سِر ڳوڙها،
ساوڪ سڀني اڱرين، ٻهون ٿئي ٻهرا،
وڃي لالائي لڱن، ڏک ۾ ٿين ڏٻرا،
ماهه موچاري جو وڃي، ٿئي تندون ۽ تارا،
نه ڪا اُڄهي ڳالهڙي، ڀاءَ نه سڄي ٻئي جي توارا،
راتين ڏينهان ڏک ۾، منجهه محبت مامورا،
هوتن جي هيڪاند لئي هُئي فنا منجهه فڪرا،
ڪيچين جي قرب لئي ڏوري ڏونگرا،
پڇي پانڌين خبرون، ڪري نيڻ نِهارا،
اوسڙڪي اکڙيون کڻيو، ڀانئي پسان سندين پهرا،
نڪري نهارون ڪري، ٻهون ٻهرا،
جي رهن پرڏيهي پنڌ گهڻي، سي پڇي پانڌيئڙا،
پانئي اتان اوٺي ڪو اچي، جو مون ڏي حُبرا،
ته آهي سنڀاهي سڄڻين، ايندا سگها ساٿيئڙا،
اجهي آيا ڪِ اچن، پر اڄهين اوٺيڙا،
اچي ڍرندو ساٿ سگهو، سڻج تون تنوارا،
لاهج ميي محبوب جي، تون پهسا پلاڻا،
هوئي هميشہ حبيب جي، فنا منجهه فڪرا،
تڏهن پوئي اٽڪل عام کي، اهڙي ان ويرا،
تڏهن ڪر شاهد ٿيا ان جا ايءَ اڱرا،
اي پريم! پياديءَ تي، ورَ! ڪر تون وَهارا،
سَکَر سُيس تنهنجي، ڇڏ مَ مون ڇَپرا،
هن نماڻيءَ تي ور تون، اي پنهون پاڳارا!
اُت اُڀيارج اُتري، سوڙي مهارا،
وٺج هوت هٿ مُون، اچي ڪامل ڪوهيرا!
پَهسُ پريندهين آءُ تون، اي پِريم پيارا!
ته ٿڪن کي ٿوبُ ٿئي، هن گَهڙِي ڪو قدرا.
تون راحت منهنجي روح جي، آءُ جيءَ جا جيارا،
توسين ڳَرهينديس ڳالهيون، سڀ ڏونگر جا ڏکڙا،
هوت هيڪاندو جي ٿيين، ته سَلابت سورا،
مون سين لَڪَنِ جي لوڏون ڪيون پهڻن پوارا،
پر آهيم جياپو وچ جبلين، تنهنجي پريَم پچارا،
ثمر ٿئڙم سڃ ۾، توهين جو ذڪرا،
من مون اُداسي ٿيو، تون لاءِ مَ گهڻا ڏينهڙا،
توريءَ سهان نه ساعت هيڪڙي، دم سينءَ دلبرا،
لهجي ڪَر ڪهڙن جي، جي نسوري نڌرا،
پر آءُ اسونهين، سڄ ويو، ٿئڙي ٽِڪارا،
ڪيئن رسنديس ڪيڃٻين، ههڙي هن ويرا!
ٻرٻر ٻاڪارون ڪريان، گهوڙا ڙي گهوڙا!
ته ڪِ جيئري پسنديس جانب کي، سگهو سالورا،
ڪِ سگهِي مِڙنديس مارُ ئين، ساري سانڀيڙا،
مانَ ميڙائو مون ٿئي، سگهو سرتين سان،
ويڙهيچا وير ڪَهين، پهئسون پاڻ پان،
پسي وڻ وطن جا، وجود ۾ وِهسان،
آءُ، حويليون هيڪليون، هت ڏينهڙا گذاريان،
جيڪين ليکيم لوح ۾، پيئي سي پاريان،
ساريان سرتين کي، هنجڙيون هاريان،
موليٰ مون کي ميڙين، نيئي مارن سان،
اَباڻين عيسو چئي، شال راحت رسان،
برڪت ڪلمي ڪريم جي، جو آڌر آهه اسان.
لااِلہ الا الله محمد رسول الله
صاد
ئون صحبت صالحين، آهي مثل عَطار،
جن وٽ کٿوري خريد ٿئي، هُئي بوءِ بهار،
جي کڻن هٿن سين، ته پڻ اچن پيا اُٻهَار.
هت جان ڪو جيين ڏينهڙو، هن دنيا جي دار،
تان وٺ صحبت صالحن جي، سدا سڀ ڄمار،
فُرجو فقرائن کان، متان ٿِيين تون ڌار،
وچڙج وير سڀ ڪهين، آءٌ ٿو چَوَئين يار!
جي پُوندين پانهون اُن ڪنا، ته گڏبين منجهه غبار،
اِن وٽ سُراهِي سڪ جي، سدا پرينءَ پچار،
نظر پِريان جي عشق جو، سانڍين سَويچار،
محبت معرفت جا وڏا ڪن واپار،
سدا وِنجينِ شوق کي، اي عاقل عقلدار!
پڻ رکن فن فراق جو، سُونگي ۾ سردار،
جنہ جي هينئڙي ڏسن هيج ڪو طلب تان تنوار،
تنہ کي سُونگهائين ساعت ۾، پئس لئجي لال لغار،
سونگهڻ سين تنہ ساعت ۾، پوئس سرت سنڀار،
تلخي تکائي تنہ جي، ڪَريس لڱنئون ڌار،
پچي پِريان جي پور ۾، خوبئون منجهه خمار،
پُريون پِريان جي پہ جون، آهين وٽن هيج هزار،
موجب طلب سڀ ڪنهن جي، ڏين اُو ڏاتار،
ڪاملن جي ڪمال جي، جنين سرت سار،
اُنِ پاڻَ وڪڻِين پُري ڪڍي ڇڏي نِرت نِهار،
تنہ پُڙيءَ پريندهين پُر ڪيا، رسيا نفع نيڪو ڪار،
اي اُڄَهڻِي ان کان نه ٿئي، ڪئِائون ڪا نه تنوار،
لوچان پچان، ڪنهن پَر پَسان، اُوءِ سُرهيا
سَويچار،
کامان، کِجان، کورا کِيان، سي ساريو سلحدار،
تَن صادقن سُرهين جي، ويئي ڪيئن قطار!
جي هئا گهمندا گهٽيون، ڪاڻ کٽڻ جي واپار، |