سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :9

 

پير علي محمد شاهه راشدي

(هڪ تاثر)                         حميد سنڌي

مون کي اڄ انهيءَ شخصيت جي باري ۾ ڳالهائڻ جو فرض سونپيو ويو آهي، جنهن جو غوغاءٌ مون شعور سنڀاليندي ئي ٻڌو.

هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن مان اڃا ننڍو هوس ۽ انگريزي اسڪول ۾ داخل مس ٿيو هوس. منهنجو والد مرحوم سيٺ محمد اسماعيل روينيو کاتي ۾ چڱي وڏي عهدي تي هو. مان جڏهن به اسڪول کان گهر ويندو هوس ته سندس ٽيبل تي سنڌ آبزرور اخبار ڏسندو هوس. والد صاحب انگريزي جو عاشق هو. هو هميشہ اسانجن چاچن ۽ ٻين دوستن کي چوندو هو ته جي انگريزي سکڻي ۽ سڌارڻي اٿو ته ”سنڌ آبزرور“ پڙهو.

بابي سائين ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي هٿ ۾ ڊان اخبار ڏٺي، جيڪا حقيقت ۾ مان فوٽو ۽ فلمي اشتهار ڏسڻ لاءِ وٺندو هوس. بابا اها اخبار مون کان وٺي مون کي ڏاڍي پيار سان چيو ته؛ پير علي محمد شاهه راشدي جي اخبار آبزرور پڙهندو ڪر. تنهنجي انگريزي سڌري ويندي ۽ خاص طرح ان جا لکيل ايڊيٽوريل ڪوشش ڪر ته جيئن پڙهي سگهين.

مون ”سنڌ آبزرور“ پڙهي يا نه پڙهي، پر پير علي محمد شاهه راشدي جو نالو ضرور ٻڌو ۽ سندس نالو وري تڏهن ٻڌم، جڏهن منهنجي والد صاحب جي بدلي ٿي. خبر پئي ته پير صاحب روينيو وزير جي حيثيت ۾ سندس ڪم نه ٿيڻ سبب ناراض ٿي هن جي بدلي ڪئي، جيڪا سڀني حلقن ۾ پسند نه ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته منهنجو والد مرحوم سيٺ

پير علي محمد شاهه راشدي

 

صاحب روينيو جو هڪ هوشيار ۽ اصول پرست آفيسر هو. اُن زماني ۾ سفر جون سهوليتون ايتريون نه هيون، نه وري تعليمي ادارا هر شهر ۾ هئا. آفيسر جي بدلي وڏو ڏچو هئي. اسان سڀ بنهه رُلي وياسين.

 

ڪي سال گذريا. مان مئٽرڪ امتحان جي ويجهو ٿي چڪو هوس ته مون وري والد صاحب جي ٽيبل تي هڪ هفتيوار اخبار ”ايسٽرن ايڪسپريس“ ڏٺي. مان هاڻي انگريزي ڪجهه پڙهي سگهيس ٿي. مون هڪ ڏينهن ايسٽرن ايڪپريس اخبار هٿ ۾ کڻي پرهڻ شروع ڪئي ته والد صاحب اندر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ اها اخبار ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين ته توکي خبر آهي ته هي اخبار پير علي محمد راشدي جي آهي، جيڪو ماهر انگريزي دان، سٺو صحافي ۽ قابل ماڻهو آهي. پوءِ ڪيترا دفعا ڪچهرين ۾ مون کين پير علي محمد شاهه راشدي جي قابليت جي تعريف ڪندي ٻڌو. نيٺ چيومانس ته بابا، توهان پير علي محمد شاهه راشدي جي تعريف ٿا ڪريو، جنهن توهان کي ناحق بدلي ڪري اسان جي تعليم کي ڦٽائي، ايڏي وڏي تڪليف ۾ آندو. اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي. کلي چيائين ته ”مان پير علي محمد شاهه راشدي جي ذات جي تعريف نٿو ڪريان، پر ان جي قابليت، علم، هنر ۽ ڏاهپ جي تعريف ٿو ڪريان. مان سندس تحرير جو مداح آهيان.“

اها ڳالهه منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويئي ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه ڏاهپ، علم ۽ هنر آهي. مان انهيءَ اصول تي اڳتي وڌيس ۽ پوءِ مان پير علي محمد راشدي سان اهڙي ئي هڪ ڏاهپ جي پليٽ فارم تي مليس، جتي منهنجي تقرير کان پوءِ هو هر هڪ کان پڇندو رهيو ته ”فلاڻا، هي نينگر ڪير آ؟“ سائينءَ سان ڪا ڊگهي ملاقات ان وقت به نه ٿي، پر مون ڏٺو ته هن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ٿوري گهڻي جاءِ ضرور ٿي هئي.

اهو وري زمانو ”روح رهاڻ“ وارو آهي، ون يونٽ خلاف ڪات ڪهاڙا هئا ته شاهه صاحب سان موتي محل حيدرآباد ۾ ملاقات ٿي. جت ڪافي وڏي ڪچهري ٿي ۽ مان سندس ڳالهائڻ واري انداز، فڪر، ڏاهپ ۽ هوشياري کان ايترو ته متاثر ٿيس جو مون کان سندس ڏنل زخم ”ون يونٽ جو ٺهراءُ“ وسري ويو ۽ مون پنهنجي جگري دوست غلام رباني آگري کي چيو ته شاهه صاحب کي روح رهاڻ جشن جي پروگرام ۾ مهمان ڪري ضرور گهرائجي، کيس ٻڌجي ۽ نوجوان نسل کي ٻڌرائجي. غلام رباني مون کان وڌيڪ ڏاهو ۽ سينئر ماڻهو هو. هن کلي ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. حالتن ۽ وقت پٽاندر هن جي صحيح هجڻ جو احساس اڳتي هلي ٿيو ته شاهه صاحب تي ننڍي ٽهي ڪيتري قدر ڪاوڙيل هئي ۽ منهنجو اهو عمل کين ڪيترو نه وڌيڪ ڪاوڙائي ها.

ون يونٽ ختم ٿيو ۽ انهيءَ وچ ۾ ساڻس ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ملاقاتون رهيون ۽ مان سندس غوغاءُ ٻڌندو رهيس، لکڻيون پڙهندو رهيس ۽ مون تي بحثيت هڪ ليکڪ جي اهو اثر پوندو رهيو ته ماڻهو جي قلم ۾ ضرور ڪا غيبي طاقت ڀريل آهي، جو وڻيس ته ماڻهو جو پِتو پاڻي ڪري ۽ وڻيس ته ماڻهو کي جبل جيئن اڏول ڪري بيهاري ڇڏي.

جنرل هوش محمد شهيد جي قبر جي سلسلي ۾ ان وقت ڪافي چوٻول هو.

عبرت ۾ سندس مضمون به ڇپيو، پر مون کان سندس هي جملا نٿا وسرن ته ”سنڌ جي هيرو پرستي جا ههڙا حال ڏسي ڪو تعجب ڪونه ٿو ٿئي ته جڏهن سنڌ جا سپوت رنن ۽ جوين وانگر رڙيون ڪري اهي عرضداشتون پيا ڪن ته جنرل هوش محمد جي قبر وٽ گند نه اڇلايو.“ شايد سندس ئي اِن ڳالهه جو اثر ٿيو جو هوش محمد جي قبر وارو مسئلو زور وٺي ويو. اديبن جو جلوس نڪتو ته ختم به اُتي ٿيو ۽ تقريرون به اُتي ٿيون. پوءِ ته سلسلو هلي پيو، پر ڪجهه وقت لاءِ.

پير علي محمد شاهه جي شخصيت کي Controversial شخصيت قرار ڏنو وڃي ٿو، پر سندس شخصيت مون لاءِ ڪڏهن به ڪنٽروورشل نه رهي، ڇاڪاڻ ته مون کيس هميشہ سنڌ جي هڪ ليکڪ، عالم ڏاهي ۽ انگريزي دان جي حيثيت سان ڏٺو. مون هميشہ کيس پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين پڙهيل لکيل بزرگن جي اک سان ڏٺو. مون ڪڏهن به کيس سياستدان جي حيثيت سان نه ڏٺو ۽ نه وري کائنس ڪو سوال ڪيو ته سائين منهنجا، تو وٽ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ جي ايترو درد آهي ۽ هيڏا ڪالم پيو لکين، پوءِ تو کان اهو ون يونٽ وارو قلم ڪيئن وهيو، ڇاڪاڻ ته ”رَند ۽ پنڌ“ جي ڪالمن ۾ سندس لکيل ليک پير علي محمد راشدي جو سنڌيت پرستي جو رُخ پيا پيش ڪن. ڪيترن هنڌن تي هن کُلي لکيو آهي. جهڙوڪ: ”سنڌ جا رهاڪو جيڪڏهن هنن يارنهن ڳالهين تي عمل ڪن ته مون کي يقين آهي ته ٿوري عرصي اندر سندن تقدير بدلجي سگهي ٿي.“ يا وري هي جملا ته: ”صرف سڌون ڪرڻ، ٿڌن ساهن کڻڻ، منهن مٿو پِٽڻ ۽ دنيا کان ناراض ٿي رهڻ سان ڪو خاص فائدو حاصل نه ٿيندو. هن دنيا ۾ صرف ٻه شيون ڪم اچن ٿيون، هڪ فڪر جي قوت ۽ ٻيو عمل جي همت، اهي ٻئي لياقتون پنهنجي اندروني اصلاح، محنت ۽ تنظيم مان ئي اُڀرن ٿيون.“

هي ڏاهپ ۽ قلم جو ڌڻي، جڏهن جڏهن به مان ساڻس مليس، مون کي ته هڪ هڏ ڏوکي بزرگ ۽ قرب واري جي حيثيت سان پڻ متاثر ڪندو رهيو ۽ ويجهو ايندو ويو. منهنجي ساڻس ملاقات سائين حسين شاهه راشدي جي معرفت يا ان جي شاديءَ جي سلسلي ۾ پڻ ٿيندي رهي. جيڪا ڳالهه پڻ مرحوم کي وڻي ۽ مون کي کلي چوندو هو ته ”تو ادبي ميدان ۾ ته چڱا ڪم ڪيا آهن، پر هن ميدان ۾ پڻ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿئي.“ اهو ڪارنامو آهي حسين شاهه راشدي جي شادي. مرحوم جي هر لفظ ۽ هر جملي کي معنى هئي ۽ سندس سنجيده جملن ۾ ڪيل چرچا ۽ طنز مون کان اڄ به نٿا وسرن.

مرحوم هن دنيا ۾ نه هوندي به ميل جا پٿر هڻي ويو آهي. منهنجي لاءِ سندس لکڻيون هڪ وڏو اهم ”ميل جو پٿر“ آهن، جن ۾ سنڌ آبزرور جا ايڊيٽوريل هجن يا ايسٽرن ايڪسپريس جا، مڪتوب مشرق بعيد هجي يا مشرق و مغرب يا وري عبرت ۾ لکيل رند ۽ پنڌ، جن ڪالمن کي گڏ ڪري، ڪتابي شڪل ۾ آڻي، اڄ اسان کي پڻ هتي هن مجلس ۾ گڏ ڪيو ويو آهي،

مرحوم پير علي محمد راشدي جي صحافتي زندگي، سياسي زندگي ۽ سفارتي زندگي اگر نمايان رهي آهي ته سندس عام ماڻهو، هڪ پورهيت واري زندگي نه صرف سندس سرمايو آهي، پر اسان کي ان زندگي ئي هڪ مصنف ڏنو، هڪ بي مثل ليکڪ ڏنو.

”اهي ڏينهن اهي شينهن“، ”فريادِ سنڌ“ محترم جي. ايم سيد ڏانهن 1937 کان 1958 تائين لکيل خط ۽ مضمون (جنهن کي پهريائين ڇاپڻ جو شرف بندي کي حاصل آهي) جهڙا ڪتاب ڏنا، جن جو ادبي دنيا ۾ اڄ به مان مٿاهون آهي. سندس عام زندگيءَ جو پدَ تمام مٿاهون رهيو آهي. هو اَن مٿاهين پدَ تي اڳ به هو، اڄ به آهي، ۽ سڀان به رهندو.

مان سندس مداح جي حيثيت ۾ نه کيس ڪڏهن وساريو آهي ۽ نه وساري سگهندس. شال، پير علي محمد شاهه راشدي جيئن پنهنجن لکڻين ۾ زنده آهي، تيئن اسان جي دلين ۾ به زندهه رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com