الا، ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
(شيام)
سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار ڪندڙ
”سنڌي ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي“
نارائڻ ”شيام“
25- جولاءِ 1922ع
کاهي قاسم نوشهروفيروز |
9- جنوري 1989ع
نئين دهلي، ڀارت |
بوند، لهرون ۽ سمنڊ
نارائڻ ”شيام“ کي ڀيٽا
ڪينجهر جهڙن گهرن نيڻن وارو شاعر، جنهن جي نيڻن جي ماٺي پاڻيءَ
جي مٿاڇري تي، سدائين لفظن جا هزارين پکي تڙڳندا
هئا- الوپ ٿي ويا سي ڪينجهر نيڻ! ڪومائجي ويا
شاعريءَ جا سمورا ڪنول، جيڪي نارائڻ شيام جي نيڻن
جي نيري گَهري پاڻيءَ جي مٿاڇري مٿان، تصور جي
لهرن تي رکي رکي جهومندا هئا.
نارائڻ ”شيام“ سنڌي ٻوليءَ جو اُهو سُڄاڻ شاعر هو، جنهن جي زبان
گهٽ ۽ قلم وڌيڪ ڳالهايو. شيام جي قلم جي هنس، لفظن
جا سچا موتي چُڳڻ بدران، هميشہ شيام جي هرک جهڙي
سدا حيات مُرڪ ۽ شخصيت جهڙي ڪاڳر تي پلٽيا وڌيڪ.
نارائڻ شيام جي شاعري، سندس وانگر معصوم، ماٺي ۽ گَهري آهي.
سندس شاعري ۾ ڪٿي به خطاب فرمايل ناهي، پر سندس
شاعري محبتن جو اُهو ڪتاب آهي، جنهن ۾ شيام لفظن
جي رنگن سان اهڙا ته سهڻا ’مِنيئچرز‘ جوڙيا آهن،
جو پڙهندڙ سندس لفظن جي رنگين منظرن ۾ وڃائجيو وڃي
۽ اها حقيقت به آهي ته سندس شاعري، شاعريءَ کان
وڌيڪ مصوري آهي. (نارائڻ شيام لفظن جو مصور هو.)
توهان سندس شاعريءَ جا سمورا مجموعا/ پينٽنگ بوڪس
پڙهي/ ڏسي سگهو ٿا.
نارائڻ شيام سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر هو، جنهن جي جوابن ۾ به
سوال سمايل هئا. گوورڌن محبوباڻي کانئس پڇي ٿو:
”شيام، راتيون جاڳي گهر جي ڇت تي ليٽي، آسمان ۾ ڇا
تڪيندو آهين؟“ ته شيام ٻارن وانگر جواب ۾ پڇي ٿو:
”ڇا تڪيندو آهيان؟“
شيام جي جواب ۾ جيڪو سوال آهي، اهو سوال هُنَ، گوورڌن کان نه،
پر پاڻ کان ئي پڇيو آهي. هڪ شاعر، اهو به نارائڻ
شيام، جيڪڏهن راتيون جاڳي، گهر جي ڇت تي ليٽي،
آسمان ۾ تارن کي تڪي ٿو ته ڇو-؟
ان جو هڪ جواب، سندس شعر ۾ ئي پڙهي وٺو:
الائي ڪهڙي گهڙي ان مان ”شيام“ نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
۽ شيام سڄي ڄمار راتيون جاڳي، گهر جي ڇت تي ليٽي، تارن جي نقشي
۾ پنهنجي وطن جي سرحد کي ڳوليندو رهيو.
نارائڻ شيام اهو شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ آڏو انعامن
اڪرامن کي هميشہ تڇ ڀانيو، تڏهن ئي هو گوورڌن
محبوباڻيءَ جي هن سوال تي، ته ”شيام، ادب جي کيتر
۾ ڪافي انعام اڪرام پيا ملن، فلاڻي فلاڻي چٽاڀيٽي
جي پڌرائي ٿي آهي، تون به حصو وٺ نه؟“ جي جواب ۾
نهايت عاجزيءَ ۾ چئي ٿو: ”مون کي ڇا سمجهيو اٿيئي؟
شاعر يا ريس ڪورس جو گهوڙو؟“
6- جنوري 1989ع تي لاڙڪاڻي ۾ محترم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ
جي اوطاق ۾ ڪچهري هلندي ميمڻ صاحب فخر مان ٻڌايو
هو: ”هري دلگير مارچ مهيني ۾ نارائڻ شيام جي تاج
پوشيءَ جو جشن ملهائي رهيو آهي. اها تاج پوشي
آديپور جي شهر ۾ ٿئي پئي ۽ ان عظيم جشن ۾ سنڌ جي
ٻارنهن ناميارن اديبن ۽ دانشورن کي به دعوت آهي،
جن منجهان هڪ مان به آهيان.“
مان ۽ ناشاد صاحب جڏهن ميمڻ صاحب کان موڪلائي حيدرآباد پهتاسين،
ته 12- جنوري تي ”هلال پاڪستان“ اخبار جي اڳياڙي
واري صفحي تي ڄامشوري جي شام جهڙي اداس، اڪيلي ۽
ملول سُرخي پنهنجن ئي لفظن جي ڏک ۾ ويڙهيل، اسان
جي نيڻن ۾ گهوري رهي هئي:
”مهان شاعر نارائڻ شيام لاڏاڻو ڪري ويو!“
شيام انعامن اڪرامن کان انڪاري شاعر هو. هري دلگير سندس دل
گهريو دوست هو، تڏهن ته شيام کيس ظاهري طور تاج
پوشي جي جشن ملهائڻ کان نه روڪيو، پر هن پنهنجي
اڳوڻي روايت کي قائم رکندي ۽ دوستيءَ جو مان
رکندي، موت کي تاج کان وڌيڪ اهم سمجهيو. نارائڻ
لاشڪ ته سچو شاعر هو. سڄي ڄمار شاعر رهيو، ريس
ڪورس جو گهوڙو بڻجي نه سگهيو.
ڄاڻ
نالو: نارائڻ داس گوڪلداس ناگواڻي.
جنم جي تاريخ: 25- جولاءِ 1922ع.
جنم ڳوٺ: کاهي قاسم، تعلقو نوشهروفيروز ضلعو نواب شاهه سنڌ.
تعليم: بي- اي، ڊي- جي سنڌ سائنس ڪاليج ڪراچي (ورهاڱي کانپوءِ
هند لڏي ويل)
شاعريءَ جا مجموعا
(1) ماڪ ڦڙا (هري دلگير جي ڪلام سان گڏ) (2) پنکڙيون (3) رنگ
رتي لهر (4) روشن ڇانورو (5) ماڪ ڀنا رابيل (6)
واريءَ ڀريو پلاند (7) آڇيندي لڄ مران (8) مهڪي
ويل صبح جي (9) نه سو رنگ، نه سرهاڻ (10) بوند،
لهرون ۽ سمنڊ )سنڌ ۾ پهريون دفعو) (11) ڏات ۽
حيات).
پاڻ ساهتيه اڪيڊميءَ جي سنڌي بورڊ جا ڪنوينر پڻ هيا.
وفات جي تاريخ: 9- جنوري 1989ع.
وفات جو هنڌ: دهلي، ڀارت.
نارائڻ شيام جي شاعري
تاج جويو
سنڌ ۽ سنڌي زبان هن صديءَ ۾ ٻه مهان شاعر پيدا ڪيا آهن: هڪ شيخ
اياز ۽ ٻيو نارائڻ شيام. شيخ اياز سنڌ اندر سنڌي
شاعريءَ جي دامن ۾ بيتن، گيتن، غزلن ۽ نظمن جو
ايڏو وڏو ذخيرو داخل ڪيو آهي، جو هن کان اڳ ڪنهن
ٻئي شاعر نه ڪيو آهي؛ ۽ نارائڻ شيام، جنم ڀوميءَ
کان دور، دهليءَ (ڀارت) ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي به
گهاري رهيو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي جهول ۾ نت نوان
سڳنڌي ڦول به ڀيٽا طور وجهي رهيو آهي.
سنڌي زبان جا هي ٻئي شاعر، پنهنجيءَ پنهنجيءَ شخصيت، سڀاءَ، فڪر
۽ تخليق جي لحاظ کان سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي تاريخ جا
فطري اولڙا يا عڪس آهن. ٻنهي جي شاعريءَ جي هن
صديءَ جي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ آهي. ٻنهي جي
شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سڀاءَ جو عجيب سنگم
آهي، جنهن جو اظهار شيخ اياز هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”منهنجو شعر، سانوڻ جي ڇوهه ڀرئي سنڌوءَ مثل آهي ته شيام جو
شعر، سياري جي سهائيءَ ۾ سانتيڪي سنڌوءَ مثل.“
شاعريءَ جا هي ٻئي سڀاءَ، ٻئي رخ، ٻئي ڌارائون
فطري آهن. تاريخ تي نظر وجهبي ته سنڌ، ان جا ماڻهو
توڙي سنڌو درياهه سڀ پورالا رهيا آهن. سنڌو ڪڏهن
مستي ۽ موهه ۾ اچي ٻيلا ٻوڙيندو ۽ بند ٽوڙيندو آهي
ته ڪڏهن جهيڻو، ماٺيڻو ۽ سانت اڳتي وڌندو آهي.
ساڳي حالت، سنڌ جي تاريخ جي رهي آهي. اها ڪڏهن
اروڙ ۽ ٺٽي جا جنگاهه، مياڻيءَ ۽ ٽلٽيءَ جا رت
هاڻا ميدان، جهالار ۽ سن جا طوفاني معرڪا ۽ لاکاٽ
۽ لاڙ جا ڪيڏارا رهي آهي ته ڪڏهن ان محبت ۽ پريم
جا پيالا پياريا آهن، تصوف ۽ ويدانيت جو خوبصورت
ميلاپ ڪرايو آهي، مهمان نواز، ٻاجهارو ۽ مهربان
ڪردار ادا ڪيو آهي. اياز جي شاعريءَ ۾ اسان کي سنڌ
جي تاريخ جون اڙٻنگيون ۽ ارڏايون، آزاديءَ جون
ويڙهون ۽ للڪارون، پوري جوش، جلال، جذبي ۽ ولولي
سان موجود ڏسڻ ۾ اينديون ته نارائڻ شيام جي
شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو فلسفياڻو، ماٺيڻو ۽
پريم وارو مزاج جهلڪا ڏيندو نظر ايندو. سنڌ جا
ماڻهو، سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي تاريخ، انهن ٻنهي
مزاجن ۽ ڌارائن جو حسين سنگم آهي. ساڳيءَ طرح اياز
۽ شيام جي شاعريءَ جو رنگ ۽ روپ به سنڌ جي تاريخ
جو سڀاءُ، رنگ ۽ روپ آهي.
نارائڻ شيام، سندس شاعريءَ جي اڀياس مان توڙي روبرو ملڻ سان
بيحد سٻاجهو، بنهه نهٺو، پاڻ کي گم ڪرڻ وارو، ظاهر
شانت (پر اندر ۾، ورهاڱي جي جذبن جا جوالا کڻي
هلندڙ)، مٺو، مرڪندڙ، کلندڙ ۽ کلائيندڙ شخص لڳندو
آهي. هن سان هڪ گهڙيءَ جي ملاقات يا ڪلاڪن جي
ڪچهري، من تي ساڳيو ئي تاثر ڇڏيندي آهي. هن وٽ
گهڻا چهرا ۽ شخصيت جا گهڻا روپ نه آهن. هن جو هڪ
ئي رنگ آهي، سانورو شيام، پڪو، نه ڦِٽندڙ، دائمي
هڪ جهڙو! هن منهن تي ڪڏهن به ماسڪ نه چاڙهيو آهي،
پر هميشہ ٻار جهڙي معصوم مرڪ چهري تي سجائي هلندو
آهي.
اياز جي شخصيت، ڳنڀير، ڏيا ۽ جلال واري لڳندي آهي، پر نارائڻ
شيام بنهه سٻاجهو ۽ مرڪندڙ شخص معلوم ٿيندو آهي.
هن جو سڄو سڀاءُ سندس نيڻن مان لياڪا پيو پائيندو
آهي. هن جي نهٺن ۽ نماڻن نيڻن کي اياز جي وائيءَ
جي هڪ سٽ سان ڀيٽي سگهجي ٿو:
نهٺا نيڻ پرينءَ جا، ڄڻ رڻ ۾ رات ٺري!
واقعي رڻ، صحرا يا ٿر جي ٺريل رات، جيڪا ٿڌاڻ محسوس ڪرائيندي
آهي، اهائي نرمي ۽ ٺار نارائڻ جي سڀاءَ ۽ نيڻن ۾
موجود آهي. هڪ ڀيرو اوهان ساڻس ڪاوڙجي ڏسو، پيو
مرڪندو، کلندو، گل وانگر ٽڙندو. اندر ۾ اداسين ۽
پيڙائن جا ٻنڀ پيا ٻرندس، پر ظاهري طرح نارائڻ جي
چپن تي مرڪ هوندي. شيام خود به ان ڳالهه جي شاهدي
پنهنجي غزل جي هڪ بند ۾ هن طرح ڏئي ٿو:
شيام! صبح جو مشڪئين ايئن پئي،
ڄڻ تو سک جي رات گذاري!
نارائڻ شيام، پنهنجي دور جو اهو استاد شاعر آهي، جنهن جي
شاعريءَ جو تاڃي- پيٽو
(Diction)
۽ اسلوب
(Style)
نرالو ۽ پنهنجو نجو آهي. هن پنهنجي لهجي ۽ مزاج کي
پنهنجي شاعريءَ ۾ پلٽي، ان کي جيڪا انفراديت بخشي
آهي، اهائي کيس امر ۽ مهان بنائڻ لاءِ ڪافي آهي.
هر همعصر شاعر هڪ ٻئي کان متاثر ٿيندو آهي، پر
نارائڻ ۽ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو، ته ٻئي هڪ
ٻئي کان مختلف ۽ منفرد نظر ايندا. ٻنهي جو شاعراڻو
مزاج ۽ شخصيت مختلف؛ ٻنهي جو ساڳئي منظر کي ڏسڻ ۽
جهٽڻ جو
Sense
منفرد، ٻنهي جو انداز، بيان ۽ لهجو مختلف؛ هڪ وٽ
للڪار ۽ ٻئي وٽ مهڪار ملندي.
ڪشنچند بيوس، سنڌي شاعريءَ کي جيڪا نئين واٽ ڏيکاري، ان واٽ تي
هلي ۽ نوان تجربا ڪري، اياز ۽ شيام نه رڳو سنڌي
شاعريءَ کي پنهنجو منفرد رستو ۽ مقام مقرر ڪري
ڏنو، پر ڌارين ٻولين جي شاعريءَ جي نقالي ۽ اوڌر
کان به بچائي ورتو. سنڌ جا هي ٻئي سدا ملوڪ شاعر،
سنڌ جي جديد ترقي پسند شاعريءَ جا اصل باني آهن.
اهو به عجيب اتفاق آهي ته موجوده دور جي چوٽيءَ جي
سنڌي شاعرن مان، هند توڙي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ
مجموعا به هنن ٻنهي شاعرن جا ڇپيا آهن. نارائڻ
شيام جا ڏهه مجموعا: ”ماڪ ڦڙا“ (هري دلگير سان گڏ
1953ع)، ”پنکڙيون“ (1955ع)، ”رنگ رتي لهر“
(1956ع)، ”روشن ڇانورو“ (1961ع)، ”مهڪي ويل صبح
جي“ (1983ع)، ”نه سو رنگ نه سا سرهاڻ“ (1987ع)، ۽
”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ (ڊسمبر 1987ع) ڇپيا آهن ۽
شيخ اياز جا نارائڻ شيام کان لڳ ڀڳ ٻيڻا مجموعا
ڇپيا آهن. جديد سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ تجربي ۾
پڻ وڌ ۾ وڌ هنن ٻنهي شاعرن تي لکيو ويو آهي.
سنڌ جا اهي ٻئي مهان شاعر، اهي شاعر آهن، جن کي شاعريءَ جي وزن
۽ ڇند تي مڪمل ملڪو حاصل آهي. اياز چواڻي: ”بحر
وزن شاعرن کي جنم نه ڏيندا آهن، پر وڏا شاعر، بحر
۽ وزن ٺاهيندا آهن.“ آءٌ نٿو سمجهان ته عربي علم
عروض، هندي ڇيد ۽ انگريزي ميٽر
(Metre)
تي جيترو عبور هنن ٻنهي شاعرن
کي حاصل آهي، اوترو هنن جي ڪنهن ٻئي همعصر شاعر کي
هوندو.
اياز وزنن ۾ وڏا تجربا ڪري، پنهنجا نوان وزن ۽ ميٽر
(Metres)
ترتيب ڏنا آهن. نارائڻ شيام وٽ وزن جي تجربن کان
وڌيڪ وزن جي ويرائٽي (”وٽ“-
(Variety موجود آهي. اياز ابتدائي شاعريءَ بعد عروضي
وزنن کان وڌيڪ ماترڪ- ڇيدن کي استعمال ڪيو آهي، پر
نارائڻ شيام وٽ علم عروض جو وڌيڪ واهپو آهي، ڇاڪاڻ
ته ڪشنچند ’بيوس‘، پرسرام ’ضيا‘ ۽ ليکراج ’عزيز‘،
هن جا پيشرو ۽ استاد آهن. پر باوجود عروض جي گهڻي
استعمال جي، نارائڻ شيام جي شاعري پڙهندي حيراني
ٿي ٿئي ته باوجود ان مڃيل راءِ جي ته ”علم عروض جا
وزن سنڌي شاعريءَ جي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن“،
شيام وٽ بلڪل نرالي ڳالهه ملندي، ته هن علم عروض
جي وزنن کي ايڏو ته مطيع ڪري، ايڏي ته آساني ۽
روانيءَ سان شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي، جو ڪٿي به
سنڌي ٻوليءَ جو مزاج زخمي نٿو ٿئي. ان رايي جي
ثبوت ۾، ”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ جي هڪ غزل جون ٻه
سٽون پيش ڪجن ٿيون:
ايئن رنگ رنگ ڦول وڻن ۾ ٽڙيل لڳن،
نالو جدا لپين ۾ لکيل ڄڻ بهار جو!
هن غزل جو وزن ”مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن“ آهي، پر ڪٿي به ڪو
لفظ نه حذف ٿئي ٿو، نه لفظن تي هروڀرو زور
(Stress)
ڏئي، ڇڪي پورو ڪرڻو پوي ٿو ۽ نه ئي لفظن جو رس ۽
ميٺاج مارجي ٿو.
سنڌي شاعريءَ جي عظيم نقاد سڳن آهوجا، نارائڻ شيام جي مجموعي
”روشن ڇانورو“ جي مهاڳ ۾ جيڪو تفصيلي بحث ڪيو آهي،
ان موجب نارائڻ شيام، جديد سنڌي شاعريءَ جي
ابتدائي باني شاعرن مان ته آهي، پر ورهاڱي کانپوءِ
”نئين سجاڳي“
(Renaissance)
واري دور جو نمائندو شاعر به آهي، جنهن نه رڳو شيخ
اياز وانگر سنڌي شاعريءَ ۾ ”قوميت“ (سنڌيت) جو
عنصر داخل ڪيو، پر سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي فارمن
۾ نواڻ
(Neo-classicism)
به آندي، ته سنڌي شاعريءَ ۾
نين صنفن (سانيٽ، ترائيل، هائيڪو وغيره) کي به
متعارف ڪرايو. شيام وٽ اظهار جو پنهنجو منفرد ڊڪشن
(Diction)
آهي، جنهن کي سگهارو بنائڻ لاءِ هيءُ مرڪب لفظن،
غير شاعراڻن لفظن، تشبيهن ۽ سنڌي ترڪيبن جو سهڻو
استعمال ڪري ٿو. ان ڏس ۾ ”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ مان
ٻه- ٽي سنڌي ترڪيبن جا مثال پيش ڪريان ٿو:
ڏيا خوشيءَ جا هجن يا غميءَ جا ٻاري رک،
جو ڪنهن بهاني ئي اوندهه ته ذهن جي گهٽي!
--
فضا خاموش، پويون پهر، چپ تارا، اڪيلائي،
مٺي دل، توکي سڏڪڻ ڪاڻ هيءَ ئي ويل هٿ آئي؟
--
ڦيٿن تي هيءَ گهمندڙ دهلي هلندي اُڀ کي پائي رهنڊون!
”خوشيءَ يا غميءَ جا ڏيئا ٻاري رکڻ“، ”مٺي دل“ ۽ ”هلندي اُڀ کي
رهنڊون پائڻ“ جهڙيون سنڌي ترڪيبون استعمال ڪرڻ،
نارائڻ شيام جو ئي ڪمال آهي. ان مان اها ڳالهه به
چٽي ٿئي ٿي ته شيام چاليهن سالن جي جلاوطني
کانپوءِ به ماءُ جي ٿڃ پيئڻ وقصت جيڪا نج سنڌي
ٻولي، لوليءَ وسيلي حاصل ڪئي هئي يا هڪجيڏن ۽ سرتن
سان کيڏندي ڪُڏندي جيڪا ٻولي ڳالهائي هئي، ان کي
وساري نه سگهيو آهي. شيام جي ٻولي ايڏي صاف، شڌ ۽
پوتر آهي، جيڏي سنڌ ۾ رهندڙ شاعرن جي به مشڪل
هوندي. هن جي ٻوليءَ تي ”ڦيٿن تي گهمندڙ دهليءَ“
جي ٻولي، توڙي دهليءَ جي ان علائقي (جنڪ پوري) جي
ٻوليءَ جو، جنهن جي چئن لکن رهاڪن ۾ شيام جي ٻولي
ڳالهائيندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا، ڪوبه اثر
نه ٿيو آهي، ڇوته جلاوطنيءَ ۾ کيس اهو ڊپ هر وقت
تڙپائيندو رهيو آهي ته:
”الا! ايئن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!“
شيام جي شاعري، مصنوعيت، اجائي ابهام ۽ ٺاهه ٺوهه کان پاڪ ۽
اهڙي سادي آهي، جهڙو پاڻ شيام سادو آهي، يا جهڙو
سنڌي ماڻهو سادو هوندو آهي. شيام جا شاعراڻا خيال
به سادا آهن، جن ۾ سچائي سمايل آهي. اهڙا سادا
خيال، سنڌي زبان جي بنهه گهٽ شاعرن استعمال ڪيا
هوندا.
ماڪ جيان اڌ رات جو آئين، |
تون ڀي نڪتين، سج ڀي نڪتو. |
-- |
ڀر ۾ ويهاري کلي پڇيائين: |
”اڄ هن پاسي ڪيئن ڀلي پيا؟“ |
-- |
اچڻو هو ڪير؟گهر کي سجائڻ ايئن لڳينءَ، |
سينگار جو خيال به دل تان ويئه لهي! |
-- |
هجي گهر ۾،گهر جو هيس مان ڪٿي، |
رسيءَ تي سڪائڻ وڌل جئن وڳو! |
ٻولي سادي، خيال سادا، ڳالهيون ساديون، محاورا سادا، لفظ سادا ۽
شيام به سادو!
نارائڻ شيام جي شاعريءَ جي اجتماعي اڀياس توڙي هن نڪور مجموعي
”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ جو اڀياس واضح ڪري ٿو ته هن
وٽ جمالياتي حس عام شاعرن کان وڌيڪ آهي. ان
جمالياتي حس ۾ ثقافتي سونهن جو جڙاءُ، سون تي
سهاڳو معلوم ٿي رهيو آهي. سڳن آهوجا، 1961ع ۾ ظاهر
ڪيو هو ته: ”سنڌي شاعريءَ ۾ جمالياتي شاعري، اياز
۽ شيام جي معرفت ئي آئي آهي.“ ڪنهن حد تائين سندس
اها راءِ صحيح به آهي، پر انهن ٻنهي شاعرن سان گڏ
هري دلگير، هوندراج دکايل ۽ نياز همايوني به
جمالياتي شاعريءَ جي بنياد وجهندڙن ۾ ڳڻي سگهجن
ٿا. هن وقت تنوير عباسي، استاد بخاري، مير محمد
پيرزادو ۽ ڪيترا نوجوان شاعر، جمالياتي شاعريءَ ۾
سٺا واڌارا ڪري رهيا آهن. جمال جي عام طرح معنى
سونهن يا حسن ۽ جمالياتي شاعري معنى سونهن يا حسن
جي باري ۾ شاعري سمجهي ويندي آهي، پر سڳن آهوجا
اُن جي وصف هن ريت ڪئي آهي ته: ”جماليات ۾ حسن جي
معنى آهي ڪشش، يعني جماليات ۾ اهائي شيءِ حسين
آهي، جنهن وٽ ڪشش آهي. ڀل ته اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي
يا نه اچي. ان ڪشش جا ذريعا آهن پنج حواس- ڏسڻ جو،
ٻڌڻ جو، ڇهڻ جو، سنگهڻ جو ۽ چکڻ جو. ڇهون احساس
Instinct or Feelings (روشن ڇانورو: مهاڳ، ص 22)
ان لحاظ کان جيڪڏهن نارائڻ شيام جي شاعريءَ تي نظر وجهبي ته ٽپي
ٽپي تي اسان کي جماليات جا اهي جهلڪا ڏسڻ ۾ ايندا،
جيڪي عام سنڌي شاعرن وٽ ورلي نظر ايندا. ان لاءِ
نارائڻ شيام جي جمالياتي اک ۽ مشاهدي کي داد ڏئي
سگهجي ٿو. هن جي دوهن، هائيڪن ۽ واين ۾ جماليات جي
پرٽ ڪجهه سجيهه آهي، پر ”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ جي
غزلن جو مطالعو به اسان کي جماليات جا اهي جلوا
پسائي ٿو، جو دل واهه واهه کانسواءِ رهي نه ٿي
سگهي:
ڇيڙي ڪٿي ۽ ڪنهن هئي ائن راڳڻي مڌر،
جو سرت ٿي سجاڳ، ويا نيڻ ٻُوٽجي!
مڌر راڳڻي جي ڇڙڻ سان سرت جي سجاڳ ٿيڻ ۽ نيڻن جي ٻُوٽجڻ وارو
جمالياتي منظر ڏسڻ کان وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو:
ٽارچ شعاع ڪري ۽ ڪا شئي چمڪي جئن ڪوهيڙي ۾،
مون کي ڏسڻ ۾ تون ائن آئين، ماڻهن جي ميڙاڪي ۾.
”ٽارچ جي شعاع سان ڪوهيڙي ۾ ڪنهن شئي جي چمڪڻ“ جي ”ماڻهن جي
ميڙاڪي ۾ موجود محبوب هستيءَ (بنا نالي وٺڻ جي)“
سان ڀيٽ ڏيڻ ۽ ان منظر کي تصور ۾ آڻڻ سان نارائڻ
شيام جي جمالياتي حس کي سچ پچ داد ڏيڻ لاءِ دل
اُڇلون کائي ٿي.
لڇي پئي ڏينهن ڀر سنڌو، هينئر ڪپرن کي ڦهلائي،
ستارن کي چمي، ڀاڪر ۾ لاهي رات کي آئي!
”ڏينهن ڀر هي مست سنڌو، سج لهڻ کانپوءِ ڪنارن کي وسعت بخشي،
ستارن کي چميون ڏئي، رات کي ڀاڪر ۾ لاهي آئي آهي.“
هيءُ سمورو منظر اکين ۾ جماليات جو انوکو چٽ
اُتاري ٿو.
ان کانسواءِ جمال يعني سونهن جي اثر هيٺ زندهه رهڻ جو تصور،
نارائڻ شيام هن شعر ۾ ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ پيش
ڪيو آهي:
چپن تي رات جي چمڪي ٿو ڪيئن نه چنڊ اڃا،
جئڻ ۾ آهه اڃا سونهن جو اثر ڪيڏو!
نارائڻ شيام، جمالياتي شاعر هجڻ سان گڏ سريلو
(Lyrical)
شاعر به آهي. سنڌ ۾ اياز، تنوير ۽ استاد بخاري اهم
سريلا
(Lyrical)
شاعر آهن ۽ هند ۾ هري دلگير،
هوندراج دکايل، گوورڌن ڀارتي ۽ خاص ڪري نارائڻ
شيام، سريلا
(Lyrical)
شاعر آهن. هوندراج دکايل، گوورڌن ڀارتي ۽ استاد
بخاري ته سر سان شعر چوندا يا ڳائيندا به آهن.
گوورڌن ڀارتيءَ جو ته دادا هوندراج دکايل جي
سرپرستيءَ هيٺ واسطو ئي راڳ ۽ ڪلا منڊلين سان آهي.
البت اياز، تنوير ۽ شيام کي گهٽ ۾ گهٽ مون ته
ڳائيندي نه ٻڌو آهي. شيام ته خود به اهڙي ڏئي ٿو:
”راڳ جو شوق اٿم، پر ڳائي ڪونه ڄاڻان.“
(ڪونج، شيام نمبر: ص 45)
پر هن جي شاعريءَ ۾ جيڪا مڌرتا، جيڪو ميٺاج ۽ جيڪو موسيقيءَ جو
تاثر موجود آهي، اُهو هروڀرو تجنيس حرفي
(Alliteration)
جو محتاج نه آهي. عام طرح ڪلاسيڪي شاعرن، خاص ڪري
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي جي خوبصورت ۽
استادانه استعمال سان ڪن- رس يا موسيقيءَ جو تاثر
پيدا ڪيل آهي، پر نارائڻ شيام تجنيس حرفيءَ
(Alliteration)
جي سهاري وٺڻ کانسواءِ سڌن
سنوَن لفظن ۽ عام زبان ۾ جيڪا موسيقي سمائي آهي،
اُها گهٽ شاعرن وٽ ملندي. اُها موسيقي، مصنوعي نه
پر بي ساخته، اوچتي ۽ بنا ڪنهن ڪوشش جي پيدا ڪيل
معلوم ٿئي ٿي، جيڪا سندس ڪهنه مشقيءَ ۽ مٺي مزاج
جي سنگم سان ئي سرجيل آهي:
شيام، پنن جي ٻيڙي ٺاهي، گيتن ساڻ ڀري،
سونپيم سنڌوءَ جي لهرن کي، من ڪا وير تري.
رستي جي ڀر، وڻ وڻ هيٺان، سـس پس ڪري هوا،
اوسي پاسي توڙي اهڙي ڏسجي پهر نه ڪا!
شام اداس سنڀارن وچ ۾ شاهه جي وائي ڪنهن جهونگاري؟
شيام جي شاعريءَ ۾ هڪ ڳالهه، هڪ خوبي اهڙي آهي، جيڪا هر شاعر جي
شاعريءَ ۾ نه ملندي. سادن خيالن ۽ سادن لفظن ۾
وڏي، وسيع، گهري ۽ اونهي ڳالهه ڪري وڃڻ، شيام جو
ئي ڏانءُ ۽ ڏات آهي. ٻه- ٽي مثال پيش ڪجن ٿا:
لکندي تنهنجا وار ڇڙيل ها،
خط جي خوشبوءِ هي به ڏسيو پئي.
-
لکندي هڪ اڌ خال ڇڏيو مون،
ان تان جو افواهه هُلي پيا!
-
سڀ جايون سڄي بلاڪ ۾ جايون ئي لڳيون ٿي،
هڪ ماڙي ٺهڻ سان ٿي ٻي هر جاءِ جهڳيءَ جان!
-
بجلي وئي ته ميڻ بتيءَ لاءِ هڪٻئي جي گهر پهتاسين،
رستو پار ڪندي اوندهه ۾ ڪونه ڏٺوسون هڪٻئي کي.
شيام جو وطن سنڌ آهي، وطن کان بيوَطني ۽ جلاوطني ڪيڏو نه
ايذائيندڙ تصور آهي، اُن جو احساس اُنهن کي ٿيندو،
جيڪي اِن پيڙا ۽ ڪرب مان گذريا هوندا، يا جن اُنهن
جلاوطن انسانن جي جيءَ کي کولي ڏٺو هوندو. مون کي
ته نارائڻ شيام جي مزاج ۾ نهٺائي، نماڻائي، سانت ۽
اُداسائي ان جلاوطني جي پيڙا جو عڪس لڳندي آهي.
شيام جي ٽهڪن ۽ مزاحيا حاضر جوابي جي پويان وطن جي
وڇوڙي جو احساس معلوم ٿيندو آهي. وڇوڙي جا احساس
شيام جي سموري شاعريءَ مان وڌيڪ معلوم ڪري سگهجن
ٿا، پر ”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ جي هڪ غزل جو هيءُ
بند ”ڪوزي ۾ سمنڊ بند ڪرڻ“ برابر آهي.
الائي ڪهڙي گهڙيءَ ان مان ”شيام“ نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!
(جون 1988ع تي سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ پاران نارائڻ شيام جي
شاعريءَ جي ڪتاب ”بوند، لهرون ۽ سمنڊ“ بابت رکيل
اڀياسي پروگرام ۾ پڙهيل مضمون.) |