سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :15

 

 

سنڌ جي تاريخ جو حصو

 

سنڌو نديءَ جي هاڻوڪي تاريخ

 

 

تحقيق

ڊي. اي. هومز

سُئائل سرويئر

هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروسز لميٽيڊ

مطبوعه: ”دي جاگرافيڪل جرنل“

رائل جاگرافيڪل سوسائٽي، لنڊن

سيپٽمبر 1968ع

 

 

مترجم

حبيب الله صديقي پاٽائي

 

 

مسٽر ڊي. اي. هومز، 1963-1965ع دوران سنڌو نديءَ جي گذريل ٻن هزار سالن اندر جاري ٿيندڙ مڪاني وهڪرن جي تلاش جو ڪم ڪيو. هي پهريون ڀيرو هو جو فضائي تصويرڪشيءَ ذريعي زميني نقشا تيار ڪيا ويا، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌو نديءَ جي اڳوڻن وهڪرن، پيٽن ۽ ٻيٽن، شاخن ۽ سيلابي ميدانن کي جديد سائنسي طريقي سان نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

 

سنڌ جي تاريخ سنڌوءَ جي وهڪرن سان وابسته آهي. هن پورالي درياهه جا ٻئي ڪپ جيئن ته هيٺانهان آهن ۽ تري جي مِٽي به ڪا سخت نه اٿس، تنهنڪري آبڪلاڻيءَ ۾ اُٿل کائي جيڏانهن اچيس، تيڏانهن وهڪرو ورايو وڃي. سنڌواسي موهن جي دڙي کان وٺي نيرون ڪوٽ جي زماني تائين يعني ٻه هزار ٽي سؤ پنجاهه ق. م. کان 1758ع تائين ”پورالي سنڌوءَ“ جي ڪڍ سندس ڪنارن سان آباديون قائم ڪندا ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جا آثار ڇڏيندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تاريخ جو هڪ زندهه ماخذ خود سنڌوءَ جا وهڪرا آهن، جيڪڏهن اهي نروار ڪيا وڃن. انهيءَ خيال سان هي ترجمو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن قارئين متفق هجن ته مسٽر هومز جي هن تحقيق کي اڳتي وڌائجي ۽ انهيءَ موضوع تي ٻين محققن ۽ ليکڪن جي رپورٽن ۽ تحريرن کي ڪٺو ڪجي ۽ پڻ مختلف پاسن کان ساڳئي سائنسي طريقي سان وڌيڪ کوجنا ڪرڻ يا ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ وٺجن. (مترجم)

انگريزي متن جي مُهڙ واري صفحي جو عڪس

2. انگريزي متن جي آخري صفحي جو عڪس

 

سنڌو نديءَ جي هاڻوڪي تاريخ

هن مقالي ۾ فضائي تصوير ڪشيءَ ذريعي حاصل ڪيل شاهدين جي بنياد تي گذريل ٻن هزار سالن دوران مغربي پاڪستان جي اڳوڻي سنڌ جي علائقي وچان لنگهندڙ سنڌو نديءَ جي امڪاني وهڪرن جو هڪ خاڪو پيش ڪجي ٿو.

”لوور انڊس پراجيڪٽ“ نالي هيءَ تحقيق ”ويسٽ پاڪستان واٽر ائنڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي“ جي پاران ”هنٽنگ ٽيڪنيڪل سروسز لميٽيڊ“ ۽ ”سر مئڪڊونالڊ ائنڊ پارٽنرز“ ڪئي. هن تحقيق ۾ زمين جي قسمن ۽ مٽيءَ جي نمونن جا تفصيل تيار ڪرڻ لاءِ فضائي تصويرن کان وڌ ۾ وڌ مدد ورتي وئي. هي تصويرون 1:40،000 جي پيماني تي ورتيون ويون هيون. زمين جي تفصيلن تيار ڪرڻ جا طريقا لوور انڊس رپورٽ (1965ع) ۽ هومز ائنڊ ويسٽرن (ادبيات) ۾ ڄاڻايل آهن. هن وسيع علائقي جي مٽيءَ جا نمونا جيئن ته درياهه طرفان ويجهڙائيءَ ۾ ڇڏيل لَٽَ ۾ ملن ٿا، تنهنڪري هڪ اهم دستاويز طور، سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جو نقشو تيار ڪيو ويو. اهو نقشو انهن مختلف وهڪرن جي تاريخ وار سلسلي ۽ مٽيءَ جي قسم توڙي آبپاشيءَ لائق زير زمين مٺي پاڻيءَ جي ڦهلاءَ کي سمجهڻ ۾ پڻ ڪارگر ثابت ٿيو.

لئمبرڪ (1964ع ۾) سنڌ جي طبعي جاگرافي بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ دستياب تاريخي ادب ۽ هن ميداني علائقي جي مٿاڇري جي طبعي صورتحال جي روشنيءَ ۾ درياهه جي امڪانِي تاريخ جي وضاحت ڪئي اٿس. ساڳئي سال ۾، پنهور زير زمين تازي پاڻيءَ جي ذخيرن مان درياهه جي اوائلي وهڪرن جو تعلق ڏيکاريو آهي. متقدمين جهڙوڪ

ريورٽي (1892ع) ۽ هيگ (1894ع) اهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ ته سطح زمين تي اڳوڻا وهڪرا ڪيتري قدر مٽجي چڪا آهن، گهڻي ڀاڱي درياهه جي اُنهن شاخن تي لازمي طور ڀروسو ڪيو آهي، جيڪي واضح نشانن جي صورت ۾ ان وقت نظر اچي رهيون هيون. هيءُ پهريون موقعو آهي جڏهن فضائي تصويرن ذريعي سنڌو نديءَ جي اوائلي وهڪرن جا نقشا تيار ڪيا ويا آهن. هن قسم جي مطالعي ۾ هنن تصويرن کي بيحد اهميت حاصل آهي. خاص ڪري اهڙي خشڪ آبهوا ۾ جتي لَٽَ جا نمونا نئين زمين جي ٺهڻ يا آباديءَ هيٺ اچڻ سبب پوشيده نه ٿيا آهن. هي تصويرون اڃان به وڌيڪ اهم آهن. دراصل، زمين جي ٻارابندي ۽ باضابطه آبپاشيءَ جي رواج کان اڳ، پوکيءَ جا نمونا زمين جي طبعي صورتحال تي ٻڌل هوندا هئا.

 

هتي انهن تاريخي شاهدين کي ورجائڻ جو ارادو ڪيل نه آهي، جيڪي لئمبرڪ اڳ ئي بحث هيٺ آنديون آهن. مصنف جو مقصد فقط اهي اضافي شاهديون پيش ڪرڻ آهي، جيڪي فضائي تصويرن ذريعي حاصل ٿيون آهن ۽ اهي مجموعي طور تي لئمبرڪ جي نظرين جي پُٺڀرائي ڪن ٿيون.

مجموعي طبعي جاگرافي

”سنڌو ندي“، ”ڪشمير“ ۽ ”ٿٻيٽ“ ۾ واقع ”هماليه جبل“ مان نڪري ٿي. ”اٽڪ“ وٽ ”ڪابل ندي“ اُنهيءَ ۾ پوي ٿي ۽ مُنڍ کان ست سؤ ڪلوميٽر پري ”مٺڻ ڪوٽ“ جي مقام تي ”پنجند“ يعني ”پنجاب“ جون جملي پنج نديون اچي ساڻس ملن ٿيون. (نقشو 1) مٺڻ ڪوٽ کان هيٺ هيءَ ندي هڪ عظيم درياهه جي صورت ۾ سمنڊ ڏانهن اُڙهي ٿي.

 

اونهاري ۾ هن درياهه جو اخراج گهڻو ڪري ٽيهه هزار ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار کي پهچيو وڃي ۽ آبڪلاڻيءَ جي چوٽ وقت آگسٽ جي مهيني ۾ لَٽَ جو مقدار ڏهه لک جزن پٺيان ٽي هزار تائين ٿئي ٿو.

زيرِ بحث خطي (سنڌ) ۾، ”سنڌو ندي“، ”ڪشمور“ وٽان داخل ٿي ٿئي. اُتي اُها سطح سمنڊ کان ستر ڪلوميٽرن جي بُلنديءَ تي آهي ۽ اُتان سيلابي ميدان جي سطح، ڏکڻ طرف، سراسري يارهن سينٽي ميٽر في ڪلوميٽر جي حساب سان گهٽ ٿيندي رهي ٿي. هِنَ هيٺاهين سنڌوءَ جو ”ڪچو“ اڌ لک چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي والاري ٿو، جنهن جي اولهه ۾ بلوچستان جا جبل ۽ اُن جي ڪير (وٽ) سان ”ڪاڇو“ آهي ۽ اوڀر ۾ ”ٿر“ جون ”ڀٽون“ آهن.

”ڪچي“ جا سَنڌا ڏيکارين ٿا ته مُک درياهه هيٺاهينءَ ۾ پري تائين ڦهلجي ٿو وڃي. هي ايراضي ويجهڙائيءَ ۾ سندس اُٿل پُٿل جو خاص پٽو رهي آهي، ڪنڌيءَ سان اهي سَنڌا هيٺاهينءَ ڏانهن هيٺ ٿيندا ۽ ٻاهر نڪرندا نظر اچن ٿا، جن مان آڳاٽن وهڪرن جو پتو پوي ٿو. اُتر اولهه ۾ درياهه جي ڀِڪَ سان ”نارو“ خاصو نروار نظر اچي ٿو، جيڪو ”جيڪب آباد“ کان تقريباً سَر ڏکڻ هليو ٿو وڃي. هي ”نارو“ سنڌو نديءَ جي ”لٽاسي ميدان“ کي ”ڪاڇي“ جي وارياسي پَٽَ کان الڳ ڪري ٿو. انهيءَ ”ناري“ ۾ سنڌوءَ جو سيلابي پاڻي ۽ جبلن جون نيون جمع ٿين ٿيون، پر جابلو سلسلي جي ڇاڙُن سبب اڳتي هلي روڪجي وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ”منڇر ڍنڍ“ وجود ۾ آئي آهي. ڏکڻ- اوڀر ۾، پاسي کان ساڳئي قسم جو نارو آهي، جنهن منجهان ”ناراندي“ (يا اڀرندي ناري) جو گذر آهي. انهيءَ جي پڻ ڪجهه شاهدي ملي ٿي ته درياهه جي لٽ جو مٿيون تهه اڀرندي طرف وهيو وڃيو ٿر جي ڀٽن هيٺ پوندو رهي ٿو.

ريورٽي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو نديءَ جو مک وهڪرو ويجهي ماضيءَ ۾ هن ”ناري“ مان وهندو هو، جيڪو جمڙائوءَ جي مُنڍ کان ڏکڻ- اولهه طرف هوا جي رخ تي ڦهلجي ويندو هو، پر درياهه جا نقشا ئي انهيءَ خيال کي يڪي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. جديد دؤر جو ”نارا ڪئنال“ پراڻي نارا ندي [هاڪڙي] جي پيٽ مان وهي ٿو. ”نارا ندي“ ستلج يا اڃان به اوڀر پنجاب ۾ ”جمنا نديءَ“ مان نڪتل آهي. انهيءَ آڳاٽي سرشتي جا آثار بعد جا آهن. ڀانئجي ٿو ته اڳتي هلي ستلج ندي سنڌوءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪيو، جنهن ڪري اُڀرندو نارو [هاڪڙو] سُڪي ويو پر پوءِ به سنڌوءَ جي اُٿل جو پاڻي منجهس پوندو رهيو. ان کانسواءِ هن علائقي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ سنڌوءَ جون ڪجهه مکيون شاخون ناري ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون.

هيٺاهين سنڌوءَ جي خطي ۾ ”ڪچي“ جا ٻه خاص قسم ملن ٿا: هڪ درياهي وَڪڙو، يا ٻُنگو، ۽ ٻيو بندن ۾ آيل ڪچو. وڪڙي جو ڪچو، خاص ڪري وچون پٽو والاري ٿو ۽ اصل درياهه جي پيٽ جا پراڻا ۽ هاڻوڪا نشان ظاهر ڪري ٿو ۽ منجهس ڪنڌين جا ويڪرا ڍير، ڦٽل شاخون ۽ درياهه جي وَڪڙن جا هلالي نشان نظر اچن ٿا.

آڳاٽي زماني ۾ مُک درياهه واديءَ جي ڇيڙن ۽ دوآبه تائين واهڙن ۽ ننڍن موسمي ڦاٽن ذريعي پاڻي پهچائيندو هو.

اهي واهڙ ۽ ڦاٽ وڪڙي جي بي بقا شاخن کان وڌيڪ جٽاءُ دار هئا، جيڪي وڪڙن جي نقش ۽ نگار ۽ درياهه جي ٻنڌين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته بچاءُ بند لڳن ٿا. انهن واهڙن ۽ ڦاٽن سان بندن اندر ايندڙ ڪچي جي ايراضي وابسته آهي، جيڪا هيٺاهين ۾ ٻوڏ جي ڍري وهندڙ پاڻيءَ مان پيل ڀَلي لَٽ جي اُڀن تهن چڙهڻ سان ٺهي آهي. درياهه جي اوڀر ۾ اهڙي زمين جا پَٽا جيڪب آباد کان منڇر تائين ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾ ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي آسپاس توڙي دوآبه جي علائقي ۾ پکڙيل آهن.

شاخن جا نشان، جيڪي دوآبه جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جون خصوصيتون رکن ٿا، هن علائقي ۾ ڪافي اندر تائين موجود آهن. ممڪن آهي ته تاريخ جي دؤر ۾ دوآبه جو منڍ حيدرآباد کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر اُتر- اوڀر ۾ هو، جنهن سبب هتي لَٽ تمام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيندو رهيو آهي ۽ دوآبه جو علائقو اڳتي وڌندو رهيو آهي.

آڳاٽن وهڪرن جون حدون/ نشان

فضائي تصويرن ذريعي معلوم ڪيل وهڪرا نقشي نمبر 2 ۾ ڏيکاريل آهن. جيئن ته هي نقشا ڪافي مختلف نوعيت جا آهن، تنهنڪري پهرين انهن جو بيان زماني جي لحاظ کان نه، پر علائقي وار ڪجي ٿو.

گهوٽڪي

هي علائقو گُڊو ۽ سکر بئراجن جي وچ ۾ سنڌو نديءَ جي مٿئين پاسي، کاٻي ڪپ تي آهي. درياهه سان لڳ 15 کان 35 ڪلوميٽر ويڪرو ڪچو (گهوٽڪي وارو سيلابي ميدان) آهي، جيڪو سمورو پراڻن بچاءَ بندن جي مٽيءَ مان ٺهيل آهي ۽ منجهس ڦٽل شاخن جا هلالي نشان موجود آهن. اهي نشان نبستاً تازا آهن ۽ سندن گولائي موجوده درياهه جيتري آهي. هي هلالي نشان درياهه سان تقريباً پور- وڇوٽيءَ تي آهن ۽ سندن منهن اُتر- اولهه طرف آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته انهن جو تعلق موجوده درياهه جي اُٿل پُٿل سان آهي. ڏکڻ- اوڀر ۾ معمولي مٿانهينءَ تي هڪ ڪافي پراڻو ڪچو (خانڳڙهه جو سيلابي ميدان) آهي، جنهن کي گهوٽڪيءَ جي ڪچي کان ڌار ڪندڙ ٽن کان ساڍا چار ميٽر اتر- اولهه مُنهيون هلالي شڪل جون اُڀيون ٽَڪريون (خانڳڙهه جون ٽڪريون) آهن. خانڳڙهه جو ڪچو جيڪو سو سپاٽ ۽ بيڊولو آهي، ان جي پراڻين شاخن جا نشان سوڙها، تراکڙا ۽ گهٽ نروار ٿيل آهن. سندن وڪڙن جي گولائي موجوده درياهه کان گهٽ آهي ۽ ساڻس لاڳيتي پور- وڇوٽيءَ تي ناهي. ڀانئجي ٿو ته اهي شاخون ستلج سرشتي سان واسطو رکن ٿيون، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ سڌو نارا ويلي (وادي) ڏانهن ويندو هو. بعد ۾ ستلج اتان اڳتي اتر ۾ سنڌو نديءَ سان ملي ويئي. ڏکڻ- اوڀر طرف اڳڀرو خانڳڙهه جو ڪچو جيئن پوءِ تيئن واريءَ جي ڀٽن سان ڀريو پيو آهي، پر انهن ۾ به ٻه ڇنڊڻيون ”ريڻي“ ۽ ”واهند“ نديون ڏکڻ- اولهه طرف هليون وڃن ٿيون، جيڪي نارا ويليءَ سان وڃي ملن ٿيون. مصنف هنن ڇنڊڻن جي مٿين ڀاڱن جون فضائي تصويرون نظر مان نه ڪڍيون آهن، پر لئمبرڪ جي چوڻ مطابق اهي اوڀر پنجاب ۾ ”گهگر نديءَ“ جي پيٽ سان ملائي سگهجن ٿيون. انهيءَ ڳالهه جو ڪافي ثبوت موجود آهي ته ”امبالا“ جي علائقي کان اڀرندي ناري وچان ويندي سمنڊ تائين هڪ الڳ درياهي سرشتو موجود هو، پر انهيءَ جي خشڪ ٿي وڃڻ جي زماني بابت صرف ڌڪو لڳائي سگهجي ٿو.

اتر سنڌ جو ساڄو ڪپ

ساڄي ڪپ تي ڪشمور کان ڏکڻ طرف سيوهڻ تائين گهڻن واضح درياهي وهڪرن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي انهن جو پاڻ ۾ تعلق جو معاملو منجهائيندڙ آهي. ويتر هن علائقي ۾ سخت ٻوڏن اچڻ سبب انهيءَ مونجهاري ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن وهڪرن مان ڪيترا بندن اندر هيٺ آيل ڪچي ۾ لٽجي ويا آهن ۽ انهيءَ ناري سان لاڳيتو آهن، جيڪو درياهه کي ڪاڇي جي سيلابي پٽن کان الڳ ڪري ٿو. اتان اتر ۾ جيڪب آباد وارو وهڪرو آهي، جيڪو ڪنڌڪوٽ وٽان هڪ منجهائيندڙ پٽي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اولهه طرف وهندو هڪ وڏي واهڙ جي صورت ۾ جيڪب آباد جي ڀرسان پهچي ٿو، جتي ناري جي لَٽ ۾ ختم ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ تصويرن ۾ تمام چٽو نظر اچي ٿو، تنهن هوندي به يقين آهي ته هي وهڪرو نسبتاً قديم آهي. هن جا نشان اتر طرف وسيع ايراضيءَ ۾ کُهري بناوت واري ذيلي طبقي جي صورت ۾ موجود آهن، (ذيلي طبقي مان هتي مراد ڏيڍ ميٽر کان ساڍن چئن ميٽرن جي اونهائيءَ ۾ سمجهڻ گهرجي.) خود هن شاخ جو پيٽ محفوظ رهيو آهي ۽ بعد ۾ آيل ٻوڏن سبب عملي طور کرڙجي ويو آهي.

هن شاخ جي ڏکڻ ۾ ”وڪڙي ڪچي“ جي وڏي ايراض آهي، جنهن ۾ وڏي عرصي تائين درياهه جي اٿل پٿل جي هڪ دؤر جو پتو پوي ٿو، پر اتي به ٻه مختلف درياهي وهڪرا نڪرن ٿا، جن کي ”شهدادڪوٽ وارو وهڪرو“ ۽ ”وارهه وارو وهڪرو“ چئجي ٿو. پهريون وهڪرو جيڪب آباد جي ڏکڻ- اولهه کان هيٺ شهدادڪوٽ تائين شاخن ۽ ڊٺل بندن جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ آخرڪار ناري ۾ گم ٿي وڃي ٿو. تنهن هوندي به وارهه جي اتر- اولهه ۾ هڪ وڌيڪ چٽو درياهي وهڪرو ملي ٿو، جيڪو اتر کان ڏکڻ طرف اٽڪل ٽيهن ڪلوميٽرن ۾ هيٺانهين ۾ وڃي دنگ ڪري ٿو. هن وهڪري مان سنڌو نديءَ جي خاص هلالي نشانن واري شاخ ۽ ”وڪڙي ڪچي“ جي ٻنڌين جا نمونا ظاهر ٿين ٿا. ڀانئجي ٿو ته هيءُ وهڪرو جيڪب آباد واري وهڪري جو سلسلو آهي يا ممڪن آهي ته شهدادڪوٽ واري وهڪري سان ملندو هجي، جيڪو وچ تي جابلو روڙيءَ پوڻ سبب لٽجي ويو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ الڳ درياهي سرشتي جي شاهدي ملي ٿي، جيڪو سنڌو نديءَ جي لٽاسي ميدان جي اتر اونهائين سنڌي جي چوگرد وهي وڃي ڏکڻ طرف ”منڇر ڍنڍ“ ۾ پوي ٿو، جيڪو هن وقت ”ڪاڇي“ جي اڳتي وڌي اچڻ سبب لٽجي ويو آهي.

”وارهه وارو وهڪرو“، ”شهدادڪوٽ واري وهڪري“ کان وڌيڪ چٽو آهي. هي وهڪرو رتوديرو کان مٿي هڪ ويڪري پٽي ۾ ڏٺو ويو آهي، جنهن ۾ ڊٺل بندن جا ڍير ۽ پراڻين شاخن جا واضح نشان نظر اچن ٿا. رتي ديري کان هيٺ نشان ميٽجي ويا آهن، جن ۾ صرف درياهي وڪڙ ملن ٿا، جن ۾ وچ تي زمين جي ڪنڊي ٺهڻ سبب ڍورا ٻن واهين ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ قمبر جي اولهه ۾ ”ڊرگهه ڍنڍ“ واري اونهي شاخ باقي بچي آهي؛ تنهن هوندي به وارهه کان هيٺ وري هڪ دفعو هي وهڪرو چٽو ٿئي ٿو، جيڪو آخرڪار ناري جي تري ۾ پوريءَ طرح گم ٿي وڃي ٿو.

”ڪنڌڪوٽ وارو وهڪرو“ گهڻو تڻو هڪ ئي شاخ جي صورت ۾ آهي، جيڪا سوڙهي، اونهي ۽ ورن وڪڙن واري آهي. هيءَ شاخ ڪشمور کان وٺي، ڪنڌڪوٽ جي وچان ٿيندي، (جيڪو سندس ڪنڌيءَ تي آهي)، موجوده درياهه سان پور وڇوٽيءَ تي ڏکڻ طرف شڪارپور ڏانهن وڃي ٿي، جتي درياهه کيس ڪٽي ٿو.

اُتان ڏکڻ ۾ ”گهاڙ“ شاخ ۽ ”الهندي ناري“ جا ٻه پڌرا سيلابي واهه آهن. هاڻي انهن کي آبپاشيءَ جي جديد نظام هيٺ آندو ويو آهي. گذريل زماني ۾ اُهي سکر جي هيٺان سنڌو نديءَ کان ڌار ٿي تقريباً پور- وڇوٽيءَ تي وهندا هئا. انهن مان ”گهاڙ واهه“ لاڙڪاڻي وٽ ورُ کائي اولهه طرف وهي ٿو.

هي ٻئي شاخون هڪ عجيب منظر پيش ڪن ٿيون، جو لاڙڪاڻي جي سطح تائين ٻئي درياهه جي آڳاٽن وڪڙن مان وهن ٿيون ۽ پيچدار وهڪري هوندي به بند نٿيون ٻڌن. اُتان هيٺ اُهي نسبتاً سڌو سنئون وهڪرو وٺي پنهنجي ٺاهيل اوچن ۽ ويڪرن بندن اندر وهن ٿيون، جيڪي ٻاهرين پاسي درجي بدرجي وسيع سيلابي ميدان سان ملي وڃن ٿا. هنن ٻن واهن جو بنياد هڪ مسئلو آهي. جيتوڻيڪ ٻئي ظاهر ظهور قديمي آهن، تنهن هوندي به ايترو قديم نه آهن، جيترو گهڻو ڪري سمجهيون وينديون آهن.

هنن ئي ٻن واهن تي انهيءَ ڳتيل آباديءَ واري ساريال ضلعي جي لڳاتار سرسبزيءَ جو دارومدار آهي، جنهن کي اڪثر ”سنڌ جو باغ“ سڏيو وڃي ٿو. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي واهه شروع ۾ قدرتي ڦاٽ هئا. تنهن هوندي به ماڻهن پنهنجي هنن واهن کي قائم رکڻ لاءِ يقيناً وڏا وس ڪيا آهن. هنن نه رڳو هڪ انتهائي بي بقا مک درياهه مان پنهنجو پاڻي حاصل پئي ڪيو آهي، پر انهيءَ سان گڏ هنن پنهنجي شاخن کي پڇڙيءَ وٽ لٽ کان آجو ۽ ڪنڌيءَ جي بندن اندر قائم رکيو آهي.

سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڪنڌيءَ سان ننڍا بند آهن، جيڪي شاخن سان لاڳيتا ٿين ٿا ۽ مقامي سطح کان هي ڪنڌيون ڪافي اُتاهيون ۽ ڪلراٺيون هجڻ سبب آبادي جي لائق نه هونديون آهن، پر گهاڙ ۽ اُلهندي ناري جون ڪنڌيون عجيب آهن، جو اوچائيءَ ۾ اٽڪل ٽي ميٽر ۽ ويڪر ۾ اڪثر ٽن ڪلوميٽرن تائين هوندي به خوب آباديءَ هيٺ آيل آهن. توڙي کڻي ماڻهن پنهنجي واهن جي حفاظت ڪئي آهي ۽ الهندي نار جون ڪجهه ڀرتي ڪندڙ شاخون جن مان هڪ تي ”منڇر ڍنڍ“ واقع آهي، بنيادي طور هٿرادو آهن، تنهن هوندي به ڪنڌين تي لٽ جو پوڻ هڪ قدرتي عمل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تحريري ثبوت موجود آهن ته الهندو نارو وقفي وقفي سان ڪنڌين کان اُٿلي پوندو هو ۽ جن ساريال فصلن کي پاڻي پهچائيندو هو، انهن کي پاڻ وسيع ايراضيءَ ۾ ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندو هو. الهندي ناري واري شاخ جا نشان ڏکڻ طرف ملن ٿا، جيڪي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جهڪا ٿيندا وڃن ٿا ۽ سندس ڪنڌي ڀر واري نيڪر ۾ اچيو منڇر ڍنڍ تي پوري ٿئي ٿي.

گذريل صديءَ تائين ”الهندي ناري“ واري شاخ آبڪلاڻيءَ وقت پنهنجي پوري ڊيگهه ۾ جهاز رانيءَ جي قابل هئي. تنهن هوندي به تصويرن ۾ اهڙي ثابتي نٿي ملي ته هن حالت ۾ الهندو نارو موسمي ڦاٽ کان وڌيڪ ڪنهن اهميت وارو هو. ظاهر درياهي نشانن جي ڳولا ڪندي جيئن ڪجهه اوائلي محققن جو خيال رهيو آهي ته الهندو نارو درياهه جي ڪا اهم شاخ هئي، سو سراسر غلط آهي.

ڪافي زماني کان ”منڇر ڍنڍ“ پنهنجي آسپاس جي نارن ذريعي درياهه جي باقاعدي شاخن ۽ ڪچي توڙي ڪاڇي جي نئن جي ٻوڏ جي پاڻيءَ جو مرڪز رهي آهي. منڇر کي درياهه ۾ هڪ اوڪر آهي، جنهن کي ”اڙل واهه“ چئجي ٿو. هي واهه سيوهڻ شهر جي اُڀريل ٽڪريءَ کي چوگرد ڦري اچي ٿو. منڇر ڍنڍ وقفي سان اتر طرف ڪافي اڳتي وڌندي رهي آهي، جنهن سبب ويجهڙائي وارو هڪ وهڪرو جنهن کي ”دادوءَ وارو وهڪرو“ چئجي، سو گهڻي ڀاڱي غائب ٿي ويو آهي. دادوءَ جي اُتر ۾ ”وڪڙي ڪچي“ جهڙا آثار اڃان به موجود آهن. پر ڏکڻ طرف ساڳي سطح زمين تي اهي نشان فضائي تصويرن ۾ به مشڪل سان سڃاڻي سگهجن ٿا.

وچولي جو کاٻو ڪپ (خيرپور- نواب شاهه)

ڪوٽڏيجيءَ جي ٽڪرين ۾ جتي پٿر ۽ چوني جون اُڀيون قطارون سکر کان ڏکڻ طرف هليون وڃن ٿيون، اروڙ جي مختصر گهاٽي آهي، جنهن وچان هاڻوڪو ”نارا ڪئنال“، ”سکر بئراج“ کان نڪري وهي ٿو ۽ اڳوڻي ”اُڀرندي ناري“ کي پاڻي پهچائي ٿو. ”اروڙ جو پراڻو شهر“ هن گهاٽيءَ جي ڪناري تي آباد هو. هاڻوڪي سنڌو ندي سکر ۽ روهڙي جي ساڳي قسم جي البت ويڪري گهاٽيءَ وچان گذري ٿي. اڪثر ايئن سمجهيو ويو آهي ته اڳئين زماني ۾ سنڌو ندي ”اروڙ جي گهاٽيءَ“ وچان وهندي هئي، پر انهيءَ ۾ شڪ آهي. ڇاڪاڻ ته اها گهاٽي ايتري ويڪري نه آهي جو انهيءَ منجهان سڄو درياهه وهي هليو هجي ۽ فضائي تصوير ڪشيءَ مان ڪو اهڙو ثبوت نه مليو آهي جو ڏيکاري ته زماني قريب ۾ به ايئن ٿيو هوندو. تصويرون اهو برابر ڏيکارين ٿيون ته ٻوڏ جو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه زور سان انهيءَ گهاٽيءَ منجهان گذريو آهي. خيال ڪجي ٿو ته جڏهن اروڙ آباد هو، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ ٻوڏ جي موسم ۾ اُٿل جي پاڻيءَ جو اتان نيڪال ٿيندو هوندو.

گهوٽڪيءَ جي علائقي وانگر هتي به اڻ گهڙيل هلالي ٽڪرين جا سلسلا خيرپور جي اولهه کان شروع ٿي ”گمبٽ“ ۽ ”راڻيپور“ کان ٿيندا ”ڪانڊياري“ کان ڦرندا هاڻوڪي درياهه تي دنگ ڪن ٿا. پويان ڄاڻايل ٽي شهر بلڪل انهن ٽڪرين وٽ آهن، جن کي ”خيرپور جون ٽڪريون“ چئجي ٿو. گهوٽڪيءَ وانگر هتي به هنن ٽڪرين جي اولهه ۾ واقع ڪَچي جو علائقو، جنهن کي اولهه خيرپور جو ڪَچو چئجي ٿو، سو هلالي نشانن جي هڪ سلسلي تي مشتمل آهي، جنهن جو مُنهن اتر- اولهه طرف آهي ۽ هاڻوڪي درياهه سان پور وڇوٽيءَ تي آهي. خيرپور جو اُڀرندو ڪچو اوڀر ۾ هڪ وڌيڪ ابتدائي بلندي ٺاهي ٿو ۽ سندس خاص اهڃاڻ ”خيرپور وارو وهڪرو“ آهي جنهن کي عام طور تي ”لوهاڻو ڍورو“ سڏيو وڃي ٿو. اهو ڍورو يا پراڻو درياهي پيٽ خيرپور جي تقريباً ڏکڻ- اولهه ۾ اُڀي ٽڪري کان شروع ٿئي ٿو ۽ غالباً ساڄي ڪپ تي ”ڪنڌڪوٽ واري وهڪري“ جو سلسلو آهي، ڇاڪاڻ ته عام تشڪيل ۾ ساڻس بلڪل متشابهه آهي. اهو هڪ سوڙهو ۽ اونهو وهڪرو آهي، جيڪو هاڻوڪي درياهه جي مقابلي ۾ مضبوط وڪڙن سان اوچين وارياسين ڀٽن ۽ ڀڙن وچان ور وڪڙ ڏيندو ڏکڻ طرف سڪرنڊ طرف وڃي ٿو، جتي وري هڪ دفعو موجودهه درياهه تي وڃي دنگ ڪري ٿو. بلڪل هوبهو ساڳيو وهڪرو ساڻس تقريباً پور وڇوٽيءَ تي ڪانڊياري کان قاضي احمد جي اولهه ۾ آهي، جيڪو بظاهر ڪٿي به ساڻس ملي نٿو ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو ته سندس گهڻو ڪي ٿورو همعصر آهي.

لاڙ جو کاٻو ڪنارو

سڪرنڊ ۽ شهدادپور جي وچ ۾ درياهه جي تازي پيٽ کان مختصر طور تي وري ڪجهه اُڀيون ٽڪريون ڏيکاري ڏين ٿيون جن مان پروڙ پوي ٿي ته مٿي اُتر سنڌ ۾ ڪمزور ڀڪن کي درياهه جي پائيندڙ ڪرڻ وارو عمل ڏکڻ سنڌ ۾ برقرار نه رهيو آهي، نواب شاهه- شهدادپور وارو خطو هڪ منجهائيندڙ علائقو آهي ۽ سانگهڙ ۽ ساماري وارا وهڪرا جيڪي اُتان ظاهر ٿين ٿا، بعد جي وهڪرن جي تسلسل جي ڪنهن به هنڌ سان ملائي نٿا سگهجن.

”سانگهڙ وارو وهڪرو“ پهريون دفعو نواب شاهه کان اُتر- اوڀر ۾ اٽڪل ويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳولي سگهجي ٿو، جيڪو ڏکڻ- اوڀر طرف ٿر جي ڀڪ سان وارياسين ٽڪرين جي وچان وهندو معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ وهڪري ۾ لَٽيل دوآبي شاخن جون اُهي سڀ خصوصيتون ملن ٿيون، جيڪي ڏکڻ سنڌ ۾ نظر اينديون آهن، يعني ته شاخ سوڙهي آهي ۽ دائمي وهندڙ لڳي ٿي. (هن علائقي ۾ دوآبي جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جي اها خصوصيت آهي ته سندن وهڪري ۾ تبديليون اوچتو ۽ مڪمل طور تي ٿينديون رهن ٿيون. بجاءِ ان جي ته مکيه وهڪري جي پاسن کان عارضي سورَ پورَ سبب پيدا ٿينديون هجن.) اها دوآبي ڀرتي ڪندڙ شاخ سرزمين تي ڳولي نٿي سگهجي. پر فضائي تصويرن ۾ وهڪري جي نشانن جي سلسلي ۾ صاف نظر اچي ٿي. اها قديم آهي، شايد هنن علائقن ۾ نظر ايندڙ وهڪرن ۾ قديم ترين آهي ۽ اها ضرور ريگستان جي سينهه سان واقع واريءَ جي ٽڪرين کان آڳاٽي هوندي. سانگهڙ وٽ سر اوڀر ڦيرو کائي ٿي ۽ اُتي اولهه کان هڪ ننڍي ڀرتي ڪندڙ شاخ منجهس پوي ٿي ۽ اڳتي هلي اُڀرندي ناري سان ملي ٿي. پوئين سنگم کان ٿورو اڳ هيءَ شاخ وڌيڪ اونهي ۽ چٽي آهي. انهيءَ جهڙو نمونو جيڪب آباد واري وهڪري ۾ ملي ٿو. يقين ڪيو ٿو وڃي ته انهيءَ جو سبب ٻوڏ جي پاڻيءَ جو پائيندڙ وارو عمل آهي، جيڪو وادي جي جهلن وٽ وڪڙن مان وهندڙ وڌيڪ تيز وهڪري سان ملي سامهين کاڌ ڪري ٿو.

ٻيو وهڪرو جيڪو نواب شاهه ۽ شهدادپور جي منجهائيندڙ سيلابي وڪڙن مان ٿئي ٿو، سو آهي ”ساماري وارو وهڪرو“. بهمن آباد (برهمڻ آباد) جي آثارِ قديمه وٽ هي هڪ واضح شاخ جي صورت ۾ آهي. اتان هڪدم هيٺ ساڄي هٿ تي هڪ شاخ جو ٿورو پتو پوي ٿو، جيڪا ڏکڻ طرف وڃي ٿي. پر بعد ۾ پيل لٽ هيٺ ستت گم ٿيو وڃي ٿي. کاٻي هٿ تي واقع شاخ هڪ چٽي پِٽي ڀرتي ڪندڙ دوآبي شاخ آهي جيڪا ساماري کان سڌو ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي وڃي ٿي ۽ آخرڪار ڏکڻ کان اولهه طرف مڙي ڦٽل ڍوري ”باڊهڙي“ کان ٿيندي وڃي ناري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، سانگهڙ ۽ ساماري وارا سنڌو نديءَ جا اُهي واحد مکيه وهڪرا آهن، جن ڏکڻ سنڌ ۾ ”اڀرندي ناري“ ۾ ڇوڙ ڪيو آهي. انت ڏکڻ- اوڀر ۾ نارو ”ڪڇ جي رڻ“ ۾ پوڻ کان اڳ ساڳي زمين جي سطح تي نمودار ٿئي ٿو ۽ ڏکڻ- اولهه طرف مختلف شاخن جي صورت وٺي ٿو.

هنن مشرقي ضلعن ۾ ڪچي جي زمين ايئن پکڙيل آهي جيئن اڳ ڄاڻايل دنگئي اونهائن علائقن ۾ آهي. هن ايراضيءَ ۾ لٽ جو پوڻ خصوصي طور تي دوآبي جي انداز وارو آهي، جنهن ۾ مکيه ڀرتي ڪندڙ شاخن مان موسمي سيلابي نالا نڪرن ٿا، جن مان هرهڪ کي پنهنجا بند يا ٻنڌيون آهن ۽ اُهي ڪچي جي تراين کي ٻوڙين ٿا. اهڙي هڪ ترائي ساماري جي اُتر ۾ آهي ۽ اُتي ٿورو اڳ تائين هڪ ڍنڍ جا نشان مليا ٿي، اها شاخ اڀرندي ناري ۽ ساماري واري وهڪري جي قدرتي طور مٿي ٿيل سطح سبب بند ٿي وئي. (سانگهڙ شهر جي اُتر ۾ پڻ ساڳي قسم جي هڪ ڍنڍ ناري ۽ سانگهڙ واري وهڪري جي وچ تي واقع هوندي هئي.)

ميرپورخاص، ڊگهڙي ۽ جهڏو جا شهر انهيءَ ڪچي واري بيحد وسيع ايراضيءَ ۾ اچي وڃن ٿا، جنهن جي اوڪر سوڙهي، پر ڪوريل ڍوري ”پراڻ“ مان هئي، جيڪو ساماري واري وهڪري جي سنگم (ميلاپ) کان هيٺ ناري سان وڃي ملي ٿو.

سرزمين تي نظر ايندڙ ٻين واضح شاخن جي عدم موجودگيءَ ۾ ”ڍورو پراڻ“ کي گهڻو ڪري سنڌو نديءَ جي اڳوڻي شاخ سمجهيو ويو آهي، تنهن هوندي به منجهس ڪنهن پراڻي درياهي وهڪري جون ڪي به خصوصيتون نٿيون ملن، ۽ صاف ظاهر آهي ته ان هڪ اوڪر جو ڪم ڏنو ٿي، جنهن ترائي جي سڀ کان هيٺاهين هنڌ کي پُر ڪيو ٿي ۽ سندس ڀرتي ڪندڙ شاخن ۾ آسپاس جي واهڙن مان پاڻي گڏ ٿي اچي منجهس پيو ٿي. عملي طور تي ”ڍورو پراڻ“ بذاتِ خود هڪ معاون درياهي نظام آهي، جنهن پڇڙيءَ ۾ لٽ ڇڏي ننڍا بند ٺاهيا آهن.

ان کانپوءِ ”شهدادڪوٽ وارو وهڪرو“ آهي جيڪو سڪرنڊ کان اٽڪل اَٺ ڪلوميٽر هيٺ هاڻوڪي درياهه مان نڪري ٿو ۽ شهدادپور جي اولهه ۾ ٽنڊو آدم جي اوڀر طرف ۽ ٽنڊو الهيار جي ڏکڻ ڏانهن ڏسي سگهجي ٿو. انهيءَ ۾ ساڳين اونهين ورن وڪڙن وارين شاخن ۽ پراڻن بندن جي پيل ڀراءَ واريون خصوصيتون ملن ٿيون، جهڙيون خيرپور واري وهڪري ۾ آهن ۽ شايد انهيءَ جو ئي هڪ سلسلو آهي.

”ٽنڊي الهيار“ جي ڏکڻ ۾ اهو وهڪرو وڌيڪ سوڙهو ٿئي ٿو ۽ جيئن پوءِ تيئن لٽيل آهي. اڳتي ٽنڊي غلام علي جي ڏکڻ ۾ اهو هڪ ڀرتي ڪندڙ دوآبي شاخ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جتان ڏکڻ- اولهه طرف ورکائڻ شروع ڪري ٿو ۽ ”تلهار“ جي اولهه ۾ هليو وڃي ٿو. تلهار کان هيٺ ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جن مان ساڄي طرف ”گولاڙچي شاخ“ ۽ کاٻي پاسي ”احمد راڄو شاخ“ آهي. ٻئي نمبر وار ”جاتي“ کان مٿي ۽ هيٺ ”سر ڪريڪ“ (کاهي) سبب ڪٽجي وڃن ٿيون. ايستائين اهي تقريباً اولهه طرف وهنديون رهن ٿيون، اهڙيءَ طرح ”شهدادپور واري وهڪري“ ۽ پوءِ ٻين گهڻن وهڪرن ”اڀرندي ناري“ کان پري دوآبي ۾ اولهه طرف ور کاڌو آهي. ٽنڊي غلام علي جي ڏکڻ- اوڀر ۾ ”ٽنڊي باگي“ جي آسپاس ننڍن موسمي نالن سان سٿي پئي آهي، جن مان گهڻا ”شهدادپور واري وهڪري“ مان نڪرن ٿا. ڪجهه ٻيا اڳڀرو اولهه طرف جي وهڪرن مان ڦٽا آهن. (دوآبي ۾ اهڙن موسمي نالن جو منظر اتر طرف ميرپور خاص ۽ سانگهڙ جي پاسي عام آهي.) اهڙو هڪ نالو جيڪو ”ٽنڊي غلام علي“ کان ڏکڻ- اوڀر طرف وڃي ٿو، اڳ ”الهندي پراڻ“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. جيئن ته ”شهدادپور وارو وهڪرو“ انهيءَ شهر کان هيٺ سطح زمين تي نظر نٿو اچي، تنهنڪري هن ننڍي واهيءَ کي ڪنهن سمي ايئن سمجهيو ويندو هو ته سنڌو ندي جو ڪو مکيه ڦاٽ آهي، جيڪا اها ڪڏهن به نه ٿي سگهي هوندي. گولاڙچي ۽ احمد راڄو شاخون 1953ع وارين فضائي تصويرن ۾ (زرعي ترقيءَ کان اڳ) صاف طور تي واهن جي سلسلي جي صورت ۾ نظر اچن ٿيون. پوئين شاخ ”احمد راڄو“ وٽ عارضي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي، ان جو هڪ حصو انهيءَ ڳوٺ جي وچان ۽ ٻيو ”ڳاڙهي“ منجهان ٿيندو وري اچي پاڻ ۾ ملن ٿا. هنن ڳوٺن وٽ هلڪيون ترايون ساڳيءَ سطح تي ڪلراٺي ميدان ۾ پنهنجي ساوڪ، سبزيءَ سبب عجيب لڳن ٿيون ۽ زمين جي مٿاڇري تي اهي ئي ثابتيون وڃي بچيون آهن، جيڪي ڏيکارين ٿيون ته هڪ وڏي درياهه جي هتان وهڻ سبب ڪنهن زماني ۾ هن خطي کي ڪيڏي نه خوشحالي نصيب ٿي هوندي.

جديد دور جي درياهه مان نڪرندڙ ٻيو وهڪرو نصرپور وارو آهي، جيڪو ”هالا“ کان هيٺ ڏکڻ- اوڀر طرف ”نصرپور“ کان ٿيندو ڏکڻ طرف ”ٽنڊي محمد خان“ ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتان اڳتي ورڇجي وڃي، ساڄي ڪپ تي ”بُلڙي شاخ“ تي دنگ ڪري ٿو. کاٻي ڪپ تي ”گونگڙو شاخ“ ڏکڻ طرف وهي ٿي ۽ آهستي آهستي اولهه طرف ور کائي ”شاهه ڪپور“ رسي ٿي، اتي ورهائجي وڃي ٿي. هڪ شاخ سر ڏکڻ وهي ٿي ۽ ”جاتي“ کان گذري ”سر ڪريڪ“ (سر جي کاريءَ) ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ٻي شاخ ڏکڻ- اولهه طرف جاري رهي ٿي پر اوچتو بي تحاشا وڪڙن هيٺان اچي دٻجي وڃي ٿي. ”گونگڙو شاخ“ هڪ مثالي دوآبي نهر آهي، اها اڃا لٽجي نه وئي آهي ۽ سطح زمين تي چٽيءَ طرح نظر اچي سگهي ٿي. گذريل ڪجهه صدين ۾ جيئن عام طور تي ٿي رهيو آهي، ”گونگڙو شاخ“ مان به هڪ ننڍي سيلابي واهي سالم حالت ۾ رکي وئي آهي. بلڙي شاخ هڪ تنگ ڀرتي ڪندڙ شاخ بدران، ويندي ”دڙي“ تائين هڪ ويڪري پيچدار سيلابي ميدان جو ڏيک ڏئي رهي آهي. دوآبي جي ميدان ۾ آرپار اهڙن داخلي آثارن جي هيءَ پهرين حد دخلي آهي. ڪجهه ڦاٽ ”ٽنڊي محمد خان“ کان ڏکڻ- اوڀر وهن ٿا، خاص طور تي ”ريڻ ندي“ جيڪا ”بدين“ ۽ ”سيراڻي“ طرف وڃي ٿي.

لاڙ جو ساڄو ڪنارو

دوآبي جا ساڄي ڪپ وارا وهڪرا چڱيءَ طرح معلوم آهن، تنهنڪري اهي فقط مختصر طور تي بيان ڪيا ويندا. ”ڪلري“ ۽ ”بگهاڙ“ بلڙي شاخ مان نڪرن ٿا، جيڪا انهيءَ خطي ۾ ورڇجي وئي آهي، جيڪو هاڻوڪي درياهه جي پيٽ ۾ آهي. ”بگهاڙ“ کي سالم حالت ۾ رکيو ويو آهي، پر ڪلري هاڻي زميني سطح تي ڪجهه قدر مٽجي وئي آهي. پراڻو ”لوهري بندر“ بگهاڙ جي منهن وٽ واقع آهي، پر سامونڊي ڪنارو ڪجهه هٽي ويو آهي، جنهن ڪري اها جاءِ هاڻي وير جي چڙهڻ واري حد اندر آهي. ”بگهاڙ“ جي ڏکڻ ۾ وڌيڪ پراڻن درياهي وهڪرن جا آثار ملن ٿا. خاص طور تي اهي جيڪي ”رِڇل کاريءَ“ سان تعلق رکن ٿا، اهي شايد ”بگهاڙ“ جا اڳوڻا وهڪرا هئا. ڪيتريون اوڪريون ”بگهاڙ“ جي مٿاهين ڀاڱي کان ڏکڻ- اوڀر طرف نڪري کاٻي ڪپ کان ٿينديون وڃي هاڻوڪي درياهه جي ڪيترين اوڪرن سان ملن ٿيون. سجاول جي ڏکڻ وارو علائقو اوڪرين سان ڀريو پيو آهي، جن مان وڏي ۾ وڏي اوڪر ”سَتو“ نالي آهي، جيڪا ”لاڏين“ کان هيٺ ور ڪري سَر اولهه پراڻي ”شاهبندر“ ڏانهن وڃي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com