مٿين ٻن بيتن ۾ جن ڳوٺن جا نالا آيا آهن، اهي ’مهراڻي‘، ’پائر‘،
’اڇڙي ٿر‘ ۽ ٻين خطن سان واسطو رکن ٿا. هاڻي اسين
جيڪر اها ڳنڍ ٻڌنداسون ته فلاڻي يا فلاڻي بيت ۾،
فلاڻي ڳوٺ جو نالي آهي، ان ڪري مارئي فلاڻي ڳوٺ جي
هئي ته پوءِ ڳنڍ ٻڌجي ڪين سگهندي، سو نامور نقاد
جي هيڪل، ڪونڊي ۽ هاڙهي، ڏهاڙي واري ڳنڍ به ٻڌجيو
نٿي سگهجي ۽ ڪڏهن به ٻڌجي نه سگهندي ۽ نڪي مارئي
ڀالوا جي بنجي سگهندي.
مٿي ذڪر ڪيل اعتراض کانپوءِ نامور نقاد تاريخ ڏانهن رخ ڪيو آهي،
۽ فرمايو اٿس ته؛ ”مارئي جي ٿر جي پيدائش هجڻ جا
چند حوالا هيٺ ڏجن ٿا.“ انهيءَ ڏس ۾ سڀ کان پهرين
تاريخ طاهريءَ کي سامهون رکيو اٿس ۽ دليل ڏنو اٿس
ته: مير طاهر ”تاريخ طاهري“ ۽ ڪتاب ”ناز نيازي“
1621ع ۾ لکيا آهن، ٻنهي ڪتابن ۾ وضاحت ڪيل آهي ته
مارئي جو ڳوٺ عمرڪوٽ کان هڪ سوء ميل پري آهي. حساب
موجب ڀالوا هڪ سوء ميل آهي. (وينجهار ص 17)
محترم ’جنجهي‘ صاحب جي دليل کي پرکڻ کان پهرئين، کائنس سوال
پڇبو ته ڀاءُ! تاريخ طاهري ته موجود آهي، پر مير
طاهر نسياني جي ٻي تصنيف ”ناز ۽ نيازي“ ڪٿي آهي؟
اميد ته اها تصنيف اوهان وٽ ئي هوندي.
خدارا، جيڪڏهن اهو ناياب ڪتاب ظاهر ڪندا ته سنڌ اوهان جا احسان
مڃيندي، پر آئون سمجهان ٿو ته ائين نه آهي ۽ اهو
ڪتاب جنجهي صاحب وٽ نه هوندو، ڇو ته مون اڳ ۾ ئي
عرض ڪيو هو ته ’جنجهي صاحب، نقاد گهٽ ۽ نقال وڌيڪ
آهي‘. ۽ سندس تنقيد جو سڄو ڍانچو نقلن تي ٻڌل
هوندو آهي. سو هن ڪٿان اهو به ٻڌو هوندو ته مير
طاهر فلاڻو يا فلاڻو ڪتاب لکيو، ۽ ان ۾ هيئن لکيل
آهي. سو ٻڌل ڳالهين تي اعتبار ڪري کڻي ٻپي ٻڌي
اٿس. نه ته درست ڳالهه هي آهي ته نقاد صاحب ”تاريخ
طاهري“ جو رڳو ڪٿي نالو ٻڌو يا ڪنهن تحرير ۾ ڪٿي
پڙهيو آهي. پر خود نه تاريخ ڏٺي اٿس ۽ نه پڙهي
آهيس، نه ته جيڪر اهڙي دعوى ڪڏهن به نه ڪري ها، ته
مارئي جو ڳوٺ عمرڪوٽ کان هيترو يا هيترو پري آهي.
’تاريخ طاهري‘ سيد محمد طاهر نسيانيءَ جي فارسي زبان ۾ تاليف
آهي، جيڪا هن 1030هه مطابق 1621ع ۾ مڪمل ڪئي، ۽
اها هتي 1964ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي آهي
۽ هاڻي ان جو سنڌي ترجمو به ڇپجي چڪو آهي. مذڪوره
تاريخ ۾ صفحي 23، 33، 34 ۽ 35 تي سومرن جو احوال
ڏنل آهي، جنهن ۾ ’عمر مارئي‘ جو قصو به اچي وڃي
ٿو.
مير صاحب انهيءَ ڏس ۾ لکي ٿو ته: ”هن هندو مذهب جاهل جماعت جو
احوال هيئن آهي ته سڀني پاڻ کي سردار ۽ اڳواڻ ٿي
سمجهيو، پر عمر سومرو انهن جو سردار ۽ گادي نشين
هو. هن جي حڪومت ڪيترا سال هئي، تنهن بابت ڪابه
خبر ڪونه آهي پر اها خبر ملي ٿي ته سڀني ورهن ۾ هن
هٿان ڪئين اهڙا واقعا نمودار ٿيا؛ جنهن ۾ هن رعيت
جون زالون زبردستي ۽ زوري پئي کنيون. اهڙي طرح
مارئي نالي هڪ شادي شده عورت کڻائي ورتائين.“
اهو واقعو هن ريت آهي ته مارئي جو مڱڻو پهريائين ’بعبوڪ‘ نالي
هڪ شخص سان ٿيل هو، پر مارئي جڏهن جوان ٿي ته ان
جو سڱ پنهنجي عزيزن مان هڪ ٻئي شخص سان ڪري
ڇڏيائون. ’بعبوڪ‘ دانهن کڻي عمرڪوٽ ۾ عمر سومري وٽ
ويو ۽ چيائين ته مارئي جيڪا منهنجي مڱ آهي، آئون
ان تان هٿ کڻان ٿو، ان لاءِ ته اها اوهان جي لائق
آهي، ان کي هڪ ڀيرو ڏسندا، ته ان کي ڇڏي نه
سگهندا، ’بعبوڪ‘ جي انهيءَ چوڻ تي عمر سومرو لباس
مٽائي تکي تلوار کڻي، انهيءَ آباديءَ ۾ ويو ۽
موقعو ملڻ تي، مارئيءَ کي تيز رفتار اُٺ تي چاڙهي
پنهنجي دارالحڪومت ۾ رسايائين.“ (سو تاريخ طاهري
صفحو 32-33.)
’تاريخ طاهري‘ جي 36 صفحي تي مؤلف لکيو آهي ته هن ڪتاب کان اڳ
مون هڪ ٻيو ڪتاب ”ناز و نياز“ نالي لکيو هو، جنهن
۾ عمر مارئي جي واقعي کي نثر ۾ بيان ڪيو اٿم.
سيد طاهر محمد نسيانيءَ جا اهي ٻئي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل آهن،
جن مان ’تاريخ طاهري‘ ته مارڪيٽ ۾ موجود آهي، پر
’ناز و نياز‘ ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، هن وقت
تائين ٿيل کوجنا موجب فقط اهو دريافت ٿيو آهي، ته
سيد طاهر محمد نسيانيءَ، ’تاريخ طاهري‘ لکڻ کان
پهرين اهو ڪتاب لکيو هو، جيڪو ان دؤر کان وٺي
ايتريقدر ته ناياب آهي، جو انهيءَ دؤر کان اٽڪل
سوا سؤ سال پوءِ، جڏهن مير علي شير قانع ’تاريخ
تحفة الڪرام‘ جو مواد سهيڙي رهيو هو، تڏهن به اهو
ڪتاب ’ناز و نياز‘ قانع ڏسي نه سگهيو هو، ۽ جنجهيء
صاحب وانگر لکي ڇڏيائين ته اهو ڪتاب نظم ۾ لکيل
آهي (27) جڏهن ته ڪتاب جو مؤلف خود لکي ٿو ته مون
اهو ڪتاب نثر ۾ لکيو آهي (28).
منهنجي خيال ۾ اسان جي ٿري نقاد جيڪو ”ناز و نياز“ نالي ڪتاب جو
حوالو ڏنو آهي، اهو به اونده ۾ هٿوراڙيون آهي. هن
شايد ڪٿان اها ڳالهه ٻڌي آهي، يا کيس ڪنهن عالم
ٻڌائي آهي. پوءِ ان کي کڻي ’ناز و نياز‘ بنايو
اٿس. پوءِ اهو به خيال ڪيو اٿس ته ان ڪتاب ۾ ضرور
لکيل هوندو ته ”مارئي ڀالوا جي هئي، جيڪا ڳالهه
تاريخ طاهريءَ جي موجودگيءَ ۾ غلط ثابت ٿي آهي.“
ريگستاني نقاد، پنهنجي پٺڀرائي لاءِ ٻيو تاريخي حوالو ”تحفة
الڪرام“ جو ڏنو آهي، جنهن ۾ لکيو اٿس ته:
”مير علي شير قانع، ’تحفة الڪرام‘ 1767ع ۾ لکيو آهي، انهيءَ
موجب مارئي جو ڳوٺ ڀالوا آهي.“ (وينجهار ص 17)
نقاد صاحب جي مٿيئن حوالي جي پرک لاءِ اچو ته تحفة الڪرام جو
جائزو وٺون ۽ ڏسون ته قابل معترض جو دليل ڪيتريقدر
درست آهي؟
هينئر اسان جي سامهون تحفة الڪرام جو فارسي ڇاپو به آهي، جيڪو
سال 1971ع ۾ ڇپيو آهي. ان جو اُردو ترجمو به آهي،
جيڪو 1959ع ۾ شايع ٿيو آهي ۽ سنڌي ترجمو به آهي،
جيڪو 1957ع ۾ اشاعت هيٺ آيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي
ته ”مارئي نالي هڪ پاڪدامن ۽ خوبصورت عورت ’مارن‘
جي قوم مان ’تلها‘ ۾ رهندڙ هئي. سندس ماءُ ۽ پيءُ
هن جو مڱڻو پهريائين پنهون نالي هڪ شخص سان ڪيو
هو، پر پوءِ ڦري هڪ ٻئي عزيز کي ڏيئي ڇڏيائون.
پنهون انهيءَ محبوبه جي هٿان نڪري وڃڻ ڪري ڦٽيل دل
تي، ”عمر“ وٽ فريادي ويو ۽ وڃي چيائينس ته ”هڪ
اهڙي خداداد حسن جي مالڪياڻي عورت، منهنجي مڱيندي،
ٻئي سان پرڻائي ويئي آهي. مون ته انهيءَ تان آسرو
لاٿو، پر جيڪڏهن توهان هڪوار ڏسندا، ته هوءَ محلات
جي لائق آهي.“
عمر چمڙاپوش ڪري، هڪ تکي اٺ تي ويهي، مارئي جي ڳوٺ ۾ پهتو ۽ کيس
ڏسڻ سان
(مٿس) چريو ٿي پيو. جيئن ته سندس طلب جو سنڌائتو
تير هن جي دل ۾ چُڀي چڪو هو، تنهنڪري موقعي ملڻ
تي، کيس اٺ تي ويهاري زبردستي اچي پنهنجيءَ جاءِ
تي ڪڍيائين.“ (تحفة الڪرام سنڌي صفحو 100)
”تاريخ طاهري“ ۽ تحفة الڪرام“ کانپوءِ جنجهي صاحب کي سنڌ جي ٻي
ڪابه تاريخ ڏسڻ ۾ ڪونه آئي،
۽ هن سڌو رخ ڪيو ”سير ريگستان“ ۽ ”پراڻي پارڪر“ تي، جيڪي ٻئي
ڪتاب تاريخ جا ڪتاب نه، بلڪ تفريحي ادب جا ڪتاب
آهن. جن کي تاريخ جي دائري ۾ حوالي طور پيش ڪرڻ
ڏاڍائيءَ جي نشاني آهي.
”تحفة الڪرام“ جي مضمون مان ڪنهن به طرح اهو ثابت ڪونه ٿو ٿئي
ته ”مارئي ڀالوا جي هئي“ ۽ نه ئي وري ماروي جي ماڳ
جو عمر ڪوٽ کان ڪو مفاصلو ڏيکاريل آهي. پوءِ به
نقاد صاحب خبر ناهي ته اهڙو سفيد سچ ڇو ڳالهايو
آهي؟ ۽ هيئن ڇو لکيو اٿس ته؛ ”مير علي شير قانع
تحفه الڪرام 1727ع ۾ لکيو آهي. انهيءَ موجب مارئي
جو ڳوٺ ڀالوا آهي“ شايد نقاد صاحب جي تنقيد ۽
تحقيق جو اهو به ڪو اصول آهي، جنهن ۾ ڪوڙ، ڏٽا،
ڌُڪا ۽ پٻيون ٻڌڻ پڻ جائز آهي.
پراڻي پارڪر جي ليکڪ خود پنهنجي ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته
”سال 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب واري
اسڪيم لاءِ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي
ننگر پارڪر جي سرمايي کي سگهڙن جي سينن مان سهيڙڻ
جو ڪم سپرد ڪيو (29). وڌيڪ لکي ٿو ته ”مون هن ڪتاب
۾ ”تاريخي“ ۽ ”روايتي“ ٻنهي طريقن سان پارڪر کي
پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ (30)
’پراڻي پارڪر‘ جي ليکڪ، تاريخ جو نالو ته ورتو آهي، پر پنهنجي
ڪتاب ۾ ڪنهن به تاريخ جو حوالو پيش نه ڪيو اٿس،
بلڪ ڪنهن سگهڙ جي روايت جو به ذڪر نه ڪيو اٿس،
جنهن مان ثابت آهي ته سندس تحرير هڪ افساني ۽ قصي
کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.
هتي جنجهي صاحب جو ڌيان تاريخ جي فقط ٻن ڪتابن ڏانهن ڇڪائيندس،
جيڪي جنجهي صاحب به پڙهيا هوندا، جن مان پهريون
ڪتاب آهي ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيو، جيڪو ڪتاب مشهور
تاريخدان عبدالغني عبدالله جو لکيل آهي، جنهن ۾
عمر ۽ مارئي جي احوال ۾ لکيل آهي ته ”عمر ڪوٽ ۾
جتي عمر سومرو رهندو هو، تنهن جي نزديڪ مارو ماڻهو
رهندا هئا، جن ۾ مارئي نالي هڪ حسين ڇوڪري هئي.
مارئي کي پهريائين سندس مائٽن ”ڦوڳ“ نالي هڪ شخص
سان مڱايو، پر جڏهن مارئي وڏي ٿي، تڏهن سندس مائٽن
کيس وري ”کيت“ نالي هڪ شخص سان پراڻي ڇڏيو“. (ص
58)
ٻيو تاريخي ڪتاب آهي ”جنت السنڌ“، جنهن جو ليکڪ آهي رحيمداد خان
”مولائي شيدائي“، جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج
ڪونهي. کيس سنڌ جو ننڍو وڏو هر ڪو پڙهيل ڪڙهيل شخص
سڃاڻي ٿو. اهو بزرگ مارئي جي باري ۾ لکي ٿو ته:
امرڪوٽ، جتي سومرن جو حاڪم عمر رهندو هو، تنهن جي ويجهو مارو
رهندا هئا، جن ۾ مارئي نالي هڪ حسين ڇوڪري هئي.
(جنت السنڌ ص 320)
مٿي ذڪر ڪيل تاريخ جي ٻنهي ڪتابن جي لکت مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته
مارو ڀالوا ۾ نه بلڪ عمرڪوٽ جي نزديڪ رهندا هئا،
جيڪا ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته مارئي جا مائٽ ’مارو‘
کاروڙي ۾ ئي رهندا هئا، جيڪو عمرڪوٽ جي ويجهو آهي.
هو مارئي جي کڄڻ کان پوءِ اتان ئي ’ويڙهيجهپ‘
ڏانهن هليا ويا.
جنهن ڳالهه ڏانهن شاهه صاحب ۽ ٻين شاعرن اشارا ڪيا آهن، هاڻي
جنجهي صاحب مرضيءَ وارو آهي. تاريخ جي مذڪور ڪتابن
کي مڃي يا نه مڃي، دنيا مڃيندي رهندي.
تاريخي بحث کان پوءِ ادو الهداد صاحب لوڪلبورڊ طرف متوجهه ٿيو
آهي ۽ لکي ٿو ته:
”ٿرپارڪر لوڪلبورڊ وارن ڀالوا جي کوهه ۽ مارئي جي مال پيارڻ
واري ڪونڊي کي مرمت ڪرائي آثار قديمه وٽ قائم
رکايو آهي.“ (وينجهار ص 17)
وڌيڪ لکي ٿو ته ”مرحوم الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر، اڳوڻو صدر
ٿرپارڪر ڪجهه سال اڳ انهيءَ وقت جي مشهور سڄاڻ ۽
سگهڙ کان تحقيق ڪري کوهه ۽ ڪونڊي جي مرمت ڪرائي ۽
هتي هڪ نمائشي ميلو لڳايو هو.“ (وينجهار ص 17)
قابل نقاد جي ”لوڪلبورڊ ٿرپارڪر“ وارن حوالن جي اصل ۾ ڪابه
اهميت ڪونه آهي. هنن اصل ۾ پنهنجي حاڪمن (انگريزن)
جي دور جي مفروضن جي ياد تازي ڪرڻ ۽ پنهنجو نالو
چمڪائڻ خاطر اهو مانڊاڻ منڊيو هو، جيڪو سندن ئي
دور ۾ ڊهي پيو ۽ ضلعي ڪائونسل جي چونڊ ۾ مير صاحب
جا پير، پارڪر جي کوسن هميشہ لاءِ اکيڙي ڇڏيا.
ٻئي طرف آءٌ جنجهي صاحب جو ڌيان مير صاحب حاجي محمد بخش ٽالپر
مرحوم جي ان مقالي ڏانهن ڇڪائيندس، جيڪو 6- مارچ
1967ع واري نمائشي ميلي وقت پاڻ ادبي ڪانفرنس ۾
پڙهيو هئائين ته ”شاعرن جون سڀيئي شاهديون ٻڌائين
ٿيون ته مارئي ٿر جي پائر واري حصي جي رهندڙ هئي.“
اها ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ هن پنهنجي زوراوري واري
عادت جو مظاهرو ڪندي اهو به چيو هئائين ته ”ڀالوا
به پائر ۾ آهي“ (31) مير صاحب جي هن جاگرافيائي
ورڇ جو فيصلو به جنجهي صاحب کي ئي ڪرڻ گهرجي ته
پائر ڪٿي آهي.
ساڳئي ڪانفرنس ۾ بني سنگهه سوڍي، مارئي جي ماڳ بابت جيڪي ڪجهه
لکيو آهي، اهو جنجهي صاحب جهڙن عالمن لاءِ بهترين
سبق آهي. هو پنهنجي مقالي ۾ فرمائي ٿو ته ”مارئي
جي سڄي قصي کي ثابت ڪرڻ ۾ دشواريون پيش اچن ٿيون.
مگر ايترو چوان ٿو ته مارئي ٿر ۾ پيدا ٿي هئي. مال
چاريندڙ قوم مان هئي. ست سلامت رکيو هئائين. سَتِي
هئي. انڪري هرڪو چوي ٿو ته اسان وٽ پيدا ٿي هئي.
اسان منجهان هئي.“ (مهراڻ 1967ع ص 221)
هن ڏس ۾ نه رڳو بني سنگهه سوڍي، ڀالوا کي شڪي نگاهه سان ڏٺو
آهي، بلڪ ٻين به ڪيترن ئي اديبن کي ڀالوا ۾
مارئيءَ جا ماڳ ڏسڻ ۾ ڪونه آيا آهن. اهڙن سڄاڻ ۽
صحيح سوچ رکندڙ اديبن مان پهريون ليکڪ مرحوم الله
بخش ’سرشار عقيلي‘ آهي، جنهن کي دال ۾ ڪارو نظر
آيو. ۽ هن ننگرپارڪر ۾ مختيارڪاريءَ جي دوران
”ٿرپارڪر جا آثار قديمه“ جي عنوان تحت مقالو لکيو،
جنهن ۾ انگريزن جي ٿاڦيل روايتن کي دهرائيندي،
مارئي جي ڪونڊي ۽ ڀالوا جو ذڪر ڪندي، آخر ۾ لکي ٿو
ته: ”عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته ساري سنڌ ۾ ته
مارئيءَ جو نالو ڪافين ۾ پيو وڄي، پر هي پٽ، جيڪو
مارئيءَ جو ديش چيو وڃي ٿو، تنهن ۾ اهڙو سنگهار
ڪونه بچيو آهي، جو مارئيءَ جا سُر آلاپي.“ (الوحيد
آزادي نمبر 1936ع، ص 76-77) اسان جي فاضل نقاد،
لوڪلبورڊ جي حوالن کان پوءِ جناب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو نالو کنيو آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته:
”اسان جي موجوده وقت جي مشهور ۽ مقبول مصنف ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ ادبي نقطء نگاهه سان پوري
پاڪستان جو دورو ڪري، سال 1983ع ۾ (327) صفحن تي
مشتمل عمر مارئيءَ بابت روايتون درج ڪيون آهن.
انهيءَ ۾ ڪنهن به سياڻي مارئيءَ جو ڳوٺ کاروڙو نه
ٻڌايو آهي.“ (وينجهار صفحو 17).
جنجهي صاحب جي هن دعوى تي بحث ڪرڻ بدران، پڙهندڙن جي سامهون
ڊاڪٽر صاحب جي مذڪور تصنيف ’عمر مارئيءَ‘ رکجي ٿي
ته جيئن اهي به ڪجهه مشاهدو ڪن ۽ جنجهي صاحب جي
سفيد سچ مان واقف ٿين.
پڙهندڙن کي معلوم هجي ته مذڪور ڪتاب بابت جناب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، ڪتاب جي مقدمي ۾ لکي ٿوته:
”هي ڪتاب لوڪ ادب سلسلي جو 37 ڪتاب آهي؛ ان جو بنيادي مواد
ڊسمبر 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي،
مختلف روايتن کي ترتيب ڏيئي، اپريل 1961ع ۾ ڪتاب
جو ابتدائي مسودو تيار ڪيو ويو ۽ ڊسمبر 1970ع ۾
مسودي کي آخري طرح تصحيح ڪري پريس ڪاپي تيار ڪئي
ويئي“ (مقدمو صفحو ج)
هن لکت جي روشنيءَ ۾ جنجهي صاحب جي مٿين دعوى، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ کي مارئيءَ بابت روايتون ڪٺيون
ڪرڻ لاءِ 1983ع ۾ سڄي پاڪستان جو دورو ڪرايو آهي،
بلڪل رد ٿي وڃي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب ڪتاب جو مواد 1958ع تائين گڏ ٿيو. 1961ع
۾ ابتدائي مسودو تيار ٿيو. ۽ 1970ع ۾ پريس ڪاپي
تيار ٿي. ان بعد 1976ع ۾ ڪتاب پڻ شايع ٿي ويو،
جيڪو جنجهي صاحب جي مطالعي هيٺ رهيو آهي. ان هوندي
به نقاد صاحب ڪتاب جي ڇپجڻ کان ست سال پوءِ الاجي
ڇو ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي سڄي پاڪستان جو دورو ڪرايو
آهي. شايد اهو مواد اڃان وٽس هجي، ۽ هاڻي شايع ٿئي
پر ائين ڪونه آهي، ڇو جو ان ڪتاب مان منهنجو
موڪليل هڪ حوالو سند ورتو اٿس ۽ فرمائي ٿو ته
”معمور صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 127، 128، 129 ۾
ڄاڻايو آهي ته ڄام نندو نالي هڪ سمون ڳوٺ ڀالوا جو
رهندڙ هو. انهيءَ وقت عمرڪوٽ جو حاڪم خفيف سومرو
هو، جنهن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عمر رکيو
ويو، جو بعد ۾ عمر ڪوٽ جو حاڪم ٿيو. ٿر ۾ قحط
ساليءَ سبب ڄام نندو عمر ڪوٽ جي ڀر ۾ رهيو. عمر
اڃا ٽن مهينن جو ٿيو ته سندس ماءُ بيمار ٿي پيئي.
حڪيمن مشورو ڏنو ته ڇوڪر کي بيمار ماءُ جو کير نه
ڏجي، ان جي عيوض ڪنهن تندرست زال جو کير پيارجي،
انهيءَ تي خفيف جي ٻانهن ڳولا ڪري ڄام نندي جي زال
جنهن جي گود ۾ ان وقت ٻن مهينن جي ڇوڪري مارئي
نالي هئي.“ وينجهار ص 17)
نامور نقاد کي معلوم هجي ته ’سهيڙ‘ جو اصول آهي ته ڪنهن به
واقعي بابت جيڪي به روايتون جيئن ملنديون آهن، اهي
اکر به اکر ائين ڏبيون آهن. سو مذڪور ڪتاب ۾
منهنجي موڪليل اها هڪ روايت ناهي، بلڪ ڏهه- يارنهن
روايتون آهن، جيڪي ڪتاب جي صفحي 57، 58، 127، 129،
130، 131، 205، 206، 207، 208، 209، 210، 211،
212، 261، 262 ۽ 263 تي موجود آهن.
اهي سڀيئي روايتون مون کي مختلف رواين کان جيئن مليون، تيئن
هوبهو ڊاڪٽر صاحب ڏانهن موڪليون ويون. اهڙيءَ طرح
مارئيءَ بابت سڄي سنڌ مان مليل روايتن کي سامهون
رکي شاعرن جي ڪلام ۽ تاريخ جي ڪتابن مان حوالا
وٺي، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب جي منڍ ۾
هڪ عالمانه مقدمو لکيو آهي، جيڪو داد جي
لائق آهي، پر افسوس جو اهو عالمانه مقدمو
جنجهي صاحب کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. آئون سمجهان ٿو ته
جنجهي صاحب کي جيڪو ڪتاب مليو آهي، ان جو شروع
وارو حصو ڦاٽي ويل آهي، ان ڪري پاڻ جناب ڊاڪٽر
صاحب جو محققانه مقدمو پڙهي نه سگهيو آهي، نه ته
جيڪر ’وينجهار وارو‘ ناقدانه مقالو ئي نه لکي ها،
۽ نه وري 1973ع ۾ جناب ڊاڪٽر صاحب کي مارئي بابت
روايتون گڏ ڪرڻ لاءِ سڄي پاڪستان جو دورو ڪرائي
ها. خير! گذري کي ياد ڪونه ڪبو. اڃا وقت ويو ڪونه
آهي، اچو ته گڏجي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب جو عالمانه مقدمو پڙهون، جنهن ۾ پاڻ فرمايو
اٿس ته:
”آڳاٽين روايتن ۾ ڀالوا جو ذڪر ڪونهي. ميين شاهه عنايت يا ڀٽائي
صاحب پڻ ڀالوا جو نالو ڪونه ٻڌو آهي.“ (مقدمو صفحو
11)
هن ڏس ۾ اڳتي هلي لکي ٿو ته:
”ڀانئجي ٿو ته ڀالوا واري روايت، ڀالوا کان ٻه ميل پري اتر طرف
هڪ کوهه تي پيل پٿر جي ڪونڊي جي ڪري شروع ٿي.
انگريزي دؤر ۾ ڪامورن کي ريجهائڻ لاءِ ڪي ماڻهو
ائين چوڻ لڳا ته اها مارئي واري ڪونڊي آهي. پوءِ
ضلعي جي آفيسرن ذريعي اها ڳالهه مشهور ٿي.“
(مقدمون ص 11)
ساڳئي مقدمي ۾ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
”ميين شاهه عنايت توڙي ڀٽائي صآحب جي بيتن ۾ مارن جي ماڳ ۽ مڪان
جا جيڪي اهڃاڻ ملن ٿا، تن ۾ گهڻي کان گهڻو ذڪر
پائر يا کائڙ جو آهي.“ (مقدمو، ص 11) ان کان پوءِ
کائڙ واري علائقي تي بحث ڪندي فرمايو اٿس ته:
”کائڙ يا کاهڙ وارو علائقو عمرڪوٽ کان 10-12 ڪوهن جي اندر آهي،
جنهن ۾ گڊڙو، ڏاهلي ۽ پارڻو تپا اچي وڃن ٿا، جيڪي
عمرڪوٽ تعلقي جي تپن ڪپلور ۽ دينور سان لاڳو آهن.
عمرڪوٽ کان ويجهائي به هڪ دليل آهي ته شايد مارئي
اتي جي هئي. ڇاڪاڻ ته عمر بادشاهه سونهي سان گڏ
10-12 ڪوهن تائين ويو هوندو. هوڏانهن ڀالوا عمرڪوٽ
کان 40 کن ڪوهه پري آهي.“ (مقدمو، ص 13)
جناب ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته: ”بيتن جا ٻيا ٽاڻا پڻ کائڙ
واري جوءِ سان لڳن ٿا. جيئن ته:
سنجي سنجي کوهڙا، ويڙهي ويا ورت.
(شاهه)
وجهي جر جنڊن ۾، ڪوڏان ڪن ڪهون.
(شاهه)
سنجڻ جي معنى آهي- کوهه جي نارن مان سمندڙ پاڻي. سنجي سنجي يعني
چڪائي گڏ ڪري ڪڍڻ. کائڙ واري ٿر جا کوهه اڪثر ڪري
’پار‘ اجهاڳ يا پاتاريا آهن، پر ريجاوان آهن، جن ۾
نارن جو سيمي وارو پاڻي گڏ ٿئي ٿو.
ٻيءَ سٽ ۾ ’جنڊن‘ جو ذڪر آهي، جنڊو معنى ڪاٺ جو ٺهيل ڪجائو،
جيڪو گڏهه جي پٺن تي ٻڌي، ان ۾ جوڙي دلن جي وجهي،
پري کان وڃي پاڻي آڻجي. ’پارڪر‘ ۾ جنڊن جو رواج
بلڪل ڪونهي، پر کائڙ ۾ آهي، جيئن مقامي اُچار موجب
جنڊن کي چون ’جينترو‘. (مقدمو، صفحو 11)
جناب ڊاڪٽر صاحب جي مٿئين تبصري مان اهو ثابت ٿيو ته مارئي
پارڪر جي نه پر کائڙ جي رهاڪو هئي، ۽ ڀالوا واري
روايت فقط انگريز دور جي بي بنياد روايت آهي، جنهن
کي ڪابه اهميت ڪونه آهي.
هن سموري بحث مان اميد ته جناب ادي الهداد صاحب کي اها تسلي ٿي
ويئي هوندي ته مارئي ڀالوا جي نه پر عمرڪوٽ جي
آسپاس واري علائقي ”کاروڙي“ جي رهاڪو هئي. جيڪا
ڳالهه شاعري، تاريخ ۽ آثارن مان ثابت ٿي چڪي آهي.
حوالا ۽ واڌارا
محمد عثمان ڏيپلائي (مرتب) ’شاهه جو رسالو‘ (پاڪيٽ سائز) صفحو
584، ڇاپو پهريون، سال 1963ع، شيخ غلام علي اينڊ
سنز حيدرآباد.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) ميين شاهه عنايت جو ڪلام“ صفحو
50، ڇاپو پهريون، سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) شاهه جو رسالو صفحو 397ع، ڇاپو
پهريون سال 1977ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه حيدرآباد،
نوٽ: هي رسالو سسئي جي سر سان شروع ٿيندڙ اٺن آڳاٽن رسالن ۽ ٻن
ٻين پراڻن سالن جي متن تي مشتمل آهي، جيڪي رسالا
1165هه کان 1207 تائين واري دور جا لکيل آهن. انهن
رسالن ۾ بيتن جو وڌ ۾ وڌ تعداد 1829 آهي. هي رسالا
جيئن ته گنج کان اڳ جا لکيل آهن، ان ڪري انهن کي
”پهرين دور جا رسالا“ ڪوٺي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي (مرتب) ’شاهه جو رسالو جلد 3‘، صفحو 68،
ڇاپو پهريون، سال 1963ع، ڪمشنر صاحب جو ڇاپخانو
ڪراچي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) ميين عنايت جو ڪلام، صفحو 60،
ڇاپو پهريون، سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
سنڌ.
محمد عثمان ڏيپلائي (مرتب) شاهه جو رسالو، صفحو 286، ڇاپو
پهريون، سال 1951ع، دفتر لطيفي حيدرآباد سنڌ.
مولانا محمد ابراهيم بختيارپوري (مرتب) ’شاهه جو رسالو‘ صفحو
874، ڇاپو پهريون سال 1931ع، هيمنداس ڪتبخانه
ڇاپخانه سکر.
قاضي علي ميان ’شاهه جو رسالو‘ صفحو 377، ڇاپو پهريون، سال
1340هه مطابق 1921ع مطبع ڪريمي بمبئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب) ’شاهه جو رسالو‘ صفحو 578، ڇاپو
پهريون، سال 1974ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڪميٽي ڀٽ ساهه حيدرآباد.
هي رسالو ڪلياڻ جي سُر سان شروع ٿيندڙ ٽن آڳاٽن قلمي رسالن جي
متن تي مشتمل آهي، جيڪي رسالا 1269هه کان 1270هه
واري دور جا لکيل آهن. جيئن ته هي رسالا گنج کان
پوءِ جا لکيل آهن، ان ڪري هنن رسالن کي ”ٻئي دور
جا رسالا“ شمار ڪيو ويو آهي.
محمد سومار شيخ (مرتب) ’شاهه جا گم ٿيل بيت، سر مارئي‘، صفحو
26، ڇاپو 1956ع سال 1956ع، لطيف پبليڪيشن بدين.
1955 ۽ 1956ع ڌاري شيخ صاحب کي ڪي شاهه جا پراڻا رسالا مليا، جن
۾ ڪن سرن جي پويان زائد بيت هئا، انهن کي شاهه
صاحب جو ڪلام سمجهي، مرحوم شيخ صاحب ترتيب ڏيئي
ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو ۽ اهي بيت ڏيپلائي صاحب
ماهوار ’انسان‘ جي مختلف پرچن ۾ پڻ شايع ڪيا. انهن
ڪتابن توڙي بيتن جي مٿان عنوان هو: ’شاهه جا گم
ٿيل بيت‘، جن تي علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم سخت
تنقيد ڪئي: آخر 6-7 سالن کان خود شيخ صاحب قبول
ڪيو ته برابر اهو ڪلام شاهه جو ڪلام ڪونه آهي.
(11) تاراچند شوقيرام (مرتب) ’شاهه جو رسالو‘ صفحو 576، پاڇو
پهريون، سال 1900ع سرڪاري کاتو بمبئي.
(12) قاضي عبدالڪريم ’شاهه جو رسالو‘ صفحو 377 ڇاپو پهريون، سال
1329هه مطابق 1911ع مطبع فتح الڪريم بمبئي.
(13) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (مرتب ۽ مصحح) ’رسالو غلام محمد
خانزئي جو‘ صفحو 478، ڇاپو پهريون، سال 1985ع شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد.
(14) خانبهادر محمد صديق ميمڻ (مرتب)’شاهه جو رسالو‘ صفحو 434،
ڇاپو پهريون، سال 1951ع، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد.
(15) مولانا غلام مصطفى قاسمي (مرتب) ’شاهه جو رسالو‘ جلد 2
صفحو 695، ڇاپو پهريون سال 1951ع، بشير اينڊ سنز
جهونا مارڪيٽ ڪراچي.
(16) مرزا قليچ بيگ (مرتب) ’شاهه جو رسالو‘ صفحو 862، ڇاپو
پهريون، سال 1913ع هنسراج پرنٽنگ پريس سکر.
(17) محمد سومار شيخ (مرتب) ’شاهه جا گم ٿيل بيت‘ سر مارئي،
صفحو 8، ڇاپو پهريون سال 1956ع، لطيف پبليڪيشن
بدين.
(18) محمد سومار شيخ (مرتب) ’شاهه جا گم ٿيل بيت‘ سُر مارئي
صفحو 33، ڇاپو پهريون سال 1956ع، لطيف پبليڪيشن
بدين
(19) “ “ “ “ “ “ صفحو
42
(20) “ “ “ “ “ “ صفحو
43
(21) قاضي فتح محمد ’شاهه جو رسالو‘ صفحو 446، ڇاپو پهريون سال
1886ع مطبع فتح الڪريم بمبئي.
(22) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ميين شاهه عنايت جو ڪلام‘ صفحو
51، ڇاپو پهريون سالن 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ.
(23) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’ميين شاهه عنايت جو ڪلام‘ صفحو
70، ڇاپو پهريون سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ.
(24) “ “ “ “ “ صفحو 51
“
(25) “ “ “ “ “ صفحو 51-
52 “
(26) “ “ “ “ “ صفحو
55 “
(27) مير علي شير قانع، تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو) صفحو 103،
ڇاپو پهريون، سال 1957ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد
سنڌ.
(28) سيد محمد طاهر نسياني ’تاريخ طاهري‘، فارسي صفحو 36، ڇاپو
پهريون، سال 1988ع “ “
(29) منگهارام روجها، پراڻو پارڪر، ديباچو صفحو 8، ڇاپو ٻيو،
سال 1988ع “ “
(30) “ “ “ “ “ “ “ “
(31) مولانا غلام محمد گرامي (ايڊيٽر) سہ ماهي مهراڻ 1- 1967ع ص
199، “ “
مددي ڪتاب
اهي سڀ شاهه جا رسالا ۽ تاريخي ڪتاب، جن جو ذڪر هن مقالي ۾ آيل
آهن. |