سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :2

لافاني ڪلام

مخدوم امين محمد ”امين“ صديقي رح

(1254هه – 1303 هه)

ڪيائين ڪونه قياس،

ٽَڪَر مون کي ٽولي ويو.

هيڪلڙي جو حَب ۾،

مرون کائيندا ماس،

رَندن ۾ جنهن کي رولي ويو.

وَس نه ويچاريءَ جي،

وڇوڙي وسواسُ،

ڀينر مون کان ڀولي ويو.

پسڻ خاطر پرينءَ جي،

هينئڙي منجهه اُداس،

ادا ڪنهين اولي ويو.

تپي پاهڻ پَٻ جا،

ساڙن مُئيءَ جو ساس،

جهنگن ۾ سو جهولي ويو.

ڪيم ڪيچيئڙن لئي،

رهاڻِن کي راس،

چيري منجهه چولي ويو.

پُني پرٽياڻيءَ جي،

آيل اهڙي آس،

ڏونگر مون کي ڏولي ويو.

”امين“ اوٺيئڙن جي،

اندر منجهه الاسُ،

ٻاروچل مون کي ٻولي ويو.


 

 

پريان پنڌ ڪري، ڏوران جي اچن،

سائين سندا تن، ڏکندا ڏُور ڪرين.

- مخدوم نوح رحه

 

شاعري

 

 

”...... شاعر روزمره جي واقعن ۽ حادثن وغيره وغيره جو مشاهدو ڪري ٿو، عجيب و غريب حالات مان گذري ٿو، کيس ڪيترن ئي قسمن جون ڳالهيون پيش اچن ٿيون، ڪيئي تجربا ۽ تجزيا ڪري ٿو، تنهنڪري پنهنجي ڪلام ۾ اهو سڀڪجهه ڪِناين، اشارن، استعارن ۽ تشبيهن وغيره سان لکي ٿو. شاعرن جي مي پرستي، ميخانه نوازي، ساقي جي مي فروشي، ساغر و پيماني جي گردش، رندانه و قلندرانه گفتا، عاشق و معشوق جون رمزون ۽ گل و بلبل وغيره جي پردي ۾ مختلف گروهن، طريقن، فرقن، زاهد و عابد، مفتي و ملا ۽ محتسب وغيره، پيري و مخدومي جي ظاهري داري جي خبر گيري سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي موضوعن تي نڪته چيني ڪندي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ مان به نه گسندو ۽ نه مڙندو آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت ذاتي تعريف ڪرڻ مان به نه ڍاپندو آهي. شاعر اهو سڀڪجهه آل جال ۽ آزاديءَ سان لکي ويندو آهي جو ڪوبه شخص تقرير يا نثر ۾ نه چئي سگهندو آهي. شاعر معاشري جو بيباڪ نقاد آهي. هو اهڙي ته خوبصورتيءَ سان سڀڪجهه ادا ڪري ويندو آهي جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ ذهني چُر پُر مچائي ڇڏيندو آهي ۽ جن تي به تنقيد ڪندو آهي ته هو دماغي ۽ ذهني طرح مجبور ٿي اندر جو اندر ۾ حقيقت کي بنا دير جي تسليم ڪندا آهن. شعر ئي اهڙي معرفت آهي، جو نثر کان بالاتر ۽ لازوال ٿيندو آهي، مگر شرط هي آهي ته شاعر، شاعر هجي.....“

 

- مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“

(”بي پير اکيون“ ڪتاب جي مُهڙ مان اقتباس)

 

مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“

غزل

دردن غمن کي ڪيئن ڪري کائي کپائجي،

او خود ڪفيلِ رنج و محن ڪجهه، ٻڌائجي.

چهرو چغل ٿئي ٿو ڀلا ان کي ڇا ڪجي،

سوز و گداز عشق جو ڪيئن ڪيئن لڪائجي.

حاذق جو وس هلي نٿو مجبور ٿي پيو،

اي ساقي دل جي آڳ تي پاڻي ڪو نائجي.

صحرائي زهد ۾ اڙي زاهد ڪي پوک گل،

لڙڪن جو مينهن خشڪ زمين تي وسائجي.

ويجهو اچڻ جي لاءِ نه تيّار جو ٿئي،

غيرت چوي ٿي تنهن ڏي قدم ڪيئن وڌائجي.

جنهن کي ڪجي ٿو خويش سو بيگانو ٿيو وڃي،

دنيا ۾ پاڻ کي به نه پنهنجو بنائجي.

لامذهبي به مذهبي قيدن جان قيد آهه،

ڪنهن اهل دل کي سور هي ساري سڻائجي.

اولاد جو هئاسون ته البيلايون هيون،

مائٽ ٿيڻ کان پوءِ ٿي هيڻپ هلائجي.

حجرو يا خانگاه نه جائي پناه ٻيئي،

رندن سان ميڪدي ۾ ٿي عزتّ بچائجي.

اي بُت فروش اٿ اٿي تون دل فروش ٿي،

ڪنهن بي نياز آڏو وڃي سر جهڪائجي.

وٺڻو جي ڪنهن کي آهه ڪو دشمن کان انتقام،

اخلاق پنهنجي پاڻ ۾ ويتر وڌائجي.

پي پي وري به پيئجي مستي اندر اچي،

ساقي کي پنهنجي نرگسي گهورن سان گهائجي.

وعده خلافي ”طالب مولا“ نه ٿي سگهي،

هن سان نڀائبو پيو ۽ پيو نڀائجي.

 

نياز همايوني

آءٌ ڏوهي آهيان

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

مون سچيءَ دل سان نه تنهنجي واسطي سوچيو ڪڏهن،

جيڪڏهن سوچيو ته پنهنجي لاءِ ئي سوچيو سدا،

۽ ائين ئي پنهنجي ڪارڻ آهه مون لوچيو سدا،

پر نه ڀُلجي ڀي ڪٿي تولاءِ مون لوچيو ڪڏهن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

مون ڪئي دعوا ته توتي، جان ڀي قربان آهه،

جان ڇا هي، مال ڀي املاڪ ڀي صدقي ڪندس،

حُبَّ تنهنجيءَ لئي چيم؛ هيءَ دين ۽ ايمان آهه،

تو مٿان ڌرتي ته ڇا، افلاڪ ڀي صدقي ڪندس.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

مون چيو عشق آهه مون کي تنهنجي آزاديءَ سان،

تنهنجي خوشحاليءَ جا مان خواب لهندو ٿي رهيس،

جنهن به ظالم ويرَ پاتو، تنهنجي آباديءَ سان،

تنهن جو سر کڻندس، قسم اُن لاءِ کڻندو ٿي رهيس.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

مون چيو هي ڪنڌ جهڪڻو ناهه ڪنهن جابر اڳيان،

۽ نڪي سودو ڪندس پنهنجي اُصولن جو ڪڏهن،

سر تي آئي ته به نه ٿيندس سانت ڪنهن اَمر اڳيان،

ڇا به ٿي، انسان ڪوڙو ٿي نه قولن جو ڪڏهن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

اڄ ٿو دل کولي ڪريان اظهار تو سان اي وطن،

منهنجي توسان ڪا مُحبت، ڪا سچائي ڪانه هئي،

مون ڪيا جي قول ۽ اقرار تو سان اي وطن،

تن جي اصليت ۾ ڪا، لائي سجائي ڪانه هئي.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

وقت جئن بدليو، هوائن جا به رُخ بدليا تيئن،

مان به سانڊي وانگ ڪئي رنگ بدلائڻ لڳس،

ڪوڙ تي ڀاڙي ڇڏيم، ڪَو سچَ کان کائڻ لڳس،

وقت جي جئن وهَڪ هئي، ويچار ٿي اُٿليا تيئن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

منهنجي خود غرضي مونکي گِهلي وڌو اوڙاهه ۾،

خواهشن کي بُت بڻائي آءٌ پوڄيندو رهيس،

مُشڪليون آسان اِتان ٿينديون، هي سوچيندو رهيس،

پنهنجو ٻوٽو ٻارجي، ڀل پيا پون آڙاهه ۾.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

مون ڪيو قربان پنهنجو پاڻ، ڪوڙي شانَ تان،

آئڙي دل سان نه آزادي اُها ڇڏڻي پيم،

پر غلامي راس آئي، جنهن سان لِڇ ڳنڍڻي پيم،

ريس پنهنجو پاڻ تي آئي ٿي اِهڙي مانَ تان.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

مون جُهڪايو ڪنڌ پنهنجو هير جي جابر اڳيان،

۽ اُصولن تي وڃي سودو ڪري سرهو ٿيس،

هي ڪُڌو ڪم هو تڏهن ڀي ڪين مان ارهو ٿيس،

سانت ٿي وئي منهنجي غيرت وقت جي آمر اڳيان.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

اڄ به ناهيان ماٺ ساڳي هام هڻندو ٿو رهان،

هي رُٺل ماحول دُلبي سان سرچائڻ جي لاءِ،

اي وطن مان تنهنجو آهيان، توتي مرندو ٿو رهان،

هيءَ به هڪڙي کيڏ آهي شرم پرچائڻ جي لاءِ،

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن!

 

تنوير عباسي

سپنا ساڀيا ٿيندا،

ايندا ساجن ايندا.

تو نه ڳالهايو، مون نه ڳالهايو،

تو به سمجهو ۽ مون به سمجهايو.

 

 

مون کي ڪين ڇڏيندا،

مون کي ڪيئن ڇڏيندا.

ڇو ڀلا کولي در ڏٺئي ٻاهر،

مون ته در تنهنجو ڪين کڙڪايو.

 

 

هو جاڏي ڀي ويندا،

موٽي مون ڏي ايندا.

مون ته دل ۾ رکيو دٻائي درد،

پو ڀلا ڪونج ڇا لئه ڪُرلايو.

 

 

هو ڪنهن جا به نه ٿيندا،

ٿيندا منهنجا ٿيندا.

پنهنجي ناڪام عشق کي ڪنهن نيٺ،

ڪائنات ۾ خدا ڏي ڦهلايو.

 

تاج بلوچ

غزل

امبر تي چمڪيا،

لڙڪن جا تارا.

ڌيان ڇڪائي نه سگهيا،

سنڍ نسل جا واڪا.

تنهائيءَ جو رڻ پٽ،

ڪم آيا اوجاڳا.

ننڊ ۾ هلندي هلندي،

ڦٽجي نيڻ پيا.

جسم جي خاموشي،

روح جا واڪا ها.

جيون جي هر پل ۾،

رسوا ٿيا سپنا.

تو کي سوچيندي،

رنگ بدن ۾ مهڪيا.

 

امداد حسيني

هيلوڪو وري آ

هيلوڪو وري آ- هيلوڪو وري آ.

ڄاريين دود ڦُلا گُرگالُون، گولاڙا ٻي مَڪَ پڪي،

دير سوير به اچڻو آهين، آهم اهڙي پَڪَ پڪي،

هيلوڪو وري آ- هيلوڪو وري آ.

وَلر وَهين جا ايندا آهن، ويندا آهن مَڪَ چُڳي،

ايندين تون ته نه ويندين واپس، آهم اهڙي آس رُڳي،

هيلوڪو وري آ- هيلوڪو وري آ.

بادل وانگي برسي ويندين، هن جيون جي بُٺَ مٿان،

ڏکڻان ايندين اُتران ايندين، ويسَ وسَڻ جا ڪري ڪٿان،

هيلوڪو وري آ- هيلوڪو وري آ.

ڪارونجهر جي ڪورَ مٿاران، مورَ ٽَهوڪو ماري ٿو،

سُڏڪي سُڏڪي توکي ڪوئي، تنهنجو پنهنجو ساري ٿو،

هيلوڪو وري آ- هيلوڪو وري آ.

 

محمد علي ”جوهر“

زماني ۾ نظر آيو نه سهڻو يار تو جهڙو،

ڏٺم ڏاڍو گهمي ڪونهي ڪٿي ديدار تو جهڙو.

دوناليون ديد جون سامهون کڻي سهڻا سوين آيا،

ڪيو اهڙو سِڌو دل تي نه ٻئي ڪنهن وار تو جهڙو.

ڀلي مائون حسينن جون هڻن ڊاڙون مگر دلبر،

نه ٻي ڪائي ڄڻيندي ماءُ سهڻو ٻار تو جهڙو.

بنا خوشبو جي گل آهن، گُلابي گل نه آ موتيو،

بڻايان پيار مان جنهن کي ڳچيءَ جو هار تو جهڙو.

مان تنهنجي ناز تان صدقي مان تنهنجي پيار تان قربان،

پرين پيارا اچي ٿو ڪونه ڪنهن کي پيا تو جهڙو.

پَٽن تي ٽُوههَ جان سهڻا پيا آهن سوين ”جوهر“،

مگر ڪونهي مِٺو ماکي مکڻ مَنٺار تو جهڙو.

 

عنايت بلوچ

دونهون ۽ رک

سامهون هڪ سگريٽ دکي ٿو،

ان جو ڳُوڙهو، گهاٽو دونهون،

ڪنهن ڇوريءَ جي واسينگن جان،

گهنڊڙيون، وڪڙ وَرَ وراڪا،

گوهيون کائي گم ٿئي ٿو.

دونهين جو انداز عجب هو.

وَرَ وڪڙن جو ڪو ته سبب هو.

ناز ڀري ڪنهن ناريءَ شايد

هي سگريٽ جلايو هوندو

ڪش ڀري ڪي پُرڪش پُرڪش،

ان کي اڇلي، ٿُڏي لتاڙي، ٻيو سگريٽ دکايو هوندو،

هي سگريٽ پيو ٺوڪر کائي،

دکندي جلندي نيٺ وساڻو،

ڪنهن مجبور جوانيءَ وانگر.

ان سگريٽ جيان ڪو ويٺو عمر گذاري دکندي جلندي،

ڪنهن جي ڦوهه جوانيءَ شايد،

مُرڪ، شرارت ۽ شوخيءَ مان ان ۾ آڳ لڳائي هوندي،

آڳ لڳائي، مُرڪي مهڪي، پنهنجي ماڳ تي موٽي هوندي.

ڪنهن جو تن من ڀورا ڀورا،

هن جون سوچون لوچون دونهون دونهون،

جڳ ۾ تن جو ڪوبه نه سونهون،

جذبا اڌما جلندي جلندي رک به ٿي ويا،

رک اڏاڻي دونهين وانگر.

دونهون ساري جڳ ڏٺو پئي،

رک جو نانءُ نشان به ناهي،

رک جو نانءُ نشان به ناهي.

 

محبوب سروري

غزل

جهان فاني ۾ مردن جي عمر ٿوري آ،

وڙهن جي موت سان، مڙسن جي عمر ٿوري آ.

غمن جي ڀيٽ ۾ خوشين جي عمر ٿوري آ،

رئڻ جي عمر کان ٽهڪن جي عمر ٿوري آ.

وڏي ڄمار ٿي بزدل ۽ بوالهوس کي ملي،

مگر گهڻو ڪري گهوٽن جي عمر ٿوري آ.

چُڙِي چُڙِي ٿا مرن چاپلوس ۽ چمچا،

سچن ۽ صاف گو ماڻهن جي عمر ٿوري آ.

گدڙ جئي کڻي سَؤ سال ته به گدڙ سڏبو،

عجيب ڳالهه آ، شِينهَن جي عمر ٿوري آ.

اسان ته ڪونه ٻڌو جنگ ۾ مئو ڪوري!

جوان جنگجُو جوڌن جي عمر ٿوري آ.

رَلي جي موت کان ميدان ۾ مرڻ بهتر،

دلير ديس جي دودن جي عمر ٿوري آ.

هميشہ گهوٽ ۽ گهوڙا مرن لڙائيءَ ۾،

گڏهه جيئن گهڻو، گهوڙن جي عمر ٿوري آ.

ويا هي ماڳ ڇڏي، هاءِ هاءِ هنج لڏي،

اسان جي ملڪ ۾ مورن جي عمر ٿوري آ.

ڳجهون ۽ ڪانگ زماني م بيشمار ڏٺم،

۽ ڀانئجي ٿو عقابن جي عمر ٿوري آ.

جي بادشاهه جي هٿ تي وهڻ سان خوب وڻن،

ڏسو ته واقعي بازن جي عمر ٿوري آ.

جين غلام، غلاميءَ ۾ ٿا وڏو عرصو،

خدا جو شان آ! شاهن جي عمر ٿوري آ.

خدا به آهه کَرَن کي وڏي ڄمار ڏني،

مگر اي ”سروري“، سهڻن جي عمر ٿوري آ.

 

انور هالائي

تحقير عشق، حسن مان زائل ڪئي اٿئون،

پٿر جي دل به پاڻ ڏي مائل ڪئي اٿئون.

دار و رسن تي پهچي سندءِ آبرو رکي،

تقريبِ عشق نيٺ مڪمل ڪئي اٿئون.

تدبير تنهنجي ڪابه نه ٿي ڪارگر سگهي،

تقدير تنهنجي پاڻ سان شامل ڪئي اٿئون.

ڀل ڪير ڀي کٽي پر همت ڪري اچي،

دل تنهنجي دل سان هاڻ مقابل ڪئي اٿئون.

مقتل ۾ اڄ لهو جا ٿا دريا وهن ڏسو،

تڪميل آرزو ڪفِ قاتل ڪئي اٿئون.

تو سان ملي به آه ٿيو احترام هي،

سرهاڻ ساهه جي حدِ فاصل ڪئي اٿئون.

گرداب ساڻ دوستي مقصودِ زندگي،

متروڪ جستجو لبِ ساحل ڪئي اٿئون.

جلوو پسڻ جي واسطي بي ساخته اچي،

دامانِ ڪوهِ طور تي منزل ڪئي اٿئون.

ڦاسائي پاڻ زلفِ گره گير ۾ وري،

ساري حيات پاڻ تي مشڪل ڪئي اٿئون.

تخليق ڪائنات ۾ تنهنجي اڳيان جهڪي،

پيشاني پنهنجي سجده جي قابل ڪئي اٿئون.

”انور“ نگاه ناز جا پيمانا جام پي،

هڪ گوناگون بيخودي حاصل ڪئي اٿئون.

 

استاد بخاري

غزل

جيءَ ۾ پيهي جڳ کي ڏس،

در تي بيهي دڳ ڏي ڏس.

پٺتي لوڻو هڻ پر جلدي،

اکيون ڦاڙي اڳ تي ڏس!

ٿر جي تر تي ڇانو ڳِجهن جي،

موت مٿان ٿو اڏري ڏس!

ساگر ڇو ٿو ڇڇڪي، ڇڏ،

پائر پيو ٿو ڦٿڪي ڏس!

زخمي ساحل، اُٿلِي ساگر-

لوڻ ٿو هرهر ٻُرڪي ڏس!

شاه اياز، استاد رڳو ڇو،

دانٽي، نٽشي، گوئٽي ڏس!

 

عبدالقيوم ”صائب“

غزل

ڪنهن سانگ تي ڪشتو کڻي، نڪتو ته هوس،

توتي رکي منهنجا ڌڻي، نڪتو ته هوس.

مقصد سندم هو ڪنهن طرح اُڀ تي رسڻ،

سو ڪاروان جي ٿي پڻي، نڪتو ته هوس.

جي زندگيءَ جا مرحلا روڪين ٿا،

اڄ تن کي ٽاري، دم هڻي، نڪتو ته هوس.

منهنجي نه وس ۾ هو مگر، همت ڪري،

حاصل ڪرڻ، هيري ڪڻي، نڪتو ته هوس.

سؤدو ڪرڻ، سڦرو اگر، ايندو نه هوم،

سوداگرن جو گُر بڻي، نڪتو ته هوس.

هن حال ۾ جي حسن ليکيو ته به چڱو،

سرمو وجهي، ڏيئي ڦڻي، نڪتو ته هوس.

بيخوف ٿي، مڙسي ڪري، محفل منجهان،

ڌاڙو هڻي، هُن کي کڻي، نڪتو ته هوس.

ڳالهيون کڻي، ڪهڙيون به ڪن، خود ڳوٺ ۾،

گهوڙي چڙهي،ڪنهن کي وڻي،نڪتو ته هوس.

حالانڪ يارن کي صفا وسري ويس،

سورن منجهان، ڇٽجي ڇڻي، نڪتو ته هوس.

هو گهاءُ تيرِ چشم جو گهرو مگر،

”صائب“ سَهي اک جي اڻي، نڪتو ته هوس.

 

احمد خان آصف مصراڻي

 

ٿئي پيدا نه شل ڪنهن جي به دل ۾ ڪا غلط فهمي،

غلط ڪم ٿي ڪرائي، ڪيترا سارا غلط فهمي.

پيارن کي پيارن کان پراهون ٿي ڪري پَل ۾،

جُدايون ۽ وڇوڙا ٿي وجهي ويڇا غلط فهمي.

محبت ۽ مودت ۽ مروت کي ڇڏي ساڙي،

کڻي سمجهو،ڀَڀڙ ۽ باهه جا ڀڙڪا غلط فهمي.

اچي شڪنجي شڪ جي ۾ ڪُسي ويا ڪيترا ڪونڌر،

ڪرئي ڪِيس توڙي ڪَيس ٿي ڪيڏا غلط فهمي.

پکيڙي زهر ڪلفت ۽ ڪدورت جو ٿي دلين ۾،

حسد ۽ بُغض جو مادو ڪري پيدا غلط فهمي.

وجهي ٿي هوش تي پردو ڏياري جوش ۽ جولان،

سياڻا سمجهه وارا پڻ ڪيا چريا غلط فهمي.

تباهي توڙي بربادي ته هن جو هڪ ڊرامو آهه،

جهُڳا جهڻ گهر اجڙ ۽ چٽ ڪري پاڙا غلط فهمي.

غلط فهمي ۾ پئجي تون غلط ڪم ڪين ڪر ”آصف“،

دُرستي دل ۾ آڻي ڇڏ ڪندي پو ڇا غلط فهمي.

 

محسن ڪڪڙائي

وائي

اندر جو احوالُ-

آيَلِ، ڪنهن سان اوريان؟

مون کي، منهنجي مُلڪَ جا، ماڻهو سمجهن مالُ-

آيَلِ، ڪنهن سان اوريان؟

جُوٺو جَڳُ، جُوٺا پرِين، جيئَڻُ به ته جنجالُ-

آيَلِ، ڪنهن سان اوريان؟

ڪائِي ڪَهلَ نه ڪُڙم ۾، هَئه هَئه ههڙو حالُ-

آيَلِ، ڪنهن سان اوريان؟

جاڏي ڪاڏي جُوءِ ۾، ٻارَڻُ، ٻائيتالُ-

آيَلِ، ڪنهن سان اوريان؟

”محسن“ هِيئَن نه هوءِ جو، ڀُونءِ ٿئي ڀُونچالُ-

آيَلِ، ڪنهن سان اوريان؟

 

مرزا عباس علي بيگ

غزل

آهي اچڻو رنگ و بوئي صد بهاران عنقريب،

شاهدِ گل رونقِ صحنِ گلستان عنقريب.

قلب ٿيندو هن جي جلون کان درخشان عنقريب،

ذرو ذرو چمڪي ٿيندو طور سامان عنقريب.

خود ڏئي مون کي دوائي درد هجران عنقريب،

ائين ڪندو بيدرد مون تي پنهنجو احسان عنقريب.

قلب ٿيندو نذر نوڪِ تير مزگان عنقريب،

درد مٽجي پاڻ ٿيندو شانِ درمان عنقريب.

هر ستم تي هن جي سجدا شُڪر جا هر هر ڪري،

مان ڪندس موجِ تصور ۾ چراغان عنقريب.

خودبخود بنجي سندم ذوقِ وفا جي زندگي،

ڏيندو جو بيداريء الف جو سامان عنقريب.

رفتگان دهر جا ارمان جيڪي رهجي ويا،

ٿيندا سي سڀ زندگي جو ساز و سامان عنقريب.

هُو دلِ مايوس کي بخشي حياتِ جاودان،

دل جي داغن کي ڪندو رشڪِ گلستان عنقريب.

منهنجي خونِ دل جا قطرا نذرِ غم ”عباس“ ٿي،

بنجي ويندا زينتِ دامان عصيان عنقريب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com