(سفرنامو)
ويرانين جو اوپن ايئر ٿئيٽر
(ٽوڀا شاخ کان عمرڪوٽ)
نصير مرزا
ٽوڀا شاخ جي ڪناري ماڻڪ خاصخيليءَ جي بس اسٽاپ وٽ، فلائينگ ڪوچ
مان لهون ٿا. شام جا ڪاشني، ارغواني رنگ، ٿرپارڪر
جي تعلقي عمرڪوٽ تي پکڙجندا پئي ويا. مٽيءَ رنگ
ماحول ۾ پري پري ويراني ۽ سناٽو. مون واچ ۾ ڏٺو.
شام جا پوڻا ڇهه. بس اسٽاپ وٽان، ٽوپا شاخ ڀرسان
هوٽل تي اچي ويهون ٿا. هوٽل اڳيان چٻيُون ڦِڏيون
کٽون رکيل، کٽن تي ڌريل پاڻيءَ جون دکيون ۽ جست جا
ڦٽل گلاس. هوٽل جي آسپاس هلندڙ ڏٻرا ڏيل، هڙٻاٽيون
هڏ. کٽن جي سيرانديءَ پيرانديءَ ستل، مرضيل اڌ-
مئا ڪتا. ڪنڊ تي ويٺل هڪ مسڪين موچي! (ٿر ۾ غربت
جو پهريون ڏيک)
ٽوڀا شاخ مان وهندڙ ميرانجهڙو پاڻي، نڪ جي سڌ ۾ منهن کڻي، الائي
ڪيڏانهن وهندڙ. سُڪل وڻن مان پيلا پن ڇڻندڙ.
چوڌاري ڌوڙ جا دائرا. ميرپور خاص کان ڪنريءَ ڏانهن
ايندي، ڌرتي مون کي ويرانين جو اوپن ايئر ٿيٽر لڳي
ٿي. رونق نه منظرن ۾، نه چهرن تي.
ٽوڀا شاخ وٽ اسان کي، اسان جو ميزبان علي نواز خاصخيلي ۽ سندس
وڏو ڀاءُ مير محمد رسيوِ ڪن ٿا. رستو ڪراس ڪري، هڪ
هوٽل جي لانڍيءَ ۾ اچي ويهون ٿا. پوءِ انهيءَ
چانهه رنگ شام جو، چانهه سپ ڪندي، اوچتو هوائن ۾
ٿانوَن جي کڙڪڻ جو آواز ڪنايان ٿو. شام جي ڌنڌلن
پاڇولن ۾، شاخ جي ڪپر سان، ڪوئي گُڊ اولڊ مئن،
پتل، ٽامي ۽ جست جو ڀڳل ٽٽل سامان، هڪ اَن بئلنس
ساهميءَ ۾ توري، ويو پئي ڪنهن شاهي وڏي ٻوري ۾
ڀريندو. سانجهيءَ جي ٻانگ کان اڳ، شايد هي ٻڍڙو
پنهنجي پُونجيءَ کي وائينڊ- اپ پيو ڪري. پاڻ کي
پاڻ ئي جواب ڏيان ٿو، ته شايد پنهنجي وکريل
زندگيءَ کي پيو جائتو ڪري. مان منهن موڙي، هوٽل جي
ديوارن تي لڳل فلمن جا پوسٽر ٿو ڏسڻ لڳان. ايڪشن
فلمن جي انهن پوسٽرن ۾ ڇا پيو نظر اچيم؟ شعلا،
بارود، ڌماڪا، تباهي، خوف، دهشت گردي، ۽ وقت ڪيڏي
نه خوفناڪ صورتحال ۾ اچي ڦاٿو آهي. مان پنهنجي
ٻرندڙ شهر حيدرآباد ڏانهن منهن ڪري، دعا ٿو گهران.
بارِ الاها، رحم رحم رحم.
جيپ ۾، ٽوڀا شاخ کان ڳوٺ دودو خاصخيلي ڏانهن ويندي، اسين سڀ چپ.
جيپ جي ٻنهي پاسي ڪچو. ڌوڙ اڏامي اسان جي ڪپڙن ۽
وارن سان هيڪ ميڪ ٿي، اسان جون شڪليون، ٿري ماڻهن
جي مهانڊن جهڙيون بنائي ٿي ڇڏي.
نما شام مهل اچي علي نواز وارن جي اوطاق ڀرسان پهچون ٿا. جيپ جي
دريءَ مان اوندهه ۾ ٻاهر نظر وجهان ٿو. ماڻهن جا
انبوهه، جيپ کي پريان ايندو ڏسي اسان کي ’ويل ڪم‘
ڪرڻ لاءِ سلو موشن ۾ پاڻ ڏانهن وڌندا ٿا ڀاسن. جيپ
مان هيٺ لهڻ سان لاتعداد ڳوٺاڻا ۽ علي نواز
خاصخيليءَ جي خاندان جا فرد، اسان کي اوندهه ۾ ٻه
ٻه، ٽي ٽي دفعا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڀاڪر پائيندا رهيا.
ايئن سڪ اُڪير سان ملندا رهيا، ڄڻ غازي ٿي ڳوٺ
وريا هجون. جنهن هنڌ جيپ مان لهون ٿا، چوڌاري
ٽالهي ۽ يوڪلپٽس جا قدآور، سڳنڌ ڀريا ۽ خوبصورت
وڻ، وڻن جي گهيري ۾ گهيريل ڪنهن مقدس عبادت گاهه
سمان اوطاق. جهڙو پڪچر پوسٽ ڪارڊ تي وڃي نظر پئي
هئم. اوطاق جي نراڙ تي سندس تعمير جو سن لڳل هو:
1954ع. سنڌ جي نقشي مان نڪري، ڳوٺ دودو خاصخيليءَ
۾ اسان جي سويڪار لاءِ پهتل ماڻهو، جلوس جي شڪل ۾
اسان کي اوطاق جي ايوان ۾ ويهارين ٿا. کٽن تي گل
احمد جون گلن واريون چادرون وِڇيل ۽ سيرانديءَ کان
نهايت سليقي سان ريشمي طول وهاڻا ايئن ڌريل، ڄڻ هن
ڳوٺ اسان لائون لهڻ آيا آهيون. مان هڪ ريشمي وهاڻي
کي ٽيڪ ڏئي آهليس ته (عزيزو! يقين فرمايو ته) اهڙو
رليڪس مون اڳ ڪڏهن به ڪونه ماڻيو هو. اک ڇنڀ ۾
اوطاق جا بلب روشن ٿي ويا ته ماحول طلسمي محل جهڙو
پراسرار ڀاسڻ لڳم. ٻاهر خوبصورت لان. اُن ۾ وڻن جي
گهيري ۾ گهيريل اڪيلي بوگن ويليا جي ول. ٽارين تي
بنفشي گل کڙيل. ڀرسان سنهڙن سنهڙن مينارن واري
مسجد. (الله اڪبر) مينارن جي وچ مان اڀرندڙ دولهه
دريا خان جي پڳ جهڙو چنڊ. آسمان تي تارا ايئن
ڀاسيا ڄڻ ڪنهن ڪنوار جي سيج تي رابيل جون مکڙيون
پکيڙي ڇڏيون هجن. تڏهن اوچتو فضا ۾ سانجهيءَ جي
ٻانگ جا پڙلاءَ ٻُرڻ لڳم. (پالڻهار منهنجي شهر
حيدرآباد کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رک، آمين) ماني
ٽڪي ۽ ٻي اوکي پوکي مان جان ڇڏائي، ڪچهري ڪلب لڳي.
ملڪي صورتحال، ريڊيو جا مامرا، واقعا ۽ علي نواز،
انور هڪڙي ۽ بخشڻ مهراڻويءَ جون ڳالهيون، کل ڀوڳ،
ٺڪاوَ، چرچا گهٻا، ادب، شاعري، ٿر جو ڏڪر ۽ پوءِ
رات جي ڳهَر ۾، ڳالهين جي نه سمجهه ۾ ايندڙ ڀُون
ڀُون. ان ڀُون ڀُون ۾ شامل ڪو خاصخيلي، ڪو لاشاري،
ڪو مهر ته ڪو مرزا، ڪو نهڙيو ته ڪو هڪڙو، ڪو
شاهاڻي ته ڪو بنگلاڻي. هر ڪنهن جي ڳالهائڻ جو ٽون
پنهنجو. سڀ ڪچهري جا ڪوڏيا، مان جهڙو گُگ. سڀ چون
ته ريڊيو ۾ ته ڌم لايو ويٺو آهي، اڄ جهڙي ڀت.
منهنجا ڪن ڪچهريءَ ڏانهن، اکيون آسمان ۾. آسمان ۾
ڇا پيو ڏسان، ڪڪرن مان چنڊ ايئن پئي نڪري نروار
ٿيو، جيئن ٿر جي واديءَ مان کنڀي اڇي اجري گول ڦڻ
ڪڍي اڀرندي آهي.
اڌ کليل- اڌ ٻوٽيل اکين سان مون ٻڌو، علي نواز چيو پئي: هي ڀريو
ڇهون سال آهي، ٿر مينهن جو منهن ڪونه ڏٺو آهي. ڪو
ڪڪر ڀلجي به هتان لانگهائو ڪونه ٿيو آهي، آسمان
اکيون ڦيري ڇڏيون آهن. خير الله مالڪ آهي. آسمان
جي اها ڪٺورتا آخر ڪيستائين؟ نيٺ ڪڪر مڙندا، جهڙ
ڦُڙ ميگهه ملهار ٿيندا. انشاءالله وسڪاري ۾ به
اوهان کي ٿر جي رونق ڏيکاربي. في الحال ڏڪر جا
هاڃا ڏسو..... في الحال ڏڪر جا هاڃا ڏسو. علي نواز
جي هن جملي تي اوچتو سڀ سناٽي ۾ اچي ٿا وڃون. مون
آسمان تان اکيون هٽائي ڇڏيون. الائي ڇو، ڏڪر جي
ڳالهه تي چنڊ مون کي سُڪل مانيءَ جي ڪَني جهڙو لڳو
۽ ٿر واسين جون ٻانهون، ان سڪل ڪَني ڏانهن کڄيل
نظر آيون. اڀريل ٻانهن جي وچ ۾ نيرا، پيلا پلي
ڪارڊس، بينرس، پوسٽرس: ”ٿر بچايو.“ ان کانپوءِ ٿر
کي بچائڻ جو سلسلو شروع. فنڊ گڏ ڪرڻ جي سرڪاري،
نيم سرڪاري مهم، نتيجي ۾ ڏڪر تهائين وڌندو رهيو.
ٻارن، عورتن، نوجوانن، پوڙهن جي رڳن ۾ رت سڪندو
رهيو (نيچرل ڊائٽنگ). اخباري هاءِ گهوڙا،
ايڊيٽوريل، بيان بازيون، سمپوزيم، پريس ڪانفرنسون،
ورائٽي شوز، فوٽوگرافيءَ جا نماءَ، چيئرٽي شوز،
چوڌاري آسمان ڏاري ڇڏيندڙ ڪِراءِ..... (۽ عزيزو!)
امداد گڏ ٿيڻ جي باوجود ٿر اهوئي ڏکيو، اهوئي
بکيو. (ڏڪر- ڪرائسـس سيم. شيم شيم شيم) ڏڪر جي
صورتحال ڏسي مون ڪاوڙ مان آسمان کي ڏٺو. جذباتي
ٿيڻ لڳس. ليڪا لتاڙڻ لاءِ بڪواس ڪرڻ چاهيم ته
اندران ڪوئي سينسرشپ جو رولر کڻي ظاهر ٿيو. اکيون
ڳاڙهيون ڪري دڙڪا ڏيڻ لڳو. خاموش، چپ، فل اسٽاپ.
ان کانپوءِ آڌي رات جو ڪائي پراسرار سِيٽِي وڄائيندي، ڀر واري
ڪنجهيجي ريلوي اسٽيشن تان ريل لنگهي ته منهنجي
اکين ۾ ننڊ جا کيپ هئا. ’هيلو سينيشن‘ ۾ مان الائي
ڪهڙي شهر ۾ ڀٽڪي رهيو هئس. چوڏس گهوڙن جون خوفناڪ
هڻڪارون. نه سمجهه ۾ ايندڙ ماڻهن جو گوڙ، ڀانت
ڀانت جا چهرا. بارِ الاها، هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي؟
ڪنهن حملو ڪيو آهي! وايومنڊل ڌوڙ ۽ ڌماڪن جي دائري
۾ الوپ. چهرا چهرن ۾ گم. ڀونچال اهڙو جو الامان.
لڳو پاتال ۾ پيو لهان. اک ڇنڀ ۾ آسمان جو دائرو
اکين اڳيان محدود، جهڙو ٿر جو اونهو، پاڻيءَ بنا
کوهه. يا مظهرالعجائب يا مظهرالعجائب..... ڪڏهن
ايندو، هن گجگاهه ڪاري اوندهه رات جو انت؟ صبح ڪٿي
آهي؟ ڪنارو ڪٿي آهي؟ منهنجي ڌرتيءَ جو آسمان ڪٿي
آهي؟ سورج ڪٿي آهي..... پرهه ڪٿي آهي؟ بارِ الاها!
سنڌ ۾ سج کي روشن ڪر، صبح کي روشن ڪر، صبح کي.....
اُن کانپوءِ اکين ۾ ننڊ جون پنکڙيون ڇڻڻ شروع ٿيون ۽ نيڻ بند
ڪتابن جيان چهري جي لائبريريءَ ۾ سمهي پيا. فجر جي
ٿڌي مٺي وقت تي اکيون کليون. چوطرف ڀنڀرڪو. پکين
جا آواز. وڻن جي پنن ۾ هوائن جي سَرسَر. ڳوٺ دودو
خاصخيليءَ ۾ صبح جو منظر ئي انوکو. آسپاس ڏور پري
ٻنيءَ جي پيچري تي پکي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ. هيڪڙ ٻيڪڙ
هاري هيڏانهن هوڏانهن هلندڙ. چوطرف عجيب ۽ وڻندڙ
ماٺار. ماحول ۾ وشالتا. پري پري تائين سائي سائي
ڇٻر. ڇٻر مٿان ٿڌي ٿڌي ڇانوَ. ٽالهيءَ جي قدآور
وڻن هيٺان، انور هَڪڙو ۽ بخشڻ مهراڻوي، سرهاڻ ڀريل
ماحول ۾ سُرهن صابڻن سان سنان ڪن ٿا. مان اوطاق جي
لان ۾ بيٺل اڪيلي بوگن ويليا جي بنفشي گلن ڀرسان
ويهي وهنجان ٿو. لڪس صابڻ جي خوشبو، بيد مشڪ جي
مهڪار، يوڪلپٽس جي ٿڌڪار، تيز هوائون، بوگن ويليا
جا بنفشي رنگ. ڏور پري وڻن جا دائرا- ۽ مان ان
منظر ۾، باٿ ڪندي، هڪ دلچسپ ۽ پريشان ڪندڙ
ايڪٽوٽيءَ ۾ ڦاسي پيس. گوڏ ٻڌڻ مون کي مُور ڏانءِ
ڪانه اچي. وهنجڻ لاءِ اُبتيون سبتيون ڳنڍيون ڏئي
گوڏ ٻڌم ته برابر، پر چيلهه ۾ ڦٻي بيهي ئي ڪونه.
بالٽيءَ مان ڇل پاڻيءَ جي ڀري مٿان نائڻ لاءِ هيٺ
جهڪان ته ڀَو ۾ ڇل ڇڏيو کڻي گوڏ ۾ هٿ وجهان ته
متان رِسڪي نه وڃي. مٿان ويڌن اها ته هيٺان ڇٻر
مان ماڪوڙا، ’وش ملي‘ ڳائيندا، پيرن تي چڙهڻ شروع
ٿي ويا. ماڪوڙن جي چڪن جي ڀؤ کان کين پيرن تان
هٽايان ته پاڻيءَ جي ڇل ڇڏائجو وڃي. گوڏ، ڇل ۽
ماڪوڙن جي جنتر منتر تماشي ۾ گهيريل ڏسي، سڀ
ڳوٺاڻا، علي نواز، انور ۽ بخشڻ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي
کلندا رهيا. شايد منهنجي پريشاني، هنن سڀني کي
ڪوئي دلچسپ ايڊونچر لڳي رهي هئي. ڳوٺ دودو خاصخيلي
جي انهن سج جي بدلجندڙ منظرن واري ننڍڙي ڪائنات
مان نڪري، جڏهن جيپ ۾ عمرڪوٽ وڃڻ لاءِ اُسهياسين:
’هڪ ڏينهن گذري چڪو هو‘ زندگيءَ جي خزاني مان هڪ
ڏينهن مائنس ٿي چڪو هو. (اي عزيزو! ڄاڻڻ گهرجي ته
ايئن هڪ هڪ ڏينهن مائنس ٿيندو ويندو آهي ۽ هڪ
ڏينهن اوچتو خبر پوندي فِنش. زندگي ختم.)
ٽوڀا شاخ کان عمرڪوٽ ڏانهن ويندي پل پل منظر بدلجندا رهيا. مون
ذهن جو نوٽ بُڪ کولي اکين ۾ رکيو ۽ رستي ۾ ايندڙ
هر منظر ۽ واٽ ۾ ايندڙ ڳوٺن جا نالا، ماڻڪين سان
ان نوٽ بڪ تي لکندو ويس. جيپ جي دريءَ مان هر منظر
جي اهائي وينتي: ’مون کي ڏسو.‘ هر ويرانيءَ جي
اهائي التجا: ’مون کي پَسو.‘ ڪجهه سال اڳ ماٺيڻي
اوٺي جي ڳوٺ ’خانور اوٺي‘ مان موٽي، هڪ دوست کي خط
لکيم: ”مان حيدرآباد پهچي ويو آهيان، پر منهنجو
روح ايڏانهن ٿر جي ڀٽن ۾ ڀٽڪندو ڇڏي آيو آهيان، ان
جي پارت هجيوَ.“ جيپ جي دريءَ مان، هر نظر ايندڙ
ويراني مٿان مون کي پنهنجو روح ڀٽڪندو نظر آيو.
پري پري تائين پکڙيل ويران پوٺن، ڀڙڀانگ ڀٽن ۽ غير
آباد زمينن کي ڏسندي، علي نواز وري روان ٿي ويو:
”هي جيڪي آسپاس پيپر ويٽن جهڙا واريءَ جا دڙا،
نٽهڻ اُس ۾ ڀٽڪندڙ رڍن جا ڌڻ، ڀڙڀانگ چؤنرا ۽
چوڌاري ڪاريءَ وارا ڪک ڏسو پيا، اهي ڪک ڪڏهن ساوا
هئا. (’واهه!‘ مون دل ۾، بند چپن ۾، کيس داد
ڏنو.)“ علي نواز نان- اسٽاپ ٻڌائيندو رهيو: ”ٿر
برسات کانپوءِ ايئن گل و گلزار ٿيو وڃي، جهڙو
شهنشاهه ايران جو محل. ساوڪ ۽ سبزي جا اصل مخمل
جهڙا نرم نفيس، گلم غاليچا وڇائجيو وڃن. طرحين
طرحين، رنگ رنگ جا گل ڦل پنهنجو پاڻ اُڀريو اچن ۽
چؤطرف ڌرتيءَ تي گل گلزاري، اهڙا چٽ ڦل چٽيو ڇڏي
جو انهن آڏو ايراني قالين جا چٽ ڦل به جهَڪا ۽
جهِيڻا پيا ڀانئبا آهن.“ اوچتو، پري پري تائين
ميلن ۾ سڪل سڙيل گاهه جا ڪانا، ٽڙيل پکڙيل ڏسي،
علي نواز ڳالهه جو رُخ ڦيرائيندي ٻڌايو پئي ته جي
ڪو اڻڄاڻائيءَ ۾ دُکيل سگريٽ يا تيلي، هلندڙ
گاڏيءَ مان ٻاهر انهن ڪانن ڏانهن اڇلي ٿو، ته ٽڙيل
پکڙيل اهي گاهه جا ڪانا اک ڇنڀ ۾ هوا جي رخ سان
ميلن جا ميل ڀڀڙَ ٻاريو ڇڏين، تڏهن سڀڪجهه جليو
ڀسم ٿيو، رک ٿيو وڃي.“ مون ڏٺو ته بخشڻ مهراڻوي
چپن مان دُکيل سگريٽ ڪڍي يڪدم بوٽ جي کڙيءَ هيٺان
ڏئي اُجهائي ڇڏيو.
ڊوڙندڙ جيپ جي ونڊ اسڪرين مان اوچتو، پري هڪ اوٺار، هڪ زائفان ۽
ٻن ٻارن تي نظر پويم ٿي. تڏهن آواز ۾ حيرتون ۽
تجسـس گڏ ڪري، علي نواز کان انڪوائري ڪيان ٿو: ”اي
يار، عزيز دوست، بي آب و گياهه، هن برپٽ بيابان
مان، ڌر- تتيءَ جو هيءُ لُٽيل قافلو ڪيڏانهن پيو
اُسهي؟“
علي نواز ٻڌائي ٿو: ”هن ڪاڪي کي آسمان ۾ برسات جا آثار ڏسڻ ۾
آيا ٿا ڏسجن، ۽ تحقيق ته هن جون اکيون، هن کي دوکو
ڪونه ڏينديون هونديون. ڪٿان رُلي پني، موٽيو
پنهنجي ڪکن ڏانهن ٿر پيو وڃي، جيئن وسڪاري کان اڳ
پنهنجن پوٺن ۽ ٿاڪن تائين، اڳواٽ وڃي پهچي.“
مون سندس ڳالهه تي دل ۾ عاجزي اختيار ڪئي ۽ چپن ۾ چيم: ”يا
الرحمان الرحيم، يا الرحمان الرحيم! بادل ڪو
برسائي مولا، کوهه به ڪن ٿا پاڻي پاڻي.“
پاڻي پاڻي
پاڻي
پاڻي.
(۽ نهايت جلد سڄي ٿر تي بوندن بهاريون لائي ڇڏيون، ۽ ٻه وڏا
وسڪارا ٿر جو هِيانءُ ٺاري ويا. انهن ٺنڊا ٺار ۽
سُڪار ڀرين ڏينهن جي روئداد، وري ٻي قسط ۾.)
عمرڪوٽ ڏانهن ويندي مان ڊوڙندڙ جيپ مان، رستي جي پاسي کان ڳوٺن
جي نالن وارا بورڊ پڙهندو، نوٽ ڪندو ٿو وڃان. چيل
بند، ساڏوري، اُڪراڙو، کيجراڙو، حيدر فارم، جکرا،
ڏگو فارم ۽ الائي ڇا ڇا! سڀ ڪجهه ڄڻ پٺيان رهجندو
ويو. وڻ، ميدان، ماڻهو، ڏٻرا جانور، اجاڙ اجاڙ
اجاڙ، منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو. اوچتو جيپ کي بريڪ لڳو
ته ذهن جي سائونڊ پُروف ديوارن اندر آواز ٻُريو.
”جيپ جو ٽائر پنڪچر ٿي ويو آهي، هيٺ لهو.“ تڏهن سڀ
چپ چاپ هيٺ لهي ٻٻر جي ڇانوَ ۾ ٿي بيٺاسين. اوچتو
عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ هڪ کٽارا بس ڀرسان لنگهي. مون
کي ياد پيو ته رستي ۾ اسان ان بس کي پٺيان ڇڏيو
هو. بس جي ڪنڊيڪٽر، اسان جي ٽائر نڪتل جيپ کي ڏٺو،
۽ اسان جي پٺيان رهجي وڃڻ تي پنهنجي فتح منديءَ جو
اظهار ڪندي، هلندڙ کٽارا بس مان خوفناڪ ٽهڪ ڏنو ۽
در مان ٻانهن ٻاهر ڪڍي، هو هو هو، جا نعرا هڻي،
اسان جو مذاق اُڏايو.
مون بي ساخته مُرڪي پاڻ کي چيو: ”اي نصير! ماڻهوءَ جون خوشيون
به ڪيڏيون نه عجيب، وڻندڙ ۽ ننڍڙيون آهن.“ ٻٻر،
جنهن جي ڇانوَ ۾، مان، انور هَڪڙو ۽ بخشڻ بيٺا
هئاسين، اُن جي هيٺان ٻڪرين جون سُڪل ڦولڙيون ٻٻر
جو ٻج ۽ ڪنڊا پکڙيا پيا هئا. انهن قدرتي رانديڪن
کي ڏسي بخشڻ کي پنهنجي ننڍپڻ جي شايد هڪ معصوم
وندر ياد آئي. هُن ٻه
V
(وِي) شيپ وارا ڪنڊا کڻي، هر ڪنڊي ۾، ٻنهي پاسي
ڦولڙيون ۽ وچ ۾ ٻٻر جي پلڙي جو هڪ تهه ڦٻائي، هوا
جي رُخ تي جهليو ته پَلڙو، پکي وانگر فُل اسپيڊ
سان ڦِرڻ لڳو. بخشڻ کي پنهنجي ڪرت ۾ رڌل ڏسي، هڪ
دفعو وري مرڪندي پاڻ کي آگاهه ڪيم: ”اي نصير!
ويچاري ماڻهوءَ جون خوشيون به ڪيڏيون نه ننڍڙيون،
عجيب، وڻندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهن.“
اُن کانپوءِ، اسين وري جيپ ۾ عمرڪوٽ جي سفر لاءِ روانا ٿياسين.
ٿر جون ويرانيون، اسان جي جيپ جي ٻنهي پاسي، ڊوڙي
فرياد ڪري رهيون هيون. آس پاس واريءَ جا واچوڙا،
نه پکي، نه پکڻ، نه چُلهه، نه چُلهه ۾ ٽانڊو، نه
دوُنهون، نه دوُنهون دُکائيندڙ. نه ماڻهو، نه ڪا
آبادي! (۽ زماني جو قسم ته ماڻهو خساري ۾ آهي.)
ڌام- تتيءَ جو نٽهڻ اُس ۾ اسان جي جيپ عمرڪوٽ شهر ۾ داخل ٿي.
’السلام عليڪم.‘ مون قلعي جي دروازي مان اندر
ويندي، دروازي وٽ جمال شاهه جي درگاهه وٽ سلام
ورايو. آسمان تي ڄڻ جهُڙ- جهڙالا پکڙجي ويا.
درگاهه ۾ ڪوئي ننڍڙو، ڦاٽل ڪپڙن وارو ٻارڙو، مورَ
جي کنڀن واري رنگ- رتي ٻُهاريءَ سان، اڱڻ ٻُهاري
رهيو هو. اُن کانپوءِ سڀ گڏجي، باغ جي پيچري تي
لهي پياسين. سامهون نم جي وڻن ۾ گهيريل عمرڪوٽ جو
ميوزيم اسان کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيو هو. ميوزيم جي
دروازي وٽ ڌريل ڪاٺ جي تختن تي ميوزيم جا رکوال،
چوڪيدار ۽ پٽيوالا، چُپ چاپ، بنا فلٽرس وارا سگريٽ
ڦوڪي، جگر جلائي رهيا هئا. ٿر جي شاندار ڪلچر ۽ ٿر
جو مٽيريل ڏسڻ جي بي پناهه توقع کڻي ميوزيم ۾ اندر
گهڙيس. او مائي گاڊ! هي آهي ٿر جو ڪلچر؟ عجائب گهر
۾ موجود شيون ڏسندي تپرس ٿو وٺيو وڃيم. منهنجا
اڌما ڄڻ سراڻ تي تيز ٿيڻ شروع ٿي ويا. نڪ ۽ ڪنن
جون پاپڙيون ٿڙڪڻ لڳيون. هي آهي عمرڪوٽ قلعي جو
يادگار عجائب گهر؟ شيم! ڪٿي آهي عمرڪوٽ جو ڪلچر؟
ٿر جي ثقافت؟ جنهن شوڪيس ڏانهن ڏسو، مغل مخطوطه،
ديوارن تي چُغتائي جو مغل آرٽ، مغل ايمپائر. مغل
هٿيار (آن ماءِ فوٽ). دروازي وٽ بيٺل چوڪيدار کان
ڪاوڙ مان انڪوائري ڪريان ٿو: ”ڪاڪا! عجائب گهر ۾
ٿر ۽ عمرڪوٽ بابت ته ڪجهه به ڪونهي. ڇو؟“
وراڻيائين: ”صاحب! پاڻ ته چوڪيدار آهيون، بس
اِهوئي ڪجهه ڏسو پيا.“ دل چاهيو، مٿي ميوزيم جي
آفيس ۾ وڃان ۽ ان ناانصافيءَ بابت ميوزيم جي
انچارج ’ميراڻي‘ صاحب کي ڪمپلين ڪريان، پر مٿي ويس
ڪونه. مٿي وڃي ڇا ڪريان؟ جڏهن ته اِها ٻه اکيائي
مٿان کان ئي شروع ٿئي ٿي. ميوزيم جي شوڪيس ۾ رکيل
صرف هڪ مخطوطو، مون کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو.
مخطوطي جي سرورق تي لکيل هو: ”تاريخِ عهد- دارا
شڪوهه“. مان هن مخطوطي کي ڏسي مُرڪي ٿو پوان. ڪهڙو
ويچاري صوفي بادشاهه دارا شڪوهه جو عهد؟ حڪومت ئي
ڇا ڪئي هُن؟ ۽ بس قتل ٿي ويو. هُن ته تاريخ جي
پرهه ئي ڪانه ڏٺي، پوءِ سندس ڪهڙو عهد؟ اوچتو مون
کي خيال آيو: جن آڱرين هي مخطوطا لکيا، ڪٿي آهن
اُهي آڱريون؟ شايد خاڪ ٿي ويون! تڏهن ڀوَ ۾ مون
پنهنجون آڱريون رومال سان ڍڪي، اندر کيسي ۾ وجهي
ڇڏيون. شايد مون نٿي چاهيو ته منهنجون آڱريون به
ايئن رک ٿي وڃن. ميوزيم مان مايوس، نامراد واپس
موٽندي ڏٺم: ڪوئي فل سُوٽ ۾ شخص، هٿ ۾ فائيو،
فائيو، فائيو جو پاڪيٽ، ميوزيم جي ڏاڪڻين تان ڌيرج
سان هيٺ لٿو ۽ گم.
ميوزيم جي گيٽ وٽ چوڪيدار کان پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو گلاس وٺي چپن
تي رکيم ته رڙ نڪري ويم: ”ابا ڙي! ٻاڙو پاڻي!“
کارو به اهڙو جو نڙيءَ مان هيٺ لهي ئي ڪونه.
ويچارو چوڪيدار چُپ چاپ مٿي ميوزيم جي آفيس ۾ ويو
۽ ٿڌي پاڻيءَ جي دُنگي فرج مان ڪڍي آيو. پاڻي اهڙو
ٿَڌو ۽ مٺو، ڄڻ روح افزا جو شربت پيا پيئون. سج
ڪپار تي هو، تڏهن مون هڪ ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن واري
ڪاڪي کي پريان ميوزيم ڏانهن ايندي ڏٺو. اٻالا حال.
مٿي تي ميري، ٿڳڙيون ٿڳڙيون پڳ، سلوار جو هڪ پانچو
ڦاٽل. ڪلهي تي پاڻيءَ جو وڏو مَٽُ. نهايت ڌيرج
سان، هُن اُهو مٽ ميوزيم جي گهڙا- منجيءَ تي رکيو
۽ اچي اسان سان هٿ ملايائين. هٿ رُڪ جهڙا سخت، پر
چهري تي نرمي، نِمرتا، سٻاجهائي. مهانڊو اهڙو
مسڪين (جهڙو رڍَ جو هوندو آهي. وڻندڙ ۽ پيار لاءِ
اُتساهيندڙ) هُن جا اڳيان ڪجهه ڏندَ ڀڳل هئا ۽
پيرن تي ميندي لڳل هئس. هينڊ پمپ هلائي ڪنستر ڀري
کارو پاڻي نم جي وڻ کي ڏئي موٽيو ته کيس چيم:
”ڪاڪا! هڪڙي نم ڪڙي، مٿان پاڻي کارو. نُمورين جو
ذائقو ڇا ٿيندو؟“ مُرڪندي وراڻيائين: ”نم،
نِموريون ڪڙيون يا مٺيون جهلي، سا خدا کي خبر.
باقي نم ڇانوَ ته ٿڌي ڏيندي.“ تڏهن ڪاڪي جو جواب
ٻڌي لاجواب ٿي ويا هئاسين.
قلعي جي اندر ياترا ڪندي عجيب سناٽو. چُپ چپات. مارئي جنهن قيد
۾ رهي، اُن جون ديوارون گم. قلعي اندر نئون جيل
موجود هو. ان جي ڀرسان ريسٽ هائوس جي سُرمئي
دروازن، ٽائلس جي فرش ۽ جافرين واري عمارت کڙي
هئي. عمرڪوٽ جي ان ريسٽ هائوس طرف وڃان ئي نٿو.
وڏن سرڪاري ماڻهن ۽ سرڪاري عمارتن کان پري رهڻ
لاءِ مون کي منهنجن ابن، ڏاڏن ۽ اُستادن جي نصيحت
ياد هئي. ريسٽ هائوس ڏانهن وڃڻ بدران قلعي جي برج
تي ٿو چڙهي وڃان.
برج جون ڀڳل ٽُٽل ڏاڪڻيون چڙهندي علي نواز تاريخ جي روايتن جا
ورق ورائڻ ٿو لڳي. چيائين: ”اسان جي وڏن جا وڏا
ساکي آهن ته عمرڪوٽ جي نامي گرامي پهلوان نالي علي
بخش کٽياڻ کي انگريز سرڪار شرط وڌو ته 25 مڻي توب
ڪلهي تي رکي، 54 اُڀا ڏاڪا چڙهي، اُها برجيءَ جي
چبوتري تي رکندين ته سزا معاف.
”علي بخش پهلوان همٿ ڪئي. توب ڪلهي تي کڻي، اچي مچي ڪري، مٿي
پهچائي ۽ واعدي مطابق سندس سزا معاف ٿي.“ مٿي
چبوتري تي پهچي، 25 مڻي توب ڏسي، منهنجا ته پگهر
نڪري ويا. توپ جي ڀرسان بيهي مون علي بخش جي همٿ
کي سلام ڪيو ۽ چپ چاپ هيٺ لهي آيس.
منظر بدلجندا رهيا، ۽ سفر جاري رهيو.
عمرڪوٽ جي قلعي مان ٻاهر نڪرندي، قلعي جي دروازي ڏانهن اشارو
ڪندي علي نواز ٻڌايو پئي: ”دروازي جي بُرج تان،
مٿان ڪنهن گهوڙي مستي ۽ بود ۾ ٽِپ ڏنو ۽ هيٺ ڪِري
مري ويو. سندس کُر جو نشان سامهون ديوار تي هُو
ڏسو.“ مون ڏٺو ته خوبصورت ديوار ۾ گهوڙي جي کُر
گِسڪڻ سبب، چُگهه واضح نظر اچي رهيو هو.
قلعي جي ويران دنيا مان نڪري پوءِ اُن هنڌ کي ڏسڻ لاءِ روانا
ٿياسين، جتي 23 سيپٽمبر 1552ع تي، وچ بَن ۾،
’همايون‘ بادشاهه کي ’اڪبر‘ ڄائو هو. ان ڳالهه کي
به لڳ ڀڳ 5 صديون گذرڻ واريون آهن. اِن ئي هنڌ تي
همايون، اڪبر جي ڄمڻ تي مُشڪ ورهايو هو. صديون
پنهنجا ورق ورائي چُڪيون. سڀ ڪجهه ڄڻ خواب بنجي
چڪو آهي. حقيقت بس ايتري آ، جو اڌ ايڪڙ ايراضيءَ
جي وچ تي ننڍڙو مقبرو ۽ مقبري نما عمارت جي
پيشانيءَ تي لڳل سرنامو آهي: ’هتي اڪبر بادشاهه
ڄائو هو.‘
ڪٿي پري نظر ايندڙ وڻ. وڻن جي سُڪل شاخن وچ ۾ گهيريل مسجدون،
مندر، شِوالا، درگاهون ۽ مقبرا سڀ ڪجهه پٺيان ڇڏي،
اسان جي جيپ عمرڪوٽ شهر جي پُر رونق بازار ۾ داخل
ٿي. عمرڪوٽ مون کي اهڙو سُکيو ستابو شهر لڳو، جنهن
جي بازار ۾ هر قسم ۽ هر رنگ جي ماڻهوءَ تي نظر
پيم. اسڪول ماستر، پوسٽ مئن، مولوي، ڌوٻي، مهراج،
وڏيرو، هاري، ڀنگي....
ڪراسنگ وٽ ڪول ڊرنڪس پيئڻ لاءِ لٿاسين ته ڪوئي شخص چُپ چاپ اسان
جي ڀرسان لنگهي ويو ۽ پريان مُڙي اسان تي ايئن
نگاهه وڌائين، ڄڻ اتفاقي اسان تي نظر پئجي ويئي
اٿس. اُهو ماڻهو، جنهن کي ڪلف لڳل ڪپڙا پاتل هئا،
خواهمخواهه مون کي انٽيليجنس جو لڳو. مون کي لڳو
ته اهو شخص ڄڻ عمرڪوٽ ۾ ڪنهن انويسٽيگيشن جي سلسلي
۾ آيل آهي. علي نواز ٻڌايو پئي ته هندستان جي سرحد
جي ويجهو هجڻ ڪري، ماڻهن جي چُرپُر چڪاسڻ لاءِ هتي
ڪيئي ايجنسيون آهن. تڏهن مون پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽
ريڊيو ڪارڊ کي جائتو ڪرڻ لاءِ کيسي ڏانهن هٿ وڌايو
(او مائي گاڊ) مان پنهنجا ٻئي سڃاڻپ ڪارڊ گهر
وساري آيو هئس. ڊپريشن کي ختم ڪرڻ لاءِ خوشبودار
سوپاري وات ۾ وڌم ته رليڪس ٿي ويس. عمرڪوٽ جي پُر
رونق بس اسٽينڊ وٽ ميرپورخاص لاءِ بس ۾ چڙهڻ کان
اڳ مان پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ ٿو گهڙي پوان.
هوٽل ۾ اهڙي رش، جيڪا يويويل هوٽلن ۾ هوندي آهي.
ڌِڪ ڌِڪان، وَٺ وَٺان. هوٽل تي وڄندڙ ڪي بي سرا
گانا، جلال چانڊئي جون ڪيسٽون ڌماڌم لايو بيٺيون
هيون. يا الله! ٿر جي شهرن تي به جلال جو قبضو.
مائي ڀاڳي، ڪالو فقير، صادق فقير، مائي
سوني....... غضب خدا جو، ٿر واسين جو ذوق ته ڏسو!
پنهنجا فنڪار ڇڏيو، کڙتالي فنڪارن کي پيا ٻڌن.
هوٽل جي هُل هشام مان ٻاهر نڪرڻ جا جيئن جتن ٿو
ڪريان، ويتر وڃان ٿو ماڻهن ۾ ڦاسندو. چوڌاري
چانهه، بسڪيٽ، باقرخانيون، پاڻيءَ جا جَڳن مٿان جڳ
(۽ ماڻهو انهن سڀني شين هوندي به ڪيڏو اُڃيو، بکيو
۽ ڏکيو آهي) هوٽل جي ڪنڊ تي مانڊڻي. مانڊڻيءَ تان،
ٿري ڊريس ۾، هڪ ملوڪ نينگرِي، پن جون ٻيڙيون وٺي
رواني ٿي ويئي. لڳم: موناليزا، تصوير مان رنگن
سميت نظر آيم. لباس، زيور، ٿانو، چهري جا ڪٽس.
(ڪنهن چيو آهي ته سڄي سنڌ هڪ پاسي، ٿر جو ڪلچر ۽
فوڪ لور ٻئي پاسي.) سڀ ڪجهه خوبصورت هوندي به
روايتون اُهي ئي پراڻيون. بس اسٽينڊ تي زناني
اسٽاپ تي ان جو منظر ڏسان ٿو. لاتعداد ڪولهياڻيون.
سخت گرميءَ ۾ به ڪراين کان وٺي ڪلهن تائين، عاج جا
ٿلها چوڙا پاتل. چيلهه ۾ گول وڏا ڳرا پڙا (دنيا جي
گلوب جيڏا) مٿي تي گَهري رنگ جا وڏا روا. مُنهن تي
اَڌ اَڌ وال جو گهونگهٽ. (منهنجو ته ساهه منجهڻ
لڳو. ڀوَ ۾ وڏا وڏا ساهه ٿو کڻان.)
عمرڪوٽ کان ميرپورخاص پهچڻ لاءِ ڪوچ سروس ۾ چڙهون ٿا. اڙي واهه!
بس ۾ اندر ماحول اهڙو، جهڙو هوائي جهاز جو ماحول.
آرام ڏيندڙ سيٽون، درين تي گدا، ناسي پردا، جهڙو
ڪوئي سئنيما هال. اوچتو بس جي ڇت ۾ شگاف ٿيو ۽
T.V
نمودار ٿي. اڙي هي ڇا؟ ڪجهه وڌيڪ سوچڻ کان اڳ
T.V
تي انڊين فلم شروع ٿي ويئي. اوچتو ’اٺهتر‘ موريءَ
وٽ بس بيهي رهي. خبر پئي ته سامهون پُل تان اُٺن
جو وڳُ پيو اچي. دريءَ جا چاڪليٽي پردا هٽائي ٻاهر
ڏٺم. اباڙي! ايڏا اُٺ؟ ”اِهي اُٺَ ڪونه اٿئي.“
انور هَڪڙو، پنهنجي مخصوص ٽون ۾ ٽوڪيم ٿو.
”اُٺ ڪونه آهن ته پوءِ ڇا آهن!؟“
”اهي اٿئي اُٺڻيون.....“ انور ٽهڪ ڏيئي اطلاع ٿو ڏئيم.
”اوهه!“ مان اُٺڻين جي ٿڻن ڏانهن ڏسندي مُرڪي ٿو پوان. ”ونڊر
فل!“ طلسمي بس، اک ڇنڀ ۾ اسان کي ميرپورخاص
پهچايو. اتان حيدرآباد لاءِ هڪڙي عام بس ۾
چڙهياسين. لڳو، بهشت مان تڙجي دوزخ ۾ داخل ٿي ويا
آهيون. بي هنگم گوڙ، ٻڪر- ٻوساٽ، پيهه- پيهان، گپ-
گيهه. اهڙيءَ ڀيڙ ۾ ڪٿان ڀڻڪو ٻڌم: ”حيدرآباد ۾
ڪرفيو.....“ ان کانپوءِ سڄيءَ بس ۾ اهائي ڀُون
ڀُون، حيدرآباد ۾ ڪرفيو، حيدرآباد ۾ ڪرفيو. لڳم،
ڄڻ ڪنهن پنج مڻي، ڇاتيءَ تي رکي ڇڏي هجيم.
مان اکيون پوري ۽ ڪن کولي ٿو ڇڏيان. منهنجي اندر واري اوچتو
واعظ شروع ڪيو:
”اسين سڀ ليبارٽريءَ جي ٽيبل تي رکيل ڏيڏر آهيون. وقت جو جلاد،
اسان جي زندگيءَ تي مسلسل تجربا ڪرڻ ٿو چاهي.
عزيزو! ڄاڻڻ گهرجي ته وقت ۽ وقت جي جبر آڏو سڀ
هٿيار مُڏا، سواءِ وقت جي!“ |