خانصاحب عبدالله چنا
سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1969ع ۾ رسالي ”مهراڻ“ جو ”شاعر نمبر“
شايع ڪيو ويو، جنهن جي صفحي نمبر 363 تي نواب
بهاول خان لغاري جي سوانح حيات ۽ سندن ڪجهه شعر،
بيت ۽ ڪافيون نموني طور ڏنل آهن.
پروفيسر نعيم تقوي، ”سنڌي شاعريءَ جو سينگار“ ڪتاب ۾ فقير بهاول
خان صوفي جو احوال ۽ ڪلام جو نمونو ڏنو آهي.
مولانا غلام محمد گرامي صاحب، فقير صاحب جن جو
ڪلام گاهي بگاهي مهراڻ ۾ شايع ڪندا رهندا هئا.
باقي ٻيو سڀ ڪلام اڻ ڇپيل آهي.
- محمد عظيم ڪوريجو
فقير نواب بهاول خان جو هڪ ڪلام نموني طور ڏجي ٿو:
ڪافي
جن عشق کي ڪيو اثبات، تن ڪيا وڃي عدم اوتارا.
عشق جي منزل اوکي آهي، عام کي تنهن جي ڪا ڪَل ناهي،
سيئي ڄاڻن هِي بات، جيڪي هڻن ٿا اَناالحق جا نعرا.
مرد مجاهد عاشق غازي، ويا کڻي هِن دور مان بازي،
ٿي صورت سان هم ذات، نوڪ نيزي تي ڪن ٿا نِظارا.
جيڪي حق جا طالب نيهي، ڳالهه ڪريان مان تن جي ڪيهي،
هلي ٻُڌ تنهين جي لات، ڪن ٿا سير سڪندر وارا.
وٺ ”بهاول“ عشق جو گس، مرشد جي ڏَس سان تنهن کي پَس،
ڪر نفس پنهنجي کي مات، هر دم، دم تي رهه هوشيار.
آه! خانصاحب عبدالله چنا
ڪڏهن ڪڏهن موت جا بي رحم هٿ، اهڙن انسانن تائين به پهچي ويندا
آهن، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن، هڪ تاريخ، هڪ
عهد هوندا آهن. سنڌ جو ناميارو عالم، سنڌي ادب ۽
زبان سان نهايت پيار ڪندڙ، جديد ادب جو سرپرست،
ڀٽائيءَ جو عاشق، سماجي خدمتگذار ۽ پنهنجي دؤر جو
ناميارو آفيسر خانصاحب عبدالله چنا اهڙين ئي
شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو تمام
گهڻو عرصو آفيسري به ڪئي ۽ ان سان گڏ سنڌي ادب جي
مخلصاڻي خدمت به ڪئي.
مرحوم عبدالله چنا جيڪو 22- مئي 1902ع تي سنڌ جي تاريخي ۽
تهذيبي ورثو رکندڙ ڳوٺ پاٽ شريف ۾ ڄائو هو، ان
پنهنجي تعليمي زندگيءَ کان وٺي آخري دم تائين سنڌي
ادب، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ، سنڌ جي عوام کي
سکيو ستابو ڏسڻ لاءِ ڪوششن کي ٿڌو نه ڪيو.
خانصاحب عبدالله چنا جو شمار سنڌ جي اهڙين تاريخ ساز شخصيتن ۾
ڪري سگهجي ٿو، جيڪي وڏي مرتبي واري عهدي تي رسڻ
کانپوءِ به پنهنجي مقصد کان نه هٽيا هجن.
سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ وارو وقت هجي يا پاڪستان جي قائم
ٿيڻ جو زمانو، عبدالله چنا پنهنجي تجربي ۽ صلاحيتن
آهر، هر وقت ۽ هر گهڙيءَ انهن نيڪ مقصدن وارين
تحريڪن کان پاڻ کي جدا نه رکيو.
سندن علمي ۽ ادبي ذوق جو هيءُ عالم هو جو ”الوحيد“ جي ”سنڌ آزاد
نمبر“ ۾ توڙي ان وقت جي مخزنن ۾ سندس مضمون شايع
ٿيندا رهيا. 1923ع ۾ جڏهن چنا صاحب علي ڳڙهه
يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، تڏهن به هن
مولانا شبلي نعماني جي مشهور تصنيف جو سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو، جيڪو ”ترديد الزامات عالمگير“ جي نالي
سان ڪراچيءَ مان شايع ٿيو.
نوڪري سانگي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو ۽ اتي جي غريب عوام سان
جيڪي پير ڀريائين، جيڪي سهولتون ڏنائين، تن جي ياد
اڃان تائين مورو، سڪرنڊ، لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي،
شهدادپور، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي دلين ۾ موجود
آهي.
سندس زندگيءَ ۾ جيڪي شاندار ادبي سرگرميون اوج تي پهتيون، انهن
۾ سنڌي ادبي سنگت جون رهاڻيون، جشن روح رهاڻ وارا
ادبي جشن ذڪر لائق آهن. جشن روح رهاڻ يا روح رهاڻ
رسالي جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ سندس رايا، مشورا ۽
ڪوششون ڪڏهن به وسري نه سگهندا.
پنهنجي شريڪِ حيات مرحومه زينت چنا کي، جنهن کي سنڌي زبان سان
محبت رکندڙ هر اديب ۽ شاعر احترام سان ’جيجي‘
سڏيندو هو، ”مارئي“ رسالي جي جاري ڪرڻ ۾ تمام گهڻي
مدد ڪيائين ۽ هر سطح تي سندس همت افزائي ڪيائين.
اهوئي سبب هو جو ”مارئي“ ۽ ”روح رهاڻ“ جهڙن رسالن
سنڌي ادب ۾ جيڪا نواڻ پيدا ڪئي ۽ سنڌ جي عوام ۾
جيڪو ادبي ذوق پيدا ڪيو، ان جو ڦل اڄ اسان کائي
رهيا آهيون.
سندس تاريخي ڪارنامن ۾ ”ڪڇ جي رڻ“ متعلق اها رپورٽ دستاويز جي
حيثيت رکي ٿي، جيڪا رپورٽ مارچ 1965ع ۾ ڪڇ رڻ تي
هندوستاني فوج جي جهڙپ ۽ ڇاڇري تعلقي جي ڪن ديهن
تي قبضي کانپوءِ جنيوا ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي
ٽربيونل جي ميمبر جي حيثيت ۾ هن مرتب ڪئي هئي. هن
اهم رپورٽ کي بنياد بڻائي، حڪومت پاڪستان اهو ڪيس
عالمي سطح تي پيش ڪيو ۽ انهيءَ رپورٽ جي ئي آڌار
تي ٽربيونل فيصلو ڪري ڪڇ جي رڻ سان لاڳو سرسبز
علائقو پاڪستان کي ڏياريو ۽ سندس رپورٽ تي تبصرو
ڪندي سوئيڊن جي اخبارن لکيو هو ته: ”مکڻ پاڪستان
کي مليو آهي ۽ لسي هندوستان کي.“
مرحوم عبدالله چنا، جيڪا به زندگي گذاري، سا نهايت متحرڪ ۽
ڀرپور هئي. جيتوڻيڪ 1957ع ۾ سرڪاري طرح رٽائر ڪري
چڪو هو، پر سندس انتظامي صلاحيتن کان 1977ع تائين
پورو پورو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن کيس فيڊرل
لئنڊ ڪميشن جو ميمبر بڻايو ويو ته ڪڏهن حيدرآباد
ميونسپل ڪميٽي جو ائڊمنسٽريٽر.
موت برحق آهي، هر ڪنهن انسان کي اهو ڪڙو ڍڪ ضرور پيئڻو آهي.
عبدالله چنا سائين به 87 سالن جي ڄمار ۾ 23- جنوري
1989ع تي حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو. مرحوم چنا
صاحب پوين ۾ 6 پٽ، 6 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون. ان
کانسواءِ اکين سان پنهنجا پوٽا، ڏوهٽا ڏٺائين ۽
انهن سان دل کولي پيار ڪيائين.
هن ڏک ڀريي موقعي تي، مرحوم جي پوين، جن ۾ اولاد ۽ سندن اولاد
وانگر نهايت پيارو حميد سنڌي به شامل آهي، تعزيت
ڪندي، رب سائينءَ کان اها دعا آهي ته الله تعالى
مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ پوين کي هن وڏي
ڏک برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
- پروانو ڀٽي
”سچل چيئر“ پاران اپيل
سنڌي علم ۽ ادب جي سڀني گهڻگهرن ۽ سچل سائينءَ جي عقيدتمندن کي
گذارش ٿي ڪجي ته هو سچل سرمست متعلق مواد کي هڪ
هنڌ گڏ ڪري محفوظ ڪرڻ لاءِ ”سچل چيئر“ سان سهڪار
ڪن ۽ سچل سائينءَ بابت وٽن موجود ڪنهن به قسم جي
ڄاڻ جيڪا قلمي نسخي، ڇپيل، اڻ ڇپيل ڪتاب، مقالي،
مضمون، شعر يا حوالي جي صورت ۾ هجي، اسان کي ڏياري
موڪلين يا ان بابت ڄاڻ ڏين، جيئن اداري جي نمائندن
ذريعي ٿورن سان ان مواد جي حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي
سگهجي. مواد اصل صورت ۾ نه ملڻ جي صورت ۾ فوٽو
اسٽيٽ، تصويرن ۽ ٽپال وغيره جو سمورو خرچ اداري جي
ذمي هوندو. مواد، سچل سائينءَ، سندس طالبن ۽ بزرگن
جي باري ۾ به گڏ ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ سچل سائينءَ يا سندس طالبن جو ڪلام اوائلي يا هن
دور جي ڳائڻن جو ڳايل، ڊسڪ يا ڪيسٽ تي هجي، ان جي
باري ۾ پڻ اپيل ٿي ڪجي، يا اهي ڊسڪ ۽ ڪيسٽ اداري
کي ڏياري موڪلين يا اداري کي اطلاع ڪن، جيئن
پنهنجي ڪارڪنن ذريعي ان مواد کي محفوظ ڪري سگهجي.
هن اداري جي قيام جو بنيادي مقصد اهو آهي ته سچل سائينءَ جي فن
۽ فڪر بابت نوَن جديد طريقن سان تحقيق جا دروازا
کوليا وڃن ۽ ان حوالي سان هر قسم جي مواد کي محفوظ
ڪندي، هڪ هنڌ تي گڏ ڪيو وڃي، جيئن اڳتي هلي سچل
سائينءَ بابت تحقيق ڪندڙن کي سمورو تحقيقي مواد هڪ
هنڌ مهيا ٿي سگهي.
تنوير عباسي
صلاحڪار ”سچل چيئر“
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور ميرس، سنڌ.
|