پاتال
اشفاق انصاري
پن ڇڻ- اداس موسم. اداسي هر شيءَ مان پئي بکي. هوا جي سرگوشيءَ
سان، پنن جي سرسراهٽ مان ۽ رات جاڳي گذاريندڙ جيتن
جڻين جي آواز مان.
ننڊ حميد جي نيڻن کان ڪوهين ڏور. ذهن مايوسي ۽ اداسي جي ورن
وڪڙن ۾ گم. هونئن ته حميد لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه
ڪونه هئي. اهي ٻول ٻڌڻ سندس معمول ۾ شامل هئا. پر
اڄ ساڳي ڳالهه جڏهن ڊائريڪٽر کيس سڌو سنئون چئي ته
ذهن ۾ جوارڀاٽا مچي وئي هئس.
سگريٽ چپن ۾ رکي، حميد هڪ ڊگهو ڪش هڻي ٿو. کن لاءِ سندس چهري جو
Out line
ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري هر شيءِ جيان اوندهه ۾ غرق ٿي
وڃي ٿو.
ڊائريڪٽر جا چيل لفظ
Stamp
جيان سندس ذهن تي نقش ٿي ويا هئا. ڊائريڪٽر کيس
چيو هو- ”مسٽر حميد! مون محسوس ڪيو آهي، تون ڪافي
وقت کان پريشان پيو رهين. ڪو مونجهارو، ڪو پرابلم؟
مان حاضر آهيان، مون کي آفيسر نه، دوست سمجهه. مون
کي تنهنجي محنت، ڪم سان لڳاءَ ۽ فرض شناسيءَ جو
احساس آهي. مان نٿو چاهيان ته تو جهڙو هارڊ ورڪر
Up set
رهي ۽ آفيس جو ڪم
Suffer
ڪري.
Tell me what is wrong with you.
‘Thank you sir’
هٻڪندي هٻڪندي حميد کيس چيو
هو: ”سر، مان ڏاڍو پريشان آهيان. مالي حالتون ٺيڪ
ناهن، ڌيءَ بيمار اٿم. ڊاڪٽر چواڻي کيس
T.B
آهي هڏن جي. ڊاڪٽرن جون ڳريون فيون
Afford
ڪرڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.“
”ڏس مسٽر حميد!“ ڊائريڪٽر سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو هو: ”ايمانداري
هڪ چڱي ڳالهه آهي، پر اهڙي ايمانداري به ڪهڙي ڪم
جي، جنهن سان انسان سڪون ته ٺهيو الٽو پنهنجا
پرابلم به
Solve ڪري نه سگهي. حقيقت اها آهي ته نفس، ضمير، اصول اهي هن ائٽمي
دؤر ۾ دقيانوسي ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اڄڪلهه اهميت
آهي ته صرف پئسي جي. ٻڌو نه اٿئي ته:
Money makes the mare go.
حميد ڪڇڻ چاهيو هو. گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيو هو، پر فرمانبرداريءَ
Stapler
جيان سندس چپن کي
Stitch
ڪري ڇڏيو هو ۽ هو ڪجهه چوڻ آکڻ کانسواءِ سندس آفيس
مان نڪري آيو هو.
کٽ جو چيڪٽ.
آواز تي ڪنڌ موڙي ڏسي ٿو. سڪينا پئي پاسو ورايو. ڪش هڻندي سندس
اکيون جهٽي ٿيون وٺن سڪينا جي ڇپرن جي ڇم ڇم.
”جاڳين پئي؟“ ٿڌو ساهه ڀريندي پڇيس ٿو.
”ننڊ نصيب ۾ ڪٿي.“
”ڇا پئي سوچين؟“
”پڇڻ جي ضرورت باقي آهي ڇا؟“
”گهڻو نه سوچ.“
”سوچ ئي ته لکي اٿم نصيب ۾.“
”پڇتائين پئي؟“
”ڇا تي؟“
”مون سان گڏ حياتيءَ جو گاڏو گهلڻ تي.“
”سک نٿو ڏئي سگهين نه سهي، ڏک ته نه ڏي.“
”بيزار آهين مون مان؟“
”..............“
”خاموش ڇو آهين؟“
”.............“
”ڪجهه ته ڳالهاءِ، وحشت پئي ٿئي.“
”ڳالهائڻ ۾ رکيو ڇاهي؟“
”من هلڪو ٿئي ٿو.“
”هون!“ سڪينا جو طنز.
”زينت ڪيئن رهي سارو ڏينهن؟“ زينت جي کٽ ڏانهن نهاريندي چئي ٿو،
جيڪا
Tranquilizer
کائڻ کان پوءِ خوابن جي نگريءَ ۾ گم آهي.
”ڪروڌ ۾ گذاريائين سارو ڏينهن.“ اٿي ويهندي چئي ٿي: ”بيچيني ۽
بيقراري هئس. سمجهه ۾ نه پئي آيس، ان ڪري پئي رُني
۽ رَڙي. ڪروڌ ۽ فرمائشون ڪري کڻي گهر مٿي تي کنيو
هئائين. تنهن ڏهاڙي حسنا واري ڇوريءَ کي ڏٺيون
هئائين سونيون واليون، هاڻي اچي لڳي آهي ان ضد کي
ته واليون وٺي ڏيو.“
”ويچاري.“ حميد جي آواز ۾ همدردي.
”وس پڄيم ته گهٽو ڏئي آجو ڪري ڇڏيانس اهڙي ڏجهي کان.“
”ايئن نه چئه.“
”ته پوءِ پاڻ ڦاهو کائي انت آڻيان پنهنجو.“
”توکي دلجاءِ ڏيڻ کپي، تون ته الٽو مون کي به دلگير ڪريو ڇڏين.“
”دلجاءِ...... (ٽوڪ واري لهجي ۾) ”اڌ حياتي گذري ويئي دلجاءِ
ڏيندي.“
”حيرت آ.“ حميد ڪش هڻندي چئي ٿو، ”ايترو عرصو لنگهي ويو، اڃا
حالتن سان نباهه ڪري نه سگهيا آهيون.“
”پنهنجو ته خير آ.“ سڪينا وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چئي ٿي.
”باقي روڄ ڇا جو؟“
”زينت جي تڪليف ڪمزور ڪري وڌو اٿم.“
”رک مولا تي.“
”مولا تي رکون.“ (طنز مان) ”اهو به هٿ تي هٿ رکي. ياد رک ته اڻ
گهريو ماءُ به پُٽ کي ڪونه ڌارائي.“
”سارو ڏينهن ته گڏهه وانگر پيو وهان.“
”خالي وهڻ مان ڇا ٿيندو؟“
”................“
”سکڻي پگهار مان ڇا ٿو ٿئي؟“ سڪينا وري چئي ٿي.
”پوءِ ڪهڙو ڦاهو کاوان؟“
”خفي نه ٿي.“
”ڳالهيون جو اهڙيون پئي ڪرين.“
”صرف تنهنجو مسئلو ئي ته ناهي.“
”مسئلا ايئن حل ڪونه ٿيندا آهن.“
”تڏهن ته چوانءِ پئي، پنهنجي اصولن کي........“
”تو وٽ ڪونهي ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه؟“ حميد چڙ مان.
”آهي....... بلڪل آهي (سڪينا جي آواز ۾ تيزي)، ”درد، فاقا،
بيماريون، گهڻو ڪجهه آهي ڳالهائڻ لاءِ.“
”اهڙي ڳالهائڻ مان ڇا هڙ حاصل.“
”تڏهن ته چوانءِ پئي.........“
”خدا جي واسطي“ (هٿ جوڙيندي) ”مون تي رحم ڪر....... ٻه گهڙيون
جيڪي گهر اچان ٿو، اهي ته سک سان گهارڻ ڏي.“
حميد کٽ سان سگريٽ چيڀاٽي وسائي ٿو ۽ ٽوٽو اڇلي چادر وجهي پاڻ
کڻي وهاڻي تي ڇڏي ٿو. اکيون پوري، ذهن کي ڍرو ڇڏي
ٿو ڏي، پر سندس ذهن ٿائنيڪو ٿيڻ بدران پاڻ ڇڏائي
خيالن جي جهنگل ۾ گم ٿي وڃي ٿو. کيس پوڙهو ياد ٿو
اچي. قميص ۽ گوڏ پاتل، آفيس ۾ سندس آڏو اچي بيٺو
هو.
”سائين! منهنجي ڪم جو ڇا ٿيو؟“ کيس پوڙهي چيو هو.
”ٿي ويندو، دلجاءِ ڪر.“ وراڻيو هئائين.
”سائين! آخر ڪيستائين؟“
”هڪ اڌ ڏينهن رکي معلوم ڪجانءِ.“
”سائين! مان پوڙهو ماڻهو، پنڌ ڪري اچي ٿڪو آهيان.“
”چيم نه، ٿي ويندو......... مان ڪوشش ڪندس.“
”سائين! ڪجهه ته منهنجي اڇي مٿي جو خيال ڪيو.“
”هڪ ڀيرو چيم ته ٿي ويندو. جيترو پڄيم ٿو، تنهنجي ڪم لاءِ هٿ
پير هڻان پيو. (بيزاري رحم تي حاوي پئجي وئي هئي)
هروڀرو پنهنجو مٿو ويهي ڀت سان ته ڪونه هڻندس.“
پوڙهو هيسيل، گهٻرايل، ڪجهه دير سندس آڏو بيٺو رهيو ۽ پوءِ
آهستي آهستي قدم کڻندو آفيس مان نڪري ويو. کن لاءِ
ذهن تي پوڙهي لاءِ همدرديءَ جو جذبو جاڳيو هئس، پر
پوءِ ذاتي پريشانين هڪ ئي ٿڦڪي سان ان جذبي کي
سمهاري ڇڏيو هو.
”ستي پئي به ڪڏهن ڪوئا ماريا!“ پوڙهي کي ويندو ڏسي ڊسپيچر کيس
چوٽ ڪئي هئي.
“What do you mean?” ڪرڙين اکين سان چيو هئائين.
”مطلب ته ڊني واڻئي مور نه لاڀ.“ ٽائيپسٽ کيس ٻيو ڌڪ وهائي ڪڍيو
هو.
“I say shut up you nonsense.”
سندس دڙڪي تي ڪلها ٽوڪ واري انداز ۾ لڏيا هئا ۽ خاموشي ڇانئجي
ويئي هئي. خاموشيءَ تي قلم جو رقص، ڪاغذن جي چرپر
۽ ٽائيپ رائيٽر جو آواز ڇانئجي ويا هئا.
ٻي رات.
کٽ تي ويٺو آهي. چوڌاري سرڪاري ڪاغذ پٽ تي ڦهليل اٿس. کيس ڪم
ڪرڻو آهي، پر خيال ۽ پريشانيون ڳجهن جيان سندس ذهن
جي چوڌاري لامارا ڏين ٿيون، ڄڻ سندس ذهن ڍونڍ هجي،
سڙيل، سڪل ۽ ڳري ويل. پريشانين کي هڪلي هڪلي ٿَڪو
آهي، پر بيسود. قلم اڇلي، منهن مونن ۾ هڻي، پاڻ
ڇڏي ڏنو اٿائين خيالن جي رحم ڪرم تي. ساڳيو پوڙهو
اڄ وري اچي اڳيان بيٺو هئس، هڪ پنجن ڇهن ورهين جي
ڇوڪريءَ سان گڏ. زينت جي هم عمر، ڇُر جي سلوار
قميص ۾ ملبوس. ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ ڪنن ۾ سونيون
واليون.
کيس زينت ياد اچي وئي هئي. سندس تڪليف ۽ والين لاءِ بيجا ضد.
”سائين! چاڙهو ٿيو ڪجهه؟“
حميد جون نظرون ڇوڪريءَ جي ڪنن ۾ کتل هيون. تکي گهور ڇوڪريءَ کي
پريشان ڪري منجهائي وڌو هو.
”سائين! مون عرض پئي ڪيو.“ خاموش ڏسي پوڙهي کيس بيزاريءَ مان
چيو هو. حميد کي ججڪي اچي وئي هئي. ڊسپيچر ۽
ٽائيپسٽ جو سارو غصو
Dust bin
جيان پوڙهي مٿان کڻي اونڌو ڪيو هئائين.
”هر روز اچيو مٿان بيهين، ڄؤر جيان چنبڙي پيو آهين. مغز کائڻ
لاءِ آفيس ۾ توکي صرف مان هٿ لڳي ويو آهيان.“
”سائين! توهان کي همدرد پاتم، ان ڪري توهان کي ئي پئي عرض ڪيم.“
پوڙهي حيرت ۽ خوف گاڏڙ آواز ۾ کيس چيو هو.
”شريف......... همدرد........ ڍونگ، بڪواس....... توکي پتو ناهي
ڪم ڪيئن ڪڍائبو آهي. اڇي ڏاڙهي اچي ٿي اٿئي، اڃا
عقل ڪونه آيو اٿئي.“
”سائين........“
”سائينءَ جا پٽ....... ٽري وڃ منهنجي اکين اڳيان.“
پوڙهي سان گڏ ڇوڪري به حواس باخته ٿي وئي هئي. پوڙهو ڪيترو وقت
حيرت مان کيس ڏسندو رهيو. ڪجهه چوڻ چاهيو هئائين،
چئي نه سگهيو ۽ خاموشيءَ سان آفيس مان نڪري ويو
هو.
حميد پريشانيءَ مان هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو هو. پشيمان ٿي ويو هو
پنهنجي لفظن تي ۽ پنهنجي بي لغام غصي تي.
زينت جي ڪنجهڻ تي خيالن جي ڌٻڻ مان نڪري اچي ٿو. اٿي زينت جي کٽ
ڏانهن وڃي ٿو.
”بابا! مون لاءِ واليون آندءِ؟“ پيءُ کي ايندو ڏسي زينت چئي ٿي.
”آڻيندس..... ضرور آڻيندس.“ سندس ڀر ۾ ويهندي چئي ٿو.
”ڪڏهن؟“
”صبحاڻو ٿيڻ ڏي.“ حميد جو دلاسو.
”ماني آڻيان؟“ سڪينا جو اوچتو سوال.
”بک ڪانهي.“
”بابا!“
”جي پٽ!“
”اهو آواز ڇا جو آهي؟“
”ڪهڙو؟“
”اهو........ چرڙ........ چرڙ....... ٻڌين ٿو بابا؟“
”ها پٽ، اهو تِڏيءَ جو آواز آ.“
”بابا، مون کي تڏي کان ڊپ ٿيندو آ.“
”ڊپ ٿيندو آ!!“ خيالن جي وهڪري ۾ وهندي دهرائي ٿو.
”بابا، مون کي رات جو اوندهه ۾ ڊپ ٿيندو آ.“
”...............“
”بابا! مون کي ڏسي امان روئندي ڇو آ؟“
”روئندي آ؟؟!!“
”ها بابا، مون کي پيار ڪري روئندي آهي.“ (پيءُ جي گم سم ۽
پريشان چهري کي تڪيندي وري چئي ٿي) ”وڏا ته رڳو
تڏهن روئندا آهن، جڏهن ڪو مري ويندو آهي........
ها نه بابا؟“
خيالن ۾ ڇرڪ، پريشان اکين سان ڌيءَ کي تڪي ٿو.
”بابا، جڏهن ڪو مري ويندو آهي ته مون کي ڊپ ٿيندو آهي.“
”هُون.“ وسوسن جي تاڃي پيٽي ۾ اُلجهيل.
”بابا، مان به مري وينديس؟“ اوچتو ڊپ ڀريو سوال.
لفظ نه هئا، ڪاتي هئي جا حميد جي جگر کي چيريندي وئي. ڀاڪر ۾
ڀري ٿو ڇڏيس. اوڇنگارون ڏئي روئڻ ٿو چاهي، روئي نه
ٿو. اکين ۾ مڙي آيل ڳوڙهن کي زينت کان لڪائي قميص
جي ٻانهن سان اگهي ٿو ڇڏي.
”پريشان پيو لڳين؟“ سڪينا، زينت کي سنڀاليندي چئي ٿي.
”نه ته.“ لنوائي ٿو.
”اڄ ڊاڪٽر وٽ هلڻو هو، ڳالهه وسري ويئه.“
”نه.“ پريشان وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چئي ٿو، ”ياد هئم چڱيءَ
طرح، اوچتو آڊيٽر اچي لٿا، مجبور ٿي پيس.“
”لڳي ٿو....“ سڪينا ٽوڪ مان چئيس ٿي، ”آفيس هڪ نه هڪ ڏينهن توکي
نهوڙي نيندي.“
”تون آفيس جي معاملن کي نه سمجهي سگهندينءَ.“
”مان هروڀرو نپٽ ڄٽ ته ناهيان، پڙهي ڳڙهي آهيان. چڱيءَ طرح
ڄاڻان ٿي آفيس جي معاملن کي. نوڪري ايئن نه ڪبي
آهي جيئن تون پيو ڪرين. ڪيڙو ٿي پيو آهين آفيس جو!
هِت ’لٺيون کائي ڀولڙي ۽ کٽيو کائي فقير‘ وارو
معاملو آ. لوڙين تون ۽ ڊِڍ ڀرين ٻيا! توکي ملي ڇا
ٿو آخر ايڏي جاکوڙ ۽ ايمانداريءَ مان؟“
”وري ساڳيو رينگٽ!“ بيزاريءَ مان چئي ٿو، ”آفيس ۾ سارو وقت
اهائي بڪ بڪ، هت به ساڳيو ڌمچر.“
”توکي پريشان ڪرڻ نه ٿي چاهيان، تنهنجي پريشاني، منهنجي
پريشانيءَ کان الڳ ته ناهي. تنهنجو غم منهنجو غم
ئي آهي.“
”مان ٿَڪل آهيان، آرام ڪرڻ ٿو چاهيان.“ چئي ٿو ۽ ٻانهن
سيرانديءَ هيٺان ڏئي ليٽي پئي ٿو.
”ڪاغذ کڻان، گهڙي کن آرام ڪري وٺو.“
”نه، ڪم ضرور اُڪلائڻو آ.“
”ڪم....... ڪم........ ڪم.“
حميد جي تکي گهُور سندس زبان کي لغام ڏئي ٿي ڇڏي.
ايئن ئي ڪا گهڙي گذريو وڃي.
”چانهه ٺاهي ڏيانءِ؟“
”نه، تون وڃي آرام ڪر....... ضرورت محسوس ٿي ته پاڻ ئي ٺاهي
وٺندس.“
چئي ٿو. اکيون ڇت ۾ اٿس. سندس ذهن آهستي آهستي پرڙا هڻڻ لڳي ٿو
۽ پوياڙيءَ جي پنڇيءَ جيان ڏور خيالن جي ديس ۾
اڏامڻ لڳي ٿو. کيس اهو واقعو ياد اچڻ لڳي ٿو، جنهن
کيس ايڏو بيچين ۽ وياڪل ڪري ڇڏيو آهي.
منجهند ڌاري لنچ لاءِ پئي تياري ڪيائين ته ساڳيو پوڙهو آفيس ۾
گهڙيو هو، ڇوڪريءَ سان گڏ. پوڙهو سڌو اچي بي ڌڙڪ
سندس آڏو پيل ڪرسيءَ تي ويٺو هو. حميد ڪاغذ ميز جي
خاني ۾ رکندي تعجب ۽ سواليا انداز ۾ کيس ڏٺو هو.
جواب ۾ پوڙهي بوڇڻ جي ڳنڍ کولي پئسا ڪڍي ٽيبل تي
رکيا هئا.
حميد جا تاڪ لڳي ويا هئا. گهٻراهٽ مان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ
لڳو هو. لوندڙين وٽ رت ٽهڪندي محسوس ڪيو هئائين.
بدن پگهر ۾ شل ٿي ويو هئس، هٿن پيرن ۾ رڦڻي. هڪ
وار خيال آيس، پئسا کڻي پوڙهي کي منهن ۾ وهائي
ڪڍي، پر هٿ دماغ جي حڪم کان نابري واري بيٺا هئا.
سندس تخيل يڪدم ڪئميرا جيان زوم ٿي زينت جي بيمار
۽ لاغر وجود کي مڪمل فوڪس ۾ وٺي بيٺو هو. کيس زينت
جو والين لاءِ ضد ۽ تڪليف ياد اچي وئي هئي. نه
چاهيندي به سندس هٿ ميڪانڪي انداز ۾ پئسن طرف وڌي
ويا هئا. پئسا کڻندي اوچتو حميد جون اکيون ڇوڪريءَ
طرف کڄي ويون ۽ اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويون هيون.
ڇوڪريءَ جو چهرو ڳاڙهو، چهري تي مايوسيءَ جا پاڇا،
اکيون رم جهم ۽ ڪن خالي.
حميد کي ڄڻ ڪنهن هٿوڙو وهائي ڪڍيو هو.
”ڇوڪريءَ جون واليون.......؟“ اڻ پورو سوال بندوق جي گوليءَ
جيان سندس وات مان نڪتو هو.
”ڇوڪريءَ جو واليون وڪڻي ته اهي ڏوڪڙ آندا اٿم.“
سخت شيءِ سان ٽڪرائجي
Rebound
ٿيل گوليءَ جيان جواب سندس دماغ ۾ گهڙي ويو هو.
سندس وڌيل هٿ ڍرڪي پيا هئا ۽ هن پنهنجو وجود پاتال
۾ پيهندي محسوس ڪيو هو.
اڻپوري سوانح
سنتوش ڪامراڻي
ابو ڙي ابو، هاڻي ته ڪنهن به ڪم جا نه رهياسين، نه ڪهڻ جا نه
ڏهڻ جا. جهڙا تاڙي نڪتل کجيءَ جا وڻ. ڏسڻ ۾ ته وڏا
وڏا پر چکڻ ۾..... هاءِ ڙي هاءِ! زندگي به کجيءَ
جو وڻ ٿي ويئي آ نه. پاڻ کي ڇا تو ٻين کي ڇپر
الائي ڪهڙا ڪهڙا ته کڻي نالا ڏنا اٿئون، آئوٽ
ڊيٽيڊ به اسان ته اينٽيڪ به اسان..... برابر آهيون
به ته جهڙو اينٽڪ ئي نه؟ صرف ڏسڻ جا. ڪچا گهڙا، سچ
ئي ته آهي، هاڻي پنهنجو ڪم به ڪهڙو آ هتي..... ٻڌي
ٻڌي ٻوڙا به ٿي وياسين، پر پوءِ به اڃان ڪجهه ته
زور سان ڳالهاءِ...... ۽ ڏسڻ لاءِ هاڻي رهيو ئي
ڇاهي؟ سڀ ڪجهه ته اڳيان ٿي گذريو آهي، آهستي آهستي
سڀ ساٿ ڇڏي ويا....... ٻار ۽ ٻڍو ته پاڻ جيترن سان
ئي سونهندا آهن نه........ ۽ جواني ته هوندي ئي
واپار آهي........ ڪڏهن دل جو واپار، ته ڪڏهن دنيا
جو واپار....... هاڻي ته ڪنهن شيءِ جي خبر ئي نٿي
پوي. رکان هڪ جاءِ تي ٿو ته ڳوليان وري ٻي جاءِ تي
ٿو..... سچ چوندا آهن....... اسي مت کسي........
هاڻي ته ڪنهن کي به اعتبار نه ايندو آهي. باقي اهو
سو پڇندا هر هر آهن ته: ’ڪاڪا! ڪڏهن پيار به ڪيئي
ڪنهن سان........؟‘ مان ته کڻي اهو چئي ٽاريندو
آهيان ته: ’هائو ڙي ٻچا! توهان ئي ته آهيوم
پيارا........‘ پر هنن جوانن کي ڪهڙي خبر ته هن
جهوني جي گودڙيءَ ۾ به ڪو پيار جو موتي لڪل آهي،
جيڪو ڪنهن کي به ڏيکارڻ نٿو چاهي. ڇاڪاڻ ته ڏک
جيترو ٻڌائبا آهن، اوترو ئي انهن جي گهرائپ ۽ اثر
ختم ٿي ويندو آهي. پيار ۽ ڏک ته هوندو ئي سانڍڻ
لاءِ آهي....... هائو ڙي هائو، ڏک به ڏکن جهڙا
مليا اٿم. جوان ڪونڌر پٽ اکين اڳيان اکيون پوريو
پيو هو ۽ هي اکيون هيون جو روئي به نه پيون
سگهن........ سڀني جو اهوئي الزام هو ته مون ئي
کيس ماريو آهي، پر ڪوئي منهنجي من کان به ته پڇي
ته هن جي مرڻ کانپوءِ آءٌ ڪيترا ڀيرا مري چڪو
آهيان، ڪيترا ڀيرا اندر ئي اندر ۾ آپگهات ڪيو اٿم.
جوان جماڻ شهزادن جهڙو پٽ جيڪڏهن ايئن سانوڻ جي پن
جيان ڇڻي پوي ته وڻ ڏک ۾ ئي ڀورا ڀورا ٿي وڃڻ نه
چاهيندو، پر هاءِ ڙي زندگي! تون ته ڪنهن کي جيئڻ
ٿي ڏين نه وري مرڻ- هاڻي ته اٿڻ ويهڻ کان به لاچار
ٿي پيو آهيان، پر جوان پٽ جي مرڻ کانپوءِ ايئن لڳو
هوم ڄڻ ننڊ مان اٿيو ئي هاڻي آهيان....... ڳوڙهن
ڄڻ اکين تان ڪس ڌوئي ڇڏي هئي....... سڀ ڪجهه صاف ۽
اجرو پئي ڏٺم........ يا شايد هر عمر جي سوچ به
پنهنجي هوندي آ........ جواني ته شايد ايندي ئي
مذهب ۽ روايتن سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ آ....... اهو
دور هوندو ئي جنگ جو آ..... ريتن سان جنگ، رسمن
سان جنگ، ۽ پنهنجو پاڻ سان جنگ...... پر پراڻو بڙ
وري به پنهنجون پاڙون زمين ۾ ئي ڦهلائڻ چاهيندو
آهي......... جڏهن جسم ۽ ذهن سهاري جون ڀتيون ڳولڻ
تي مجبور ٿي پوندو آهي، ته پوءِ ريتون، رسمون ۽
مذهب ئي ڇپر ۽ ڇانوَ بڻبا آهن. مون به پنهنجون سڀ
دعائون ئي ڪنهن ٻئي جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيون،
پنهنجا ٻئي هٿ دعا لاءِ کڻي پنهنجي پٽ جي صدقي
پنهنجي ارپنا ڪرڻ چاهي هئم. سوچيو هئم: شايد ان
طرح ئي سڪون جا ڪجهه پل ملي وڃن...... مون به مذهب
جي نارڪوٽڪ شاپ تان ٻين جي مدد جو نشو چونڊي ورتو.
ها..... ۽ پوءِ اڳتي وڌي پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيم
۽ موٽ ۾ مون ڪجهه به نه چاهيو هو، پر پوءِ به انيڪ
خوشيون مليون هئم. سُڪون جي موسم اچي وئي هئي، ۽
اڄ به جڏهن هو مون سان ملڻ ايندو آهي ته لڳندو
اٿم، ڄڻ منهنجو جوان پٽ پنهنجي ڪنوار سان آيو آهي.
مان ڏسي ۽ ٻڌي ته نه سگهندو آهيان، پر پوءِ به
منهنجي اکين اڳيان خوشيءَ جا سڀ منظر ڦري ايندا
آهن ۽ ڪن اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ لڳندا آهن، جيڪي ڪجهه
آءٌ هميشہ تصور ئي تصور ۾ ٻڌندو رهندو آهيان.
احساس
ضراب حيدر
جگو ڀاءُ، رات جي پوئين پهر، انڌيري ۾ هيسيل ۽ جهڪا پير کڻندو،
ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهيو، مٿيون ٻيڪڙيل در کوليائين.
پيرن جي تِرين تي هلندي اچي کٽ جو پاسو ورتائين.
احتياط سان کٽ جي سيرانديءَ کان وهاڻو ٺاهي ليٽيو،
جيئن ڪنهن کي ڪابه خبر نه پوي، متان کٽ چيڪٽ نه
ڪري.
هن اکيون اُڀ ۾ ڪيون، جتي چنڊ ۽ ستارا اُداس هئا. اندر ۾ ڦاٽ
پئجي ويس. سياري جي مند ۾ جيئن هٿ ۽ پير ڦُٽي
پوندا آهن، سندس گهاءَ به ڦُٽي پيا. ڪير سندس
گهاوَن تي پَها رکي....... ڪير به ته نه.......!
اندر ۾ ويتر ٻري پيس، خبر ناهي ڇو؟ الائي ڇا وڃائي
ويٺو هو، جنهن جي ڳولا ۾ جمعي کان رات جي آخري
پهرن ۾ به رُلندو ۽ ڀٽڪندو وتندو هو، پنهنجي گمنام
زندگيءَ جي تلاش ۾، خيالن جي ساگر ۾ تمام دور نڪري
ويو.
اوچتو ڪنن تي پوڙهي ڏاڏي جو آواز پيس.
”ابا، هينئر آيو آهين، ڪٿي هئين؟“
کانئس ڇرڪ نڪري ويو. اُڀ مان نظرون هٽائي، پوڙهي ڏاڏيءَ کي
ڏٺائين، جيڪا کٽ تي ٿورڙو پرتي سندس اچڻ جون راهون
تڪي رهي هئي.
”هان........ امان اتي ئي هئس، دوستن سان.“
هن پاسو ورائي سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فضول- گرميءَ ۽ اُٻس سبب
اندر ۾ مونجهه محسوس ٿيس. کٽ تان اٿي قميص
لاٿائين. ڪپڙن ٽنگڻ واري نوڙيءَ تي اڇلائي، هڪ نظر
پنهنجي هڏائين جسم تي وڌائين. پريشانيءَ وچان هٿ
سان ٻئي ٻانهن جي ڏوري جو اندازو ڪيائين.
”جيڪر وڍي اڇلايان....... هي به ڪي ڏورا آهن، ڄڻ سُڪل ڪاٺيون.
فلاڻي، فلاڻي جا ڏورا ته.....!“
هو وري اچي کٽ تي ڪريو. ”مون کي سمهڻ گهرجي. پر، پر ننڊ ڪونه
ايندي، الائي ڇو ننڊ رُسي ويئي آهي، هاءِ! رُٺلن
کي مڃائڻ ۽ پرچائڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي.“ من ۾ تيئن
باهه ٻري پيس.
”مون کان ته سڀ رُسي ويا. پري، پري، اڻ مِٽ ويڇن تي، ايڏي طويل
Gape
تي جو اوڏو هوندي به ايڏو ڏور، ڇا؟ منهنجو سهارو
صرف هي زهر آهن، جن کي من ۾ اوتيندو رهان، جيئڻ
بدران جلندو رهان. شايد منهنجو سهارو اهي زهر ئي
آهن، سچا ۽ وفادار. هاها، هي سايون نسون ثبوت آهن
سندن وفاداريءَ جون، جو نس نس ۾ خون بدران سائو
زهر ڊوڙي رهيو آهي، نفرتن جو زهر.“
سوچيندي سوچيندي اکين مان ٻه گرم لڙڪ وهي پيس، جي وهاڻي تي ڪِري
جذب ٿي ويا..... نيٺ سندس اک، اک سان لڳي وئي.
جگو ڀاءُ، سيارو هجي يا اونهارو يارهين وڳي کان اڳ ۾ صبح جو
اُٿندو ئي ڪونهي، کڻي زمين اُٿلي پوي..... پر جگو
ڀاءُ، يارهين وڳي کان اڳي کٽ تان اُٿل نه کائيندو.
جي ڪنهن زوريءَ اُٿاريس يا اُٿل کارايس ته زمين
اٿلائي ڇڏيندو، ڪاوڙ ۾...... زمين آسمان هڪ ڪري
ڇڏيندو.
صبح جو ڀيڻس، نظر جگو ڀاءُ واري کٽ تي ڊوڙائي. جگو ڀاءُ سج جي
تپش ۽ گرميءَ ۾ به رِلي وجهي اگهور ننڊ ۾
هو....... سندس پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا چمڪي رهيا
هئا. ڀيڻس کيس اٿارڻ مناسب نه سمجهيو. ننڍڙي ڀاءُ
کي ڀاڄي جا پئسا ڏنائين، جيڪو ڳچيءَ ۾ ٿيلهو وجهي
اسڪول وڃي رهيو هو.
”نه ڀيڻ، مون کي دير ٿي ٿيئي، جگو ڀاءُ کي اٿار ته ڀاڄي وٺي
اچي.“
”جگو ڀاءُ کي ڪير اُٿاريندو، جي اٿارجيس به ته گهر کڻندو مٿي تي
۽ لک ته ڪڍندو.......“
هوءَ پنهنجا ڪتاب کڻي ڪاليج رواني ٿي. ويندي ويندي ڀاڄي وارا
پئسا ماءُ کي ڏيندي چيائين، ”امان! جگو ڀاءُ اٿي
ته کانئس ڀاڄي گهرائجان.“
سڀ ڪوئي پنهنجن ڌنڌن ڌاڙين تي روانو ٿيو، اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيس
ڏي. پر جگو ڀاءُ، نه ڪم جو، نه ڪار جو. سندس پڙهڻ
سان پوي ئي ڪونه. باقي ڪم سو به ڪندو ته
اڌوگابرو......... نه ته سڄو ڏينهن گم، ڀل آسري ۾
گهر وارا ويٺا ڪڙهن.
پوڙهي ڏاڏي، جا هر وقت سندس مٿان پر رکندي هئي، تنهن اندران کٽ
تي ويٺي، جگو ماءُ کي چيو: ”ڇوري کي اُٿار، سج اچي
مٿان لڙيو اٿس، اُٿي ڪا ڪم ڪار جي ڪري.“ جگوءَ
ماءُ توبهه ڪندي وراڻيو، ”نه امان، خدا خير ڪري،
مون کي پاڻ بي عزتو ڪونهي ڪرائڻو. پاڻهي مرضي تي
اٿندو، پوءِ پيا ڪم ڪار ٿيندا.“
جگو ڀاءُ اُٿڻ سان ڪندو نيرن، مٿان پيئندو ٻه ڪوپ چانهه جا ۽
پوءِ ٽئين ماڙ تي ويندو سگريٽ جا سوٽا هڻڻ. تنهن
کانپوءِ ڪو ڳالهائڻ جي سنوَت ۾ ايندو. ڪم ڪيو نه
ڪيو، بس هلندو پنهنجي سروي تي، جنهن جو هو ماهر
آهي. کيس شهر جي هر گهٽيءَ ۽ رستي جي چڱيءَ ريت
ڄاڻ آهي، سو ڪڏهن به ٿاٻڙيو يا ڪِريو ڪونهي......
ٿيڙ کائي ته ڪا ڪَل پويس. پر کيس زندگيءَ جي ٿاٻن
جي ڪونه ٿي سُجهي........ سارو ڏينهن گم ۽ رات جو
انڌيرن ۾ موٽندو، جڏهن ته سڀ سُک جون ننڊون پيا
هوندا، پر ويچاري پوڙهي ڏاڏي، هر رات سندس راهون
پئي نهاريندي. جيستائين جگو ڀاءُ نه اچي، تيستائين
سندس ننڊ هوندي ڦٽل. الائي ته ڪهڙي پريت هئس رول ۽
آوارا جگو ڀاءُ سان!؟ جنهن لاءِ ڪنهن به من ۾ قرب
نه هو، تنهن کي پوڙهي ڏاڏي ساهه سان سموئيندي هئي.
پر جگو ڀاءُ کي اُن جي به ڪا پرواهه ڪونه هئي. خبر
ناهي ڪهڙي نفرت ۾ ڀريو پيو هو.
هو خبر ناهي ڪيئن
Generation gape
جو شڪار ٿي ويو هو، جو نه پنهنجن جون قربتون وٺي
سگهيو هو، نه ئي ڪو کيس قربتون ڏئي ٿي سگهيو.
محبتون ۽ قربتون ونڊڻ سندس وس ۾ نه هيون. کيس ڪنهن
جو ذري جو به احساس ڪونه هو، رڳو پنهنجيءَ ۾ پورو
هو. پنهنجي به ڪهڙي، اجائي ۽ فضول رولڙو، جنهن کيس
رسوايون ۽ بدناميون ڏنيون هيون. جگو ڀاءُ کي ته
پنهنجي اڌڙوٽ پيءُ جي به ڪاڻ نه هئي، جيڪو سمورو
ڏينهن ڪلارڪي جي ڪرسي تي ويهي سوچيندو رهندو هو،
جنهن جي چيلهه ڪلارڪيءَ جي ڪرسيءَ جهڪائي وڌي هئي،
تنهن جو به کيس ڪو احساس نه هو ۽ سندس پيءُ آفيس
مان موٽندي جگو ڀاءُ جي منهن ڏسڻ لاءِ سڪندو هو.
پر جگو ڀاءُ نه گهر جو نه گهاٽ جو. هميشہ صبح جو
آفيس ويندي ئي کيس اگهور ننڊ ۾ ستل ڏسندو هليو
ويندو هو. کانئس ڳالهائڻ ۽ سندس ڳالهائڻ ٻڌڻ لاءِ
سِڪندو هو. ورلي جي جگو ڀاءُ منهن چڙهي به ويندو
هئس ته ابتن ۽ سبتن جوابن ۾ پاڻ ڇڏائي ويندو هو.
ڪابه نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندو هو. پوڙهي ڏاڏي
به سدائين کيس اهي ئي نصيحتون ڪندي هئي.
”ابا! مڙهي پيءُ جو ته ڪو خيال ڪر. حياتي تي ڪهڙو ڀروسو؟ سندس
جيئري ئي ڪا ٻاري وٺ.“ پر جگو ڀاءُ هر ڳالهه ٻڌي،
اڻ ٻڌي ڪري، هڪ ڪن مان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو
هو. هو صرف پنهنجين ۾ ئي پورو هو، جيڪي کيس تباهي
۽ بربادي طرف ڪاهي رهيون هيون. هو بري ماحول ۾
ايترو ته دور نڪري چڪو هو جو سندس واپس موٽڻ ڏاڍو
ڏکيو هو. کيس اها به خبر ڪونه ٿي پئي ته رشتن جو
ويڇو کيس ڪيڏي اذيت ڏيندو، جڏهن سندس ويجهو ڪوئي
به نه هو. وري يادن جا پڙلاءَ هوندا، جيڪي کيس
تاحيات آزاريندا رهندا. پر جگو ڀاءُ به مجبور هو،
ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي عادتن جو غلام بڻجي چڪو هو. هو
ان ڪوڙي غلاميءَ جا زنجير ٽوڙي، پنهنجن سان قرب
سندا سڳا ڳنڍي نه سگهيو، نه ئي ان پوڙهي ڏاڏيءَ جو
سهارو بڻجي ٿي سگهيو، جا کيس پنهنجو سهارو سمجهندي
هئي. جيئندي به ته جگو ڀاءُ لاءِ هئي! کيس اهوئي
سور کائيندو رهيو ته جگو ڀاءُ ڪنهن چڱيءَ چوکيءَ
کي لڳي وڃي، جنهن لاءِ ويچاريءَ حيلا به گهڻيئي
هلايا، پر سندس هڪ به نه هلي. پوڙهي ڏاڏي بيمارين
جو سهارو وٺي وڃي کٽ وسائي ۽ جگو ڀاءُ جُرمن جو
سهارو وٺي پنهنجن کان تمام پري نڪري ويو. جنهن جي
نصيحتن کان لڪندو ۽ ڀڄندو وتندو هو، سا سندس پويان
اچڻ جي سگهه وڃائي ويٺي هئي. بيماري هڻي مڙهي کي
ڊاهي وڌو. هن به بيوَس ٿي پنهنجو پاڻ بيمارين جي
آغوش ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ ڪنهن اڻ ڏٺل ڏيهه جون تياريون
ڪرڻ شروع ڪيون، جتان کيس ڪوئي به موٽائي نه ٿي
سگهيو. جگو ڀاءُ ۾ نه کيس روڪڻ جي سگهه هئي نه
همدردي جتائڻ جا ٻه ٻول! پوڙهي ڏاڏي آخري پساهه ۾
به کيس ساريندي رهي، پر جگو ڀاءُ الائي ڪهڙي
گهٽيءَ ۾ گمنام زندگيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪي رهيو هو.
رات جي آخري پهر ۽ انڌيري ۾ جگو ڀاءُ هميشہ جيان واپس موٽيو.
کيس اها خبر ڪونه هئي ته پوڙهي ڏاڏيءَ جا آخري وڏا
ساهه کيس پڪاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته پوڙهي ڏاڏيءَ
جي زبان ۾ کيس سڏڻ جي سگهه نه رهي هئي. جگو ڀاءُ
جهَڪا قدم کڻندو اچي کٽ تي ليٽيو. هن محسوس ڪيو ته
اڄ سندس ڪنن تي اهو آواز ڪونه پيو آهي، جيڪو روز
پوندو آهي...... پر کيس اها سڌ ته هئي ئي ڪونه ته
ڪو روح کيس سڏي رهيو آهي. هو پاسو ورائي ليٽي پيو،
کيس ننڊ اچي وئي.
صبح جو جگو ڀاءُ جي اک يارهين وڳي کان گهڻو اڳ کلي وئي، جڏهن
ڪنن تي روڄ ۽ سُڏڪن جو آواز پيس. اکيون پٽيائين ته
ڀيڻس مٿان بيٺي روئي رهي هئي. ”ادا! امان اسان کي
ڇڏي تمام پري هلي ويئي.“
جگو ڀاءُ جي اندر ۾ به روڄ مچي ويو، پر سندس نفرت ڀرين اکين ۾
اهو پاڻي ئي نه هو، جيڪو عظيم ڏاڏيءَ جي لاش تي
وهائي سگهي. جگو ڀاءُ، اذيتن جا ڳوڙها، ايندڙ
اڙانگهي زندگيءَ لاءِ اندر ئي اندر ۾ گهٽي ڇڏيا،
جيڪي کيس زندگيءَ جي اڪيلاين ۾ وهائڻا هئا. جگو
ڀاءُ، ڏاڏيءَ جي جنازي جو ڪانڌي ٿي، کيس اَمر
مٽيءَ ۾ دفنائي آيو. پر پنهنجي عادتن کي مٽيءَ ۾
ملائي نه سگهيو، جيڪي سندس زندگيءَ جو ناسور بنجي
ويون هيون. انهن ويڇن جو مفاصلو طئي ڪري نه سگهيو،
جن کيس پنهنجن کان تمام پري ڪري ڇڏيو هو. هو لغڙ
جيان ڪاٽا ٿي، رشتن جون ڏورون ٽوڙي، ماحول جي تيز
هوائن تي ڌڪجي، اذيتن جي ٿنڀي ۾ اٽڪيو هو، جتي
هميشہ هميشہ لاءِ ٽنگجي، ڦاٽي، چيرجي پراڻو ٿي
رهيو هو. |