شاهه جي رسالي ۾ ”ڪيڪاڻ“ لفظ جي پڙهڻي ۽ معنى
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ٻوليءَ ۽ لغات جو اڀياس ڪرڻ
لاءِ مون مکيه طور ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ
جي تيار ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ جو ڇاپو سامهون رکيو
آهي[1].
پر انهيءَ سان گڏوگڏ رسالي جا ٻيا ڇاپا جيڪي مون
وٽ موجود آهن، اهي به جاچيان پيو. انهيءَ ڏس ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا مرتب ڪيل شاهه جي رسالي
جا ايڊيشن گهڻي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي پراڻن
قلمي نسخن ۽ آڳاٽن ڇاپن کي ڀيٽي تيار ڪيا ويا آهن[2].
هن مضمون ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ جي پڙهڻي ۽ معنى ۽ تاريخي
اوسر تي بحث ڪرڻ منهنجو مقصد آهي.
شاهه جي رسالي ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ سُر کنڀات ۾ ڪتب آيو آهي. انهيءَ
جي معنى آهي ’گهوڙو‘. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي راءِ
موجب هيءُ لفظ ئي غلط آهي. انهيءَ جي صحيح صورت
آهي ’ڪانُ‘، جنهن جي پڻ معنى آهي ’گهوڙو‘. سنڌيءَ
۾ اهو لفظ سنسڪرت ’ڪانڊَ‘ (گهوڙو) لفظ جي اُچار ۾
ڪجهه تبديلي ڪري، آخري حرف صحيح ’ڊ‘ کي ڪيرائي ڇڏڻ
سان مروج ٿيو آهي. انهيءَ ڪري شاهه جي رسالي جي
قلمي نسخن ۽ آڳاٽن ڇاپن ۾ جتي ’ڪيڪانُ‘ يا ’ڪيڪاڻ‘
لفظ لکيل ملي ٿو، اُتي حقيقت ۾ ٻه لفظ ’ڪي+ ڪانُ‘
آهن. ڪن ڪاتبن پراڻن نسخن ۾ انهن ٻنهي لفظن کي گڏي
لکيو آهي. پڙهندڙن به اڻڄاڻائيءَ وچان اُنهن کي هڪ
يڪو لفظ سمجهيو آهي. پر عجب جي ڳالهه اها آهي ته
هنن انهيءَ غلط لفظ جي معنى صحيح ڪڍي آهي. انهيءَ
طرح دليل پيش ڪري، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سر کنڀات جي
بيت جي پڙهڻي هن ريت مقرر ڪئي آهي:
ڪَرَهو نه ڪِين ”ڪانُ“، پيرين آءٌ نه پُڄڻي،
جو مون رات رساڻي، نيئي ساڄن ساڻ،
مون نه وهيڻون پاڻ، ويٺي نيڻ نِچوئيان.
(سُر کنڀات، داستان 2، بيت 13)
هن بيت ۾ جن عالمن ’ڪين ڪانُ‘ کي گڏي هڪ لفظ ڪري پڙهيو آهي ۽ ان
جي معنى ’گهوڙو‘ ڪڍي آهي، انهن تي ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ گهڻا ڇوهه ڇنڊيا آهن. هُن انهن لغت
نويسن کي به ٽوڪيو آهي، جن غلط لفظ ’ڪيڪان‘ کي
سنڌي ڊڪشنرين ۾ پڻ داخل ڪري ڇڏيو آهي. شاهه جي
رسالي جي مقدمي ۾ هُن لکيو آهي:
”خود سنڌي لغت نويسن به علم لغات جي اصولن ۽ سنڌيءَ ساڻ ٻين
مشابهت رکندڙ ٻولين جي کوجنا نه ڪئي آهي. انهيءَ
سبب کان سندن لغتون اڌوريون ۽ خام رهجي ويون آهن ۽
ڪيترن نج سنڌي اکرن جي معنى، پوري ۽ صحيح نه ڏني
ويئي آهي. البت ڌُڪي بازيءَ جي کوٽ ڪانهي. شاهه جي
رسالي ۾ ڪيترا لفظ آهن، جن جي معنى ته صفا اوٽ تي
ڪئي ويئي آهي. لغت نويسيءَ جا اهڙا انڌا رستا، سنڌ
۾ ئي اختيار ڪيا ويا آهن. جيستائين ماڻهو سنڌيءَ
جي باترتيب تحصيل نه ڪندا، تيستائين ڪنهن به
ترقيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. نموني طور ٻه چار
مثال پيش ڪجن ٿا:
”ڪرهو نه ڪي ڪانُ، پيرين آءٌ نه پڄڻي.“
هاڻ هن مصرع ۾ ’ڪان‘ سنسڪرت لفظ ’ڪانڊَ‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي
معنى آهي ’گهوڙو‘. پر ڪي معنى نويس ’ڪي‘ ۽ ’ڪان‘
ڳنڍي ’ڪيڪان‘ ڪري ٿا پڙهن. وري عجب آهي ته معنى
برابر ’گهوڙو‘ ڪن ٿا. هاڻي اهو ’ڪيڪان‘ لفظ به
لغتن ۾ درج ٿي، سنڌي ٻوليءَ جو هڪ جزو بنجي پيو
آهي.“
(شاهه جو رسالو، مقدمو، فصل 8، شاهه جي سنڌي)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي انهيءَ نڪته چينيءَ کي پڙهي، کيس ساراهڻ
کانسواءِ رهي نه سگهيس. بيشڪ هُن سنڌي لغت نويسن ۽
عالمن جي غلطي پڪڙڻ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. اڪثر
ڏٺو ويو آهي ته پراڻن قلمي نسخن ۾ ڪاتب ڪيترائي
لفظ تڪڙ ۾ گڏي لکي ڇڏيندا هئا. انهيءَ ڪري اهڙا
آڳاٽا نسخا پڙهي، لفظن جو صحيح پڙهڻيون مقرر ڪرڻ
نهايت ئي اٺڪاٺيو ڪم آهي. سنسڪرت ڊڪشنريءَ جا ورق
ورائي ڏٺم ته اتي ’ڪانڊَ‘ لفظ جون گهڻيون ئي
معنائون ڏنل آهن. جيئن ته (1) ڀاڱو، حصو (2) باب
(3) ڪانو تِيلو (4) تيرُ (5) گهوڙو. سنڌيءَ ۾
’ڪانڊ‘ بدلجي ’ڪان، ڪانو، ڪاني‘ وغيره صورتن ۾ ڪم
اچي ٿو ۽ ساڳيون سنسڪرت واريون ڪجهه معنائون به
ڏيکاري ٿو. مثال طور:
”پائي ڪان ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون“
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي اِنهن دليلن کان متاثر ٿي، علامه آءِ- آءِ
قاضيءَ شاهواڻيءَ ۽ ٻين ڪن عالمن پنهنجن تيار ڪيل
شاهه جي رسالي جي ڇاپن ۾، هتي ڄاڻايل بيت ۾ ’ڪي
ڪاڻ‘ پڙهڻي مقرر ڪئي آهي. ٻئي طرف ڪلياڻ آڏواڻيءَ،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين گهڻن عالمن ’ڪيڪاڻ‘،
’ڪيڪان‘ پڙهڻي پسند ڪئي آهي. هيءُ اهڙو مسئلو هو،
جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ضروري سمجهيم.
اِنهيءَ سلسلي ۾ سنسڪرت، هندي، گجراتي، مراٺي، راجسٿاني وغيره
ٻولين جون ڊڪشنريون جاچڻ شروع ڪيم. اِن سان گڏ،
سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ آڳاٽي شاعريءَ جو به مطالعو
ڪرڻ لڳس. نظر آيم ته ڪيترن عوامي شاعرن، ڀانن ۽
چارڻن ’گهوڙي‘ جي معنى ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ جو استعمال
به پنهنجي شعر ۾ ڪيو آهي. هيءُ لفظ خاص طور
راجسٿان جي چارڻن گهڻو ڪتب آندو آهي. سنڌ جي عوامي
شاعريءَ ۾ به ’ڪيڪاڻ‘ لفظ جو چڱا ئي دفعا استعمال
ٿيو آهي. اِنهيءَ ڪري مذڪور بيت ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ کي
غلط تسليم ڪري، گربخشاڻي صاحب جيڪا ’ڪي ڪان‘ پڙهڻي
مقرر ڪئي آهي، ۽ اِها سمجهاڻي پيش ڪئي آهي ته اِتي
ڪاتبن جي غلطيءَ سببان ٻه لفظ پاڻ ۾ گڏجي ويا آهن،
سو رايو صحيح نه آهي. اِتي ٻين سنڌي عالمن ۽ لغت
نويسن تي خنده زني ڪرڻ ۽ کين گهٽ- وڌ ڳالهائڻ به
جائز نه آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي اُن زماني ۾
موجود سنسڪرت، گجراتي وغيره ڊڪشنريون ڏسي ها ۽
چارڻن جي عوامي شاعريءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي ’گهوڙي‘
جي مفهوم ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ جو استعمال ڏسي ها، ته کيس
هڪدم پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻي پوي ها.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جن لغت نويسن تي ٽوڪبازي ڪئي آهي، اُنهن ۾
مکيه هن ريت آهن:
(1) شرٽ، اُڌا رام ٿانورداس ۽ ميرزا صادق علي بيگ: اُنهن پنهنجي
تيار ڪيل سنڌي- انگريزي ڊڪشنري، جيڪا ڪراچيءَ مان
سنه 1879ع ۾ شايع ٿيل آهي، اُن ۾ صفحي 650 تي هن
طرح داخلا ڏني آهي.
S.M. A Horse, steed.
”ڪَهِڪاڻُ“
Adj. Swift, quick
(هتي ’ڪيڪاڻ‘ جو بگڙيل اُچار ’ڪَهِڪاڻُ‘ آهي، جيڪو
اِنهن لغت نويسن ٽرمپ واري ڇاپي ۽ ٻين ڪن قلمي
نسخن ۾ لکيل ڏٺو آهي ۽ مُمڪن آهي ته ڪن جي واتان
ٻڌو پڻ آهي.)
(2) ليلا رام وطنمل لعلواڻي: هُن پنهنجي ڪتاب ”دي لائيف، رليجن
ائنڊ پوئٽري آف شاهه لطيف“
(The Life, Religion and poetry of Shah Latif)
(پهريون ڇاپو، ڪراچي، 1890ع) ۾ ڄاڻايو آهي ته شاهه
لطيف جي مذڪور بيت ۾ ٽرمپ ’ڪَهڪان‘ لفظ ڏنو آهي،
جنهن جو صحيح اُچار ’ڪَئڪانُ‘ ٿيڻ گهرجي. (صفحو
169). ليلارام ان لفظ جي معنى ڏني آهي ’Swift-going‘
يعني ’تيز رفتار وارو‘. ان باري ۾ وڌيڪ بحث ڪندي
هو لکي ٿو ته: ٽرمپ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي ۾
صفحي 549 تي، سر کاهوڙي جي بيت نمبر 19 ۾ ٽرمپ جي
پهرين سٽ جي پڙهڻي هن ريت ڏني آهي: ”کڻن نه ڪهڪان،
پنڌ پراهين هليا“ اتي بمبئي واري ڇاپي ۾ ’ڪهڪان‘
جي جاءِ تي ’کرڪاڻ‘ لفظ ڏنل آهي. (مطلب ته کريا کر
جي ڪاڻ نه کڻن). ليلارام جي ويچار ۾ شرٽ واري
ڊڪشنريءَ ۾، ٽرمپ جي رسالي جي آڌار تي ’ڪهڪاڻ‘ لفظ
جي داخلا ڏيئي، مذڪور بيتن جي حوالي ۾ انهيءَ لفظ
جون ٻه معنائون ڏنيون ويون آهن.
(3) پرمانند ميوارام: هن سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ ۾، ’ڪهڪاڻ‘ ۽
’ڪئڪان‘ ٻئي اُچار ڏنا آهن ۽ شرٽ واريءَ ڊڪشنريءَ
جون ڏنل معنائون قبول ڪيون آهن.
(4) ڀيرومل مهرچند: ڪيڪان= گهوڙو (غريب اللغات، 1907ع).
(5) ميرزا قليچ بيگ: ڪيڪان= گهوڙو (لغات لطيفي، 1913ع).
سنسڪرت، پراڪرت وغيره آڳاٽين ٻولين جا شبد ڪوش جڏهن جاچي ڏٺم ته
معلوم ٿيو ته مونيئر وليس پهريون لغت نويس آهي،
جنهن پنهنجيءَ تيار ڪيل سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ’ڪيڪاڻ‘
لفظ ڏنو آهي. پر انهيءَ جي معنى هن لکي آهي. ’هڪ
علائقي جو نالو‘
(Name of a locality).[3]
انهيءَ مان لڳي ٿو ته ’گهوڙي‘ جي مفهوم ۾ کيس
’ڪيڪاڻ‘ لفظ سنسڪرت ۾ ڪٿي به نظر نه آيو آهي. ٻئي
طرف وامن شورام آپٽي جي سنسڪرت انگريزي ڊڪشنريءَ[4]
جي نئين ايڊيشن ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ ڏنل آهي ۽ ان جي
معنى آهي، ”ڪيڪاڻ علائقي جو گهوڙو.“ انهيءَ داخلا
سان گڏ گهوڙن جي قسمن، بيمارين ۽ انهن جي علاج
بابت سنسڪرت ۾ لکيل ڪتاب جو حوالو به ڏنل آهي،
جنهن ۾ اهو لفظ ڪتب آيو آهي.
ڀارت- پاڪ اُپکنڊ جي موجوده ٻولين جون ڊڪشنريون، جن ۾ ’ڪيڪاڻ‘
لفظ جي داخلا ڏنل آهي، انهن جا ڪجهه مثال هن ريت
آهن.
(1) ايم. بي. بيلسري، ائن ايٽيمالاجيڪل گجراتي- انگلش ڊڪشنري،
احمد آباد، ٻيو ڇاپو، سن 1904ع. هن ۾ ’ڪيڪاڻ‘ جي
معنى ’گهوڙو‘ ڏنل آهي ۽ ان جي ويتپتي گجراتي فعل
’کونکار‘ مان ڏيکاري ويئي آهي (کونکار= هڻڪار
ڪرڻ).
(2) ڪلڪرڻي، مراٺي ايٽيمالاجيڪل ڊڪشنري، پُڻي، ٻيو ايڊيشن،
1964ع. ڪيڪاڻ= جهنڊ، ميڙ، گهوڙو.
(3) ناگري پرچارڻي سڀا، ڪاشي، هندي شبد ساگر. ڪيڪاڻ يا ڪيڪان=
ڪيڪان ديش جو گهوڙو.
(هتي پرٿوي راج راسو ۽ بيسل ديو راسو ناڻي ڪتابن جا حوالا به
پيش ڪيل آهن، جتي هي لفظ ڪتب آيو آهي.)
(4) رامچندر ورما، مانڪ هندي ڪوش، پرياگه، 1962ع.
(5) عبدالڪريم سنديلو، تحقيق لغات سنڌي، لاڙڪاڻو، 1955ع.
ڪيڪان= (سن. ڪيڪاڻ)، گهوڙو. ’ڪيڪان‘ شهر گهوڙن کان مشهور آهي.
(6) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات (جلد چوٿون)، ڄام
شورو، سنڌ.
ڪيڪان: مذڪر (سن) گهوڙو، تيز رفتار گهوڙو.
(7) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ غلام مصطفى خان، سنڌي- اردو لغت،
ڄام شورو، سنڌ، 1979ع.
ڪيڪان= مضبوط ۽ سرڪش گهوڙو.
(8) سيتارام لالس، راجسٿاني شبد ڪوش، جوڌپور، 1962ع.
ڪيڪان مذڪر (مونث ڪيڪاڻي)= گهوڙو.
عوامي شاعريءَ ۾ ”ڪيڪاڻ“
شاهه لطيف جي رسالي ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ شايد هڪ دفعو ئي سُر کنڀات جي
ڄاڻايل بيت ۾ ڪتب آيو آهي، پر سنڌ جي ٻين عوامي
شاعرن ۾ چارڻن جي گيتن ۾ ان لفظ جو چڱا ئي دفعا
استعمال ٿيو آهي. راجسٿاني لوڪ شاعريءَ ۾ ته هيءُ
لفظ گهڻو مروج ۽ عام فهم آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه
آهي ته سنڌيءَ ۾ ڪن هنڌن تي انهيءَ جي اصل اچار ۾
ڪي قدر فرق اچي ويو آهي ته: ڪيــــٖـڪان، ڪيَڪان،
ڪَئڪان، ڪَيـڪان، ڪَهِڪاڻ، ڪَهڪاڻُ، ڪِيڪاڻُ
وغيره. هتي سنڌي ۽ راجسٿاني ڪجهه شعر مثال طور پيش
ڪجن ٿا:
(1) شاهه جو رسالو، برٽش ميوزيم وارو نسخو:
ڪرهو نه ” ڪيــــٖـڪانُ“، پيرين آءٌ نه پُڄڻي،
جو مون رات رساڻي، نيئي ساڄن ساڻُ،
مون نه وهيڻو پاڻ، ويٺي نيڻ نچوئيان.
(هتي ڪاتب حاشيي ۾ ’ڪيڪاڻ‘ جي معنى ”آسپ“ به ڏني آهي. ڏسو ڊاڪٽر
بلوچ جو مرتب ڪيل ڇاپو، 1969ع، ص 184).
(2) ست ڀائر هئا سومرا، ست ئي جنگ جوان،
تن تازي ڇوڙيا تڪڙا، ڪُڏايئون ٿي ”ڪيڪانَ“.[5]
(3) تو جي ڪيا پانهنجا، سنگهاڙي ساڻ،
دودي ڪيون داويون، پر ۾ ڪري پرياڻ،
ڪونه ڪڇان آڻي وڃي ڪُڏائي ”ڪَهِڪاڻ.“[6]
(4) آڇ مَ عالادين کي، سندا نيڪين طعان،
سمند عالي سلطان سين، ڪير جهلي ”ڪهڪاڻَ“،
ڪين رهندين ڪڇ ۾، تون جاڙيجا جواڻَ![7]
(5) پاو پدم ايڏي لسڻ، ڏند گلابي جاڻ،
ڍولا! تميڻي ماروي، ڪسوڙو ”ڪيڪاڻ“.[8]
(پير ۾ پدم، ٿوم جي ڳڙيءَ جيڏي کڙي، گلابي ڏند، ڍولا! تنهنجي
مارئي ڄڻ ته سنجيل گهوڙو آهي.)
(6) ايهي ڀلي نه، ڪرهلا، ڪَلَهيا ”ڪَئڪاڻَ“[9]
ڪا، پِري، راگان پراڻ- ڪر، ڪانئه آچنتي هاڻَ.
(اڙي ڪرها! هيءَ ڀلي ڳالهه ته نه ٿي، پٺيان گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ جو
آواز پيو اچي. هـٖــي پِرين! يا ته هنن کي پنهنجن
پِراڻن جو موهه آهي، يا اسان کي ڪا وڏي هاڃي ٿيڻي
آهي).
شاهه جي رسالي جي آڳاٽن نسخن ۾ ’ڪيــــٖـڪاڻ‘ اُچار ملي ٿو.
سنسڪرت، گجراتي، راجسٿاني، هندي ۽ مراٺيءَ ٻولين ۾
پڻ گهڻو ڪري اهو تلفظ ملي ٿو. انهيءَ ڪري هن لفظ
جي صحيح صورت ’ڪيڪاڻ‘ سمجهڻ گهرجي ۽ ٻيا انهيءَ
لفظ جا ڪي قدر بگڙيل اُچار ليکڻ گهرجن.
”ڪيڪاڻ“ نالي جو بنياد
گهوڙي تي ’ڪيڪاڻ‘ نالو ڪيئن پيو، انهيءَ بابت ڪن لغت نويسن اها
سمجهاڻي ڏني آهي ته اهو اصل ۾ هڪ ديس يا علائقي جو
نالو آهي. انهيءَ ڪري ان ديش جي مشهور گهوڙن کي به
’ڪيڪاڻ‘ سڏيو ويو آهي. چارڻن جي روايت موجب پڻ
اهائي سمجهاڻي صحيح آهي. عوامي شاعريءَ ۾ گهوڙن کي
انهن جي صفت، ذات، رنگ وغيره مطابق سڏيو ويو آهي.
جيئن ته اَبلق (اهڙو گهوڙو جنهن جي جسم جو رنگ
ڪنهن هنڌ اڇو ته ڪنهن هنڌ ڪارو آهي)، ڪُميت يا
ڪُميد (ڪارسري ڳاڙهي يا لاک جي رنگ وارو گهوڙو)؛
تُري، تُرگ يا تُرنگم (تمام تيز رفتار وارو
گهوڙو)؛ هَينَد، هَيوَر يا هَئِورَ (قداور ۽
طاقتور گهوڙو؛ سٺي نسل وارو گهوڙو). ساڳيءَ طرح،
گهوڙن تي ٻيا ڪجهه نالا علائقن يا ملڪن جي آڌار تي
رکيا ويا آهن. ’ڊنگل ڪوش‘[10]
نالي هڪ ڪتاب ۾ راجستاني ٻوليءَ جون پراڻيون
ڊڪشنريون هٿ ڪري ڇپائي پڌريون ڪيون ويون آهن. اهي
آڳاٽي رواج مطابق نظم ۾ لکيل آهن. انهن ۾ کيت يعني
علائقي موجب گهوڙن جا چڱا ئي نالا گڏ ڪري ڏنا ويا
آهن، جن ۾ هڪ نالو ’ڪيڪاڻ‘ درج ڪيل آهي. انهيءَ
طرح، ديشن موجب گهوڙن جي نالن جا ٻيا ڪجهه مثال
آهن: بلخي، سئنڌو، سِنڌوڀَو ڪامبوج، توخار، عربي،
بالهيڪ، پارشيڪ ۽ خراساني.
ڪانُ= گهوڙو
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سر کنڀات جي ڄاڻايل بيت ۾ ’ڪان‘ لفظ گهوڙي جي
مفهوم ۾ کنيو آهي، ۽ انهيءَ جي ويتپتي سنسڪرت لفظ
’ڪانڊَ‘ مان ڏيکاري آهي. انهيءَ پڙهڻيءَ جي آڌار
تي جامع سنڌي لغات جي جلد چوٿين ۾ ’ڪان‘ لفظ جي هڪ
معنى ’گهوڙو ڏني ويئي آهي[11].
هتي جيئن ثابت ڪري ڏيکاريو ويو آهي ته ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جي اها پڙهڻي صحيح نه آهي؛ انهيءَ ۾
اجائي ڇڪتاڻ ڪيل آهي. انهيءَ جو مکيه سبب اهو آهي
ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ’ڪيڪاڻ‘ لفظ ان ساڳي مطلب
۾ ڪٿي به نظر نه آيو آهي. هاڻي ڏسجي ته گهوڙي جي
معنى ۾ ’ڪان‘ لفظ جو استعمال سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻئي
ڪنهن هنڌ نظر اچي ٿو يا نه؟
هندي، گجراتي، راجسٿاني، مراٺي ۽ پنجابي وغيره سنڌ جي پاڙيسري
ٻولين جا وڏا شبد ڪوش جاچڻ سان معلوم ٿيو ته انهن
مان ڪنهن به ٻوليءَ ۾ گهوڙي جي مفهوم ۾ ’ڪان‘ لفظ
جو استعمال نٿو ملي. سنڌيءَ ۾ ’دودي چنيسر‘ جي
نظمي قصي جون جدا جدا روايتون کڻي ڏٺم ته انهن ۾
’ڪان‘ لفظ گهڻو ڪري ’تير، گز‘ جي معنى ۾ ڪتب آيو
آهي. پر ڪن هنڌن تي اهو گهوڙي جي معنى ۾ به
استعمال ڪيو ويو آهي. جيئن ته، سگهڙن جي انهيءَ
عوامي شاعريءَ ۾ ’گهوڙو ڪُڏائڻ‘، ’ڪيڪان ڪُڏائڻ‘،
’ڪُميت ڪُڏائڻ‘، ڪيترن هنڌن تي نظر آيو آهي، جنهن
جي معنى آهي ’گهوڙو ڊوڙائڻ‘. انهيءَ اصطلاح جي طرز
تي ’ڪان ڪُڏائڻ‘ به ساڳيءَ معنى ۾ ڪتب آيو آهي.
انهيءَ مان ثابت آهي ته ’ڪان‘ لفظ گهوڙي جي معنى ۾
به ڪتب اچي ٿو، جيتوڻيڪ اهڙو استعمال تمام محدود
آهي. اتي ’ڪان‘ سنڪسرت ’ڪانڊَ‘ مان نڪتل آهي؛ يا
انهيءَ لفظ کي ’ڪيڪان‘ جو ننڍڙو روپ ڪري به کڻي
سگهجي ٿو. ڪجهه مثال ڏسو:
1- ڇـــو گـــهـــمـــائـــيـــن گـــهـــوڙيـــا، تـــون ڇـــو
ڪُـــڏائــيــن ڪـــانَ؟ (ص- 407)
2- ســــوري حــــضــــرت پــــيــــر کـــي گـــهـــوٽ
چـــڙهــيــو گــهــوڙي،
نــــنــــگــر ســــاڻ پــــنــــجــــاهــه جـــي،
ڪُـــڏائـــيـــنــدو ڪـــانَ اچــي. (ص- 411)
3- ڪاهيائين ڪانَ ڪست منجهان، وڌو خوني کــوڙ ڪــري. (ص- 820)
4- ڪــاهــي ڪــانَ ڪــســت مــنــجــهــان، مــاريئيــن ڀـونگر
کــي. (ص- 100)
5- مـون ڏٺـو مـحـمـد سـومـرو، جـنـهـن جـا سُـڻ تـه سـڻـايئين
پارَ،
وڙڪــــنــــدي آيـــو ٻـــيــلـــن مـان، ڪـنـدي ڪـانـن جـا
ڪـڙڪـا. (ص- 824)
6- ٻــانــهــن ڏيــو ٻــاگــهــيءَ جــي، اوهــان جــا بــه
رچــيــو راڄ رهــن،
نه ته ڪندءِ ويڙهه ولايت کي، سڀاڻي قلعي ۾ ڪان ڪڏن.
”ڪيڪاڻ“ علائقو ڪٿي آهي؟
’ڪيڪاڻ‘ علائقو ڪهڙو آهي، جنهن تان اتي جي شاندار گهوڙن تي اهو
نالو پيو؟ انهيءَ سوال تي هتي ٿوري روشني وجهڻ
ضروري آهي. ويدن، رامائڻ، مهاڀارت، پراڻن وغيره
آڳاٽن سنسڪرت گرنٿن ۾ ڪنهن به هنڌ ان نالي واري
ديش يا جنپد جو ذڪر نٿو ملي. انهيءَ مان ظاهر آهي
ته اهو نالو ان پراڻي زماني ۾ مروج نه هو. هاڻوڪي
معلومات موجب، عرب سياحن ۽ تاريخ نويسن جي لکڻين ۾
ئي انهيءَ نالي واري علائقي جو بيان ملي ٿو. چچ
نامي ۾ ’ڪيڪانان‘ نالي علائقي جو گهڻي ئي دفعا ذڪر
آيو آهي. ٻين عرب سياحن ان کي ڪِيڪان، ڪَئڪان
وغيره به سڏيو آهي. بلاذري انهيءَ کي ’قيقان‘ جي
صورت ۾ لکيو آهي ته ابن حوقل ’ڪيزڪان‘ لکيو آهي.
پر گهڻن ئي عرب سياحن جي لکڻين ۾ ان علائقي جي
اوچي نسل وارن شاندار گهوڙن جي گهڻي ساراهه ڪئي
ويئي آهي. چچ نامي ۾ بيان ڪيل آهي ته: ”سنڌ ۾ هڪ
جبل آهي جنهن کي ڪيڪانان چون ٿا، اتي جا گهوڙا
قدآور ۽ موزون شڪل شباهت وارا آهن.... اتي جا
ماڻهو غدار آهن، جيڪي انهن جبلن جي پناهه سبب
سرڪشي ۽ شوخي ڪندا رهندا آهن[12].
چچ نامي مان اها به خبر پوي ٿي ته ڪيڪانان جي
ويڙهو قبيلن، حملو ڪندڙ عربن جو سخت مقابلو ڪيو.
هِن وقت سنڌ- بلوچستان علائقي ۾ ڪنهن ايراضيءَ جو اِهو نالو
ڪونه ٿو ملي. اِنهيءَ ڪري عرب سياحن ۽ ٻين ان دؤر
جي تاريخ نويسن جي بيان جي آڌار تي عالمن
’ڪيڪانان‘ يا ’ڪيڪان‘ علائقي کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي.
ايليٽ انهيءَ باري ۾ لکيو آهي ته: گومل جي ڏکڻ طرف سليماني جبلن
وارو علائقو ’ڪيڪانان‘ پرڳڻي جو هڪ حصو هو. اولهه
طرف سهاراوان ۽ منشڪي به ان جي حدن اندر هئا.
انهيءَ ايراضيءَ جا گهوڙا اڄ به مشهور آهن. هُن
انهيءَ علائقي جي نالي جو واسطو ’ڪاڪر‘ قبيلي سان
ڄاڻايو آهي. سندس راءِ موجب ’ڪاڪران‘ (ڪاڪر قبيلي
جو ملڪ) نالو ڪي قدر بدلجي ’ڪيڪانان‘ ٿيو آهي.[13]
ڪننگهم جي راءِ موجب چيني ياتري هوين سانگ، جنهن کي ڪي ڪيانگ نا
(Ki-Kiang-na)
لکيو آهي ۽ اُن علائقي جي شاندار گهوڙن جو به ذڪر
ڪيو آهي، اهو عربن جو بيان ڪيل ’ڪيڪانان‘، ڪيڪان
يا قيقان علائقو ئي آهي. سندس راءِ موجب بلوچستان
۾ پشن ماٿريءَ ۽ اُن جي آس پاس وارو علائقو
’ڪيڪان‘ سمجهڻ گهرجي.[14]
لئمبرڪ جي ويچار موجب بلوچستان ۾ لورالائي ۽ ذوب وارو علائقو
’ڪيڪان‘ آهي.[15]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”شوان سينگ جي بيان ۽ عرب مورخن
جي متعدد حوالن جي بنياد تي، بندي جي راءِ ۾
ڪيڪانان جو ملڪ گومل ندي، نوشڪي پاس، قصدار ۽
قندابيل (گنداوا) جي وچ وارو ملڪ هو. هن جاءِ تي
راءِ گهراڻي جي حڪومت جي سرحد جو ذڪر آهي ۽ انهيءَ
لحاظ سان مراد ڪيڪانان جي سرحد آهي، يعني سليمان
جبل جي قطار جو اهو حصو جو گومل نديءَ کان شروع ٿي
نوشڪي پاس تائين پهچي ٿو. انهيءَ نقطه نظر کان ڄڻ
موجوده قلات رياست توڙي سراوان ۽ جهالاوان جون
رياستون به راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ شامل هيون.[16]
’بيسل ديو راسو‘ ۾ ’ڪيڪاڻ‘ لفظ گهوڙي جي معنى ۾ چڱا ئي دفعا ڪتب
آيو آهي. اُنهيءَ جي هڪ ايڊيشن ۾، ستيه جيون ورما،
اوکن لفظن جي سمجهاڻي ڏيندي ’ڪيڪاڻ‘ لفظ جي معنى
لکي آهي: ”ڪيڪيه ديش جا گهوڙا“[17].
منهنجي ويچار ۾ انهيءَ ۾ چڱو وزن آهي، ڪيڪنيه ۽
ڪيڪاڻ جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي. ويدن، رامايڻ ۽
مهاڀارت واري زماني ۾ ڪيڪنه جنيد (راڄ)، قنڌار
(گانڌرا) کان وٺي بياس نديءَ تائين ڦهليل هو.
رامايڻ واري زماني ۾ اُتي جو راجا اشوپتي هو ۽
سندس ڌيءَ ’ڪيڪني‘ راجا دشرٿ جي ٽن راڻين مان هڪ
هئي ۽ ڀرت جي ماءُ هئي. ’ڪيڪيه‘ قبيلو، جنهن تان
هن راڄ تي اهو نالو پيو، اُهو پنهنجيءَ بهادريءَ
ڪري گهڻو مشهور هو. تاريخ ۾ حوالا ملن ٿا ته ڪيڪيه
لوڪن جون ڪجهه شاخون وقت گذرندي اوڀر ۾ بهار طرف ۽
ڏکڻ ۾ ميسور طرف لڏي ويون هيون: سڪندر جي حملي
وقت، جهلم، شاهه پور ۽ گجرات واري ايراضيءَ جي
راجا پورس، يوناني فوجن جو زبردست مقابلو ڪيو هو.
اِهو علائقو به ڪيڪنه جنيد جي حدن اندر هو. جيئن
ته ڪيڪنه جنيد وارو علائقو سنڌ- سؤوير ۽ سنڌ-
بلوچستان جي حدن سان بلڪل لڳل آهي ۽ ڪيڪيه لوڪن جي
لڏپلاڻ جا حوالا به تاريخ ۾ ملن ٿا، انهيءَ ڪري
ممڪن آهي ته انهيءَ قبيلي جون ڪجهه ٽوليون
بلوچستان ۾، قلات واري ايراضيءَ ۾ به وڃي رهيون
هجن. اُنهن جي نالي پٺيان، عيسوي چوٿين- پنجين
صديءَ ڌاري، اُنهيءَ ايراضيءَ جو ’ڪيڪاڻ‘ يا
’ڪيڪان‘ نالو مشهور ٿيو هجي. (ڪيڪيه+ آيَن=
ڪيڪيايَن= ڪيڪان. هتي ’آيَن‘ اولاد جي معنى
ڏيکاريندڙ، سنسڪرت ۾ ڪتب ايندڙ، پڇاڙي آهي. ان
موجب مطلب ٿيو ڪيڪيه قبيلي جي خاندان وارن جو
ملڪ). عجب جي ڳالهه آهي ته يارهين- ٻارهين عيسوي
صديءَ بعد، انهيءَ علائقي جو اهو نالو تاريخي
ڪتابن ۾ نٿو ملي. لڳي ٿو ته حڪومتن جي ڦيرگهير
ڪري، انهيءَ پُراڻي نالي جو واهپو ختم ٿي ويو. ٻئي
طرف، چارڻن ۽ سگهڙن جي عوامي شاعريءَ ۽ گيتن ۾ اهو
لفظ ’ڪيڪاڻ ديش جي گهوڙن‘ جي مفهوم ۾ قائم رهندو
آيو. وقت گذرندي عام ماڻهن کي اهو ياد به نه رهيو
ته ’ڪيڪاڻ‘ ديش ڪٿي آهي ۽ ’ڪيڪنه‘ قبيلي توڙي قديم
زماني جي ڪيڪيه جنيد سان اُن جو ڪهڙو لاڳاپو آهي.
سنسڪرت ۾ گهوڙي کي ’سَئنڌو‘ به چوندا آهن. انهيءَ جي اکري معنى
آهي ’سنڌو ديش جو گهوڙو‘. سنسڪرت ۾ ’لوڻ‘ لاءِ به
هڪ نالو آهي سئنڌو يعني ’سنڌ علائقي جو جابلو
لوڻ‘. قديم زماني ۾ نه فقط موجوده سنڌ وارو علائقو
’سنڌ‘ سڏبو هو، پر هاڻوڪي اولهه- ڏکڻ پنجاب ۾،
سنڌو نديءَ جي اولهه طرف وارو ڪيترو حصو لوڻ وارن
جبلن
(Salt Range)
وارو علائقو به سنڌو جن- پد جي
نالي سان مشهور هو. موجوده بلوچستان جي اُتر واري
ايراضي ۽ اوڀر وارو ڳچ حصو سنڌ ديش جي حدن اندر
هو. راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت ۾ پڻ
بلوچستان جو هتي ڄاڻايل ’ڪيڪان‘ علائقو، سنڌ جي
راجائن جي حڪومت هيٺ هو. انهيءَ ڪري، ان ڳالهه ۾
ڪوبه شڪ ناهي ته بلوچستان جا ’ڪيڪان‘ علائقي وارا
گهوڙا ئي قديم زماني ۾ ’سئنڌو‘ يعني سنڌ جي گهوڙن
جي نالي سان مشهور هئا.
اعلى نسل جا شاندار گهوڙا پيدا ڪرڻ جي روايت بلوچستان جي قلات
واري علائقي ۾ اڃا تائين قائم رهندي آئي آهي.
انهيءَ جي تصديق هينري پاٽنجر جي سفرنامي مان[18]
۽ بلوچستان جي گزيٽيئر مان ٿئي ٿي. اِمپيريل
گزيٽيئر[19]
۾ لکيل آهي ته انگريزن جي حڪومت کان اڳ واري دور ۾
پشن ماٿريءَ جا سيد ۽ ڪيترا براهوئي قبيلا پنهنجن
علائقن جا شاندار گهوڙا ڏورانهن علائقن ۾ وڪري
لاءِ وٺي ويندا هئا. مستونگ، جهل، باز خان ايراضين
جا گهوڙا تمام سٺي جنس جا آهن. سنه 1884ع ۾
برطانيا سرڪار گهوڙن جو نسل سڌارڻ ۽ اڃان به بهتر
جنس پيدا ڪرڻ جي رٿا شروع ڪئي. انهيءَ لاءِ سرڪاري
سطح تي عربي، آسٽريليائي ۽ انگلنڊ جا شاندار نسلن
جا گهوڙا گهرايا ويا. بلوچستان ۾ جن وٽ اعلى نسل
جون گهوڙيون هيون، انهن کي اهي گهوڙا سرڪار طرفان
مفت ۾ ڏنا ويندا هئا، جيئن انهن ذريعي سٺي جنس
پيدا ڪئي وڃي. سنه 1903ع ڌاري فوجي کاتي اعلى نسل
جا گهوڙا پيدا ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو. انهن
حوالن مان ظاهر آهي ته بلوچستان جي آڳاٽي ’ڪيڪان‘
نالي علائقي تان ئي گهوڙن کي ’ڪيڪان‘ يا ’ڪيڪاڻ‘
سڏيو وڃي ٿو.
جيئن ته عيسوي سن کان اڳ سنسڪرت ساهتيه ۾ ڪٿي به ڪنهن علائقي جو
’ڪيڪاڻ‘ نالو نظر نٿو اچي، اُنهيءَ ڪري خاطريءَ
سان چئي سگهجي ٿو ته هيءُ نالو سنڌ- بلوچستان جي
مڪاني لهجي جو آهي. اهو چوٿين- پنجين عيسوي صديءَ
ڌاري مروج ٿيو آهي. ان کانپوءِ سنسڪرت ۽ ٻين ڪن
ٻولين به اختيار ڪيو آهي.
1- کان 5- تائين مثال: دودو چنيسر، مرتب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد سنڌ. 1976-1977.
|