سنڌي
ٻوليءَ جا پنج سماجياتي حوالا
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
مهاڳ
سماجيات(Sociology)
جي
عالمن کي معلوم آهي ته ڪنهن به سماج جي سماجياتي
ترتيب
(Social Order)کي
سمجهڻ جي لاءِ ان سماج جي اندر موجود روحن، جسمن،
تصورن ۽ قدرن جو اڀياس ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي اڀياس
ڪرڻ جي لاءِ وري وڏي ۾ وڏو وسيلو آهي ٻولي. هن طرح
سماجيات جي ماهرن جي لاءِ لسانيات جي مهارت کان
سواءِ ڀروسي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي گهٽ
۾ گهٽ به سماجياتي لسانيات
(Socio-Linguistics)
جا ڄاڻو انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍو
اهم سمجهن ٿا.
انهيءِ ڪري سماجياتي لسانيات جا عالم سماجي
نفسيات، علم الانِسان، علم الالساب ۽ سماجيات کي
هڪ ئي وقت ڪنهن به هڪ سوال جي لاءِ مطالعي جي هيٺ
رکڻ ضروري ٿا سمجهن. اهوئي سبب آهي جو طاقتور
سماجن ۾ سماجياتي لسانيات جي تعليم کي تمام اهم
سمجهيو ٿو وڃي. ان مضمون کي خاص طور تي ٻوليءَ جي
تعليم ۾ ڪم آڻڻ کي ناگزير سمجهيو ٿو وڃي.
هن ليکڪ هن سوال تي ڊاڪٽر بام
گارڊنر سان پنهنجي ملاقات ۾ جڏهن سماجياتي لسانيات
جي سوال تي گفتگو ڪئي، تڏهن معلوم ٿيو ته ٻوليءَ
جي تعليم جي سوال تي مغرب ۾ گرامر وارن ۽ سماجياتي
لسانيات وارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ اتي اچي ختم ٿي رهي
آهي، ته ٻوليءَ کي بهتر طريقي سان پاڙهڻ جي لاءِ
سماجياتي لسانيات جا اصول وڌيڪ ڪارگر آهن[1].
هاڻي
سوال ٿو اٿي ته اُهي اصول ڪهڙا آهن:
خاص
طور تي هنن اصولن جو ذڪر ڪنهن به تعليمي مضمون يا
ڪنهن به لسانياتي مضمون ۾ ئي ڪري ٿو سگهجي. هت
اسان کي رڳو ايترو عرض ڪرڻو آهي ته ڪنهن به سماج
کي سمجهڻ جي لاءِ سماجيات جي عالم کي لسانيات مان
انهن حوالن کان مدد وٺڻي پوندي، جيڪي سماج ۾ موجود
۽ ڪم ڪندڙ زبان سماجيات جي عالم لاءِ پاڻ وٽ محفوظ
رکي ٿي.
اهڙا حوالا سڌو سنئون ڳالهايل
زبان مان به وٺي ٿا سگهجن، پر اهڙن حوالن جو تمام
وڏو زخيرو، لوڪ ادب جي بهتر نموني ۾ به محفوظ ڪيو
ويو آهي. هنن ”حوالن“ جو هڪ وڏو تعداد هن ليکڪ
پنهنجي ڪتاب ۾ ”سماجي ترتيب“ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ
جي لاءِ اڳي ئي بحث ۽ اڀياس هيٺ رکيو آهي[2].
ٺيڪ آ. اسان وٽ ڪوبه سماجيات جو عالم ۽ استاد هن
ڪتاب جي ويجهو نه ويو هوندو، پر اها ڳالهه ٻي آهي
جو اسان اڃان تائين لسانيات جي اڀياس لاءِ پنهنجو
رويو بدلايو ناهي. اسان وٽ هڪ استاد ۽ سماجيات جي
استاد لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته هو ”سماجي
درجيبندي“
(Social
Order)
جي لاءِ ڪوشش نه ڪري، پر ليکڪن جي درجي بندي ضرور
ڪري ۽ پوءِ سالم هوش ۽ حواس سان ”خس ڪم جهان پاڪ“
چئي آرام ڪري.
مرحوم عطا محمد حامي اسان مان ڪنهن کان به وسري نه
ويو هوندو. هن صاحب ته عمر جي آخري سالن ۾ هڪ اهم
تحقيقي ڪم به ڪيو. مون جڏهن ڪنهن دفعي ويهي ان سان
ان جي سوانح جي لحاظ کان ڳالهه ٻولهه ڪئي تڏهن
هڪڙو ڏاڍو مزيدار شعر ٻڌايائين. اهو هي آهي:
”ڀنگ
پيءُ چئين کان اٺين تائين ڀلي آرام ڪر،
ڀوء
نه ڪر ڪنهن مُڇ ڪٽئي جو، ملڪ آهي مير جو.“
(مطلب اهو هوس ته آءٌ سندس سوانح حيات جي جهنجهٽ ۾
پوان ڇو ٿو؟)
سو،
اسان سڀ انهيءَ طرز عمل کي اڄ سوڌو اهم سمجهون ٿا،
جو نون علمن ته ڇا پر نهايت ئي ترقي يافته علم جي
باري ۾ اسن غور ڪونه ٿا ڪريون.
بهرحال تبديلي زندگيءَ جي علامت آهي، ضرور ايندي.
اسان کي فقط ان جي لوازمات کي منهن ڏيڻ جي لاءِ
تيار رهڻ گهرجي. ان ڪري سماجيات جو توڙي لسانيات
جو اڀياس به اسان کي اهو سمجهي ڪرڻ گهرجي ته
مستقبل جا معاشرا اسان مان ڪجهه وڌيڪ تقاضائون ۽
تمنائون رکندا.
بهرحال هن طرح هن دفعي اسان سنڌي زبان جي رڳو پنجن
”حوالن“ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪنداسون ته جيئن
ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ۾ آيل سون جي
تعداد ۾ سماجياتي حوالا پڙهڻ ڏانهن ڪا دلچسپي پيدا
ٿي سگهي ۽ انهيءَ سوال تي اڳتي ڪم به ٿئي.
2-
حوالو نمبر پهريون (خير)
”خير“ لفظ جي معنى ته خير ئي آهي. پر سماجياتي
لسانياتي توڙي سماجيات جي علمن ۾ هن هڪ ئي لفظ کي
لفظ نه پر سماجي يا سماجياتي يا اڃا به سماجي
لسانياتي ”حوالو“ چوڻ گهرجي. هت ”حوالو“ هڪ شيءِ
آهي. جيڪا:
(1)
سڄي لساني سماج ۾ هر جاءِ تي يا ڌار گهڻين جاين تي
پنهنجو وجود رکي ۽ هڪ مستقل معنى جي لحاظ کان عام
طور تي ٻوليءَ جي ڪردار جو هڪ حصو بڻجي ٿي پوي.
(2)
اهڙو رخ اختيار ڪري جو ان جي استعمال سان سڌو
سنئون انهيءَ سماجي مقام تي پهچي سگهجي، جتي اهو
پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي.
(3)
جدا جدا جاين، مقامن، حالتن، تصورن ۽ قدرن جي حالت
جو هڪ جدارو مفهوم ڏئي ۽ سڄي ساري سماجي مفهوم ۽
مواد ۾ چٽي علامت جيان موجود رهي ۽ پنهنجي هڪ مقرر
ٿيل ڪردار جي دائري ۾ رهي.
(4)
سماج جي ڪنهن به ڳالهائڻ واري فرد جي ذهني ۽ دماغي
انداز جي سمجهاڻي ڏئي سگهي ۽ ڳالهائڻ واري جي رڳو
لهجي ۽ ڏانءَ تي پنهنجي جملي جو مخصوص ۽ موزون
مطلب ظاهر ڪري سگهي.(2)
هن
حوالي جي مختلف صورتن جي لاءِ اسان هڪ لسٽ ڏيون ٿا
۽ پوءِ اڳتي ان جي وڌيڪ وضاحت ڪنداسون:
1. خير! |
25. خير کٽي آيو آ. |
2. خير آ! |
26. ڪهڙو خير کٽي آيو آهين! |
3. مڙئي خير! |
27. خير مولا خير! |
4. گهرجي به خير. |
28. خير ٿئي ته پوءِ وڃبو |
5. خير هوندءِ! |
29. اڙي خير ته هو رات! |
6. خير سان آئين! |
30. خير جي رات گذري ته پوءِ- |
7. خير ته گهر! |
31. اول خير، سڀاڻي وڃبو. |
8. خير ڪجانءِ! |
32. خير جي وائي ڪَڍُ (ڪَرِ). |
9. خير ڪيائون (صلح) |
33. فقير خير ٿو گهري (خيرات) |
10. خير گهُر |
34. فقير کي خير ڏئي اچ. |
11. خير گهُرو. |
35. خير ٿي ويو. |
12. خير لڳو پيو آ. |
36. خير وٺڻ آيو آ. |
13. خير ۾ خدا به راضي |
37. ٻيو مڙئي خير! |
14. سڀ خير آ. |
38. وڃي ٿيا خير! |
15. خير آهي؟ |
39. توڏي به خير، اسان ڏي به خير. |
16. وڌيڪ خير |
40. اڃا خير جو پهتو مس آهي. |
17. خدا خير ڪيو آ. |
41. سائين جن خيرڪي آهن. |
18. سڀني ڏي خير آ. |
42. وڃي ٿيا سَتَ خير! |
19. اڄ توڏي خير ناهي. |
43. خدا خير ڪري،سڀاڻي تياريون آهن |
20. خبرون خير جون؟ |
44. هي ته خيرون آيو به چڱو ناهي |
21. ٻيو سڀ خير.
22. خير کٽندي هٿ سڙيا |
45. خير وري ڪهڙو آ (هڪ نه ٻي ڇڏي ئي نه ٿي) |
23. هڪڙو خير ته کَٽُ
24. خيرون آيو آن؟ |
46. اچي وئين خيرن سان!
47. خير مولى خير! |
|
48. ڌڻي منهنجا خير ڪجانءِ. |
(خيرون آيو به چڱو ناهي)
(هن
طرح وڌيڪ ڪجهه حالتون ملائي سگهجن ٿيون)
3-
نتيجا
بهرحال هنن حالتن ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا ته:
عام
لفظ، جيڪو هر حالت ۾ موجود آهي، اهو آهي ”خير“
(محرڪ لفظ)
هنن
حالتن ۾ هر هڪ ۾ لفظ ”خير“ جو مفهوم مخصوص آهي.
سڀني
حالتن ۾ ”خير“ ڳالهايل ۽ فوڪ ٻوليءَ مان حاصل ڪيو
ويو آهي. هن طرح هن لفظ جي هيءَ حالت عمومي آهي جا
لساني آهي.
پنهنجي هر حالت ۾ مٿي ڪم آيل لفظ ”خير“ پاڻ سان
ڳالهائڻ واري ماڻهوءَ جي هڪ خاص لهجي يا انداز سان
ڳنڍيو رکيو آهي. جيڪا ويا ڪرڻ به آهي.
هنن
سڀني حالتن ۾ هن طرح هي لفظ ”خير“ ڳالهائڻ واري
انسان لساني ماحول سان گڏ ان جي ماحول جي حقيقتن،
قدرن ۽ تصور ۾ جنهن سان لاڳاپي ۾ رهي ٿو، ان ڪري
هي لفظ هنن حالتن ۾ انسان جي عملي ۽ سماجي زندگيءَ
جو هڪ حوالو آهي.
انهن
سببن جي ڪري لفظ ”خير“ کي هڪ ”سماجي حوالو“
(Social
Reference)
ئي سڏيو ويو آهي.
هن
کانپوءِ به هن طرح جو لفظ به هنن حوالن مان ڪوبه
هڪ استعمال ۾ آندو ويندو تڏهن ان حوالي جي باري ۾
اهو چيو ويندو ته:
هي
حوالو سنڌي زبان جي گنج
(Treasure) مان
ورتو ويو آهي.
هي
حوالو ڪنهن نه ڪنهن جملي ۽ واقعي صورتحال جو اظهار
ڪري ٿو.
هي
حوالو ڳالهائڻ واري سماج جي ڳالهائيندڙ فرد جي
جسماني چرپر، انداز، لهجي، ۽ سوچ جو اظهار ڪري ٿو.
هي
حوالو لفظ خير (محرڪ لفظ) جي سماجياتي، ۽ لساني
صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو.
هي
حوالو سماجياتي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي موجود
آهي ۽ پنهنجو مخصوص ڪردار ادا ڪري ٿو.
هي
حوالو ”خير“ جي قدر، روح، بنياد ۽ حقيقي دنيا ۾
پنهنجي مقام جي باري ۾ مڪمل اظهار ڏئي ٿو.
4-
هڪ وڌيڪ اهم ڳالهه
معلوم هجي ته ”خير“ لفظ جي هنن مٿي آيل نمونن ۾
ڪوبه نمونو مڪمل پهاڪي جو نه آهي ۽ ٻيو ته ڪٿي به
هي لفظ ”خير“ رڳو علامت نه آهي. لفظ خير جي
استعمال جا هي سڀ نمونا آهن جيڪي عام رواجي حالتن
۾ سنڌي سماج ۾ موجود آهن موجود آهن ۽ اسان هنن مان
هر هڪ حوالي کي پنهنجي سياق ۽ سباق
(Context)
۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي
لهي سگهون ٿا.
ان
ڪري هن طرح ڪنهن به سماجي لساني حوالي کي ٻوليءَ
جي ”علامتي“ جوڙجڪ سان ڳنڍڻ ضروري نه آهي.
علامتي زبان جي حالتن ۾ هي لفظ حوالو نه پر اصطلاح
يا ڪو اهڃاڻ يا ڪا علامت يا ڪنهن پهاڪي جو ڪو حصو
يا اصل بڻجي پوندو. اُتي هن لفظ جو اڀياس وري جدا
ڪنهن اصول جي تحت ڪرڻو پوندو. پر اهو خيال رکڻو
پوندو ته اتي هي لفظ ”حوالو“ نه پر ڪا ٻي شيءِ
هوندو.
5-
لساني حوالي جي سماجياتي اهميت
هاڻي
ڏسڻو هي آهي ته آيل حوالي کي ڪوبه سماجيات جو عالم
۽ ماهر ڪهڙي حيثيت ڏئي سگهي ٿو.
اسان
جو خيال آهي ته ”لفظ – حوالي“ جي باري ۾ اسان مٿي
جو ڪجهه به تحرير ڪيو آهي، اُهو به سماجيات جي هڪ
ماهر جي لاءِ ڪم اچي ٿو سگهي، پر پوءِ به جڏهن
اسان نهايت ئي آرام سان ”لفظي حوالي“
(Word Reference)
جي سماجياتي ڪردار ۽ ڪارج تي
ڪجهه وڌيڪ به عرض ڪري سگهون ٿا، تڏهن اسان کي
جڳائي ته اسان اهو سڀ ڪجهه ڄاڻايون.
هن
طرح هڪ نئون سوال پيدا ڪري پوءِ اسان پنهنجي ڳالهه
کي بيان ڪرڻ گهرون ٿا.
6-
نئون سال
نئون
سال اهو آهي ته آخر سماجيات جو ماهر ڪم ڪهڙو ٿو
ڪري؟
هڪ
عام رواجي پڙهيل ماڻهوءَ جيان اسان سمجهون ٿا ته
هو هڪ اهڙي رپورٽ تيار ڪرڻ جي ڪم تي مامور آهي،
جهڙي رپورٽ موسميات جو ماهر هر روز عام پبلڪ جي
اطلاع جي لاءِ تيار ڪري ٿو. البت ماهر موسميات جو
مقصد آهي موسم جي خبر رکڻ ۽ ماهر سماجيات جو مقصود
آهي سماج جي خبر رکڻ. هن جي ڪم جو دائرو ”موسم“
آهي ۽ هن جي ڪم جو دائرو ”سماج“. هو موسم جي
تبديلي جا سبب سمجهي ٿو سگهي ۽ هي سماج جي تبديلي
جا سبب. هن جي نظر هوائن، ڪڪرن، زمينن، جبلن،
سرديءَ، گرميءَ ۽ گهم توڙي خشڪيءَ تي رهي ٿي ۽ هن
جي نظر عام رواجي، بيمار، چاق چوبند، نراس، خوش
حال، نااميد، بهادر، دلير، امير، فقير، ۽ عالم
جاهل جي زندگيءَ جي انهيءَ حالت تي رهي ٿي جنهن کي
هو پاڻ سماجياتي سمجهي ٿو.
هاڻي
ڇاڪاڻ ته لفظي حوالي مان کيس اهڙيون ئي حالتون ملن
ٿيون، هو سماج جي اڀياس کي لسانيات جي اڀياس سان
گڏوگڏ هلائي ٿو. هو جڏهن ٻڌي ٿو ”ڌڻي منهنجا خير
ڪجاءِ“ تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته گردن ٽوڙ بخار عام
ٿيندو ٿو وڃي ۽ ان باري ۾ لفظي حوالو خطري جو
اظهار ڪري ٿو. مثال طور: هو جڏهن ٻڌي ٿو ته ”خير
ٿي ويو“، تڏهن هو سمجهي ٿو ته وبا جو زور ختم ٿي
ويو يا وبا بلڪل ختم ٿي وئي.
اهڙيءَ ريت سماجيات جو عالم هر روز هڪ ”لفظي
حوالي“ مان سماج جي هڪ سماجياتي صورت حال معلوم
ڪري ٿو. هن طرح جڏهن هو هن قسم جا ڪي پنج ڏهه
حوالا غور سان ٻڌي ٿو، تڏهن هو سماج جي باري ۾
اوتروئي تصور قائم ڪري ٿو. هن طرح هڪ سرگرم ۽
پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندڙ سماجيات جو عالم هر روز
هڪ رپورٽ تيار ڪري ٿو سگهي.
سماجي صورتحال کي تحرير هيٺ آڻڻ ڪو نهايت ئي مشڪل
ڪم نه آهي. جدا جدا هنڌن تي مقرر ماهر شام تائين
هر روز سماج جو ڪونه ڪو تصور مڪمل ڪري ٿا سگهن. ان
کان پوءِ هو فون تي آهي تصور ڀيٽي يا انهن تصورن
کي ڪمپوٽر تي رکي انهن مان هڪ عمومي تصور حاصل ڪري
ٿا سگهن ۽ هن طرح هو رات جي ٽي-وي بليٽن ۾ ”سماجي
خبرچار“ ڏئي سگهن ٿا؛ اهڙي خبر چار هر شخص جي لاءِ
دلچسپيءَ جهڙي ڳالهه ٿيندي، پر خاص طور تي سياسي
جماعتون هن خبرچار جو فائدو وٺي سگهنديون.
7-
هڪ مثال
هن
طرح لسانيات جي ”لفظي حوالي“ جي مدد سان سماج ۾
موجود طبقاتي يا گروهي صورت کي سمجهائي سگهجي ٿو.
مثال طور ”اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن“ ۽ لفظي حوالي
آهي ”اگهه“ ۽ ان جو سماجي مفهوم آهي مهانگائي. هن
تصور کي سماجيات جو هڪ عالم سماجي خبرچار ۾ ٻه
طريقا ته ضرور اختيار ڪري ٿو سگهي، مثال طور:
ماڻهن جون اقتصادي حالتون خراب يا ڪمزوو آهن.
اڄ
سماج کي اقتصادي طور تي شڪايت رهي.
هنن
ٻن حالتن مان رڳو حالت نمبر 2 اهڙي آهي جنهن جو
تعلق ماهر سماجيات سان آهي، جڏهن ته پهرينءَ حالت
جو تعلق ماهر اقتصاديات سان آهي. ان ڪري جڏهن ماهر
اقتصاديات ”اگهوتري“ ڏسندو تڏهن ماهر سماجيات جو
اهو سماجياتي رويو ڏسندو، جيڪو اگهن جي وڌي وڃڻ يا
مهانگائيءَ جي ڪري پيدا ٿيو هوندو.
هن
طرح دنيا کي هڪ وڌيڪ معلوماتي علم کان واقف ڪري
سگهجي ٿو.
8-
ضروري نتيجا
بهرحال مٿي اسان ڏٺو آهي ته:
هڪ
لفظ کي ٻوليءَ جي استعمال جي لحاظ کان ”سماجي
حوالو“ به چئجي ٿو.
ڪو
سماجي حوالو ضروري آهي ته ڪو پهاڪو، محاورو يا
اصطلاح يا ڪا علامت يا ڪو اهڃاڻ هجي، پر هرڪو
سماجي حوالو هڪ عام ڳالهايل لفظ ئي هجي ٿو.
هرڪو
عام ڳالهايل لفظ سماجي حوالو نه آهي، پر سماجي
حوالو ڳالهايل لفظن مان ڪوبه هڪ اهڙو لفظ ٿي سگهي
ٿو جيڪو سماجي صورت حال ۾ ٻوليءَ جي گڏيل ڪردار ۾
هڪ مخصوص ڪم ڪري ۽ امتيازي صورت ۽ حيثيت رکندڙ هجي
۽ محرڪ لفظ به سڏجي سگهي.
هر
زبان ۾ سماجي حوالا ٿين ٿا، ضروري زبان ۾ به انهن
جو هڪ ذخيرو دريافت ڪري ٿو سگهجي. مثال اسان ڏنا
آهن.
سماجي حوالو علم سماجيات جي عالم جي لاءِ هڪ هٿيار(Tool)
آهي، جنهن کي سماجيات جو لسانيات جي بنيادن تي
دريافت ڪري ٿو سگهجي.
سماجيات جو عالم سماجي حوالي کي سماج جي اڀياس
لاءِ ڪم آڻي ٿو سگهي ۽ هن طرح هو سماج تي پنهنجي
تحقيق به ڪري ٿو سگهي.
سماجي حوالو سماج ۾ هڪ ”هڪ جهڙائي“ جي حيثيت رکي
ٿو ۽ هن طرح سماجي حوالي کي هڪ سماجي حقيقت
(Social
fact) جي حيثيت به ڏئي ٿي سگهجي.
گهڻا
سماجي حوالا گڏجي سماج جي نفسيات ۽ سماج جي
”حياتيات“
(Biology)
جو بنياد بنجن ٿا. هن طرح (ٻوليءَ جي باري ۾
ڪومسڪي
(Chomski)
ٻوليءَ جي حياتيات تي لکيو آهي.)
سماجيات جو ڪو عالم ”سماجي حوالن“ جي بنياد تي
سماج جي باري ۾ هڪ رپورٽ يا ”روزاني خبرچار“ به
تيار ڪري ٿو سگهي.
(هن
رپورٽ جي هڪ پروفارما تي آءٌ به غور ڪري رهيو
آهيان ته جيئن سماجيات کي
“Applied Science”
جيان ڪم آڻي سگهان، پر هي ڪم مون کان بهتر سماجيات
جو ڪو ماهر ڪري ٿو سگهي). هن باري ۾ روزانيون
اخبارون ”محرڪ لفظ“ ڏينديون رهن ٿيون.
سماجي حوالن جي بنياد تي:
سماجي صورتحال (گڏيل ڪارڪردگيءَ کان سواءِ)
سماجي ڪارڪردگي
سماجي ضابطو
سماجي درجي بندي
سماجي لاڙا
گروهي ڪارڪردگي
ڪلاس
رتبو
اميد
۽ نااميديءَ جي حالت کي هڪ رپورٽ ۾ به شامل ڪري ٿو
سگهجي.
۽
ٻيا ڪيترائي خالص سماجياتي سوال سمجهي ۽ سمجهائي
سگهجن ٿا.
حرف
آخر
پر
هت آءٌ اهو يقين به رکان ٿو ته هنن تي سائنسي
طريقن سان ڪم ڪرڻ ۽ مزيد تحقيق ڪرڻ کان سواءِ
ڪيترائي مشڪل مرحلا حل ٿي نه سگهندا. علم سماجيات
جون ڪيتريون تقاضائون اهڙيون به آهن جو هڪ ماهر کي
هڪ تمام وڏو مشاهداتي ڪم
(Field
work)
ڪرڻو پوندو آهي. ان ڪري اها ڳالهه به ممڪن آهي ته
سماجيات جو ماهر مشاهداتي ڪم ڪرڻ ۾ ”سماجي حوالي“
تي به غور ڪري. بهرحال، جيستائين سماجياتي لسانيات
جو تعلق آهي، آءٌ يقين جي حد تائين چئي سگهان ٿو
ته ”سماجي حوالو“ سماج کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. پر
جيستائين سماجيات جو سوال آهي وڌيڪ اهم راءِ جي
لاءِ ”عملي سماجيات“
(Applied Sociology)
تي اڃا اسان وٽ ڪم ڪونه ٿيو آهي.
(9)
حوالو نمبر ٻيو ----- ”سمجهه“
اڳ ۾
سمجهُه
سمجهه ته!
سمجهي وڃ!
سمجهُهءِ؟
سمجهه!
سمجهه رک.
سمجهي هل
سمجهي ڳالهاءِ
سمجهي ويندو ڪر.
نه
عقل نه سمجهه
سمجهه سان ٿيو آ.
سمجهُو ٻار آهي.
سمجهي ئي نٿو.
سمجهه سمجهه جو ڦير آ.
سمجهي قدم کڻ.
وقت
کي سمجهه.
ڳالهه کي سمجهه.
سمجهه ڪر.
نه
سمجهه نه سوچ.
ڳالهائي هڪڙو سمجهي ٻيو.
سمجهه جو جڏو.
سمجهه جو ڪچو آ.
اڻ
سمجهو آ.
اڃا
بي سمجهه آهي.
الٽي
سمجهه وارو آهي.
سمجهه ئي ڪانهيس.
سمجهه جو ناهي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو نه.
بي
سمجهه اڳ ۾ ٻُڌُ.
پر
سمجهه ٻي ڳالهه آهي.
سمجهه ته ڪم نٿو ٿئي ته پوءِ؟
ڳالهه ته ٺيڪ آ پر سمجهي نه ٿو سگهجي.
سڀڪجهه ٿو سمجهي ايترو سادو ناهي.
سمجهه هجيس ها ته ائين نه ڪري ها.
هي
آهي سمجهو بي سمجهه. (هي بي سمجهه سمجهو هي اڻ ڄاڻ
ڄاڻو).(اياز)
اچئي
ٿي ڪا ڳالهه سمجهه ۾؟
ڳالهائجي ڪنهن سان هجي ڪو سمجهو ته ڳالهه به ڪجي
سوال
آهي سمجهه جو
ڀانيان ٿو ڳالهه سمجهه ۾ به آيس
هڪڙو
دفعو ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويس ته پوءِ نه هٽندو.
سمجهي ته ڇا، جي نه سمجهي ته ڇا؟
نه
سمجهندو ته لوڙيندو.
سمجهه سان اچي ٿيو آهين، پر آهين اهو ئي ڄٽ جڏو.
مٿي
اسان حوالي نمبر 2 جون ٻائيتاليهه صورتون ڏنيون
آهن.
هر
صورت جو دائرو جدا آهي ۽ هر صورت جو ڪردار پنهنجي
دائري سان تعلق رکي ٿو.
هر
ڪا صورت عام ٻوليءَ ۾ موجو آهي ۽ هر ڪا صورت عام
فهم آهي، جو اها نه آهي علامت ۽ نه آهي اهڃاڻ.
هرهڪ
صورت حوالي جي لفظ ”سمجهه“ سان تعلق رکي ٿي، جيڪو
محرڪ لفظ آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، الهداد ٻوهيو،
سنڌالاجي.
|