مارئي ”ڀالوا“ جي نه، پر ”کاروڙي“ جي هئي
”معمور“ يوسفاڻي
سال 1985ع جي ڳالهه آهي ته، جڏهن ”مهراڻو پبليڪيشن ٿرپارڪر“
طرفان شايع ٿيل ڪتاب ”ڏيهي ڏور ٿيا“ ۾ منهنجو هڪ
مختصر مقالو ڇپيو هو، جنهن جو عنوان پڻ ”ڏيهي ڏور
ٿيا“ هو، جنهن ۾ مون شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽
خليفي نبي بخش رح جي بيتن جي حوالي سان لکيو هو
ته، ”مارئي جي مائٽن جو ماڳ کاروڙو هو. جيڪو
عمرڪوٽ کان سَت- اَٺ ميل پري اتر طرف آهي.“
منهنجو اهو مختصر مقالو منهنجي هڪ دوست محترم الهداد جنجهي صاحب
جي نظر مان جيئن ئي گذريو، تيئن کيس ڏاڍي مٺيان
لڳي ۽ هر محفل ۾ انهيءَ مقالي تي تنقيد ڪندو رهيو
۽ منهنجي خلاف به ڪجهه نه ڪجهه چوندو رهيو، پر
اشراف مون سان روبرو ملڻ تي، ڪڏهن به اهڙي ڳالهه
نه ڪئي. آخر نيٺ منهنجي انهيءَ مختصر مقالي جي رد
۾ هڪ آزادنه مقالو لکي ورتائين، جيڪو ٻن سالن کان
پوءِ هفتيوار ”وينجهار“ جي 5- آڪٽوبر کان 11-
آڪٽوبر 1987ع تائين واري پرچي ۾ شايع ٿيو، جيڪو
وينجهار جي سڄن سارن ”ٻن صفحن“ تي پکڙيل آهي.
جنجهي صاحب جو اهو مقالو ڪنهن به حالت ۾ نظرانداز ڪرڻ جي لائق
نه آهي، ڇو ته اهو مقالو اهڙي ته جديد رنگ ۽ ڍنگ
سان لکيل آهي، جو ان مان گرامر ۽ لسانيات بابت
نئين ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ۽ تنقيد جا نوان طريقا ۽
نوان گُر ظاهر ٿين ٿا، جيڪي جدت پسندن لاءِ قيمتي
سرمايو آهن.
اسان جي ٿري عالم، پنهنجي بي بها مقالي ۾ منهنجي لکت بابت
پنهنجي راءِ ظاهر ڪندي، لکيو آهي ته:
- مذڪوره مضمون ”ڏيهي ڏور ٿيا“ ۾ صحيح ثبوت جي ڪابه صداقت نه
آهي.
- ڏيکاريل دليل من گهڙت، محتاج ۽ بي ادب آهن، جن کي ڪوبه وزن يا
وقار نه آهي. (وينجهار ص 14).
استاد الهداد صاحب جي لساني، صرفي ۽ نحوي رنگينيءَ کي في الحال
ٿورو پاسيرو رکي، سندس تحرير جي مقصد تي اچون ٿا،
جنهن ۾ هن جو اعلان آهي ته ”معمور جيڪي لکيو آهي،
سو سڀ غلط ۽ بي دليل آهي.“
لاکيڻي ليکڪ جي انهيءَ تحرير جي جواب ۾ عرض ڪندس ته مذڪور مقالي
”ڏيهي ڏور ويا“ ۾، مون ڪابه ڳالهه پنهنجي طرفان نه
چئي آهي. مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو دنيا جي
عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سنڌ جي سڄاڻ شاعر
خليفي نبي بخش، “قاسم“ جي بيتن جو مختصر مطلب آهي،
جيڪو هر ڪو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. باقي رهيو
الهداد جو معاملو، سو جيڪڏهن اهو سولو مطلب
آسانيءَ سان سمجهي نه سگهيو هجي، ته ان ۾ نڪو ڀٽ
ڌڻيءَ جو قصور، نه وري خليفي جو ئي ڏوهه آهي نه
شبير خان جو، جنهن جي لاءِ حضرت سعدي شيرازي ڪئين
صديون اڳ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته؛
گر نه بيند بروز شبير چشم - چشمه آفتاب را چه گناهه
ٿر جي تاريخدان جي جرئت جو اهو ڪمال آهي، جو هن شاهه صاحب جي
مشهور بيت ”کاروڙيا کڻي ويڙهيجهپ ويا“ کي هڪڙي ئي
داڦوڙي سان ڇپي، لتاڙي، ان جي شڪل بدلائي وڏي واڪي
هي اعلان ڪيو آهي ته:
اهو بيت واقعاتي آهي، جنهن ۾ ”کاروڙ“ لفظ نه آهي. اهو لفظ
”کورڙو“ آهي. کاروڙي ۽ ويڙهيجهپ جو پاڻ ۾ ڪوبه
تعلق نه آهي“ (وينجهار س 14).
جهنجيءَ جي جهونگار جو مٿيون عالمانه اعلان پڙهڻ کان پوءِ اهو
ضروري ٿي پيو آهي ته سندس طرفان پيش ڪيل عجيب و
غريب اعتراضن جا جواب پيش ڪجن، ته جيئن ٿر جي سگهڙ
جي اڻ کٽ علميت ۽ معلومات جو ذخيرو به ظاهر ٿي پوي
۽ سندس شهرت کي به چار چنڊ لڳي پون.
سڄاڻ عالم جي مٿين چئن جملن ۾ ٻه اعتراض سمايل آهن، جن مان
پهريون اعتراض آهي ته ”مذڪوره بيت ۾ لفظ ’کاروڙو‘
نه بلڪه ’کوروڙو‘آهي. ٻيو اعتراض ته کاروڙي ۽
ويڙهيجهپ جو پاڻ ۾ ڪوبه تعلق نه آهي.“
قابل معترض جا ٻئي اعتراض مبهم آهن، جن مان پهرين اعتراض ۾
’کوروڙي‘ لفظ لاءِ ڪنهن به رسالي جو حوالو نه ڏنو
اٿس، ۽ ٻئي اعتراض ۾ ’تعلق‘ لفظ جي وضاحت نه ڪئي
اٿس، جيڪي ٻئي ڳالهيون ادبي زوراوري ظاهر ڪن ٿيون،
جن تي بحث ڪرڻ، منهنجي هن مقالي ۾ شامل نه آهي، ان
ڪري آئون بنيادي مقصد ڏانهن موٽان ٿو، جنهن ۾
پهريائين مون کي فاضل نقاد جي پهرئين اعتراض جو
جواب ڏيڻو آهي ”کاروڙيا کڻي.....“ بيت ۾ ’کاروڙي
يا کوروڙي‘ لفظ جو استعمال، جنهن لاءِ اسان کي
پنهنجي من ماني ڇڏي، لطيف سائينءَ جي رسالي جو
مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ اتان ئي فيصلو وٺڻو پوندو، ان
لاءِ سڀ کان پهرين اسين شاهه صاحب جو زير بحث بيت
اصل شڪل ۾ لکنداسون ۽ پوءِ ان کي 1866ع کان وٺي،
موجوده وقت تائين ڇپيل رسالن ۾ ڏسنداسون ته اهو
بيت ڪهڙن رسالن ۾ ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ طرح آيل آهي؟
اهو بيت اصل ۾ هينءَ آهي؛
کاروڙيا کڻي، ويڙهيجهپ هت هئا،
سيڻ منهنجا سيد چئي، هاڻي هت هئا،
پسي پڊ انين جا، لڙي لڙڪ بنا،
ڏيهي ڏور وئا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
هي بيت، مختلف اديبن ۽ عالمن جي تربيت ڏنل رسالن ۾ تلاش ڪرڻ کان
پهرئين، آءٌ اهو اعتراض ڪندس ته آءٌ غريب ۽ ٿورو
پڙهيو ماڻهو آهيان. مون وٽ نه وڏو ڪتبخانو آهي ۽
نه ئي وري وڏن اديبن ۽ وڏين لئبررين تائين پهچڻ جي
توفيق اٿم. ان ڪري هتي فقط انهن چند رسالن جا
حوالا پيش ڪندس، جيڪي مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن.
باقي رهيل ڇاپي رسالن بابت ادي الهداد کان ئي
پڇنداسون، جيڪو پاڻ کي لطيفات جو وڏو ڄاڻو ڪوٺائي
ٿو ۽ چند سالن کان شاهه صاحب جو هڪ ’گهڻ- بيتو‘
رسالو ترتيب ڏيو ويٺو آهي ۽ ڇپائڻ جي سوچ ۾ اهي،
ان ڪري وٽس لازمي طرح سڀ ڇاپي رسالا هوندا. باقي
مون کي فقط ويهه رسالا ملي سگهيا آهن، جن مان ٻه –
ٽي رسالا اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن طرح مٿئين بيت کان
خالي آهن، باقي جن رسالن ۾ اهو بيت ملي ٿو، انهن
جو خالو هيٺينءَ طرح آهي.
1303هه واري بمبيءَ ڇاپي ۾ اهو بيت 388 صفحي تي آهي. 1310هه
واري ڇاپي ۾ اهو بيت 440 صفحي تي آهي. 1329هه واري
بمبيءَ ڇاپي ۾ اهو بيت 366 صفحي تي آهي. 1340هه
اوري بمبيءَ ڇاپي ۾ اهو بيت 366 تي آهي، 24 سٽن
واري قديمي ڇاپي ۾ اهو بيت 252 صفحي تي اهي. تارا
چند واري سرڪاري ڇاپي ۾ اهو بيت 599 صفحي تي آهي.
مرزا قليچ بيگ واري رسالي ۾ اهو بيت 830 صفحي تي
آهي. عبدالله سومري جي ڪتابت ڪيل رسالي ۾ اهو بيت
349 صفحي تي آهي. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
واري رسالي جي ٽئين جلد ۾ اهو بيت 104 صفحي تي
اهي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ واري رسالي ۾ اهو
بيت 450 صفحي تي آهي. غلام محمد شاهواڻي واري
رسالي ۾ اهو بيت 828 ۽ 829 صفحي تي آهي. محمد
عثمان ڏيپلائيءَ واري رسالي ۾ اهو بيت 277 صفحي تي
آهي. مولانا غلام مصطفى قاسميءَ واري رسالي ۾ اهو
بيت 694 صفحي تي آهي. علامه آءِ . آءِ . قاضي جي
رسالي ۾ اهو بيت 741 صفحي تي آهي، پروفيسر ڪلياڻ
آڏواڻي جي رسالي ۾ اهو بيت 291 صفحي تي آهي.
ڏيپلائيءَ جي پاڪيٽ سائيز رسالي م اهو بيت 582
صفحي تي آهي. ڪلياڻ جي سر سان شروع ٿيندڙ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ واري رسالي ۾ اهو بيت 558 صفحي
تي آهي. انهن سڀني رسالن م اهو بيت ائين آهي، جيئن
مون مٿي لکيو آهي. سڀني عالمن مذڪوره بيت ۾ لفظ
’کاروڙو‘ برقرار رکيو آهي، ۽ ڪنهن به عالم
’کوروڙو‘ نه لکيو آهي. متن ته پري پر ڪٿي ڪنهن
رسالي جي حاشيه ۾ به ’کوروڙو‘ لفظ ڪونه ٿو ملي.
هاڻي پڙهندڙ حضرات جنجهي صاحب کان پڇي سگهن ٿا ته اهو ’کوروڙو‘
لفظ ڪهڙي ڇاپي رسالي ۾ آهي؟ جيڪڏهن جنجهي صاحب
درست جواب ڏيئي نٿو سگهي ته پڙهندڙ ئي فيصلو ڪن ته
ڏوهه ڪنهن جو؟
قابل نقاد جو ٻيو اعتراض آهي ته ”کاروڙي ۽ ويڙهيجهپ جو پاڻ ۾
ڪوبه تعلق نه آهي (وينجهار ص 14).
جواب ۾ عرض ڪندس ته اهي ٻئي ماڳ ئي ٿر جا مشهور ڳوٺ ۽ پٽ آهن.
ٻنهي جي سامهون وڏا ۽ ڪشادا ڏهر آهن. ٻنهي ڳوٺن
۾ ”ماڙيچا“ قوم
جا پڊ ملن ٿا. ٻنهي ڳوٺن جي آسپاس ”ٺڪرُ“ قوم آباد
آهي. ٻنهي ڳوٺن جي قريب ”سماٽ“ قوم به رهندي اچي
ٿي. ٻنهي ڳوٺن ۾ هندو ڌرم وارن جا به وڏا ميلا
لڳندا اچن ٿا. ٻنهي ڳوٺن جي ايراضي سهڻي، وڻندڙ ۽
راحت بخشيندڙ آهي. انهيءَ هڪجهڙائيءَ کان سواءِ
ٻنهي ماڳن جي وچ ۾ قديم دور جو تاريخي تعلق اهو
آهي ته:
”جڏهن عمر سومري کاروڙي جي ايراضيءَ مان مارئي کي کڻي وڃي ڪوٽ ۾
بند ڪيو، تڏهن مارئي جا مائٽ عمر سان اٽڪڻ جي ڌرَ
نه ساريندي راتو رات ”ملير“ يا ”موهر“ جي ايراضيءَ
مان لڏو کڻي پهريائين ملير کان ”کاهڙ“ طرف روانا
ٿيا ۽ اتان پوءِ ”پائر“ طرف اسهيا ۽ وڃي ويڙهيجهپ
۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جيڪا ايراضي عمر سومري جي
پهچ کان گهڻو پري هئي.“
جڏهن مارئي کي اها خبر ملي ته سندس مائٽ ’ملير‘ مان نڪري،
’کاهڙ‘ کي ڇڏي وڃي ’پائر‘ ۾ رهيا آهن، تڏهن هوءَ
هر وقت مارن ۽ ’پائر‘ پار جو ذڪر ڪرڻ لڳي، جنهن کي
شاعرن مارئيءَ جي زبانيءَ تمام گهڻو ڳايو آهي،
جيئن ته:
ڏور ٿيا ڏيهي، پرين ’پائر‘ وٽ ۾. (1)
-
نياپا نينهن گاڏئان ڪو ’پائر‘ پانڌي ني. (2)
-
پئي سڪان ساريان، پڇان ’پائر‘ پور. (3)
-
آءٌ ته اکين اگهان جي ’پائر‘ ڏنئي پير. 4)
-
سوئي ساريم سومرا، جو ’پائر‘ جو پنهوار. (5)
-
جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٿر جو مڪمل سير ۽ سفر ڪيو، ”مارئي ۽
مارن“ جا نوان ۽ پراڻا پڊ ڏٺا ۽ انهن لاءِ مقامي
ماڻهن کان مختلف روايتون ٻڌيون، تڏهن انهن کي
شاعريءَ جو روپ ڏيئي، مارئي ۽ مارن کي زنده ڪري
ڇڏيائين، جيڪي ٿر جي قديم قوم ماروءِ جا بچيل نشان
هئا.
مٿئين حقيقت بابت سنڌي شاعريءَ ۾ ڪئين بيت ملن ٿا، جيڪي مارئيءَ
جي کڄڻ کان پوءِ مارن جي لڏڻ واري واقعي بابت
شاهدي طور پيش ڪري سگهن ٿا.
کاهڙيا کڻي ويا، مٽيائون ملير،
وڃي پائر پٽ ۾، کلي پيتائون کير،
تن عمر اباڻن کي، ساري ٿو سرير،
زيريون لاهه زنجير، ته سرتيون پسان سومرا. (6)
-
کاهوڙيا کڻي ويا، رهيا ڍٽان ڏور،
سڀ لڏايا سومري، عمر ڪري اور،
وڏي ڪنهن ضرور، مارن ملير مٽيو. (7)
-
کنيائون کاهڙ ڏي ساري حاج هيا،
لائي لڏ لطيف چئي، پرين ٿر ٿيا،
ڇڏي ڳڻ ويا، ماروئڙا ملير ۾. (8)
-
نِيرَ نه لهي نينهن جو، لوهه جا لهي ويا،
مارن ڌاران ماڙيين، ڏهلا ڏينهن ٿيا،
ڏيهي ڏور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي. (9)
-
اڏي اوطاقون لڏي لوءِ ڇڏي ويا،
جيڪس منهنجي جيڏيين ڇنيون تڙ تاڪون،
لاٿيون ڪين لطيف چئي، ماروئڙن ماڪون،
پرهڻ پوشاڪون، مٿن لاکيون لوئيون. (10)
-
تن ونهين ويڙهيچن کي، روئان راتو ڏينهن،
ڪالهه پنهوارن لڏيون، مون کي چاڙهي چيئن،
آءٌ جيئندي ڪيئن، جو ان ٿر وڃي ٿاڻا ڪيا. (11)
-
اوڏا جان هئا، تان نت نياپا آئيا،
ماروئڙا ملير مان واري واڳ ويا،
تنيئن ڏونهه ڪيا، ڏيئي ڏوراپا چائيان. (12)
-
نڪي پکا پٽ ۾، نڪا تڙ تنوار،
ڪاهي ڪنهن پار ويا، پاڙيچا پنهوار،
جهانگيئڙن جهونگار، ٿي ڏوراهين ڏيهه ۾. (13)
-
نڪو اير نه ڀير، نڪو اوٺي آئيو،
مون وٽ آيو ڪونه ڪو، پائريان ڀري پير،
ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون. (14)
-
ڀيڄ ڀڻڪو نه سڻيان، ٻُري نه ٻڪر دانهن،
ميان ماروئڙن جا اوڻان پسان آنهن،
جن ساٺڪيا سنجيا، سي ڌڻي ڪيئي ڪانهن،
پکا کڻي پرانهن، جيڪس لڏيون لوڙيائين. (15)
-
ويا ڳڻن ساڻ، ماروئڙا ٿر اڪري،
تن پڄاڻان هاڻ، جاڙ ٿيو جيڏيون. (16)
-
مٿي ذڪر ڪيل بيت اهڙي گواهي آهن، جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ رد ڪري
نٿو سگهجي. اهي سڀئي بيت صاف صاف ظاهر ٿا ڪن ته
ماروئڙا عمر جي آواز کان ملير مان نڪري کاهڙ جي
ايراضي لتاڙي وڃي پائر جي پٽ ۾ رهيا ۽ پويان
’ملير‘ يا ’موهر‘ ۾ صرف سندن ياد باقي رهجي ويئي.
ماروئڙن جي لڏڻ جو قصد اهو هو ته اهنج ۽ آزار واري هنڌ مان نڪري
امن واري ايراضي ۾ رسن، جيئن کين وري ٻيو دفعو
آزار نه پهچي. ان لاءِ به ادب جي دنيا ۾ سوين بيت
شاهديءَ خاطر ملن ٿا، جن مان هتي ڪجهه بيتن جون
اهم مصرعون پيش ڪجن ٿيون، جنهن کي ڪوبه رد ڪري نٿو
سگهي.
لڏي ويا لطيف چئي، مارو مٽي ’موهه‘. (17)
-
مليران مٽي ويا، اڳهون ڏس اٿن. (18)
-
مارو ڪنهن ضرور، اوٺي ويا اڪري. (19)
-
بيشڪ ڀٽون لنگهيون، پرتي پنهوارن. (20)
-
مٿي ڏنل بيتن مان نه رڳو کاروڙي کان ويڙهيجهپ تائين مارن جي لڏڻ
جو ثبوت ملي ٿو، پر ماروئڙن جي همت ۽ دورانديشيءَ
جو ثبوت ملي ٿو. هونئن ته ماروئڙا ملير يا ’موهر‘
مان سڌا ’پائر‘ ڏانهن وڃي سگهيا ٿي، پر اهو رستو
لاڪن خطرناڪ به ٿي سگهيو ٿي. ان ڪري هو رات ۾ لڏ
لائي نڪتا ۽ ماڪ لهڻ کان پهرين مهراڻي مان نڪري
کاهڙ جي ايراضي ۾ پهچي ويا، ۽ اتان بي ڊپا ٿي
هلندا وڃي ويڙهيجهپ ۾ ساڪن ٿيا، جيڪو هنن لاءِ امن
وارو علائقو هو، جنهن جي شاهدي لطيف ڏني آهي ته:
”نيئي اڏيا ’امن‘ ۾ پکا پنهوارن.“ (21)
ويڙهيجهپ ۾ رسڻ ۽ اتي رهڻ لاءِ نه رڳو ”کاروڙيا کڻي ويڙهيجهپ
ويا“ وارو بيت ثبوت آهي، پر ٻيا به اهڙا ڪافي شعر
ملن ٿا، جيڪي مذڪوره بيت جي پٺڀرائي ڪن ٿا، جيئن:
وري ’ ويڙهيجهپ‘ ۾، آيا پئي آس‘ (22)
-
هيبتان همير جي، وري ’ويڙ‘ ويا. (23)
-
پائي پسايو ’ميرجهپ‘ اي وطن ويڙهيچن. (24)
قابل نقاد جو ٽيون اعتراض آهي ته ”(معمور) هڪ طرف ڏيهي ڏور ٿيا
لفظ ڪم آندو آهي، (ٻئي طرف) مارئيءَ جو ڳوٺ عمرڪوٽ
کان 4-5 ميل پري ڏيکاريو آهي، اتي ڏور لفظ بي معنى
آهي.“ (وينجهار)
هي اعتراض اصل ۾ شاهه عبداللطيف تي آهي، جنهن انهيءَ بيت ۾
’کاروڙو‘، ’ويڙهيجهپ‘ ۽ ’ڏور‘ لفظ ڪم آندا آهن.
ڳالهه ته ظاهر پئي آهي ۽ هرڪو ماڻهو اهو بيت پڙهڻ
کانپوءِ ٻڌائي سگهي ٿو ته مارئيءَ جا مائٽ جڏهن
’کاروڙي‘ مان لڏي وڃي ”ويڙهيجهپ“ ۾ رهيا. ته اهي
عمر ڪوٽ ۾ بند ٿيل مارئيءَ کان ڏور ٿي ويا، ڇا اڃا
به ڪو اعتراض آهي؟ جي هائو ته ان بيت جو نثر
سامهون رکبو، جيڪو هينئن ٿيندو ته؛
مارئي چوي ٿي ته “(منهنجا مائٽ) کاروڙي مان (لڏو) کڻي ويڙهيجهپ
ڏانهن هليا ويا منهنجا سيڻ هاڻي يعني ٿورو وقت اڳ
هتي هئا، (هينئر) انهن جا پڊ پسي (مون کي) لڙڪ لڙي
پيا آهن. (افسوس) مهنجا ڏيهي ڏور هليا ويا آهن،
(هاڻي آئون) ڏوراپا ڪنهن کي ڏيان“
اميد آهي ته مذڪور بيت جو نثر پڙهڻ کانپوءِ نقاد صاحب کي ”ڏور“
جو لفظ ۽ ان جي استعمال جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي ويو
هوندو.
اڳتي هلي، قابل نقاد ناصح بنجي پوي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته:
”تقريردان يا تحرير دان کي ڪنهن به حقيقت جي اظهار ڪرڻ لاءِ
پاڪائي، پرهيزگاري، سنجيده ۽ خلوص دل جي اشد ضرروت
آهي، پر هتي روشني کي انڌوڪار ۾ آندو ويو آهي.“
(وينجهار ص 16 ۽ 17.)
نقاد صاحب جي هن وعظ ۽ ’هروڀرو شاهه‘ واري فيصلي جو جواب گهڻو
ڪري کاروڙي واري بحث ۾ اچي ويو آهي، ڀلا جي نه ۽
اڃا به ڪجهه تشنه آهي، ته اڳتي اچي ويندو. پر جي
ڳالهه بنهي ڳري آهي ته ان جو جواب نقاد صاحب جي
تحرير آهي، جيڪا ثابت ٿي ڪري ته بيشڪ بيشڪ!! اڃا
به ڪي آهين....!
هاڻي ته لڪل راز به ظاهر ٿي ويو ته نقاد صاحب نه رڳو نقاد آهي،
پر ٻوليءَ جو به وڏو ڄاڻو آهي، پر جي ’تقريردان‘ ۽
’تحريردان‘ لکي ها ته کيس ڇا ڪري سگهو ٿا؟ شڪر
آهي، جو ليکڪ کي ’تقريردان‘ ۽ ’تحريردان‘ لکائين.
هن اسٽيج تي نقاد صاحب نه فقط نرالي نثر جي جهلڪ پسائي آهي، پر
ٽي بيت شاهه صاحب جا ۽ چوٿون بيت ’کڙکٻيتي خان‘ جو
پيش ڪري ۽ ان کي به لطيف جو ڪلام ڪوٺي اعلان ڪيو
آهيس ته: ”مٿئين بيتن مان ثابت آهي ته مارئي ڀالوا
جي هئي.“
پر ذڪر ڪيل بيتن مان ڪنهن به هڪ بيت ۾ ’ڀالوا‘ جو نالو نه آيو
آهي ۽ ان سان گڏ ڪنهن به بيت مان اهو ثابت ڪونه ٿو
ٿئي ته مارئي ڀالوا جي هئي، باقي هتي قابل نقاد جي
جرئت کي ضرور داد ڏيڻو پوندو ۽ اهو مڃڻو پوندو ته
”هيڊ جي ڳڙي هٿ اچڻ سان ڪافي ’ڪوئا‘ ’پساري‘ بنجي
سگهن ٿا.“
هتي سامعين جي دل جمعي ۽ تسليءَ خاطر، نقاد صاحب جا ڏنل اهي
چارئي بيت پيش ڪجن ٿا، ته جيئن پڙهندڙ اهي بيت
پڙهي ڀالوا جي تلاش ڪري سگهن ۽ فيصلو ڪن ته اوندهه
ڪٿي آهي؟ ۽ روشني ڪٿي آهي؟ اهي بيت وينجهار جي 17
صفحي تي آهن.
ويندس وطن سامهين ملير منهنجو ماڳ،
ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ،
ته مون سنئون سڀاڳ، جي ويجهي ٿيان ور کي. (شاهه)
-
اڄ اٺاويهين رات جو وريا ڏونهن وطن،
هيڪل، ڪونڊي، جونچا، مر ويڙهچا وچن،
هاڙهو ڳاڙهو ڇڏيو پاسي پنهوارن،
هلي ها ڏهاڙي تان، گوٺيا گس پڇن،
تن عمر اباڻن، گهڻو اڪنڊي آهيان.
-
پاڻهين پچي پيئون ري واهيت ري واڙ،
جوءِ ڪشادي جيڏيون ملير موڪ مهاڙ،
ات اباڻا جنهن جا، سا ماڙيءَ مور مَ چاڙ،
جي اڪنڊيون آرهاڙ، لوهه نه تن کي لاهئين. (شاهه)
-
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
سٿا ڪيو سيد چئي، سانئون سڪائين،
منجهان لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
پُلائون نه پاڙين، عمر آرهاڙين سين. (شاهه)
اهي بيت پيش ڪرڻ بعد نقاد صاحب هڪدم فيصلو ڏنو آهي ته ”مٿئين
بيتن ۾ ڪشادي جوءِ ڏٿ ڀالوا جو ثبوت آهي، نه
کاورڙي جو“ (وينجهار، ص 17)
شاهه صاحب جي ڪلام کي سامهون رکي بيتن جو جائزو وٺنداسون ته ڏسڻ
۾ ايندو ته بيت نمبر 1، 3 ۽ 4 شاهه صاحب جي مختلف
رسالن ۾ موجود آهن. پر بيت نمبر 2 شاهه صاحب جو
ڪلام نه آهي، اهو کڙکٻيتي خان جو آهي، جنهن جا
ڪئين بيت، ريل گاڏي ۽ بسن ۾ انڌا فقير پڙهندا آهن
۽ آخر ۾ ”اديون عبداللطيف چوي“ چئي اهڙا بيت شاهه
صاحب جي کنڌي ۾ لکندا رهندا آهن.
هن ڏس ۾ انڌن فقيرن کان سواءِ ڪجهه اهڙا ٻيا فقير به آهن، جيڪي
ظاهري طرح ته اکين وارا پيا ڏسجن پر ٻي طرح ڪجهه
اور آهن ۽ سندن اعلان اهو هوندو آهي ته ”اسين شاهه
صاحب جا گُم ٿيل بيت هٿ ڪري نئون رسالو پيا تيار
ڪريون،“ جنهن جو بهترين ثبوت سرائي امداد علي صاحب
جي سهيڙ ”املهه اڻتوريا“ آهي ۽ ٻين جا ذخيرا اڃا
”اڻ ڇپيل“ ڍڳن جي صورت ۾ وٽن موجود آهن. اهڙن
ذخيرن ۾ نه رڳو ٻين جا بيت شامل ڪيا ويا آهن. پر
شاهه صاحب جي سچي پچي ڪلام جي اصلي شڪل ۾ پڻ
تبديلي آندي ويئي آهي. جنئن جنجهي صاحب مٿي ذڪر
ڪيل چئن بيتن ۾ ٽئين ۽ چوٿين بيت ۾ ”جيڏين“،
”آراڙ“ ۽ ”آراڙي“ کي ”جيڏيون“ ”آرهاڙ“ ۽ ”آرهاڙي“
ٺاهي ڇڏيو آهي.
هن بحث ۾ عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته جنجهي صاحب ٻئي نمبر بيت
يعني ”اڄ اٺاويهين، رات جو، وريا ڏونهن وطن“ جي
بيهڪ ۽ بيت جي مطلب تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ائين ئي
کڻي ٻپي ٻڌي آهي ته ”مٿئين بيت ۾ هيڪل ڪونڊي،
هاڙهو، ڏهاڙو، گوٺيو ڳوٺن جا نالا آهن، جيڪي سڀئي
ڀالوا جي ڀر ۾ آهن.“ (ان ڪري چئبو ته مارئي ڀالوا
جي هئي؟)
هتي جيڪڏهن جنجهي صاحب کان ڪو پڙهندڙ سوال پڇي ته؛ ”قبلا! مٿئين
بيت ۾ شاعر صاحب ڀالوا جي ڀر وارن ڳوٺن جا ته نالا
ورتا آهن، پر خود ڀالوا جو نالو ڇو ڪونه ورتائين؟
منهنجي خيال ۾ جنجهي صاحب وٽ ان سوال جو جواب ڪونه آهي ۽ ان کان
پوءِ کائنس ٻيو سوال پڇبو ته حضرتا! اهو ته هڪ بيت
آهي، پر شاهه عبداللطيف، ميين شاهه عنايت، شاهه
شريف، قطب شاهه، خليفي نبي بخش ’قاسم‘، صوفي صديق
فقير ’صادق‘، سچل سرمست، راضي شاهه لڪياري، ولي
محمد فقير، مخدوم امين، شاهه شريف ڀاڏائي، فتح
فقير، مصري شاهه، پير اشرف، منٺار فقير، مل محمود
۽ ٻين وڏن شاعرن جي ڪلام ۾ ڪٿي به ڀالوا جو نالو
نه آيو آهي. ڇو؟
ڇا اهي سڀئي بزرگ ”ڀالوا“ جي خلاف هئا؟ ڇا اهي سڀئي ”کاروڙي“ جا
حمايتي هئا؟ خود جنجهي صاحب پنهنجي گريبان ۾ منهن
وجهي ڏسي ته حقيقت ڪيئن آهي؟
ساڳئي بحث ۾ نقاد، ڀالوا جي ڀر وارن ڳوٺن جا نالا سامهون رکي
جيڪو ”دنبو دليل“ ٺاهيو آهي، اهو به بي بقا آهي،
جتي وڏن شاعرن جي ڪلام ۾ ڪافي ڳوٺن جا نالا ملن
ٿا، جيڪي ٿر جا ته ضرور آهن، پر جاگرافيائي لحاظ
کان هڪٻئي کان گهڻو پري ۽ مختلف طرفن ۽ خطن ۾ آهن.
هن ڏس ۾ شاهه عبداللطيف جو پيشرو شاعر، ميون شاهه عنات رضوي
فرمائي ٿو ته:
’مِناڙي‘ ’موڪوڊه‘ جي ’ڪونڇر‘ ڪوري ڪن،
’پائر‘ ’پسايو‘ ’ميرجهپ‘ اي وطن ويڙهيچن،
’آسرو‘ ۽ ’اڪرو‘، ملڪي موڪ رهن،
’راڄاري‘ ۽ ’رت ڻو‘ منهنجي هين منجهه هرن.
اکيون آب اڪنڊيون، پنهنجي کُوڻ کڻن،
عمر اباڻن، لاهي بند بدا ڏيين. (25)
-
جر ’جاڦرا هوءِ‘ اڳرو، او ٿاهريا منجهه ٿرن،
’ڪاهو‘، ’وڪاهو‘، ’ٻانڌيو‘ سدا سک وسن،
سئائون سيد چئي، ’راڻا هئا‘ ماڙڪن،
الا ’ويڙ سين‘ وار ونگوئي نه ٿئي. (26)
|