سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :27

 

منهنجي پيڙا ريگستان

[تعزيت نامو]

نصير مرزا

ڪڏهن ڪڏهن ڪا خبر، ڪنهن مسافر کي دلگير ڪرڻ لاءِ ڪهڙو نه عجيب وقت ۽ ڏينهن ’چوز‘ ڪندي آهي. جنهن صبح جو نارائڻ شيام جي ديهانت جي خبر اخبار ۾ ڇپي، سنڌ جو آسمان پکين کان خالي هو ۽ مان ڪراچيءَ ۾ هئس. گهر کان پري، اجنبي ديار ۾ ان خبر، اچانگ اٻاڻڪو ڪري ڇڏيم. يڪدم دل چاهيو ته ڪنهن سان فون تي ڳالهايان، دل شيئر ڪريان. ذهن تي زور ڏئي، يادگيريءَ مان شيام جا شعر ’ريڪال‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. شايد اوچتي شاڪ سبب اهي به ڪٿي اکر اکر ٿي گم ٿي ويا هئا. لڳو، دنيا حسن ۽ مسرت کان خالي ٿي وئي آهي. سوچ جي بند گهٽيءَ ۾، پاڻ کي ڦاسندي ڀانيم. شيام جي اگني سنسڪار سبب، اهو ڏينهن ڪيڏو نه ٻوجهل پئي ڀاسيم. اکين اڳيان ننڍي کنڊ جي گلوب تي، شيام جي اَرٿيءَ جو دونهون پکڙجندو پئي ويو. ٽئبل وٽان اٿي ’بامبي هوٽل‘ ڪراچيءَ جي بالڪونيءَ ۾ گلن جي ڪونڊين وٽ، خدا بخش ابڙي جي اَن ڪمپليٽ تصويرن، ڊزائنن ۽ وکريل رنگن جي وچ ۾، گِرل کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. ’هند- سنڌ‘ مٿان پکڙيل مقبري نما آسمان هيٺان زندگيءَ جو چرخو ڦرڻ شروع ٿي چڪو هو، صرف شيام جي ساهه جي تند ڇڄي چڪي هئي. خدا بخش جو، ٺاهي ڏنل ڪافيءَ جو ڪوپ، ٺري برف ٿيندو رهيو. لڳو ڪافيءَ جي ٻاڦ ۾ اڌ صدي تحليل ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ سبب ڪيڏي نه اڇا پيدا ٿي هئي، اجهو روشن ڪرڻن جي جهرمر ۾، سنڌ جي هوائن ۾، سنڌوءَ جي ڪناري تي، شيام کي پنهنجي سَٿ ۾ پسنداسين. ڄاڻ بارڊر جو ڦاٽڪ کليو. ڄاڻ ته پهرين کيپ ۾ شيام جو مک- درشن ٿيندو ۽ ان اتاوليءَ ۾ اسان هند وارن کي راجيو- بي نظير ’ٽاڪس‘ جون شُڀ- ڪامنائون موڪليون (۽ حضرات!) هند وارن اسان ڏانهن موٽ ۾ ڇا اماڻيو: شيام جي وڇوڙي جو ازلي- ابدي اعلان ۽ ڪنهن شمشان گهاٽ تان اکيون پوسرائيندڙ دونهون. سانجهي سهيڙڻ کان اڳ ئي، سج اُلهي ويو ۽ شيام هِن پار کان هُن پار هليو ويو.

الائي ڪهڙي گهڙيءَ شيام اُن مان نڪتاسين،

وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!

شيام جو اهو ديهانت دراصل هڪ جلاوطن شاعر جو ديهانت آهي. تاريخ جي لهوءَ لهوءَ ريک تي لڙڪ لاڙيندو هندوستان ته شيام جو رڳو ڍانچو ويو هو؛ هن جي آتما، سرير ۽ سواس ته هتي ئي هئا- سنڌ ۾، سنڌ جي مٽيءَ ۾، گلن جي پنکڙين ۾، پکين جي لاتين ۾، ٻارن جي معصوم مُرڪن ۾. بِليو ڪريو، ان ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايندي سموري سفر ۾ مون سنڌ جي ڪنهن ٻار، ڪنهن نوجوان، ڪنهن بزرگ، ڪنهن نينگر جي مک تي مُرڪ جو منظر نه ڏٺو. هر شئي تي ڄڻ ڪوئي ازلي- ابدي سناٽو پکڙيل هو. شيام جي ان ڏکائتي وڇوڙي تي، سنڌي شاعريءَ جو اندر ۽ ’جان جگر‘ به ڏک ۾ اڌو اڌ هو. 25- جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نواب شاهه ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جو جيڪو ’اڌ دائرو‘ نارائڻ شيام جي نالي سان پيدا ٿيو هو، صرف سال کانپوءِ، اپريل 1923ع تي شڪارپور ۾ شيخ اياز جي جنم سان اهو ڄڻ بلڪل مڪمل ٿي ويو. ويهين صديءَ ۾ هڪ ئي وقت اسان ٻن مهان شاعرن کي هڪ ئي صديءَ ۾ موجود ڏٺو ۽ اهو ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونه آهي. 9- جنوري 1989ع کانپوءِ، شيام جي ڊيٿ سان، سنڌي شاعريءَ جو دائرو، وري اڌو اڌ ٿي ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي انهن ٻنهي مهان شاعرن جي شاعراڻي سائيڪيءَ جو جائزو وٺو ته اياز جي شاعري جهڙي اونهاري جو گرم ڏينهن ۽ شيام جي شاعري جهڙي ستارن ڀري ننڊاکڙي رات. اياز جي شخصيت ايئن ڄڻ ’ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري‘، شيام جو سڀاءُ ايئن ڄڻ ’رڻ ۾ رات ٺري‘؛ اياز ڄڻ ’وڏي پکيڙ ۾ پکڙيل بَڙ‘، شيام ڄڻ ’پپر جو وڻ مضبوط ۽ شاندار‘؛ اياز جي شاعري پڙهو ته جهڙا سج جا تاوَ تتل ڪرڻا، ’شيام جي ڪوتا پڙهو، ته ڄڻ ڪنهن سائي ڇانوَ ڀري ’ٺنڊا ٺار‘ وڻ جي ٿڌيري ڇانوَ ۽ شيام ته پاڻ به چيو آهي:

اچ اچ سائي وڻ هيٺان،

ڇانوَ نه ملنديئه سڪل وڻن کان.

تازو هندوستان مان هتي پهتل رسالي ”ڪونج“ تي ٻنهي شاعرن جا ڪلوز اپ ڏسندي، منهنجون اکيون، هنن ٻنهي شاعرن جي اکين ۾ لهي ويون. مون ڏٺو: اياز جي اکين ۾ جيڏا اُهاوَ نظر آيا، شيام جي اکين ۾ اوترائي نِياوَ. اياز جون اکيون جيڏيون اشانت، شيام جون اکيون اوڏيون ئي شانت. تڏهن ٻنهي شاعرن جون اکيون ئي مون آڏو سندن شاعري جي پرک ۽ ڪسوٽي به بنجي ويون. اياز جي شاعريءَ کي سندس عُقابي اکين جي ريفرنس ۾ پرکيو ته جهڙي ’جون جي ڌر- تتي،‘ هوڏانهن شيام جي ڪوتا جهڙي ’بسنت رت جي باک ڦٽي؛‘ هڪ جي لهجي ۾ ڇولين جو ڇوهه، ٻئي جي ٻولن ۾ بس موهه ئي موهه؛ هڪ ۾ تيز گلابي گل جي سجلتا، ته ٻئي وٽ موتئي جي اڇي گل واري نمرتا؛ هڪ وٽ اجهل رواني، ته ٻئي وٽ آنند، شانتي ۽ سڪون. لهجي جي ان مڌرتا ۽ گنڀيرتا سبب شيام پنهنجي شاعريءَ ۾ مغني ۽ موسيقار کان وڌيڪ حساس مصور ڀاسندو آهي.

آواز رنگ لاتو، ورتي خيال صورت،

ڏاتَر جي ڏات چمڪي، شاعر جي تات چمڪي.

شيام پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ خوبصورت چتر ۽ عڪس چٽڻ کي وڌيڪ پرفِرنس ڏنو آهي. شيام جا لفظي چتر يا عڪس، رڳو فوٽوگرافس ڪونه آهن، منجهن ڌڙڪندڙ دل رکندڙ شاعر جا جذبا جابجا نظر ايندا. شيام وٽ شعرن ۾ عڪس متحرڪ ۽ موونگ آهن. شيام جو ذهن، شاعر سان گڏوگڏ چترڪار جو به ذهن هو. هُن ڪائنات جي سُونهن ۾، پنهنجي تخليقي سونهن ائڊ ڪري، پنهنجي حسين ترين سرجڻهار هجڻ جي ساک ڏني آهي.

- چانڊوڪيءَ جي آرسي، رُوپهري ايڪانت،

پنهنجي سونهن ڏِسي ڏِسي، ڳائي پيئي سانت.

- رات ايئن ها سيج تي، وٽڙيل تنهنجا وار،

ڄڻ شاعر جي ذهن تي، ربط بنان اشعار.

- پنَ پنَ مان ڄڻ ڇڻي چاندني، وڻ کي لوڏي واءُ،

وَل جئن دل کي ويڙهي ويٺو اُجلو نرم هُڳاءُ،

اوسيئڙو ئي اوسيئڙو هو، انبرَ جو ڦهلاءُ...

شيام وٽ نه رڳو پنهنجي شاعراڻي ڪائنات الڳ هئي، پر هُن جي شاعريءَ جي ثقافت به، الڳ سُونهن جو دڳ ڏيکاري ٿي. شيام جي شعرن جو تاڃي پيٽو هُن جي لفظن جا رنگ رتا، نازڪ ڏڪڻي پٽ جهڙا ڏورا، جذبن جو جوت جڙاءُ، نيچر جا سڀاوَ، گُلن جا هڳاوَ، بوندن جي رم جهم، ڪرڻن جي جهرمر، ستارن جي ترِل رل، هوائن ۾ ڇڻيل پنن جي آهٽ، پٻن ڀر هلي، ڪنهن سان لِڪي لِڪي وڃي ملڻ جو رومانس... ۽ شيام وٽ رنگ، عڪس، آواز، اُڌما، سڀ رلي مِلي ڄَڻِ هُن جي شاعريءَ لاءِ اُٻٽڻ ڳوهين ٿا. شيام جي شاعريءَ جو مُک، وَنواهه ۾ ويٺل ڪنواري نينگر جو مُک آهي. شيام جي ڪوتا جا عجيب ڏانوَ آهن. هُن جي شاعريءَ ۾ خوشبو ڳالهائي ٿي، آواز مهڪن ٿا، باک مُرڪي ٿي، منظر ڳالهائين ٿا، عڪس اکيون ڇِنڀين ٿا، ڇَپرَ نائڻ ۽ مٿي کڻڻ سان فضائن ۾ سُر ٻُرن ٿا، سانت ڳائي ٿي- ايئن شيام جي ڪوتا، ڪائنات ۽ فطرت ڏانهن لکيل ڪنهن رومانٽڪ خط وانگر ڀاسندي آهي. ٻين صنفن سان گڏوگڏ شيام سنڌي غزل جو مڪمل ڊڪشن ئي تبديل ڪري ان کي پنهنجن لفظن، عڪسن ۽ تشبيهن سان سينگاري نئون بنائي ڇڏيو آهي.

ائن رنگ رنگ ڦول وڻن ۾ ٽڙيل لڳن،

نالو جُدا لَپين ۾ لکيل ڄڻ بهار جو.

سَچ پچُ شيام جو ڊيٿ، خوبصورت جديد سنڌي شاعريءَ جو ”پرسنل ڊيٿ“ آهي. هڪ مڪمل حُسناڪيءَ جي پُڄاڻي آهي. شاعريءَ جو مڪمل کنڊ، شيام کانپوءِ وري اڌ کنڊ بنجي ويو آهي، ۽ شيام کانسواءِ، هندوستان، اسان لاءِ ڄڻ اونداهو کنڊ بنجي چڪو آهي.

ڪاش، دَهليءَ جي شمشان گهاٽ تان شيام جي سريرَ جي پوتَر رک، سنڌو درياهه ۾ ٺارڻ لاءِ سنڌ موڪلي وڃي، جيئن اُها سنڌوءَ جي سَجل، امر جل سان هيڪَ ميڪَ ٿي، درياهه شاهه جي ڪنارن سان پکڙيل ۽ آباد ۽ شاداب کيتن ۾ پکڙجي، ڪڻڪ جي سونهري سنگن، مينديءَ جي ٻوٽن ۽ سدا بهار جي گلن ۾ سمائجي وڃي، جيئن هن مهان سرجڻهار جا رنگا رنگ سپنا، سنڌ ديش جي وستيءَ وستيءَ ۽ واهڻ واهڻ ۾ ازل- ابد تائين جهومندا ۽ رقص ڪندا رهن، جهومندا ۽ رقص ڪندا رهن، جهومندا... رقص ڪندا رهن...

بوندون بس نه ڪن

بردي سنڌيءَ جي ياد ۾

[نوٽ: مهراڻ جي اڳئين پرچي ۾ مرحوم بردي سنڌي بابت ڳچ ليک پيش ڪيا ويا هئا. استاد بخاري، تاج جويي ۽ منور ابڙي جا تاثرات پيش ڪجن ٿا.    – ادارو.]

زنده اديب

چهرو ڪڻڪ رنگو، زيبائتو، قد بُت وزنائتو، ڪپڙي لٽي ۾ پنهنجي شاعريءَ وانگر اڇو اجرو، صاف سٿرو، ميل جول جو سادو، سنجيدو. محفلن ۾ شاعراڻي جذباتي طبيعت هوندي به سانتيڪو.

دوستيءَ ۾-

هاڙهه جو اُٺي جي هوا، سياري جو صبح جو تڙڪو.

شاعريءَ ۾-

بيت، ڪافي، غزل، نظم ۾ معتبر ۽ گيت ۾ خاص ڪري رومانوي گيت جو مضبوط نمائندو.

تخليقي زندگيءَ ۾-

”اکڙيون ميگهه ملهار“ هن جي جوڀن جو اڀياس.

”سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي“ هن جي دل جي بيچيني، جا بظاهر سنجيدي، سانتيڪي هوندي به سرگرم ۽ سرگردان.

ابتدا ”اکڙيون ميگهه ملهار“ ۽ انتها ”بوندون بس نه ڪن“، پاڻي ئي پاڻي- ڏسبو ته بردو سنڌي هر حال ۾ ”آبدار“ هو. شاعر به ماڻهو آهي ۽ ماڻهو آخر مرڻو آهي، پر جنهن شاعر جي قوم، ٻولي، ادب زندهه آهي، اهو اديب نه مُئو آ، نه مرڻو آهي.

- استاد بخاري

امر گيت

سنڌي شاعريءَ ۾ ’بردي‘ جو گيت، امر حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون دڳ ’بردي‘ جي گيتن به ڏيکاريو آهي، جن جي ٻولي سوادي، سادي، ڳوٺاڻي ۽ عام ڪار وهنوار ۾ ڳالهائيندڙ آهي. بردي جا گيت ڳُوڙها ۽ فڪري گهٽ، پر جذبن ۽ احساسن جا عڪاس آهن. بردي، ڳوٺن جي ٻوليءَ کي جذبن جي اظهار جو ذريعو بنائي، سچ پچ سنڌي شاعريءَ تي وڏو وڙ ڪيو آهي. سندس گيتن ۾ ٺيٺ ڳوٺاڻيون تشبيهون، محاورا ۽ ترڪيبون اهڙي انوکي ڏانوَ سان استعمال ٿيل آهن، جيڪي ڏانوَ اختيار ڪرڻ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالهه نه آهي.

”اکڙيون ميگهه ملهار“ کانپوءِ سنڌالاجيءَ ”بوندون بس نه ڪن“ بردي جو ڪلام ڇپائي، سچ پچ تاريخي ڪارنامو ڪيو آهي. بردي جي وفات سان سنڌي شاعريءَ جو هڪ سندر باب ٺپ ٿي ويو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بردي جي گيتن جو مطالعو، اسان توڙي نوَن شاعرن لاءِ هڪ مشعل راهه آهي. بردي جي ياد، صدين تائين دلين ۾ تازي رهندي، سندس گيتن جي گونجار کيس سدائين زندهه رکندي. بردي تي سنڌي شاعريءَ کي دائمي ناز رهندو.

- تاج جويو

رات رُني پرڀات رُني

ڪي ڪي مٺڙا مٺڙا ماڻهو،

قلم کڻي ڪوري ڪاغذ جي،

سچا سُندر سهڻا ماڻهو،

ڇاتيءَ تي ڊوڙائيندا هن،

هن ڌرتيءَ تي ايندا آهن،

مڙني ماروئڙن جا ڏکڙا،

پيار پکيڙڻ،

پنهنجا ڏکڙا ڀائيندا هن.

ڏات وکيرڻ،

تنها جيوَن راتيون ڪاٽي،

گيتن غزلن جي صورت ۾،

جاڳي جاڳي،

ڏات ورهائي،

جهاڳي جهاڳي،

ڀٽڪيل ماڻهن کي دڳ لائڻ،

تصويرون بدلائيندا هن.

۽ جاڳائڻ،

سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،

گيت انهن جا گُونجي گُونجي،

سَڏُ، پڙاڏو، چيخ ٿين ٿا،

هرهڪ جيءَ ۾،

چيخ اُها جا،

پيار پريت جا گهرڙا جوڙي،

ڏاڍ جبر کي ڏهڪائي ٿي،

ڀٽڪيل کي دڳ لائيندا هن،

چيخ اُها جا،

ماڻهن کي جاڳائيندا هن.

سورن ڏکڙن ڏولاون کي،

ڀونءِ سڄي تي هيڏي هوڏي،

سهڪائي ٿي.

تن گيتن جي سرهي خوشبو،

موت انهن کي ڇا ماريندو؟

هر جاءِ وکري ويندي آهي،

جن جون لکڻيون ۽ تخليقون،

ڌرتي مهڪي پوندي آهي.

چٽيل آهن،

اهڙا مٺڙا مٺڙا ماڻهو،

چٽيل رهنديون،

مسڪينن جون ڪل پيڙائون،

ڪاشيءَ وانگي،

پنهنجون ئي پيڙائون ڄاڻي،

چلڪي چمڪي،

جُڳ جُڳ جَڳ ۾ جوت جلائي،

هاءِ اسان کان وڇڙي ويو آ،

جيئنديون رهنديون صدين تائين،

ڌرتيءَ لڙڪ وهايا آهن،

ڪير انهن کي ميساريندو؟

بيتن نيڻ ڀِڄايا آهن،

ڪير انهن کي ڊاهي سگهندو؟!

غزلن ۾ ڀي غمگيني آ،

تن ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو،

سڏڪي سڏڪي،

من مُهڻو ۽ مٺڙو ماڻهو،

گيت رُنا هن،

ڏات ڌڻي ۽ ڏاهو ماڻهو،

ڏات ڌڻين جي ڏات رُني آ،

بردو سنڌي سنڌي ماڻهو،

رات رُني پرڀات رُني آ.

 

- منور ابڙو

 

آديسي اٿي ويا....

مولانا محمد عظيم ”شيدا“

مولانا محمد عظيم شيدا، سنڌ جو هڪ برک عالم، اديب، شاعر، بزرگ ۽ دين اسلام جو سچو خدمتگار هو. مرحوم سڄي عمر يادِ الاهي ۽ سنت رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي پيروي ڪندي گذاري. مولانا صاحب نهايت پُرخلوص، محبتي ۽ اعلى خوبين وارو انسان هو. هن پنهنجي منفرد سوچ ۽ قلم وسيلي سنڌي ادب جي گرانقدر خدمت ڪئي. سندس علمي ڪاوشون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون. شاعري سان کيس دلي لڳاءُ هو. سندس شاعري خاص ڪري نعتيه هئي. پاڻ غزل، نظم، بيت ۽ ڪافي تي دسترس رکندڙ هو. مولانا صاحب وڏو جراح حڪيم هو. وڏن نوابن ۽ زميندارن، خاص ڪري نواب غيبي خان چانڊئي ۽ نواب يوسف علي خان مگسي جو خانداني معالج هو.

مولانا صاحب ”تحريڪ خلافت“ ۾ هڪ مخلص ۽ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. تحريڪ ۾ سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون هرگز ناهن.

مولانا محمد شيدا، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”گل ٻرڙي“ تعلقي وارهه ۾، لعل بخش خان سولنگيءَ ۾ گهر ۾ اکيون کوليون. سندس گهراڻو علمي، ادبي ۽ مذهبي هو. مولانا صاحب ننڍپڻ کان ئي ديني تعليم ڏانهن لاڙو رکيو. ادبي دنيا ۾، مولانا صاحب ”شيدا“ جي تخلص سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو.

مولانا صاحب جي سيرت طيبه تي لکيل ڪتاب ”سيرت مصطفى“ ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. سيرتِ مصطفى تي مولانا صاحب کي حڪومت 1980ع ۾، سيرت طيبه جي موضوع تي لکيل سنڌيءَ ۾ بهترين ڪتاب طور ڏهه هزار رپيا نقد انعام ڏنو. اها علمي ڪاوش، سندس محبت ۽ عقيدت جو نتيجو آهي. ڄاڻايل ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آهي.

مولانا صاحب جي نالي کان ننڍپڻ کان ئي واقف هوس، ڇوته مولانا صاحب جا اسان جي گهراڻي سان تمام گهرا تعلقات هئا. منهنجي ساڻس ملاقات 1982ع ڌاري ٿي، جڏهن پاڻ راشدي گهراڻي جي هڪ محترم شخصيت علامہ سيد نجي الله شاهه راشدي رحه جن وٽ آيو. ضعيفي حالت ۾ به هشاش بشاش ٿي لڳو. مان جڏهن ساڻس مليس ته پاڻ ڏاڍي پاٻوهه سان مليو ۽ قرب ڏنائين. ڪافي دير تائين ڳالهيون ڪيون سين. پاڻ چيائين: ”سائين! اوهان جي والده جو نڪاح مون پڙهايو هو.“ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ عجب به لڳو. اهو مولانا صاحب جو خلوص هو.

مولانا صاحب انهن ڪجهه خوش نصيبن مان هڪ هو، جن جي اولاد نيڪ، تعليم يافته ۽ بااخلاق هوندي آهي. سندس اولاد به اعلى تعليم يافتہ ۽ وڏن عهدن تي فائز آهي.

مولانا صاحب، علامہ سيد نجي الله شاهه راشدي رحه جن وٽ اڪثر ايندو هو. پاڻ چوندو هو، ”مون سائين راشدي صاحب سان زندگيءَ جا چاليهه سال گڏ گذاريا آهن. ان کان پوءِ وقت جي وهڪري سبب جدا ٿياسين، پر پنهنجي دوستيءَ جي ناتي ۽ اٽوٽ رشتي ۾ ڪمي هرگز نه آئي.“ مولانا صاحب آخري گهڙين تائين، راشدي صاحب جن وٽ ايندو رهندو هو. راشدي صاحب جن جي وفات تي مولانا صاحب کي دلي صدمو رسيو. ان کانپوءِ به مولانا صاحب، راشدي صاحب جي پونئيرن کان ڀيرو نه ڀڳو.

ساڻس آخري ڀيرو لاڙڪاڻي ۾ سندس جڳهه تي مليس. مون سان گڏ سيد اقبال احمد شاهه راشدي (فرزند سائين نجي الله شاهه راشدي رحه ۽ سجاده نشين درگاهه شريف پير جو ڳوٺ لڳ وڳڻ) ۽ حاجي عبدالڪبير ڀيو به ساڻ هئا. ڪيتري دير تائين، ساڻس ڪچهري ڪئي سين. سچ پچ ته مولانا صاحب جي شخصيت روح پرور هئي. پاڻ خوش طبع، ملنسار ۽ مهمان نواز هو. آخري وقت تائين دين اسلام جي خدمت ڪندو رهيو. حقيقت ۾ مولانا صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. آخرڪار دين اسلام جو سچو خدمتگار ۽ برک عالم، 130 ورهين جي عمر ۾، جمعي ڏينهن 6- آڪٽوبر 1988ع تي هن دنيا مان رخصت ٿي، خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو.

- امام راشدي

فقير نواب بهاول خان لغاري

سنڌ جي مشهور ادب نواز ۽ علم دوست تاجپوري نواب خاندان جي صوفي بزرگ، روشن ضمير شاعر ۽ عالم فقير نواب بهاول خان لغاري 7- جنوري 1989ع تي ڳوٺ تاجپور ۾ وفات ڪئي. سنڌ جي علمي ۽ ادبي ۽ صوفياڻن حلقن ۾ اها خبر نهايت رنج سان ٻڌي ويئي.

فقير نواب بهاول خان لغاري جو خانداني سلسلو سنڌي زبان جي مشهور صوفي شاعر فقير نواب ولي محمد خان لغاري (دوئم) ۽ سنڌ جي باوقار سپهه سالار، مدبر ۽ وطن دوست نواب ولي محمد خان لغاري، وزيراعظم سان ملي ٿو. نواب بهاول خان صوفي بن نواب امداد علي خان بن نواب بهاول خان (شهيد) بن فقير نواب ولي محمد سائين بن نواب احمد خان بن نواب ولي محمد خان وزيراعظم سنڌ.

فقير نواب بهاول خان صوفي تاريخ 5- رمضان المبارڪ 1339هه مطابق 17- مئي 1921ع تي ڳوٺ تاجپور ۾ تولد ٿيا. انهيءَ ساڳي تاريخ تي سندن پڙڏاڏي فقير صاحب ولي محمد سائين جن جو ستون عرس مبارڪ ملهائجي رهيو هو. سندن نالو نواب غلام حيدر خان، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻيا فقيرن جا گروهه درگاهه تي موجود هئا. اهڙيءَ طرح ڄمڻ سان ئي صوفي فقراه جي رندي ڪلامن جو آواز ۽ سازن جي گونج سندن ڪنن تي پئي.

ننڍپڻ کان ئي پاڻ نهايت ذهين ۽ فهيم هئا. سندن حافظو تيز هو. خانداني ماحول ۽ سٺي صحبت ننڍي هوندي کان ئي کين ملي.

فقير بهاول صوفي جن جي طبيعت تي پنهنجن بزرگن جي سٺي صحبت جو گهرو اثر ٿيو. پاڻ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ست درجا سنڌي جا پاس ڪيائون. اڃان شاگرد ئي هئا ته سندن والد صاحب امداد علي خان وصال ڪيو. پاڻ ان وقت 13-14 سالن جا مس هئا. اڪيلو اولاد هئڻ جي حيثيت ۾ گهريلو ڪاروبار توڙي زمينات جي سنڀال وغيره جو سڄو بار سندن ڪلهن تي پيو، جنهنڪري پاڻ وڌيڪ پڙهائي جاري نه رکي سگهيا.

نواب بهاول خان تي ننڍي عمر کان ئي فقير نواب ولي محمد سائين جن جي شعر جو ڪافي اثر ٿيو. پاڻ فقير صاحب عليہ رحمت جون گهڻيون ڪافيون ياد ڪيون هئائون ۽ هر مهيني لڳندڙ چوٿين جي رات توڙي ٻين ننڍن وڏن ڏهاڙن تي پاڻ اڪيلي سر توڙي سنگت سان گڏ ڳائيندا هئا. ان کانسواءِ عاشوره محرم ۾ اهلبيت اظهار ۽ شهداءِ جي ذڪر ۾ مرثيه خواني ۽ نوحه خواني پڻ ڪندا هئا. سيد ثابت علي شاهه توڙي درگاهه جهوڪ شريف جي بزرگن جا ٺاهيل مرثيا نهايت شوق سان پُراثر انداز ۾ چوندا هئا.

سندن طبيعت تي پڻ فقيراڻو ۽ شاعراڻو رنگ غالب هو. ننڍپڻ ۾ پنهنجن بزرگن سان گڏجي پنهنجي اَباڻي مرشدن جي درگاهه جهوڪ شريف جي صوفي صاحبن جي زيارت لاءِ اڪثر ويندا هئا. جواني جي زماني ۾ زمينداري تي رهڻ کانسواءِ جهوڪ شريف ۾ مهينن جا مهينا رهندا هئا. ان وقت مسند معرفت تي حضرت حاجي عبدالستار شاهه ’ثاني‘ جلوه افروز هئا. بتاريخ 9- آگسٽ 1943ع تي جهوڪ شريف ۾ پاڻ حضرت صاحب ڪريم عبدالستار شاهه جن جي هٿ تي بيعت ڪيائون ۽ اسم پاڪ جي ذڪر جي تلقين حاصل ڪيائون. سال 1949ع تائين لاڳيتو درگاهه جهوڪ شريف تي رهيا، جنهن دؤران ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ تاج پور يا زمينداري تعلقي سڪرنڊ ڏي پڻ سندن اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. پاڻ پنهنجن مرشدن جي نهايت دل جي گهراين ۽ خلوصِ نيت سان خدمت ڪندا هئا، جنهنڪري سندن مرشد صاحب توڙي ٻيا مخدومين پڻ کين تمام گهڻي پيار جي نظر سان ڏسندا هئا.

سال 1960ع کان وٺي پاڻ ظاهري طور طريقن ۾ پڻ درويشاڻو ۽ فقيراڻو رنگ اختيار ڪيائون. علم موسيقي سان ۽ شاعري سان رغبت هئڻ ڪري پنهنجو ڌيان حضرت فقير ولي محمد سائين جن جي ڪلام کي عام ڪرڻ تي ڏيڻ لڳا. ان سلسلي ۾ پاڻ هڪ راڳيندڙ فقيرن جي جماعت ترتيب ڏنائون، جنهن جي اڳواڻي بچل فقير چنو ڪندڙ هو. انهن فقيرن کي پاڻ ڪلام ياد ڪرائيندا هئا ۽ مختلف طرزون ۽ ڌُنون سمجهائيندا هئا ته جيئن غلطيءَ جو امڪان گهٽ ٿئي. دست بيعت کان اڳ ئي سال 1941ع ڌاري پاڻ شعر به چوڻ شروع ڪيائون ۽ تاج پور ۾ مڪمل رهائش کانپوءِ سندن اوطاق تي اِهي شعر و سخن جون محفلون روزانو منعقد ٿيڻ لڳيون. حضرت فقير ولي محمد سائين جن جي ميلي تي ته تمام سٺو انتظام ڪندا هئا. ميلي جي وچينءَ رات خاص طرح استاد منظور علي خان لاءِ مخصوص هوندي هئي ۽ استاد منظور علي خان به آخري ميلي تائين ڳائي وڄائي ۽ نڀائي ويو.

سندن خاندان ۾ وڏا شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن. پاڻ اُن اهميت کان واقف هئا، ان ڪري پنهنجن بزرگن جون سوانح عمريون، ڪلام، تبرڪات ۽ استعمال جون شيون نهايت جانفشانيءَ سان گڏ ڪرڻ شروع ڪيائون، جنهن ۾ کين چڱي ڪاميابي پڻ حاصل ٿي. هن وقت سندن پوين وٽ اِهي سڀ شيون محفوظ آهن. پاڻ وقت جي نامور اديبن ۽ محققن سان رابطو رکيائون، جن مان محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مسٽر غلام رباني آگرو، جناب غلام محمد گرامي صاحب جن ذڪر جوڳا آهن. آخرڪار سال 1968ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽ محنت سان ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ جهڙو ضخيم ۽ نادرالوجود ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو.

فقير بهاول سائين جن قد جا پورا پنا، بدن سنهو ۽ رنگت سفيد هئي. ننڍي سونهاري رکندا هئا. چهري تي هلڪا ماتا جا نشان هئن. سندن چهري ۾ جلال ۽ رعب سان گڏ ٻاجهه ۽ حليمت پڻ نظر ايندي هئي. تمام زيرڪ ۽ هوشيار هئا. گفتگو ۾ مخالف کي گهڻو متاثر ڪندا هئا. مذهبي توڙي علمي ڪتابن پڙهڻ جو شوق گهڻو هوندو هئن ۽ سٺي حافظي هئڻ سبب بحث جي دوران انهن جا حوالا نهايت مناسبت سان ڏيندا هئا. مرڪي گفتگو ڪرڻ سندن بلند اخلاقيءَ جو مظهر هو. آواز ۾ حليمت ۽ شائستگي هئن، پر جيڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ کي بداخلاقي يا اصول خلاف ڪم ڪندي ڏسندا هئا ته سخت تنبيهه ڪرڻ کان ڪونه گهٻرائيندا هئا. سچ چوڻ سندن اصول هوندو هو، پوءِ ڀلي اڳلي کي ناگوار گذري.

پوشاڪ ۾ سادگي اختيار ڪيائون. سفيد پهرياڻ (پاسيري ڳچي وارو)، سفيد سلوار، ڪپڙي جي سفيد ٽوپي مٿي ۾ ۽ سنڌي جُتي پيرن ۾. ڪڏهن ڪڏهن صدري بنا ٻانهن واري، پهرياڻ جي مٿان پائيندا هئا. سياري ۾ ڪوٽ ۽ ڪاري کَٿي پڻ اوڍيندا هئا. سندن نشست گاهه هيٺ گلم يا تڏي تي هوندي هئي. سمهڻ مهل به گهڻو ڪري کَٽَ تي ڪونه سمهندا هئا. سندن رهڻي ڪهڻي فقيراڻي هئي. پيٽ جي دائمي عارضي سبب هميشہ پرهيز وارو کاڌو کائيندا هئا. رات جو صرف کير سان، ڪڻڪ يا جوئر جي ماني واپرائيندا هئا. حياتي جا پويان پندرنهن- ويهه سال پاڻ مختلف حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن وٽ علاج هيٺ رهيا. علاج ۽ دوا جي پابندي تمام گهڻي رکندا هئا.

سال 1970ع ۾ درگاهه جهوڪ شريف جي بزرگ فقير سائين حاجي محمد وارث شاهه جن وصال فرمايو، تنهن کانپوءِ پاڻ اڪثر مغموم رهڻ لڳا. اڃان اٺ سال به ڪونه گذريا ته سال 1978ع جي آگسٽ مهيني ۾ فقير صاحب جن جي ننڍي فرزند فتح علي خان جو هڪ اتفاقي حادثي ۾ انتقال ٿيو. فتح علي خان، 25 ورهين جو خوبصورت، همت وارو ۽ صلاحيت وارو نوجوان هو. سندس وصال فقير صاحب جي خاندان لاءِ هڪ اندوهناڪ حادثو هو، پر پاڻ پنهنجي پياري فرزند جي وصال تي نهايت صبر ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪيو. پاڻ ظاهر ۾ اهو صدمو برداشت ڪري ويا، پر اندر دل ۾ کين وڏو ڏک رسيل هو، جنهن جي ڪري پاڻ ڏينهون ڏينهن لاغر ۽ ضعيف ٿيندا ويا. کاڌي پيتي ۽ آرام طرف سندن ڌيان گهٽجي ويو. آخرڪار سال 1987ع ڌاري کين رت جي دٻاءَ ۽ فالج جي بيماري ٿي پيئي. پاڻ ان بيماريءَ دوران نهايت زندهه دليءَ جو ثبوت ڏنائون. فقير ولي محمد سائين عليہ رحمت جي ميلي جي موقعي تي باوجود ضعيفي ۽ فالج جي بيماريءَ جي، پنهنجي دستور موجب پنهنجي فقيراڻي ٽولي جي اڳواڻي ڪيائون ۽ ميلي جي تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا هئا. اهڙي ضعيفي حال ۾ به ڪتابن جو مطالعو توڙي وظيفن جو ورد معمول مطابق جاري رکيائون. آخرڪار جسماني ڪمزوري وڌي وڃڻ سبب پاڻ بتاريخ 7 جنوري 1989ع مطابق 28 جمادي الاول 1409هه آچر جي رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري دارالبقا طرف روانا ٿيا. پويان اولاد ۾ سندن فرزند امداد علي خان لغاري حال حيات ۽ اولاد وارو آهي. سندس عمر اٽڪل 38 سال کن ٿيندي. پاڻ به پنهنجن بزرگن وانگر علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ ۽ فقيراڻا خيال رکندڙ شخص آهي.

فقير نواب بهاول خان لغاري سائين، لڳ ڀڳ 1941ع ڌاري شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو آخر تائين جاري رهيو.

”رساله بحرالفراق“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو اٿن، جنهن ۾ سندن شعر جو گهڻو حصو پاڻ پنهنجي هٿ سان لکي گڏ ڪيو اٿن. هن رسالي جي پهرئين ڀاڱي ۾ سندن ڪافين جو تعداد اٽڪل 175 آهي. ان کانسواءِ هڪ قومي نظم ۽ 143 بيت، هڪ مزاحيا نظم ۽ ٻه- ٽي منظوم خط دوستن ڏانهن لکيل آهن. بعد ۾ 7 نوحا ۽ ٻه رباعيون شهداءِ ڪربلا جي ذڪر طور ۽ هڪ منقبت شريف حضرت علي المرتضى جن جي شان ۾ لکي اٿن.

رسالي جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڪافين جو تعداد 50 آهي. 3، 4 غزل آهن ۽ ان کانپوءِ 12 بيت لکيل آهن.

ٽئين ڀاڱي ۾ ڪافين جو تعداد 54 آهي، هڪ نعت شريف حضور ڪائناتصه، ٻنهي جهانن جي سردار جي شان ۾ لکي اٿن، جنهن کي قوالي- ڌُن ۾ پاڻ ڳارائيندا هئا. بعد ۾ مومل راڻي جي داستان جو هڪ بيت ۽ آخر ۾ حضرت امام قاسم جي غم ۾ هڪ رباعي لکي اٿن. سندن گهڻو تڻو ڪلام سنڌي ٻوليءَ ۾ چيل آهي. ڪجهه ڪافيون سرائيڪي زبان ۾ پڻ چيل آهن. ڪلام ۽ ڪافين جي زبان نهايت سليس ۽ جوڙجڪ سنڌ جي قديم روايتي شاعري وانگر آهي. پاڻ پنهنجو شعر گهٽ ڳائيندا هئا، پر ٻيا فقير ان کي ياد ڪندا هئا ۽ مختلف درگاهن تي اُهو شعر پيش ڪندا هئا. عام فهم ۽ روايتي شعر هئڻ سبب هر خاص ۽ عام ۾ پاڻ مشهور ۽ مقبول ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com