سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :21

 

تنهنجو سفر- منهنجو سفر

حميد سنڌي

ويٽنگ روم جي بيري جيئن ٻڌايو ته گاڏي پليٽ فارم تي لڳي وئي آهي، مان ٽپ ڏئي اٿيس. مون اوور ڪوٽ پاتو، مفلر ويڙهيم. لوئي ويڙهي ٻانهن تي وڌم. ٿيلهو لوڏيندو جيئن ٻاهر نڪتس ته وِلهه وڪوڙي وئي. منهن جهٽ پل ۾ سُن ٿي ويو. مون کي لڳو ته منهنجي سفر جي هيءَ تمام سرد رات هئي. منهنجو هيءُ سفر بنهه نئون ته نه هو، پر گهڻي عرصي کانپوءِ ڪم سانگي هن پاسي ويس ٿي. منهنجو رخ پاڻهي انهيءَ پاسيري پليٽ فارم ڏي ٿي ويو، جتي هن جنڪشن اسٽيشن تان فيڊر لائين واري گاڏي تيار بيٺي هئي. مان جيستائين ان پليٽ فارم تي پهتس، تيستائين مان ڄمي برف ٿي وڃان ها، جي مان پري کان باهه ڪڍندڙ انجڻ، جنهن شوڪارا پئي ڀريا، جو سيڪ نه محسوس ڪريان ها. رڙهندو پليٽ فارم تي ته پهتس پر مون کان فرسٽ ڪلاس ڳوليو نه ٿي لڀيو. پليٽ فارم تي ڪابه بتي ڪانه هئي. پري کان ٽمڪندڙ بتين تي گاڏو ڳوليم ۽ دروازو کولي جيئن اندر ٿيس ته پيٽ ۾ ساهه پيم. مون هڪدم دروازو بند ڪري اوسي پاسي واريون دريون بند ڪيون. پليٽ فارم تي مون کي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا. جي نوان مسافر آيا به پئي ته يڪدم ڪنهن نه ڪنهن گاڏي ۾ گهڙي ٿي ويا. پارو به پارو هو، اصل چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان. منهنجيون ته ڄاڙيون پئي کڙڪيون. ٿيلهو مٿي کان رکي ٽپ ڏيئي مٿين سيٽ تي چڙهي ويس. اوور ڪوٽ سوڌو سڌو ٿي ليٽي پيس. مٿان کڻي لوئي وڌم. ڏڪڻي اڃا بند نه ٿي هئي. خبر هيم ته گاڏي اڃا هلڻ ۾ اڌ- منو ڪلاڪ کائيندي. پڇتايم ته ويٽنگ روم کي تڪڙو ڇو ڇڏيم. خبر هوندي به دل ۾ بيري کي پئي گاريون ڏنم، جو هن جي اشاري تي نچندو ڪڏندو ٻاهر نڪري آيس، ڄڻ ته صبح واري سير تي پيو وڃان. جهٽ پل کانپوءِ، ڪجهه سامت ۾ آيس. بت ۾ گرمي آئي ته آرام آيو. گهڙيءَ ۾ اک لڳي ويم. ڪاڏي ويٽنگ روم ۾ اڌ رات جو ميل مان لٿل، تان جو اچي اَسُر ٿيو، پر اتي بنهه ننڊ نه پئي آئي. هاڻي ته ڄڻ ننڊ پئي کنيو ويئي ۽ اکيون ٻوٽجي ويم. ڪا گهڙي ڪانه گذري ته دروازو زور سان کليو ۽ ماڻهن جي تيز ڳالهائڻ جو آواز آيو. ڪجهه پاڇا ڏٺم. ڪن سامان رکيو ۽ گاڏيءَ به هلڻ شروع ڪيو. مون ڪنڌ کڻي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. گاڏي هلڻ سان روشنيءَ جا ڪي گذرندڙ جهڪا پاڇا ٺهڻ لڳا. انهن ۾ سڃاتم، ٻه مرد هئا، هڪ عورت. مان ڇپ هڻي پئجي رهيس. هن گاڏي ۾ ٽي بئنچون هيون. ٻئي همراهه وچينءَ سيٽ تي ويٺا ۽ عورت درين واري بئنچ تي ويٺي. هن جو ڪنڌ هيٺ ٿي لڳو، پر سندس ڪپڙن مان تيز ايندڙ خوشبو ۽ جرڪندڙ ڪپڙن مان ايئن پئي لڳو ته ڪا نئين پرڻيل آهي. پر جيئن گاڏيءَ اسٽيشن ۽ شهر ڇڏيو، گاڏيءَ ۾ اهائي اوندهه ڇانئجي وئي. انهن پاڻ ۾ بنهه نه پئي ڳالهايو. آواز جيڪڏهن آيو پئي ته اهو چوڙين جي وڄت هئي، جيڪي جڏهن جڏهن وڳيون پئي ته گاڏي ۾ گاڏي ۽ انجڻ جي بي سري آواز کي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو ٿي. انهن جي ڇڻڪڻ تي ٻنهي مردن پوئتي نهاريو ٿي، پوءِ وري هو سڌا ٿِي ٿي ويٺا، پر سندن ڪنڌ به هيٺ هئا. لڳو پئي ته هنن مون کي بنهه نه ڏٺو هو. مان آهستي آهستي اچرج ۾ ويڙهيو پئي ويس. هورا کورا پئي ٿيم ته الائي هيءَ ماجرا ڪهڙي آهي. گاڏي ٻه- ٽي اسٽيشنون ٽپي آئي آهي، پر هتي خاموشي ئي خاموشي آهي، ۽ ڳالهائين ڇو نٿا؟ هاڻي ته اسٽيشن مان اڇي صبح جي اڇاڻ جرڪي پئي ۽ گاڏيءَ جي اوندهه غائب ٿيندي ٿي وئي، پر ات اهائي چپ چپات هئي.

منهنجي ننڊ غائب ٿي چڪي هئي. مون کي هاڻ چٽائي پئي نظر آئي. مون عورت کي ڏٺو، اڇي رنگ واري ننڍي عمر جي نينگر هئي. سندس منهن ڪجهه ڍڪيل هو. همراهن ۾ هڪ ننڍيءَ عمر جو نينگر هو، ۽ ٻيو پڪي عمر جو اڌڙوٽ پئي لڳو. سندس گنج مان ايئن لڳو ته پنجاهه ٽپيل آهي. مان وڌيڪ جائزو وٺان ها پر گاڏي جيئن هڪ اسٽيشن تي بيهڻ واري ٿي ته وڏي عمر واري همراهه دروازي وٽ اچي دروازو کوليو؛ ايئن ڄڻ کيس خبر هئي ته هاڻ ڪهڙي اسٽيشن ايندي. جيئن گاڏي بيٺي ته دهل شرناين جا آواز اچڻ لڳا. هن همراهه وڌي ان عورت کي اٿاريو. هاڻ چٽو پٽو ڏٺم ته هيءَ ته بنهه ننڍي نيٽي نينگر هئي. هن همراهه کيس برقعو پارايو. کيس چڱيءَ طرح ڍڪي ڀاڪر ۾ ڀري هو دروازي تي وٺي آيو ۽ دروازو کوليائين. ماڻهن جو وڏو گوڙ هو. هاڻ ته گاڏو به روشن هو. مون هاڻ چٽو ڏٺو ته هو ته بنهه ننڍو جوانڙو هو ۽ اڃا ايئن ٻڏل ويٺو هو. مون کي مڇن واري آيل ساوڪ به پئي نظر آئي. جڏهن ڪن همراهن اچي سامان لاٿو ته هيءُ نينگر به اُٿيو. هو جيئن لٿو ته مان به ٽپ ڏئي هيٺ لٿس. شيشي واري دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳس. ننڍي اسٽيشن هئي، پر وڏو ميلو هو. وڏي ڄڃ پئي لڳي. ٻين گاڏن مان به ماڻهو، عورتون ۽ ٻار لٿا. ات به ماڻهو، ٻار موجود هئا. جيئن گاڏي اڳتي هلي ته ان جوان ڪنڌ کڻي گاڏيءَ ڏي حسرت سان ڏٺو. هن جون ۽ منهنجون نظرون ٽڪريون. مون سندس اکين ۾ اداسيءَ جا پل ۾ پاڇولا ڏٺا. گاڏي اسٽيشن کان نڪري آئي. مان ماٺ ۾ اچي ويو هئس، هاڻ هيٺ ٿي ويهي رهيس. هوا ۽ مٽي احساس ڏياريو ۽ مان دروازي جي ٺڙڪي کي بند ڪرڻ لاءِ اٿيس. دروازي وٽ آيس، هاڻ ڏينهن هو. مان ڪا گهڙي ان هوا ۽ مٽيءَ جي تيز جهوٽن کي سهندو رهيس. مون کي هاڻ سيءَ جو بنهه احساس نه پئي ٿيو. گاڏي جيئن ڪنهن اسٽيشن تي پهتي ته مان هوش ۾ آيس. سامهون ٿڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل سهڻو ننڍو شهر هو. مون اسٽيشن جو نالو پڙهي پڪ ڪئي، پوءِ يڪدم ٿيلهو سنڀالي لهي پيس.

*                        *                        *

اُنهيءَ شام ئي منهنجي واپسي ٿي هئي. ڪم ڪار لاهي سانجهيءَ ٽاڻي اچي اسٽيشن ڀيڙو ٿيو هوس. اسٽيشن جي ٻاهران هڪ ننڍي هوٽلڙي هئي. گهرم چانهه بت ۾ ڪجهه گرمي آندي. ٿڌ لهندي پئي ويئي. مان چپ چاپ اسٽيشن جي ٻاهران ٺهيل اونداهي مسافرخاني ۾ هڪ بئنچ تي آهلي پيس. اُتي ويٺي سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار تي سوچيم ئي پئي، ته اسٽيشن تي گهنڊ وڳو. مان اوور ڪوٽ اوڙهي، لوئيءَ جو ٻُڪل هڻي اچي پليٽ فارم تي پهتس.

هيءَ اسٽيشن ننڍي هئي. ان جو پليٽ فارم ڪچو ۽ ڊُسڙ وارو هو. هڪ ٻن هنڌن تي لالٽين ٽمڪيا پئي. هڪ ٿڌ، ٻيو رات واري گاڏي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو اسٽيشن تي هئا. گاڏي گسڪندي گسڪندي اچي بيٺي. اُهي ئي گاڏا، اُهائي انجڻ هئي. ٽپ ڏئي اُنهيءَ صبح واري گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺس. گاڏيءَ ۾ گهڙڻ شرط هڪ هڳاءُ آيم. يڪدم صبح وارو نظارو ياد آيم. ڪا گهڙي هيٺين سيٽ تي ويهي ويچاريم. ڪجهه ڳالهه سمجهيم، ڪجهه بنهه ڪونه. ٽپ ڏئي ٿيلهو مٿي کان ڏئي مٿينءَ سيٽ تي وڃي آهليس. گاڏي لوڏا لَما کائيندي هلي ۽ جيئن هڪ اسٽيشن تي بيٺي ته دُهل شرناين جا ڌڌڪا ۽ ماڻهن جو گوڙ ٻُڌم. اندازو نه لڳائي سگهيس ته ڪهڙي اسٽيشن آهي، پر دل ۾ خوش ٿيس ته اڄوڪو ڏينهن سدورو آهي جو ايندي به ڄڃ مليم ۽ هاڻ ويندي به دُهل ۽ شرنايون. ايئن دروازو زور سان کُليو. ڪي ماڻهو اندر آيا. سامان رکيائون. ٽي پاڇا هئا. هڪ عورت هئي، جيڪا انهيءَ ئي سيٽ تي ويهاريائون، جنهن تي صبح جو ڪنوار ويٺي هئي. پاڻ ٻئي مرد وچينءَ سيٽ تي ويٺا. جيئن ويجها ڏٺم ته سڃاتم. همراهه ٻئي ساڳيا هئا. هن دفعي به سانت هئي، صرف چوڙين جي وڄت ٻڌم.

گاڏي هن دفعي ڪجهه دير بيٺي. شايد ڄڃ پئي چڙهي. گارڊ سيٽي ڏني ۽ گاڏي ڪُوڪ ڪئي ته اڌڙوٽ همراهه اُٿي کڙو ٿيو ۽ سَٽ پائي هُن عورت جي مٿي تي هٿ رکيائين ۽ اُن ننڍڙي همراهه کي ڀڻڪو ڪري چيائين: ”گل! اَديءَ جي پارت اٿئي. منهنجي پياري ۾ پياري ڀيڻ آهي، خيال ڪجائينس.“ پوءِ هو در کولي لهڻ تي هو ته ننڍي نينگر به هن دفعي ڀڻڪو ڪيو، پر اهو ڀڻڪو صبح کان ڪو روڪيل هو، يڪدم وڏو واڪو ٿي ويو.

”ادا او ادا، منهنجي ننڍڙي ڀيڻ سڪيلڌي مومل جو خيال ڪجانءِ.“

ايئن چئي هُن دروازو بند ڪيو ۽ اندر اچي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. گاڏي هلي ته به هو سڏڪندو رهيو. برقعي واري عورت، جيڪا هاڻ سمجهيم ته سندس ڪنوار آهي، اُٿي اچي هن جي پاسي ۾ ويٺي. هُنَ برقعي جو مٿيون حصو لاهي ڇڏيو ۽ پوءِ هُنَ نينگر کي آهستي وٺي هنج ۾ ليٽائي ڇڏيو. اُهو نينگر ننڍي ٻار وانگر، جيڪو ماءُ جي هنج ۾ هڙڪندو ۽ سڏڪندو آهي، اُن وانگر پئي رُنو ۽ هنجون هاريائين. گاڏي اچي وڏي اسٽيشن جي ويجهو ٿي ۽ روشنيءَ جا پاڇولا ٺهڻ لڳا. گاڏي ۾ روشني اچڻ لڳي. مون ٿورڙو نِوڙي ڏٺو، مائي ويچار ۾ هئي. هُن جيئن منهن هن پاسي ڪيو ته مان ڇرڪي ويس.

هيءَ عورت وڏي عمر جي پڪي مائي هئي. سندس وار مينديءَ ۾ ڳاڙها ٿيل هئا ۽ سندس هنج ۾ اُهو نينگر ايئن پئي لڳو، ڄڻ واقعي هڪ ٻارڙو روئي پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ستو آهي.

گاڏي جيئن بيٺي ته اهي ئي دهل شرنايون ۽ ماڻهن جو گوڙ هو. جوانڙو اُٿيو، آرس ڀڳائين، زال کي برقعو پارايائين، پوءِ پليٽ فارم تي لاٿائين.

هن دفعي گاڏي وڏي پليٽ فارم تي آئي هئي. روشني ئي روشني هئي. گهڙي ترسي مان ٽپ ڏئي مٿان هيٺ لٿس ۽ در وٽ وڃي بيٺس. ڀانيم ته ڄڃ هلي ويئي هوندي. پر ڄڃ اتي ئي بيٺي هئي ۽ مون کي سامهون اهوئي نينگر نظر آيو، جنهن جي مڇن تي ساوڪ مس آئي هئي ۽ هو گهوٽ بڻيو بيٺو هو. قدرت وري اهڙي جو يڪدم اسان ٻنهي جون نظرون مليون، سندس اکين ۾ اهائي حسرت ۽ اداسي هئي. پر هن ويلي ٿورو ترسي هو ٿورو مرڪيو، پر سندس مرڪ ڦڪي هئي.

مون سامان سهيڙيو، هيٺ لٿس ۽ وٽس ويجهو ويس، پر ڪڇي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته هو هُن جو سفر هو، هيءُ منهنجو سفر هو. ٿيلهو لوڏي تڪڙو اچي ويٽنگ روم ڀيڙو ٿيس. هن ويلي نه وِلهه کنيم نه ڏڪڻي ورتم، يڪدم ٿيلهو کولي نوٽبڪ ڪڍيم. لکندي محسوس ڪيم ته هن نوجوان کان منهنجو سفر مختلف نه هو، پر مون لکيو:

محترم سائين! اڄ اوهان ڏي جنهن ڪم سانگي آيس، ڏک اٿم ته اهو واعدو نڀائي نه سگهندس. اوهان جي مجبوري نياڻي آهي، پر منهنجي مجبوري اها آهي ته اوهان جي نياڻي مون کان ٽيهه ورهيه ننڍي آهي، ۽ هيءُ سڱ مون پنجاهه جي پيٽي ۾ آيل جهوني کي نٿو سونهين. وڏو ڏک اهو اٿم ته بدي ۾ به ته مون وٽ ڪو سڱ ڪونهي، نه ته شايد ايڏو بار نه ٿئيم ها. اوهان کي ڏنل رقم ان جو بدل نٿو سمجهان، جيڪا رقم ۽ سامان اوهان کي ڏنو اٿم، اهو پنهنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ڏيندا. اميد ته مون کي معاف ڪندؤ.

نياز مند

چٺي لکي، لفافي ۾ وجهي بيري کي سڏ ڪيم. هو ڊوڙندو آيو، ”صاحب! گاڏي تيار آ!“

هن دفعي مون تڪڙ نه ڪئي. مان کيس لفافو ٽپال جي دٻي ۾ وجهڻ لاءِ چئي، آرام ڪرسيءَ تي ٽنگون پساري ليٽي پيس. ڇاڪاڻ ته هيءُ منهنجو نئون سفر هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com