سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :8

سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

(هڪ تقرير)                      تنوير عباسي

اڄ واقعي اسان تاريخ جو هڪ وڏو قرض لاهي رهيا آهيون، جو سنت ساميءَ جي نالي ۾ هتي گڏ ٿيا آهيون. جيئن منهنجي دوست پهرين چيو ته اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ ٽمورتي آهي- شاهه، سچل ۽ سامي. جتي ساميءَ جو نالو ناهي، اتي سنڌ جي ڪلچر جو تصور نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي ڪلچر جو، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ۽ سنڌ جي ادب جو تصور تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جڏهن شاهه ۽ سچل سان گڏ سامي به شامل آهي ۽ واقعي جيئن اسان جي دوست چيو ته ساميءَ کي اسان وساري ڇڏيو آهي، ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا: هڪڙو سبب ته هو غير مسلم هو. جيستائين اسان جي ٽهيءَ جي اديبن جو تعلق آهي ته مان يقين سان چوان ٿو ته انهن ۾ اهو تعصب موجود ڪونهي. پر تنهن هوندي به گهڻن ڏينهن کانپوءِ اسان کي سامي ياد آيو، سو ان ڪري ٻيو سبب منهنجي نظر ۾ اهو ٿو ٿي سگهي ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته سامي ڏاڍو ڏکيو شاعر آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وهڪري جون جيڪي ڌارائون آهن، جنهن ۾ شاهه ۽ سچل اچي وڃن ٿا، سامي ان کان ڪجهه مختلف آهي. هونئن ته هر شاعر کي پڙهو ته ڄڻ توهان ڪنهن نئين دنيا سان متعارف ٿيا آهيو، ڄڻ توهان ڪنهن نئين شهر ۾ ٿا وڃو. جيئن نئين شهر ۾ وڃبو آهي ته ان جي گهٽين کان، ان جي چونڪن کان ۽ ان جي ماڻهن سان واقف ٿيڻ لاءِ ٿورا ڏينهن لڳندا آهن، تيئن ڪنهن نئين شاعر کي پڙهڻ سان ٿورن ڏينهن ۾ ان سان واقفيت ٿيندي آهي. ساميءَ جي ٻولي ڏکي ڪانهي، پر هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ جي آهي. انهيءَ جي ڪري اسان ان تي هريل ناهيون. اسان هريل آهيون سسئي پنهون ۽ عمر مارئيءَ تي، پر ساميءَ وٽ سنڌي لوڪ ڪلاسيڪي ڪهاڻين مان هڪڙو به ڪردار ڪونهي. هن جي دنيا ئي نرالي آهي، هن جو شهر ئي نرالو آهي، رهاڪو ئي نرالا آهن. ساميءَ کي جيڪڏهن اسان پڙهڻ شروع ڪريون ۽ ٻه- ٽي ڏينهن پڙهيوسين ته مون کي پڪ آهي ته سامي اسان کي ايترو ئي سولو لڳندو، جيترو شاهه لطيف ٿو لڳي يا سچل سائين ٿو لڳي. پر ڳالهه آهي ته ان کي پڙهجي. هاڻي جيئن مون عرض ڪيو ته شاهه سائينءَ چيو آهي ته:

”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين.“

روميءَ چيو آهي ته:

مثنوي و معنوي و مولوي

هست قرآن در زبان پهلوي

معنى هيءَ جيڪا منهنجي مثنوي آهي، اهو ايراني يا پهلوي زبان ۾ قرآن آهي. شاهه لطيف ته پنهنجي بيتن کي آيتون ٿو چئي؛ رومي به پنهنجي شعرن کي قرآن جون آيتون ٿو چئي. سچل سائين به چوي ٿو ته:

من نمي گويم و ليڪن يار مي گويد بگو

(مان نٿو ڳالهايان پر اهو يار ٿو ڳالهائي)

ساڳي طرح سامي به چوي ٿو ته ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجهه سڻايان“ ته هاڻي خبر پئي ته اسان جا ٽئي شاعر ڳالهه هڪڙي ٿا ڪن. شاعر جي ٻولي اڻٽر هوندي آهي. اهو جيڪو چوندو آهي، اهو ٿيندو آهي. ته انهيءَ رنگ ۾ اچي اسان جا شاعر چون ٿا ته جيئن خدائي ڪلام کي ڪو لوڏو ڪونهي، تيئن اسان جي ڪلام کي به ڪو لوڏو ڪونهي، ۽ انهيءَ ۾ اهي ٽئي شامل آهن: شاهه، سچل ۽ سامي.

سامي اسان جي سرزمين سان تعلق رکي ٿو، انهيءَ سرزمين تي صدين کان ويدن جي وائي گونجندي رهي آهي. جيئن چيو اٿائين: ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجهه سڻايان.“ دارا شڪوه پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي.“ مون جيڪو ٿورو گهڻو نماڻو اڀياس ڪيو آهي، ان موجب هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته: ”تت توم اسي“، (سڀ اهو آهي). جنهن کي اسان جا صوفي ٿا چون ”هم اوست.“ ٻئي هنڌ آهي ته ”ايڪو اهم ٻهون سامي.“ معنى هڪ آهيان، گهڻا ٿيڻ ٿو چاهيان. جيئن شاهه سائين چيو آهي:

وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.

اڃان اڳتي هلو: هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته نه ڪو ڄائو آهي نه ڪو ڪنهن کي ڄڻي ٿو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي: ”لم يلد ولم يولد.“ اڃان اڳتي هلو ته هڪڙي هنڌ آهي ته: هن جهڙي ڪابه شيءِ ڪانهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: ”ليس ڪِمثلہ شيءِ.“ ڪابه شيءِ ان جهڙي ڪانهي. ته انهن جي بنيادي تعليم ساڳي آهي، جيئن اسان جا صوفي ٿا چون. پر اهو جيڪو جهيڙو اجايو مت ڀيد جو ۽ جيڪي فساد ٿيا، خون ٿيا ته اسان جا ٽئي شاعر شاهه، سچل ۽ سامي انهن ڳالهين جي خلاف هئا. هاڻي ساميءَ جو دور 1743ع کان وٺي 1850ع تائين آهي. سچل سائين به انهيءَ دور ۾ جيئرو هو. 1743ع ۾ سامي ڄائو آهي ۽ 1752ع ۾ شاهه لطيف وفات ڪئي آهي. معنى شاهه لطيف جي وفات وقت سامي نوَن سالن جو هيو. 1843ع ۾ ٽالپرن جو دور ختم ٿيو ۽ سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ آئي. ان کان ست سال پوءِ سامي فوت ٿيو، معنى ته هن ڪلهوڙن جو دور ڏٺو، ٽالپرن جو دور ڏٺو ۽ تنهن کانپوءِ انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت هو تمام وڏي عمر جو، سؤ سالن کان مٿي هيو. ته اهو سڄو دور آهي جنهن ۾ سامي رهيو آهي. هاڻي جيئن مون توهان کي عرض ڪيو ته ويد هئا، ويدن کانپوءِ اُپنشد. هاڻي برصغير يا ننڍي کنڊ ۾، اڻ ورهايل هندوستان ۾، ادب ۾ هڪڙي تحريڪ شروع ٿي، جنهن کي چوندا هئا نرگنواد. نر معنى نه، گن معنى خاصيت. معنى خدا جي ڪابه شڪل ڪانهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته هي بت پرستي ٿا ڪن، هي ٿا ڪن، هو ٿا ڪن، پر انهن جي ويدن ۾ يا گيتا ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. ته نرگنواد ادب ۾ جيڪو شروع ٿيو، انهيءَ جو مطلب هو ته محبوب جي ڪابه شڪل ڪانهي، هو شڪل کان بي نياز آهي. تنهن کانپوءِ هڪڙي ٻي تحريڪ شروع ٿي ادب ۾، جنهن جو نالو هو ناٿ پنٿي. نه رڳو ادب ۾ اها تحريڪ شروع ٿي پر اها عوامي تحريڪ هئي. ناٿ پنٿي جوڳي هوندا هئا، جن کي گيڙو ڪپڙا هوندا هئا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا صوفي گيڙو پوشاڪ پائي گهمندا آهن. ته ناٿ پنٿ ڇا هو، ٿورو ان تي مان ڳالهايان، ڇوته هي سڄو پس منظر آهي ساميءَ جي شاعريءَ جو. شاهه لطيف چيو آهي ته: ”جي ڪين قبولڻهار، هلو ته تڪيا پسون تن جا.“ ڪين قبولڻهار، ڪنهن به ڳالهه ۾ Believe نه ڪن. ٻُڌ کان پڇيائون ته: ”موت کانپوءِ ڇاهي؟“ چيائين: ”اها ڳالهه مون کان نه پڇو، ڇوته ان ڳالهه کي اسان سمجهي ڪونه ٿا سگهون. مون کان پڇو ته حياتيءَ ۾ ڪيئن گذر ڪرڻ گهرجي.“ اها آهي Agnosticism ته گوتم ٻڌ ته ڪونه مڃيندو هو ڪنهن ڳالهه کي. جڏهن گوتم ٻڌ فوت ٿيو ته ان جي مورتي ٺاهي، ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪيائون، جيتوڻيڪ هو مورتيءَ جي پوڄا کي نه ڪو مڃيندو هو نه ڪو اعتبار ڪندو هو. تنهن کانپوءِ گوتم ٻڌ جا سڀ سَڌَ، جيئن مسلمانن ۾ خليفا ٿيندا آهن، جيئن رسول ڪريم جو پهريون خليفو، ٻيو خليفو، تيئن گوتم ٻڌ جو پهريون سڌ، ٻيو سڌ، ٽيون سڌ..... اهڙيءَ طرح سان بجرياني سڌ، جيڪو هن جو سلسلو هيو، ان جو ٻٽيهون سڌ هو ”گرو گورکناٿ.“ انهيءَ گورکناٿ اچي، اها ناٿ پنٿي تحريڪ شروع ڪئي. انهيءَ ناٿ پنٿي تحريڪ ۾ هن اها ڳالهه چئي ته: ”بابا! گوتم ٻڌ پاڻ جن ڳالهين کي نه مڃيندو هو يا اعتبار نه ڪندو هو، اهي ساڳيون ڳالهيون ڪيو ٿا پيا مورتي پوڄا جون، انهيءَ ڪري ان کي ڇڏيو.“ انهيءَ ناٿ پنٿ جا جوڳي جيڪي هئا، سي سڄي هندوستان ۾ ڦهلجي ويا، سنڌ ۾ به آيا. اسان پاڻ اکين سان ڏٺا پاڪستان کان اڳ ۾. انهن جوڳين کي گيڙو ڪپڙا پهريل هوندا هئا، جن جي لاءِ ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

”ڪن پٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪن وڍيا ڪن چير“

ڪنن ۾ چير هوندا هين، ڪنڊل پيا هوندا هين وڏا، ڪشتو هوندو هين پنهنجي گودڙيءَ ۾، نه هندو نه مسلمان، ڪوبه تعصب ڪونه هوندو هين ۽ اهي تبليغ ڪندا هئا ۽ گهمندا وتندا هئا. شاهه لطيف خود انهن ناٿ پنٿي جوڳين سان ڪافي عرصو رهيو ۽ شاهه لطيف هڪڙي هنڌ چيو آهي ته:

لُنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن مَ مسحو،

جا اسلامان اڳي هئي، سا سڻيائون ٻانگ،

سڀ وڃائي سانگ، گڏيا گورکناٿ کي.

معنى ته هن کي سڄي خبر هئي ناٿ پنٿي تحريڪ جي، ته انهيءَ ناٿ پنٿ سنڌ تي وڏو اثر ڪيو ۽ جيئن مون هاڻي اوهان کي ٻڌايو ته سنڌ جا صوفي جيڪا پوشاڪ ڪن ٿا گيڙوءَ رنگ جي، اها ناٿ پنٿين جي نشاني آهي. هاڻي اچو ته ڏسون سامي انهن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي. هڪڙي هنڌ چوي ٿو:

پٿر پوڄا ڪن، ديوَ نه ڏسن ديهه ۾،

پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجهه ٻجهن،

ساکان سنتن جون ٻڌي، مرم نه رکن من،

سي ڪيئن رنگ رچن، سامي سُپرين کان.

ته اها آهي ناٿ پنٿين جي تحريڪ ته پٿر جي پوڄا نه ڪريو، پنهنجي پرينءَ کي پنهنجي من ۾ پَسو. ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

حيرت ۽ هاسي اچي هڪ اچرج تي،

سامي ڄاڻي پاڻ کي ابناسي ناسي،

ڪُپڙيءَ ۾ آڪاس پيو ڦاهيءَ ريءَ ڦاسي،

پاڻي پياسي، مري پپوٽو مت ۾.

ساڳيءَ طرح هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته هاڻي هي شعر نرگنواد جو آ ته:

ديوي ۽ ديوا، مورک پوڄن مت ريءَ،

لائن ڀوڳ ڀرانت جو، کير کنڊ جيوا،

ورلو ڪو ساڌو ڪري، سامي سڌ سيوا،

انگ اڀيرا، پورن ڏسي پريم جي.

اڀيرا معنى بنا ڀيد جي، بنا رنگ جي، بنا ڊول جي. معنى جيڪو آ اُن جي ڪابه شڪل ڪانهي، ان جو ڪوبه رنگ ڪونهي، ان جو ڪوبه ڊول ڪونهي، ته اهو آهي نرگنواد.

هاڻي مون جيئن ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌايو، گورکناٿ جي باري ۾، ته سامي پاڻ به گورکناٿ کي ياد ڪيو آهي:

جنين ٻڌو ناد، گرو گورکناٿ جو،

لوريءَ لڳو تن کي، بيحد جو بسماد،

مائل ٿيا مهراڻ ۾، ڇڏي واد وواد،

وڃي پڇ سواد، سامي تن سنتن کان.

وري ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

گورک وڄائي، سنڱي سهڪا ڪاش،

ورلي ڪنهن جوڳيءَ کي، سمجهه منجهه آئي،

سامي جنهن جي ستگروءَ، ممتا مٽائي،

وڃائي وائي، رهي نت نگر ۾.

هاڻي اهي بيت، جيڪي ساميءَ گورکناٿ جي باري ۾ چيا آهن، هاڻي اچو ته ڏسون ته ڪي ڪي بيت اهڙا به آهن، جي هڪٻئي سان ملن ٿا، ڇوته اهي ٽيئي شاعر ساڳئي ئي دور سان واسطو رکن ٿا. سچل ۽ سامي ته ذري گهٽ هڪٻئي جا همعصر يا سهيوڳي هئا. هاڻي جيئن آهي ته:

اوِديا رَن لُٽي، ٿي خاص خزانو سڀ جو،

جوڙي جيئن کي ٻڌي، گهيڙٽ ساڻ گهُٽي،

پيادا پنج بڇي ڪري، راتيون ڏينهن ڪُٽي،

ڪو سامي سنت ڇُٽي، ڪري حمايت هَرَ جي.

هتي پنج پيادا آهن: ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار. جيڪي پنج انسان جا دشمن ٿا چون، هاڻي اهو ساڳيو ئي بيت آهي: ”اوديا رن لُٽي“، جيئن ڀٽائي چيو ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.“ ته هيءَ اوديا رن به ساڳي آهي، جيڪا ڇوري ڇال ٿي ڏئي ڀٽائيءَ وٽ. ٻئي هنڌ آهي ته:

مورک واد ڪئي، پنڊت ڄاڻي پاڻ کي،

ٻڌايائين سڀ کي، چارئي بيت چئي،

سامي سار سروپ کي، ڪيائين ڪين سهي،

ويڙو پاڻ وهي، ڏئي هٿ ٻين کي.

ته اهو ساڳيو ئي بيت آهي، جيئن ڀٽائيءَ جو عام طور اوهان ٻڌو هوندو ته:

”اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.“

وري ٻيو به هڪ اهڙو بيت آهي ته:

پنا ڪوهه پڙهين، اٿئي حرف حقيقت هيڪڙو،

پاڻي منجهه منهن مهراڻ ۾، اندر ڇو نه اڙين،

ڪلفت ڪڍي جيءَ مان، سامي سير چڙهين،

ناحق ڪوهه گهِڙين، اڻ هوندا گهاٽ ۾.

سچل سائينءَ چيو آهي ته:

سچل سائين صحيح ڪري ڄاتم، يار مليو ڪک پن ۾،

محبوب ڳولي ڏس من ۾.

سامي ٿو چوي ته:

ترڻ [1] اولي ڀڳوان، مورک ڦولي دهه دَسا،

سمجهه نه رکي جيءَ ۾، جيئن ٻالڪ نادان،

سامي سر تي ڀان، انڌو ڏسي ڪينڪي.

هاڻي ٻيو هڪڙو بيت آ ته:

مورکن ميڙي، ڪاڳر ڪوٽ ڪٺا ڪيا،

سامي لوڀ لهر نيا، رت بنا ريڙهي،

عاشق چڙهيا اڇ تي، ورق سڀ ويڙهي،

شهه رڳ کؤن نيڙي، سُتهه ڏسين سپرين.

شهه رڳ کان نيڙي معنى جيڪو قرآن ۾ آ ته: ونحن اقرب من حبل انوَريد. معنى توهان کي شهه رڳ کان به ويجهو آهي، ته اها ساڳي ڳالهه ساميءَ به چئي آهي. هاڻي ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

موٽي ڪيئن مٽي وڃي، سامي سندو سُور،

پُٺتي ڏيئي پاڻ کي، مالڪ بڻيو مزور،

ڏسي نرمل نور، نانا کنئون نروار ٿيو.

اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جيئن سچل سائينءَ چيو آهي ته:

چاڪر ٿيس نه ڄاڻان ڇا کان؟ سهي هيس سلطان.

ٻيو هڪڙو شعر آ ته:

چريا سي چئجن، جي پاڻ پڇاڻن ڪينڪي،

ڳالهيون ڀلن جون ٻڌي، مرم نه رکن من،

پنهنجي ڳچيءَ پاڻهي، جوڙي سِيلَ وجهن،

سامي ڪين ڏسن، جهاتي پائي گهر ۾.

اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جو سچل سائينءَ چيو آهي ته:

پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون آهين مالڪ ملڪ جو.

هاڻي وري ٻيو آ، جنهن ۾ آهي:

حيرت ۽ هاسو، اچي هڪ اچرج تي،

ساهه ڦولي آتما کنڊ کي پتاشو،

ڳهڻو ڍونڍي سون کي مٽيءَ کي ڪاسو،

پاڻي پياسو، سامي رهي نت نهر جو.

ساڳيو ئي بيت آهي سچل جو ته:

”مڇلي پڇي آب کي، آب پڇي طغيان.“

يا هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

”مڇلي آب ڪنون هي غافل، پاڻي ڪهه ڪهه روئي.“

ٻيو وري جيئن توهان کي ٻڌايم ته لم يلد ولد يولد. ته اهو آهي ته:

نه ڪي جيءُ مري، نه ڪي اچي گرڀ ۾،

نه ڪي ٻڏي جل ۾، نه ڪي اگن جري،

رهي اليپ آڪاش جيان، توڙي روپ ڌري،

سنتن صحيح ڪري، ساک ڏني سامي چئي.

اهڙو ئي هڪ بيت آهي، شاهه لطيف جو ته:

نه ڪنهن ڄايو ڄام، نه ڪنهن ڄاپيو ڄام.

ته اهي عجيب ڳالهيون آهن. جيئن اسان جي انهن ٽنهي شاعرن جي سوچ ساڳي آهي. ان کانپوءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه لطيف مذهب جي نالي ۾ استحصال ڪندڙ طبقي جي باري ۾ بيت چيا آهن. سچل ته تمام گهڻو انهن تي کُلي ڳالهايو آهي. سامي به پنهنجي پنڊتن جي باري ۾ ٿو چئي ته:

پوتر پلالي، ڪوڙين گهمن ڪيترا،

ڳالهيون ڪن زبان سان، خلوت جون خالي،

جاڳي ڏسن ڪينڪي، خاوند خيالي،

لونءَ لونءَ ۾ لالي، سامي تنهن سروپ جي.

گهڻائي بيت آهن، مون رڳو ٻه- ٽي مثال طور اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ چونڊيا آهن:

پڙهي ويد، قرآن، پنڊت ٿيا ڪيترا،

ڳالهيون ويدن جون ٻڌي،ڪن اندر ۾ انمان،

ڏسن ڪين اکين ريءَ، انڌا انيئه ڀان،

سدا رهن غلطان، سامي مايا موهه ۾.

يعني اهي جيڪي ويد پڙهي پنڊت ٿا ٿين، اهي پرينءَ کي نٿا ڏسن. اهڙا انڌا آهن، اهڙا غلطان آهن، مايا جي موهه ۾. جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي.

ته جيئن مون پهريون عرض ڪيو ته انهن ٽنهي شاعرن کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. انهن جو فڪر ساڳيو آهي. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر ساڳيو هو، انهن جي زبان ساڳي هئي، انهن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو. ته سنڌ ساميءَ کانسواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کانسواءِ اڻپورو آهي. ساميءَ کي اسان جيستائين اها اهميت نه ٿا ڏيون. تيستائين اسان کي اها هام نه هڻڻ گهرجي ته اسان ڪو سنڌي شاعريءَ جو پورو مطالعو ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هن ليڪچر کانپوءِ اڃا به دوست ساميءَ کي وڌ اهميت ڏيندا ۽ ساميءَ جي باري ۾ ڪو سٺو سيمينار ڪرائيندا، جتي اسان جا ڪافي عالم ۽ اديب اچن ۽ ساميءَ تي ڳالهائين. مان وري به توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جو منهنجي خيال ۾ تمام تڪڙ ۾ مون کي هن ليڪچر لاءِ تيار ٿيڻو پيو. رڳو ٻه ڏينهن مون کي مليا، ڇوته مان ڪجهه عرصو ٻاهر ويل هوس. بهرحال جيڪو حال هيو، توهان جي آڏو حاضر ڪيم.

- مهرباني.

(سنڌي ادبي سنگت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ ڏنل ليڪچر، جولاءِ 1988ع)


[1] ترڻ معنى ڪک ڏهه پاسا ٿو ڳولي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com