بچي ويل شاخ بعد جي ٻوڏين سبب مٽجي وئي آهي). اها ”منڇر ڍنڍ“
طرف وهندي هوندي ۽ نواب شاهه واري ايراضيءَ ۾ ٻيهر
درياهه سان اچي ملندي هوندي. اتر- اولهه سنڌ ۾ هڪ
وڏي ٻيٽ جو نمونو هڪ هزار سالن کان مٿي موجود
رهيو، جيڪو پوءِ آهستي آهستي گهٽبو جيئن پوءِ تيئن
ننڍو ٿيندو ويو ۽ ساڄي ڪپ جون شاخون وڌيڪ وچ ٿريون
ٿينديون ويون.
هاڻوڪي سامونڊي ڪناري جي بيهڪ جيئن نقشي نمبر 3 ۾ ڏيکاريل آهي،
تقريباً ساڳي آهي جيڪا لئمبرڪ سڪندر جي لشڪر جي
دستاويزات مان واضح ڪئي آهي. ”پاتيل“ جو ٻيٽ دوآبي
جي ٻن شاخن سبب ٺهيو هو، جنهن جي سري جي ويجهو
”پٽالا“ جو شهر واقع هو. ساڄي ڪپ واري شاخ جو محل
وقوع فقط اندازي سان حساب لڳائي معلوم ڪري سگهجي
ٿو، ڇاڪاڻ ته هي علائقو بعد ۾ گهڻي عرصي تائين
درياهي اٿل پٿل هيٺ رهيو آهي، تنهن هوندي به کاٻي
ڪپ واري شاخ بابت ٻه امڪان ٿي سگهن ٿا. ساماري
واري ۽ سانگهڙ واري وهڪري مان ڪو هڪ ٿي سگهي ٿو ته
هن شاخ جي پيٽ مان وهندو هجي. لئمبرڪ جي خيال موجب
نواب شاهه جي ڏکڻ واري ايراضي ۾ ”پٽالا“ جي واقع
هجڻ جو امڪان آهي، ان جو مطلب هي آهي ته ”ساماري
وارو وهڪرو“ جيڪو غالباً انهيءَ زماني کان هڪ هزار
سال پوءِ قائم ٿيو ۽ جنهن تي بعد جو تختگاهه بهمن
آباد (برهمڻ آباد) واقع هو، سو سڪندر جي زماني ۾
کاٻي ڪپ جي هڪ شاخ تي هو. تنهن هوندي به انهيءَ ۾
شڪ ناهي ته ساماري وارو وهڪرو ايڏي ڊگهي عرصي
تائين قائم رهيو هوندو ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو ته
”سانگهڙ وارو وهڪرو“ جيڪو تازو فضائي تصويرن مان
معلوم ڪيو ويو آهي، سو کاٻي هٿ تي هو، جيتوڻيڪ
انهيءَ جو ڪو ثبوت يوناني دستاويزن ۾ نٿو ملي ته
هيءَ شاخ وڌيڪ اوڀارين ندي ناري سان وڃي ٿي ملي.
هن شاخ جو ڇوڙ هڪ ڍنڍ يا سمنڊ جي هڪ ڇاڙ ۾ هو،
جيڪا انت ڏکڻ- اوڀر ۾ ساڳي سنوَت واري ايراضيءَ جي
شڪل سان ٺهڪي اچي ٿي. جيڪڏهن ”پٽالا“ ڪو مستقل شهر
هو جيڪو ”نواب شاهه“ جي اوڀر يا اتر اوڀر ۾ واقع
هو ته پوءِ ممڪن آهي ته اهو بچي ويو هجي، ڇاڪاڻ ته
هيءَ ايراضي بعد ۾ درياهه جي اُٿل پُٿل ۽ تڪڙي لٽ
جي ڀراءَ هيٺ نه آئي آهي. جيڪڏهن واقعي پٽالا
”سانگهڙ واري وهڪري“ جي لڳ ڀڳ هو ته پوءِ هاڻي به
نواب شاهه جي اُتر- اوڀر ۾ شروع ٿيندڙ ٿر جي واري
هيٺان لڀي سگهي ٿو. فضائي تصويرن جي وڌيڪ ڳوڙهي
اڀياس جي ضرورت آهي ته جيئن ڪوشش ڪري ”پٽالا“ کي
نروار ڪجي ۽ انهن درياهي وهڪرن جو بنياد معلوم
ڪجي، جيڪي هن ايراضيءَ مان نڪرن ٿا.
عربن جي فتح
ممڪن آهي ته ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ وارا وهڪرا جيڪي هڪ ئي
درياهي شاخ جون ڊگهايون هيون، اوائلي اَٺين صدي ۾
عربن جي فتح وقت خود مک درياهه هئا، (نقشو نمبر 4)
ان وقت سنڌو ندي ”ديهات“ وٽان پار ڪئي وئي هئي،
جنهن جي باري ۾ يقين ڪيو ٿو وڃي ته هاڻوڪو ڳوٺ
”ديهات“ آهي، جيڪو ”خيرپور واري وهڪري“ جي ڪنڌيءَ
تي ”ڪنڊياري“ لڳ واقع آهي، اڳڀرو ڏکڻ طرف ”نيرون“
(هاڻوڪي حيدرآباد جي سرزمين) درياهه کان گهٽ ۾ گهٽ
25 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع هو. اونهاري ۾ ”سيوهڻ“ ٽن
طرفن کان پاڻي سان گهيريل هو ۽ ”اڙل واهه“ وهندو
هو. منڇر ڍنڍ کي شايد پهريائين ”شهدادڪوٽ واري
وهڪري“ مان پاڻي ملندو هو، جيڪو بعد ۾ ”وارهه واري
وهڪري“ مان ملڻ لڳو. انهن واهن جي ويڪر ڏيکاري ٿي
ته اهي سيلابي وهڪرن کان وڌ سنڌو نديءَ جون مکيه
دائمي وهندڙ شاخون هيون.
اهو ممڪن آهي ته ان وقت ”اڀرندو نارو“ وهندو هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ
سندس هاڻوڪي گهاڙيٽي سان ملندڙ جلندڙ شڪل ۾ ته
يقيناً تڏهن موجود نه هوندو. ”اڙل شاخ“ مکيه
درياهه سان موجودهه درياهه جي ساحلي علائقي ۾
”شهدادڪوٽ واري وهڪري“ جي منڍ کان مٿي ڪنهن هنڌ
وڃي ملي هوندي. جيڪڏهن اهو مفروضو درست آهي ته
”شهدادڪوٽ وارو وهڪرو“ ”لاڙ“ ۾ مکيه درياهه هو ته
اهو سمجهڻ واجبي ٿيندو ته ”ديبل بندر“ جتي عرب فوج
اچي لٿي هئي، سو انهيءَ وهڪري واري ”گولاڙچي واهه“
جي توسيع ۾ ڪنهن هنڌ تي واقع هو ۽ اهو وهڪرو فقط
”جاتي“ تائين ڳولي سگهجي ٿو. ان مطابق ديبل ”مڪلي
ٽڪريءَ“ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪنهن هنڌ ٿي سگهي ٿو،
پر دوآبي ۾ ايترو لٽ پئجي ويو آهي جو گمان گذري ٿو
ته ”ديبل“ جا آثار ڪڏهن به ملي نه سگهندا. ”احمد
راڄو“ ۽ ”ڳاڙهي“ جا ڳوٺ ضرور انهيءَ زماني ۾ وجود
۾ آيا هوندا.
”لاڙ“ ۾ کاٻي ڪپ وارين شاخن جو پاڻ ۾ لاڳاپو وڌيڪ منجهائيندڙ
آهي. هندو شهر ”بهمڻ آباد“ (جنهن جي بنيادن تي
مسلمانن جو شهر منصوره اڏيو ويو هو) ”سامارو
وهڪرو“ جي مٿاهين ڀاڱي ۾ واقع آهي، تنهن هوندي به
عربن جي تحريرن ۾ ڄاڻايل ندين، جهڙوڪ: ڪوتڪ،
مانجهل ۽ جلوالي کي نروار ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مطالعي جي
ضرورت آهي. جيتوڻيڪ شهدادپور ۽ سامارو وارا وهڪرا
گهڻو ڪري همعصر هئا، تنهن هوندي به پهريون پوئين
جو جانشين آهي. ثبوت موجود آهي ته ”ساماري واري
وهڪري“ مان بهمن آباد کان هيٺ ساڄي هٿ تي هڪ شاخ
نڪرندي هئي، پر ٿورو اڳتي انهيءَ جا نشان ڊهي ويا
آهن. وڌيڪ چئي سگهجي ٿو ته ”ڍورو پراڻ“ ان وقت
دائمي وهندو هوندو. اهڙيءَ طرح درياهه جون ڪيتريون
شاخون هيون، جيڪي عرب سپاهين کي پار ڪرڻيون پيون
هونديون. ”ديبل“ پهچڻ کانپوءِ هنن کي سنڌو ندي
(گولاڙچي شاخ؟) پار ڪري ”ٻيٽ“ پهچڻو هوندو. ”راوڙ“
جي قلعي تي قبضي ڪرڻ کان اڳ هنن کي پاڻي جي ٻن
وهڪرن کي پار ڪرڻو هو. ٻئي وهڪري کي ڊڍُ- واهه
(احمد راڄو شاخ) ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ”راوڙ“ کان
”بهمڻ آباد“ تائين واٽ تي ٻه وڌيڪ قلعا فتح ڪيا
ويا، جن جا نالا ”بهرور“ ۽ ”ڍاليلا“ هئا.
انهن قلعن جي ممڪن محل وقوع بابت تلهار، ٺري ۽ ميرپورخاص جا
نالا ورتا وڃن ٿا. ”ڍاليلا“ ”مانجهل ندي“ جي ويجهو
هو، جيڪو ممڪن آهي ته ”ڍورو پراڻ“ يا ”ساماري وارو
وهڪرو“ هو. جيڪڏهن ڍورو پراڻ هو، جنهن بابت ڄاڻايل
آهي ته ننڍو درياهه هو، ته پوءِ ساماري وارو وهڪرو
”جلوالي“ سمجهڻ گهرجي، جيڪو بهمن آباد (جنهن شهر
جا کنڊر هڪ واضح شاخ جي الهندي ڪپ تي ڏيکاريل آهن)
جي اوڀر ۾ ڄاڻايل آهي. تنهن هوندي به وڌيڪ مطالعي
کانسواءِ هنن ندين جو پاڻ ۾ لاڳاپو رڳو اندازي تي
ٻڌل ٿي سگهي ٿو.
”ساماري وارو وهڪرو“ امڪان آهي ته آهستي آهستي سڪي ويو هوندو،
پر ڏکڻ- اوڀر سنڌ پوءِ به سرسبز رهي هوندي، جنهن
کي شهدادپور واري وهڪري (مثال طور الهندي پراڻ)
مان پاڻي ملندو هوندو ۽ ان وقت ”اڀرندي ناري“ ۾
اڃان پاڻي وهندو هوندو.
اسلامي دؤر
هن دؤر جي عربي ڪتابن ۾ تيرهين صدي عيسويءَ ڌاري رونما ٿيندڙ
جاگرافيائي تبديلين جو غير جانبداريءَ سان ذڪر ڪيل
آهي. لئمبرڪ جي خيال موجب اهي تبديليون درياهه جي
هڪ اڪيلي وڏي وهڪري مٽائڻ سبب آيون. فضائي تصويرن
مان انهيءَ جي مضبوط شاهدي ملي ٿي ته واقعي هڪ
زبردست آبي تبديلي آيل آهي، جنهن سڄيءَ سنڌ ۾ دُور
رس اثر ڇڏيا آهن. دستاويزي ذريعن مان اشارو ملي ٿو
ته اهڙي تبديلي تيرهين صدي عيسويءَ جي شروعاتي
سالن ۾ آئي. انهيءَ تبديليءَ جا سبب قياسي آهن.
ڪِن جو خيال آهي ته ان وقت ”ستلج ندي“ هڪ الڳ
درياهه جي شڪل ” ناري“ جي پيٽ مان وهندي هئي ۽
سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. جيڪڏهن بعد ۾ ”ستلج“
پنهنجو وهڪرو ڇڏي ”سنڌو تاس“ ۾ ملي وئي ته يقيناً
انهيءَ ڪري اهي تبديليون آيون هونديون. پر لئمبرڪ
کي پڪ آهي ته مغربي پنجاب ۾ ”ستلج“ جو ”بياس“ سان
۽ اُتان اڳتي ”سنڌوءَ“ سان ميلاپ سڪندر جي زماني
کان اڳ عمل پذير ٿيو هو. سمجهڻ گهرجي ته ”ستلج“ ۽
”سنڌوءَ“ جي موسمي اُٿل سبب ”نارو“ وهندو رهيو ۽
بعد ۾ آيل ٻوڏن جي پاڻي هاڻي سڪي ويل ”گهگر شاخ“
مان رستو ٺاهيو، جيڪو ستلج- نارا سرشتي جو يادگار
آهي. ٻي طرح ايئن ٿي سگهي ٿو ته ”نارو“ واقعي
”سنڌوءَ“ جي هڪ خاصي وڏي شاخ هئي، جيڪا سکر کان
گهڻو مٿي کانئس الڳ ٿيندي هئي. بهرحال ”اروڙ“ اڃان
آباد هو ۽ سندس آباديءَ جو دارومدار پاڻيءَ تي هو
جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ذريعي مان ملندو هو. خود
گهاٽيءَ مان هڪ ڦاٽ ذريعي اهو پاڻي هيٺ ”ناري“ ۾
وڃي پوندو هو. گهٽ ۾ گهٽ سن 1742ع تائين ”ناري“ تي
ويندي ”عمرڪوٽ“ کان هيٺ سوڌو جهاز راني ٿيندي هئي،
پر يقيناً انهيءَ جو سبب درياهه جي اُٿل هئي،
ڇاڪاڻ ته 1525ع ڌاري ”بهاولپور“ جي ڏکڻ ۾ ”ديراوڙ“
وٽ ”پراڻي ستلج“ جي آسپاس سڄو علائقو هڪ مڪمل
ريگستان هو.
جيڪڏهن فرض ڪجي ته ”ستلج سرشتي“ ۾ آيل تبديليون گهڻو آڳاٽيون
آهن ته پوءِ هيٺ ڏنل تبديلين جا ڪي ٻيا سبب ڳولڻا
پوندا. ڏٺو ويو آهي ته سَري (اُتر سنڌ) ۾ هيل
تائين سنڌو ندي پنهنجي ٻن خاص وڏين شاخن (وارهه
واري وهڪري ۽ ڪنڌڪوٽ- خيرپور واري وهڪري) منجهان
وهندي رهي آهي. اُتر سنڌ سرحد وٽان هنن وهڪرن جو
پاڻ ۾ ملي هڪ درياهه ٿي وهڻ، جيئن موجودهه وقت
آهي، آيل تبديلين جو هڪ ڪافي وڏو سبب بڻيو هوندو.
فضائي تصويرن جي متبادل ذريعي منجهان شاهدي ملي ٿي
ته ”ٿل“ [پنجاب] جي ريگستان کان هڪدم هيٺان سنڌو
ندي وڌيڪ اوڀارو رخ اختيار ڪيو (نقشو نمبر 1).
اهڙي وهڪري جيڪڏهن سنڌو ندي جو سمورو پاڻي ڇڪيو ٿي
ته سنڌ- پنجند جي گڏيل پاڻيءَ ڏکڻ- اوڀر طرف ڇڪ
ڪئي هوندي ۽ سنڌ منجهان هڪ بلڪل نئون رستو ٺاهيو
هوندو.
”خانڳڙهه جون ٽڪريون“ گهوٽڪيءَ جي ايراضيءَ ۾ اهڙي درياهه جي
ٺاهيل رستي تي واقع آهن، سنڌ ۾ جيڪي تبديليون
رونما ٿيون، سي هيٺينءَ ريت آهن:
(1) هڪ ئي ٻيٽ مان هيڪاندو پاڻي اُڙهڻ سبب، درياهه خانڳڙهه ۽
اوڀر- خيرپور واري ڪچي جي ايراضيءَ کي ڪجهه مٿاهين
حالت ۾ ڇڏي، پنهنجي اڳوڻي ڪچي ۾ پائيندڙ ڪري ڪاهي
پيو ۽ خانڳڙهه ۽ خيرپور وارين ٽڪرين جي دامن ۾ وهڻ
لڳو. هڪ يا ٻن جاين تي درياهه واقعي پراڻي ڪچي جي
ايراضيءَ ۾ پائيندڙ ڪئي، جنهن ڪري ٽڪرين کان پرڀرو
مٿاهين زمين جا ڪجهه حصا ”ٻيٽ“ بنجي ويا. خانڳڙهه
جي ٽڪرين وٽان ”ميرپور ماٿيلي“ جي قديم بستي اهڙي
هڪ ٻيٽ تي آباد هجڻ سبب قائم رهجي وئي. بعد ۾ هِنن
ٽڪرين جي سلسلي سان ”گمبٽ“، ”راڻي پور“ ۽
”ڪنڊيارو“ جا شهر اڏيا ويا.
(2) وڌيڪ ويڪري درياهه جي بندن جو انداز بدليو. اڳوڻا وهڪرا
سوڙهين شاخن ۽ اُتاهن بندن مان جيڪي سو گهٽ گولائي
۾ مڙندا هئا. نئون درياهه جيئن ته وڌيڪ ڪشادو هو،
تنهنڪري وڪڙن ۾ سندس گولائي به وڌيڪ موڪري ٿي، ۽
درياهه جو رخ مستقل نه رهي سگهيو. اُڇلايل لٽ جا
بند اهڙا وڏا نه آهن ۽ پاسن کان پيٽ مٽائڻ سبب
نئين درياهه پٺيان هلالي شڪل جي ڪشاده نشانن جا
سلسلا ڇڏيا آهن.
(3) سکر وٽ، درياهه پٿر ۽ چوني جي ٽڪرين جي گهاٽيءَ وچان اُڙهي
هليو، ۽ سکر کان هيٺ پنهنجي پراڻي ”ڪنڌڪوٽ- خيرپور
واري وهڪري“ کان اُڪري ويو. ”سکر جي گهاٽيءَ“ ۾
”بکر“ جي ٻيٽ، ”اروڙ جي گهاٽي“ ۾ ڊگهي عرصي کان
قائم تخت گاهه ”اروڙ“ جي ڦٽي وڃڻ سبب اهميت حاصل
ڪئي. ”اروڙ“ کي جنهن ذريعي مان پاڻي ملندو هو سو
باقي نه رهيو. (جيتوڻيڪ تصويرون ڏيکارين ٿيون ته
بعد ۾ مندائتي ٻوڏ جو پاڻي اُتان لنگهندو رهيو
آهي.) درياهه جو پورو وهڪرو گهڻو ڪري 1252ع ڌاري ۽
يقيني طور تي 1333ع کان اڳ ”سکر واري گهاٽيءَ“
وچان جاري ٿيو هو ۽ اُنهي وقت [يعني 1333ع ۾]
”بکر“ جي ٻنهي پاسن کان اُڙهو ٿي.
(4) اڳتي ڏکڻ طرف آيل تبديليون وڌيڪ بتدريج ٿيون هونديون. مک
درياهه ”نصرپور وارو وهڪرو“ اختيار ڪيو ۽
”شهدادپور وارو پيٽ“ مٽائي ويو. پوءِ به آبڪلاڻيءَ
جو ڪجهه پاڻي ”سانڱرا“ ۽ ”اُلهندي پراڻ“ جي شاخن
مان وهندو رهيو. ”اُلهندي پراڻ“ واري شاخ ڏکڻ-
اوڀر طرف ورڻ کان اڳ ”ٽنڊو غلام علي“ جي هيٺان
وهندي هئي. غالباً اُنهيءَ زماني ۾ لاڙ جي سومرن
پنهنجو تخت گاهه ”شهدادپور واري وهڪري“ سان ”ٽنڊو
غلام علي“ لڳ واقع ”ٺري“ مان ”نصرپور واري وهڪري“
جي ”گونگڙو شاخ“ سان لڳ موجوده ڳوٺ ”شاهه ڪپور“ جي
ويجهو ”محمد طور“ ڏانهن منتقل ڪيو، جيڪو شهر
تيرهين صدي [عيسوي] جي پڄاڻيءَ کان اڳ اوج تي رسي
چڪو هو.
(5) سنه 1333ع کان اڳ ”ديبل بندر“ جي جاءِ ”لاهري بندر“ والاري،
جيڪو بعد ۾ شايد ”لاهوري بندر“ جي نالي سان مشهور
ٿيو ۽ ”بگهاڙ شاخ“ جي مُنهن وٽ واقع هو.
(6) ڏکڻ- اوڀر سنڌ (شهدادپور، ميرپورخاص، ٽنڊو باگو) ۾ ويراني
اچي ويئي، جتي اڳ درياهه جي اُٿل تي خوب آبادي
ٿيندي هئي. اُنهيءَ جي جاءِ تي، لاڙڪاڻي جو علائقو
وڌيڪ سرسبز ٿيو. غالباً اُنهي زماني ۾ ”اُلهندي
ناري“ ۽ ”گهاڙ“ پنهنجي ڊگهي تاريخ جي شروعات ڪئي.
هيءَ ڀلي ساريال ايراضي وقت گذرندي ”سنڌ جو باغ“
بنجي ويئي. پوءِ به ”نصرپور واري وهڪري“ جا ڪجهه
ڦاٽ ڏکڻ- اوڀر طرف پاڻي پهچائيندا هئا، جن ۾
”اُلهندي پراڻ“ ۽ ”ريڻ ندي“ خاص آهن، جيڪي ”بدين“
طرف وهنديون هيون.
پوين صدين ۾ درياهه جو پيٽ وڌيڪ درجي بدرجي مٽبو رهيو. نقشي
نمبر 5 ۾ سورهين صدي عيسوي ڌاري سنڌو نديءَ جو
امڪاني وهڪرو ڏيکاريل آهي. درياهه بتدريج پاسي کان
پنهنجو پيٽ اُتر- اولهه |