سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :24

جيترا وار، اوتريون اشرفيون

(تقرير)

حسين شاهه راشدي

[نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر محترم قمر شهباز جي شاعريءَ جي مجموعي ”چنڊ رهين ٿو دور“ جو مهورت، 11- جنوري 1989ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ان مجلس جي صدارت جناب مخدوم محمد امين فهيم ڪئي ۽ مهورت ڪار هو جناب سراج الحق. ان موقعي تي جناب حسين شاهه راشديءَ جيڪا تقرير ڪئي، سا مهراڻ جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي.     – ادارو]

قمرالدين ٻگهيو ڪهڙو نه مٺو ۽ چِند سنڌي سليمي نالو آهي، پوءِ خبر نه آهي ته ڪرڙيءَ وانگر ”الدين ٻگهيو“ جو پيدائشي پڇ ڪيرائي ”شهباز“ جو پيوند نالي ۾ ڇو اٽڪايو اٿائين. يا ته سائين قلندر شهباز سيوهاڻيءَ جو شيدائي آهي يا وري پنهنجي دل کي ڏَڍ ڏيڻ يا ٻين کي مرعوب ڪرڻ خاطر اها مشق ڪئي اٿائين، تنهن جي خبر خاوند کي! ڳالهه ڪبي صاف ته اهي ٻئي نالا هڪ ٻئي سان ٺهڪن ئي ڪونه- پهريون، يعني ”قمر“، فرحت ڏيندڙ روشني ۽ ٿڌائيءَ جي نشاني آهي، جڏهن ته ”شهباز“ ڏٻري تي ڏاڍائي، ڪمزور تي ڪاهه ۽ ٻين جا حق ڦٻائڻ جي علامت آهي. جي شهباز بدران پاڻ کي چڪور چوائي ها ته ڳالهه جُڙي اچي ها. چڪور جا چنڊ سان وارا ميڙا ٿي وڃن ها ۽ هو ٻنهي جون دعائون کٽي ها.

سندس هاڻوڪي نالي جا ٻئي جُزا في الحال هڪ ٻئي سان ايئن نباهه ڪري رهيا آهن، جيئن سنڌ ۾ اصلوڪا ۽ اوپرا. پيو ٿو وقت ٽپي، پر قمر ۽ شهباز جي وچ ۾ هڪ هڪاڻي اوس ٿيڻي آهي؛ يا ته قمر، شهباز کي شڪست ڏيندو يا شهباز، قمر جا ڪم لاهيندو. بهرحال قمر رعب رکڻ لاءِ ڪهڙو به تخلص اختيار ڪري، قمر، قمر ئي رهندو- مٺڙو، سٻاجهو، سلڇڻو ۽ هڏ ڏوکي.

قمر سڌو ۽ صاف انسان آهي، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته مخالف جنس تي اُلَرَ ڪرڻ کان اڳ کين پنهنجي ”شهبازيءَ“ کان اڳواٽ آگاهه ڪندو هجي، پر اهو کوڙو به ڪونه ٿو لڳو ڏسجي. هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته سندس شهبازيءَ جا شڪار پنهنجا ڦٽ ويٺا چٽين ها، پر قمر جي سلسلي ۾ گنگا اُبتي موٽ کاڌي آهي. سندس شعر پڙهو ته شهباز پاڻ پيو ٿو شوڪارا ڀري. سندس حوصلو هماليه وانگر آهي جو چوٽون کاڌل چِتُ جي ولايت مان ڳنڍ ٽوپ ڪرائڻ کانپوءِ وري به ميدان ۾ مقابلي لاءِ کڙو تڙو بيٺو آهي. آڻ مڃڻ جي مراد مور ڪانه اٿس. الله کيس سوڀ سان سرهو ڪندو.

نالن جي ڳالهه نڪتي آهي ته شمشيرالحيدريءَ جو نالو به اڳيان اڀري اچي ٿو، جنهن اڄوڪي ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. جن شمشير کي نه ڏٺو آهي، تن کي سندس ڦوڙاٽ نالو ٻڌي ڪنبڻي وٺيو وڃي، پر سندس ديدار پسڻ کانپوءِ حيدر جي شمشير ۽ ماهي مکڻ ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. ٻين کي شمشير زن ڪرڻ بدران پنهنجي ئي نالي واري هٿيار هٿان بي انصافيءَ جو شڪار پئي رهيو آهي، پر ساڻيهه سان سچو سٻنڌ اٿس، تنهنڪري حق جي تنوار تان هٿ کڻڻ جي ميار قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيو مثال يوسف شاهين جو آهي. انصاف ڪيو ته ڪاٿي مصر جو يوسف، جنهن جي سونهن، سٻاجهائيءَ ۽ قربانيءَ جا مثال ڏبا هجن ۽ ڪٿي وري ڪوجهو ۽ قبيح شاهين، جنهن جي صفت ئي ڪمزور کي چنبي ۾ چائي پنهنجو پيٽ پالڻ آهي. يوسف شاهين کي ڏسي توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته هو يوسف صفت آهي يا شاهين خصلت. خبر نه آهي ته پاڻ تي شاهين جي تهمت ڇو مڙهي اٿائين.

اها خبر مون کي ڏاڍي دير سان پئي، يعني ”چنڊ رهين ٿو دُور“ ۾ شمشيرالحيدريءَ جي مهاڳ پڙهڻ کانپوءِ، ته امر کي سنڌي ادب ۾ امر ڪرڻ جو ٻج قمر جو پوکيل هو. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ امر جي صورت ۾ قمر جو سنڌ تي وڏو احسان آهي. مان پاڻ ويچار ۾ هيس ته عبدالجليل قاضيءَ سان امر بڻجڻ واري ويڌن ڪنهن ڪئي. مان به کيس ننڍي هوندي کان سڃاڻان، جو ساڳي اسڪول ۾ پڙهندا هياسين ۽ ڪرڪيٽ راند گڏجي رهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ ته ادب جي الف کان به اڻ واقف هيو، باقي ڪرڪيٽ ۾ سو سندس نالو سڄي ڪراچيءَ ۾ وڄندڙ هيو. بُتَ ڪاٺ ۾ به جانٺو جوان هيو. بال کي اهڙي بيدرديءَ سان ڌڪ هڻندو هيو جو سندس چوٽ کاڌل کينهون بائونڊريءَ کان اورتي ڪڏهن نه بيٺو. راند جي شوق ۾ اُس اندر سَڙي سَڙي رنگت اهڙي ٿي وئي هيس جو جيڪڏهن پڇبو هيو ته ويسٽ انڊيز جا ماڻهو ڪهڙا ٿيندا آهن ته آڱر امر ڏانهن اٿندي هئي. هينئر ته الله جي فضل سان ادب جي ميدان ۾ پنهنجي قلم سان ڪرڪيٽ جون سِڪُون پيو لاهي. جڏهانڪر وري مُک تي سونهاري سجائي اٿائين، تڏهانڪر ته هُوبهو سنڌي ادب جو وِوِين رچرڊز Vivian Richards ٿو لڳي.

قمر جي اڄوڪي ڪتاب جي اوائل ۾ آيل بيت، دوها ۽ گيت سندس عاشق مزاجيءَ دوران ڪيل وارداتن جي جُوڻي کڻن ٿا. سمجهجي ٿو ته قمرَ ڪنهن زماني ۾ عشق کي فُل ٽائيم پيشي طور اختيار ڪيو هو ۽ ان ڪِرت دوران محبوب ڏيهي هجي يا پرڏيهي، سندس دل ٻنهي ۾ ڪو سَنڌو ڪرڻ جي روادار ڪانه رهي آهي. آهي به سچو عاشق، جو جن لفظن ذريعي هن دل جي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي آهي، ان ۾ به محبوب تان ڪَکَ ڪونه کنيا اٿائين، جيڪا هڪ سنڌيءَ جي سڃاڻ آهي. حضرت جوش مليح آبادي مرحوم، جيڪو جيئري به پاڻ کي مرحوم لکندو هو، پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ”يادون ڪي بارات“ ۾ پنهنجن عشقن جو انگ ارڙنهن ڄاڻايو آهي، جڏهن ته قمر اهڙي رازداريءَ کان ڪم ورتو آهي جو تعداد جي کڙڪ به ڪانه ٿي پوي، پر اهي پڙهندڙ جيڪي پاڻ محبت جا ڪکيل آهن، اهي اندازو لڳائن ٿا ته قمر جو اسڪور ارڙنهن جو انگ اورانگهيل آهي. البت اصل انگ مقرر ڪرڻ جي مٿاماري مستقبل جي محققن لاءِ ڇڏيل آهي.

قمر پنهنجن ڏوهن جو ڏنگ مارڻ خاطر ڪتاب پنهنجي جيون ساٿيءَ کي ارپي کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر حقيقت ۾ ايئن ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هيس، ڇوته سندس جيون ساٿيءَ کي به خالق سنڌ جي مٽيءَ مان خلقيو آهي. سنڌي عورت جي خوبي ئي اها آهي ته جنهن پنهل سان پيچ اٽڪيس، مرڻ مهل تائين ان تي موهت هوندي. مڙس ۾ کڻي عيب اَپار هجن يا اهو ڄاڻندي به ته سندس وَرُ مَست ڏاند وانگر گورَ چرندو ٿو رهي، ته به مٿس ساهه صدقي ڪندي رهندي. باقي جيڪڏهن قمر ڪنهن ڌاريءَ سان پلئه اٽڪائي ها ته خبرون پڇونس ها. هوءَ باره مسالن جي بارود سان ڀريل طعام تيار ڪري شاديءَ جي ڇهن مهينن اندر ئي شرطيه طور موڪن جو مريض بنائي ڇڏيس ها، جنهن کانپوءِ جيڪو درد دل مان اٿندو هوس، ان جو مرڪز رڙهي وڃي هيٺاهين وٺي ها ۽ محبوب جي اوسيئڙي ۾ رت جا جيڪي ڳوڙها اکين مان ڳاڙيا اٿائين، انهن جو محور به مٽجي وڃي ها. نه موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ٿئيس ها، نه عشق ڏانهن ارواح ٿئيس ها ۽ مٿس هيءُ ٿَري پهاڪو ٺهڪي اچي ها:

ڏِٺم ٽُوهه، ٿيم روُه، کاڌي خيال کڄي ويا.

*                        *                        *

قمر اڄوڪي ڪتاب جو عنوان ”چنڊ رهين ٿو دور“ چونڊيو آهي. اهو نه ٻڌايو اٿائين ته سندس اشارو ڪهڙي چنڊ ڏانهن آهي. هڪ چنڊ ته الله کيس نڪاح ۾ ٻَڌي ڏنو آهي. ها، جيڪڏهن پنهنجي بدران سنڌ جي ڳالهه ٿو ڪري ته پوءِ عنوان صحيح آهي. سنڌ جي ڀاڳ ۾ يا ته سج نيزي پاند رهيو آهي يا وري اڻٽيهين اونداهي. سڄي تاريخ ۾ ورلي ڪي اهڙا موقعا آيا آهن، جڏهن مٿان امن، آشتي، محبت ۽ خوشحاليءَ جي چانڊوڪي چمڪي آهي. سومرن جي سمي يا سمن جي سلطنت جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو: ڌاريا ته ڌُريائين ئي مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿيڻا آهن، پر جڏهن پنهنجا به ڦوڳ جي سنت تي عمل ڪندا هجن ته پوءِ ڏيرن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيون؟ اڄ به سياست ۾ ڪجهه همراهه چنيسر جي چال هلي رهيا آهن. اسان بيشڪ وڏي اوڙاهه ۾ آيل آهيون يا جيئن يوسف شاهين اسان کي مورڙئي جي ڀائرن سان تشبيهه ڏيندي چيو آهي ته مانگرن جي منهن ۾ آهيون. اڳ فقط هڪ عمر دوکي سان مارئيءَ کي کڻي وڃي پاڻ وٽ قيد ڪيو هو، پر هينئر عمر پنهنجي سڄي آڪهه سميت نه رڳو سڄي ملير ۾ خيما کوڙيا آهن، پر عرب جي اُٺ وانگر اسان کي پنهنجي اجهي مان تڙڻ لاءِ تپائي رهيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سندس باقي ڪَهول، جيڪو ٻين هنڌن تي پنهنجن افعالن جا ڪيتا لوڙي رهيو آهي، تنهن کي به گهرائڻ لاءِ پيو واڪا ڪري. کين ڏسي اوسي پاسي وارا به مدد خان جي گهل وانگر اچي ڪڙڪيا آهن، ۽ هتان الهه تلهه ٻهاري پيا اباڻن ڏانهن اماڻن. توڙي جو سنڌ مٿان مانجهاندي جو ماڳ آهي، ته به اسين ايئن پيا کونگهرا هڻون ڄڻ ته اُتَر واءُ گهُلڻ کانپوءِ ڪينجهر جي هندوري ۾ پيا لُڏون.

*                        *                        *

جَسُ لهن اسان جا اديب، شاعر ۽ دانشور، جن تسيا کائي به سنڌ کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پاڻ پئي پتوڙيو آهي. سنڌي قلم ڌڻيءَ لاءِ ڏات جو سودو پاپ برابر آهي، جنهن ڪارنهن کي هٿ لائڻ لاءِ هو ڪڏهن به تيار نه ٿيندو. هرڪو پنهنجي حال سارو فرض ويٺو نڀائي. ڪو وڏي وات پيو خبردار ڪري، ڪو سينڍ ۾ پيو ٿو سنيها موڪلي. ”چنڊ رهين ٿو دور“ ۾ به قمر اسان کي چهنڊيون پائي چوڪس ٿو ڪري. پير پٿون، لٽا ليڙون ۽ حال هيڻا هوندي به سنڌ جو قلم ڌڻي دشمنن لاءِ ڪُک جو ڪانُ پئي رهيو آهي، پر جيڪڏهن مالڪ موڳائيءَ ۾ مصروف آهي ته چوڪيدار ڪيسين چوڪسي ڪندو؟ اسان کي هينئر اک پٽڻ گهرجي. اسان کي اهو سوچڻ جڳائي ته ڪهڙي افعالين اسان جا هي حال ٿيا آهن. اهي ڪهڙا سبب آهن جو وارث اسان ۽ مالڪ ٻيا آهن. وقت آيو آهي جڏهن اسان کي هش ۾ خوش ٿيڻ، پرائي ڄڃ ۾ هروڀرو هنبوڇي هڻڻ، روپن هارن تي هرکجڻ، پرمتڙيائيءَ واري روش ۽ آڌرڀائي ادائن کي ڇڏڻو پوندو. مَرمَ ۾ گهڻي مار کاڌي اٿائون. مارئيءَ ڪهل کائيندي عمر کي فقط پاڻي پياريو هو، اسان جا ته ديڳين مُهين دم پخت کارايل آهن. الله پت رکندو. خبر نه آهي ته ڪهڙي ٿيندي پَرِ پنوهارن سان. مهيني سوا کان اُتر پار ڏانهن کنوڻين جا کجڪا پيا ٿين. جنهنڪري سنڌ مٿان به ميگهه ملهار جي اميد جاڳي آهي. ڏسجي ته ملير تي مينهن ڪڏهن ٿا وسن يا مُهڙ وارا انهن ڪڪرن کي به پاڻ ڏانهن لاڙي ويندا.

ڪنهن سخي امير جي ڳالهه ڪندا آهن ته دانَ ڏيڻ کان اڳ سونهاريءَ تي هٿ ڦيري، جيترا وار تريءَ تي ڇڻي پوندا هئس، اوتريون اشرفيون سائل کي ڏيندو هو. هڪ ڀيري هڪ سواليءَ وٽس سَين هنئي. امير عادت موجب ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري تِري ڏسندي چيو ته: ”فقير، وڏو بدبخت آهين جو هڪ وار به نه ڇڻيو، نه ته جيترا وار، اوتريون اشرفيون ڏيانءِ ها.“ فقير وراڻيس: ”جيئندا قبلا، مان واقعي بدبخت آهيان، جو ڏاڙهي به اوهان جي آهي ۽ هٿ به اوهان جو. جيڪڏهن ڏاڙهي توهان جي ۽ هٿ منهنجو هجي ته ڏسو ته ڪيئن نه هڪ سٽ سان ئي توهان جي سموري خزاني جو مالڪ بڻجي ٿو وڃان.“ اڄوڪي سنڌ ۽ ان سواليءَ جي بخت ۾ ڪوبه فرق ڪونه آهي.

*                        *                        *

”چنڊ رهين ٿو دور“ جي ٻولي سهڻي، شعرن جي بيهڪ بهترين ۽ انهن جي سٽن اندر سنيهو سمايل آهي. ڪتاب ۾ قمر جيڪا تند تنواري آهي، رب ڪري اسين اُن جي سُرَ کي سمجهون ايئن نه ٿئي ته سندس محنت مينهن اڳيان الغوزا وڄائڻ وانگر اڪارتي وڃي. توڙي جو اڄڪلهه قمر جو ڪم بناسپتي گيهه بنائڻ آهي، تنهن هوندي به سندس شعر توڙي شرير مان سچي سنڌي گيهه جي خوشبوءِ پئي پسجي.

سنگم پبليڪيشن به کيرون لهڻيون، جن ڏاڍي سيبتائي ۽ قرب سان قمر جو ڪتاب ڇپيو آهي.

جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com