تبصرا
(نوَن ڪتابن جو تعارف)
تفسير هاشمي
از: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مقدمو: علامہ غلام مصطفى قاسمي، ڊيمي
سائيز، قيمت سٺ رپيا، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو، سال 1988ع.
ڪائنات جي ڪل ڪتابن ۾ قرآن حڪيم هڪ اهڙو جامع ۽ ڪامل ڪتاب آهي،
جنهن جو مثال دنيا پيش ڪري نه سگهي آهي. قرآن حڪيم
جو سڀ کان پهريون شارح خود نبي آخرالزمان حضرت
محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم آهي. ان
کانپوءِ هر وقت ۽ هر دور ۾ مفسرين ڪرام پنهنجي خدا
داد علم ۽ قلم ۽ فڪر ۽ فهم ذريعي، قرآن جا راز ۽
رمزون، نڪتا ۽ حڪمتون تفسيرن ۾ بيان ڪيون آهن.
سنڌي زبان اها خوشنصيب ٻولي آهي، جنهن ۾ پهريائين قرآن پاڪ جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. علامہ غلام مصطفى قاسمي صاحب
مقدمي ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته تاريخي لحاظ سان
اها پڪي ۽ پختي ثابتي ملي ٿي ته دنيا جي ٻين سڀني
ٻولين کان اڳ ۾ قرآن مجيد جو مڪمل ترجمو سنڌي
ٻوليءَ ۾ ٿيو، جو مهروڪ بن رائق راجا جي استدعا
تي، منصوره (سنڌ) جي عرب حاڪم عبدالله بن عمر
عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم لکيو. اهو
عالم سنڌ ۾ رهي، سنڌي زبان چڱيءَ طرح سکي چڪو هو.
هتان جي ٻولين جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو. انهيءَ راجا
تي هن سنڌي ترجمي جو ايڏو اثر ٿيو جو سورت يــٰسين
جي هڪ آيت ”من يحي العظام وهي رميم“ جو سنڌي ترجمو
۽ تفسير ٻڌندي، تخت تان لهي اچي پٽ پيو ۽ خدا جي
خوف کان اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي روئڻ لڳو.(ص 8)
زيرِ نظر ڪتاب تفسير هاشمي سنڌي ۾ قرآن مجيد جي آخري ٽيهين
سيپاري عم جو مڪمل ترجمو ۽ تفسير آهي. هي تفسير
پهريان اٺهتر سال اڳ بمبئي مان، مطبع ڪريمي طرفان
سنه 1330هه ۾ ڇپيو هو ۽ اڻ لڀ ٿي ويو هو. تازو
سنڌي ادبي بورڊ ان تفسير هاشمي جو ٻيو ڇاپو،
تحقيقي مقدمي ۽ جهونن لفظن جي معنى سميت شايع ڪيو
آهي. تفسير جو مقدمو موجوده وقت جي ممتاز عالم،
مشهور مصنف ۽ محقق علامہ غلام مصطفى قاسمي صاحب
لکيو آهي ۽ تفسير جي آخر ۾ جهونن لفظن جي معنى شيخ
محمد اسماعيل صاحب نروار ڪئي آهي. تفسير هاشمي ته
سراسر سون آهي، پر علامہ قاسمي صاحب جو مقدمو به
علم تفسير ۽ ترجمن جي ارتقا ۽ اوسر بابت تحقيقي
آئينو آهي. علامہ قاسمي صاحب جو مقدمو به پنهنجيءَ
جاءِ تي پر مغز ۽ ڪتاب جي جان آهي.
قاسمي صاحب مقدمي ۾ نيون ۽ دلچسپ روايتون آنديون آهن ۽ مقدمي کي
ڪتاب عجائب الهند، مبسوط، بياضِ هاشمي، مسند امام
احمد بن حنبل ۽ تفسير روح المعافي جي تحقيقي حوالن
سان سينگاريو ۽ جاندار بنايو آهي ۽ قرآن مجيد جي
ترجمن جي اپٽار سان گڏ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي
زندگيءَ جو احوال به آندو آهي. البت علامہ صاحب
تفسير هاشمي جي اصل متن ۽ مواد تي رڳو طائرانه نظر
ڪئي آهي، ان لاءِ ڪجهه تفصيل اچڻ ضروري هو.
سنڌي رسم الخط ۽ تفسير جي باري ۾ مقدمي ۾ آهي ته اسان وٽ جيڪي
به آڳاٽا ديني ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت موجود
آهن، سي اٽڪل روءِ ٽي سئو سال اڳ جا چيا وڃن ٿا.
انهن جو سلسلو ميون ابوالحسن ٺٽويءَ جي سنڌي رسم
الخط مقرر ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ پهريون ڪتاب
ميسون ابوالحسن جو جوڙيل ”مقدمة الصلواة“ يا
ابوالحسن جي سنڌي آهي، جو جهوني سنڌي نظم ۾ لکيل
آهي. ان کانپوءِ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي ۽ ٻين
بزرگن هن ڏس ۾ گهڻو ڪم ڪيو. اڳتي هلي مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي (وفات 1174هه) ڌڙا ڌڙ سنڌي ديني ڪتاب
لکيا، جن مان سندس جوڙيل قرآن مجيد جي ڪجهه حصي جو
سڀ کان آڳاٽو ترجمو اهوئي موجود آهي، جيڪو 1162هه
۾ لکيو ويو. (ص 8-9)
تفسير هاشمي جو مصنف ۽ مفسر ٻارهين صدي هجريءَ جو مشهور بزرگ
مخدوم محمد هاشم ٺٽويرح آهي. هن تفسير جو متن
جهوني سنڌي ۾ منظوم 503 صفحن تي مشتمل آهي. ان
کانسواءِ منڍ ۾ فهرست ۽ مقدمي جا 23 صفحا ۽ آخر ۾
لفظن جي معنى ۽ ڀلنامي جا 28 صفحا وڌيڪ آهن. تفسير
هاشمي ۾ ٽيهين پاري سان گڏ سورت فاتحہ جو مڪمل
ترجمو ۽ مختصر ۽ جامع تفسير آهي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي تفسير جي شروعات حمد سان هن ريت ڪئي آهي:
سڀ ساراهون رب کي جو خاوند خلقڻهار،
سٻاجهو سڀن پر، ڏڏن جو ڏاتار.
تفسير هاشمي سنڌيءَ ۾ لکڻ جو سبب بيان ڪندي مخدوم صاحب لکي ٿو،
ته مون قرآن مجيد جي آخري سيپاري جو ترجمو ۽ تفسير
اڳ ۾ ڇو ڪيو آهي:
پر پوئين سيپاري ڏانهن تِنهنجي گهڻو احتياج آهه
سڀڪو پڙهيس نماز ۾ سهکائي سببا
سورون تنهنجون ۽ آيتون آهن مختصر ٻينئا
ننڍو وڏو تنهن کي پڙهي ڪوڏ منجها.
پر معنى پروڙجڻ تِنهنجي اهکي اٻوجهن لاءِ
تڏهن سنڌي ڪيم سهکي ڪڍي عربيا
ته مَانَ پروڙين معنى تنهنجي مومن مرهاتا
رسن تنهنجي فهم کي مهر سين مولى
مان ڪرين ڪڏهن هن عاجز ڪاڻ دعا
ڪ پڙهن تنهنجي حق ۾ ڪڏهن فاتحا ص 3-4
تفسير جي تصنيف جو سال سنه 1162 هجري آهي:
ڪيم شروع تنهن ۾ سترهين تاريخا
ڪنا مهيني شعبان جي سڻي ياد ڪجاه
اڪاره ساءِ ۽ ٻاهٺ هوا ورهه گذرڻا
ڪنا هجرة حضرت حبيب جي جو مير محمد شاه
تفسير جو نالو مخدوم صاحب پنهنجي نالي جي نسبت سان هن ريت آندو
آهي:
نالو تفسير هاشمي رکئم تہِ کا
سائينم ستر ڪري تن فضل پنهنجي ساڻ
تفسير جو نمونو ۽ طرزِ تحرير هن طرح آهي. پهريان هر سورت جو
شانِ نزول ۽ ان سورت سان تعلق رکندڙ سڀيئي علمي
نڪتا ڏاڍي تحقيقي ۽ علمي انداز سان بيان ڪيا آهن.
تفسير ڪندي مخدوم صاحب هي تحقيقي اصول سامهون رکيو
آهي ته قرآن جو تفسير قرآن سان، ان کانپوءِ رسول
الله صلي الله عليه وآلہ وسلم جي صحيح حديثن سان ۽
ان سان گڏ علم ڪلام ۽ فقہ جي مشهور ڪتابن مان به
جا بجا حوالا آندا ويا آهن، تنهنڪري تفسير هاشمي
علمي معيار ۽ تحقيق جو ڀنڊار بنجي پيو آهي.
جيئن ته اڄ کان اڍائي ٽي سؤ سال اڳ ۾ ڇاپي جي سهولت نه هئڻ ڪري،
نور نچوئي، وڏي محنت ڪري هٿ سان قلمي ڪتاب لکيا
ويندا هئا، پر تنهن هوندي به مخدوم صاحب جي علمي
عظمت جو ڪمال آهي، جو قرآن حڪيم جي هڪڙي سيپاري جو
تفسير ڪندي به تفسير، حديث، ڪلام ۽ فقہ جي 48
ڪتابن جا جابجا حوالا آندا آهن. تفسير هاشمي
سنڌيءَ ۾ مخدوم صاحب جن ڪتابن تان مواد وٺي حوالي
طور ذڪر ڪيو آهي، انهن ڪتابن جي لسٽ هيءَ آهي:
(1) تفسير ابن عباس (2) معالم التنزيل (3) تفسير بحرالمعاني (4)
تفسير ڪبير (5) تفسير مدارڪ (6) تفسير بيضاوي (7)
تفسير بحر مواج (8) تفسير بحرالعلوم (9) تفسير
ثعلبي (10) تفسير حسيني (11) اسرار الفاتحہ (12)
شرح مواهب الرحمان (13) صحيح بخاري (14) صحيح مسلم
(15) سنن ابو دائود (16) سنن ابن ماجہ (17) ترمذي
(18) نسائي (19) مؤطا امام مالڪ (20) مسند امام
احمد بن حنبل (21) معجم طبراني (22) مسند بزار
(23) سنن دار قطني (24) فردوس ديلمي (25) مصنف ابن
ابي شيبہ (26) سنن بيهقي (27) مسند ابي يعلى (28)
سنن بيهقي (29) صحيح ابن حبان (30) مسند عبد بن
حميد (31) مسند رڪ حاڪم (32) جامع الصغير متبولي
(33) شعب الايمان بيهقي (34) مواهب اللدنيہ (35)
شرح الصدور (36) مشڪواة (37) شرح مشڪواه علي قادري
(38) حلية ابي نعيم (39) غنية الطالبين (40) ترغيب
الصلواة (41) سعد تفتازاني (42) مختاري ضيا مقدسي
(43) ڪتاب العظمة (44) فضائل ابي عبيده (45) امالي
جرجان (46) شرح فقہ اڪبر (47) منية المصلي (48)
حاشيه عبدالحڪيم.
مخدوم صاحب رڳو ڪتابي حوالا نه ڏنا آهن، پر هُن تحقيقي دعوى
لاءِ تحقيقي انداز سان تفسيرن ۽ حديثن جو حوالو
ڏيندي چيو آهي ته هنن ڪتابن مان اهو حوالو يا حديث
ڀلي ڪڍي ڀيٽي ڏسو. هو لکي ٿو:
پڻ آهي سونهاري حديث ۾ اهڙي پچارا
تفسير معالم ۽ شرح صدور ۾ سا ڪڍي نهار جا ص 186
سي مون لکي تفسير عربي ۾ ڪٺا هيڪاندا
جيڪو ڪڍي نهاري ان کي نه ٿين سڀ پڌرا ص 457
مخدوم صاحب ڪتابن جا حوالا هن انداز سان نظم ۾ آندا آهن:
پڻ آهي تفسير بحرالمعاني ۾ اهڙي پچارا ص 264
بخاري ۽ مسلم ۽ مشڪواة ۾ ئي حديث آڻي ٿو ص 386
پڻ حضرت شيخ جيلاني فرمايو منجهه غنيي ڪتابا ص 276
مخدوم صاحب تفسير ڪندي حديثن جي اَسناد ۽ صحيح هجڻ لاءِ زبردست
تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. مثال طور هو پاڻ ئي سوال
ٿو ڪري ته نماز جي ڀلائي ۾ ماڻهن ۾ هي حديث مشهور
آهي ته: ”نماز وڻ آهي، ان جا ٽي ڦر يا فائدا آهن.“
ان حديث بابت مخدوم صاحب مفسرانه ۽ محدثانه انداز
۾ بحث ڪندي لکي ٿو:
پر جيڪو پڇي اِن ماڳ ۾ ڪري سوالا
ته جا آهي حديث منجهه فضل نماز جي منجهه ماڻهن مشهورا
الصلواة شجرة ثمرها ثلثة جنهن ۾ ٿئو آه
سا ڪوه درج نه ڪيائين منجهه نماز جي فضلا؟
ته جواب تنهنجو هن پر ساري سڻيجاه
ته ثابت نه آهي حديث ئي منجهه حديث جي ڪُتبا
نه ڪي ڇهن صحيحن ۾ جي مدار اسلاما
نه ڪي ٻي ڪتاب ۾ حديثن جي تن ڇهنئو ڌارا
نه ڪي سند صحيح ڪري، نه ڪي ضعيفا
بلڪ منجهه ڪتابن فقہ جي پڻ نه ٿي لڀي سا
موجب علم منهنجي سا ثابت ناهي مورا
تڏهن درج نه ڪيم هن ڪتاب ۾ انهي سبب ڪنا ص 379
عجب اهو آهي جو رڳو هڪڙي سيپاري جو تفسير به پنج سؤ صفحن کان
وڌيڪ آهي، پر پوءِ به مخدوم صاحب لکي ٿو ته مون هي
تفسير عام فهم ۽ مختصر ڪري لکيو آهي. لفظ عصر
(زمانو) جي باري ۾ بيان ٿو ڪري:
ٻئا پڻ تفسير عصر جا گهڻيئي لکي ٿو
پر سبب اختصار جي مون تن کي ڇڏئو ص 337
لفظ ڪوثر جي باري ۾ چوي ٿو ته ان جون چوويهه معنائون آهن، پر
مون اختصار ڪري رڳو ٽي لکيون آهن:
آهين چوويهه قول تنهن ۾ مفسرن لکئا
پر ڇڏيم ذڪر تنجو اختصار جي سببا
ڪيم بس ٽن قولن اتي جي لکيم تن کان ص 400
ان کانسواءِ مخدوم صاحب تفسير ۾ عربي صرف نحو (گرامر) جي اپٽار
به ڪئي آهي، جا به سندس تفسير جي تحقيقي خوبي آهي،
مثال طور:
ڪنان مفعول فَذڪِر جي ئي آهي استثنا ص 148
آهـي عـطـف اِقـتَـحَـم اتـي ئـي لفظ لکن ٿا ص 200
مخدوم صاحب تفسير جي پڄاڻي کان اڳ ۾ الله جو حمد ۽ پنهنجو نالو
هن ريت آڻي ٿو:
هاڻي هي رسالو تمام ٿئو مولى جي فضلا
ڪريان تنهنجي تماميت اتي حمد شڪر خدا ص 502
هاشم جهڙي ضعيف تي ڪر رحم رحمتا
جو آهي ضعيف سڀين پر تون ڪر مهر ڪا ص 503
تفسير هاشمي جي پڄاڻي هيٺين سٽن ۽ ڪلمي سان ٿئي ٿي:
بخشي بوڇ بڇائيون ۽ عصيان اپارا
ساڻ لڏائين ڪلمي دنيا جي دارا ص 503
(ڪاتب: محمد يعقوب)
بهرحال تفسير هاشمي قرآن فهمي لاءِ بيش بها خزانو آهي. جيڪڏهن
ان کي موجوده صورتخطي ۾ آڻي شايع ڪجي ها ته ويتر
عام فهم، آسان ۽ بهتر ٿئي ها. تفسير هاشمي هر سنڌي
خواندي لاءِ اکين جو ٺار ۽ هر ڪتب خاني جو سينگار
آهي. آخر ۾ هيٺين لفظن تي پڄاڻي ٿي ڪجي ته جيڪڏهن
موجوده تحقيقي دور ۽ جديد علمي تقاضائن مطابق
تفسير هاشمي جي آخر ۾ انڊيڪس ڏجي ها ته جيئن تفسير
هاشمي ۾ حوالي طور آيل تفسيرن، حديثن ۽ ڪتابن جا
نالا ۽ ان کانسواءِ تفسير ۾ آيل نبين سڳورن جا
نالا ۽ شهرن، قومن، ماڳن مڪانن ۽ قبيلن وغيره جا
نالا به ڳولڻ ۾ آساني ٿئي ها. بهرحال تفسير هاشمي
اسان جي اڳوڻي سنڌي عالم جو علمي يادگار ۽ بهترين
سوکڙي آهي، جنهن کي شايع ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي
سڀني خدمتگارن عظيم علمي خدمت سرانجام ڏني آهي.
- عبدالرسول قادري بلوچ
سنڌي لازمي
(علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ميٽرڪ جي سنڌي شاگردياڻين
لاءِ ڇپايل ڪورس جو ڪتاب.)
ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار باشعور ماڻهن تي هوندو آهي. باشعور
ماڻهو تڏهن ٿيندا، جڏهن ملڪ جو تعليمي نظام بهتر
هوندو. اسان جي ملڪ جو تعليمي نظام بهتر آهي يا
نه، اهو هڪ الڳ بحث آهي، پر حڪومت جو فرض آهي ته
تعليم کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي.
شاگردن کي بنيادي تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي،
جيئن هو پنهنجي ماحول، معاشري ۽ ثقافت جي ڄاڻ رکي
سگهن. اسان وٽ شروع ۾ ٻار کي ايترا ته ڪتاب پڙهڻا
پون ٿا، جو هو انهن جو صحيح تعداد به ياد نٿو رکي
سگهي.
نصابي ڪتاب منظور ڪندڙ ڪاميٽين ۾ جيڪڏهن پرائمري اسڪولن جي سطح
کان يونيورسٽين جي سطح تائين، نصابي ڪتابن تي
نظرثاني ڪئي وڃي ته هوند نصاب بهتر ۽ تعليم جو
معيار بلند ٿي سگهي ٿو. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي
ته اهڙا ڪتاب نصاب تي رکيا وڃن، جيڪي شاگردن کي
پوري پوري ۽ مفيد ڄاڻ ڏيئي سگهن. انهيءَ سلسلي ۾
ملڪ جون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول به پنهنجو پاڻ
پتوڙي رهيا آهن. علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام
آباد، ملڪ جي اهڙي يونيورسٽي آهي، جيڪا تعليم کي
عام ڪرڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن
يونيورسٽيءَ جي عمل سان شاگردن کي ٻٽو فائدو رسيو
آهي. هڪ ته شاگرد گهر ويٺي تعليم حاصل ڪري سگهي
ٿو، ۽ ٻيو ته شاگردن سان گڏ عام ماڻهو به هنر
وغيره جي سکيا هن يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪري
سگهندا. انهيءَ سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ جا پروگرام
ٽي. وي ۽ ريڊيو تي ٽيليڪاسٽ ۽ نشر ٿيندا رهن ٿا.
ان ڏس ۾ تازو علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد، مئٽرڪ جي
شاگردياڻين لاءِ سنڌي سبجيڪٽ جو ڪتاب ”سنڌي لازمي“
نامياري عالم، اديب ۽ دانشور محترم ڊاڪٽر مميڻ
عبدالمجيد سنڌي صاحب کان لکرائي ڇپرايو آهي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ تيار ٿيندڙ تدريس لاءِ اهڙا ڪتاب تمام
گهٽ لکيا ويا آهن. ڪتاب جنهن طريقي سان لکيو ويو
آهي، ان سان شاگرد بغير ڪنهن رهبر جي پڙهي ويندا.
ڪتاب شاگردن سان گڏ استادن لاءِ به نهايت ڪارائتو
آهي. ڪتاب جا سبق يونٽن ۾ ورهايل آهن. ڪتاب ۾ ڪل
ٻارهن سبق ڏنل آهن. هر سبق جي شروع ۾، (1) فهرست،
(2) يونٽ جو تعارف، (3) ڏکين لفظن جي معنى، (جيڪي
سبق ۾ ڏکيا لفظ آهن انهن جي صحيح تلفظ اُچارڻ لاءِ
ڏنل آهن.) (4) سبق پڙهڻ، (هن ۾ سبق جو حاصل مقصد
ڏنو ويو آهي ۽ پوءِ سبق جي شروعات ٿئي ٿي.) (5)
ڏکيا لفظ ۽ انهن جي معنى، (هن ۾ جيڪي ڏکيا لفظ سبق
۾ آيل آهن، انهن جي معنى آسان طريقي سان ڏنل آهي.)
(6) ڏکيا جملا ۽ انهن جي سمجهاڻي، (هن ۾ نئين
ڳالهه آهي، جو هڪ پوري جملي جي نهايت سليس نموني
معنى ۽ مقصد ڏنل آهي.) (7) خود آزمائي، (جنهن ۾
شاگردن کي مختصر سوالن جا جواب ڏيڻ، خال ڀرڻ ۽
اڻپورا جملا مڪمل ڪرڻا آهن.) (8) جواب، (جيڪي خود
آزمائي واري خاڪي ۾ ڏنل سوال آهن، انهن جا جواب
آهن.)
ڪتاب جا آخري ٻه سبق، ”خطوط نويسي ۽ درخواست لکڻ“ ۽ ”اخباري
سنڌي“، وڏي اهميت جوڳا آهن. هنن سبقن مان
شاگردياڻين کي، درخواست لکڻ ۽ خط لکڻ جو ڏانءُ اچي
ويندو. ”اخباري سنڌي“ سبق شاگردياڻين لاءِ اخبار
پڙهڻ، سمجهڻ ۽ لفظن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ آهي.
هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت اهم ڄاتي ويندي. عام ڪورس لاءِ به
جيڪڏهن اهڙا معياري ۽ معلوماتي ڪتاب ڇپرايا وڃن،
ته تعليم جو معيار بلند ٿي پوي. ڪتاب جو مهاڳ
نامور عالم، اديب ۽ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽيءَ
جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکيو
آهي. ڪورس جو تعارف محترمه ثمينه قريشي صاحبه لکيو
آهي. اهڙي معياري ۽ معلوماتي ڪتاب لکڻ لاءِ ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب کيرون لهڻيون. هيءُ ڪتاب
شاگردن سان گڏ علم پڙهندڙن لاءِ به ڪارائتو آهي.
هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو وڏي اهتمام
سان شايع ڪيو آهي.
- امام راشدي
چنڊ رهين ٿو دور
ڪيتري ئي وقت کان وٺي محترم قمر شهباز جي شاعري مختلف رسالن ۾
پڙهندو پئي آيس. سندس هرهڪ شعر پڙهي ايئن معلوم
ٿيو ڄڻ ته منهنجي دل جا درد کڻي پنهنجي پُرزور
صلاحيتن سان هر دردمند دل رکندڙ آڏو پيش پيو ڪري.
خاص ڪري سندس ”ڪجهه ته گهُرين ها“ نظم جنهن وقت
پڙهيو هيم ته ايئن پئي محسوس ٿيو ته واقعي قمر
شهباز ساٿين لاءِ مرڪي پنهنجي جان جلائڻ وارن
منجهان آهي. پنهنجي سونهن ۽ جان کي جوکي ۾ وجهي
پنهنجو آرام ڦٽو ڪري ”مان چانڊوڪي چورايان ها“
وانگر پاڻ جهڙن احساس مندن لاءِ منزل تلاش پيو
ڪري.
قمر شهباز جا هن کان اڳ به تمام بهترين ڪتاب سنڌ واسين آڏو پيش
ٿي چڪا آهن، جيڪي ادب جي دنيا ۾ مٿاهين جاءِ رکن
ٿا، پر هي جيڪو سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ رهين
ٿو دور“ جي نالي سان سنڌ واسين جي هٿن تائين پهتو
آهي، سو پنهنجي اهميت پاڻ ٻڌائي ٿو. سندس ئي بيت ۾
پڙهو:
سهڻا ماڻهو سنڌ جا، پاسي تي پهراڻ،
ڳالهيون ڳهيرن جون، موتين جا ڄڻ ماڻ،
سانجهي ويل سڄاڻ، مڙي آيا مچ تي.
”چنڊ رهين ٿو دور“ سنگم پبليڪيشن پاران منظر عام تي آندو ويو
آهي. ان کان اڳ جيڪي قمر شهباز جا ڪتاب اسان تائين
پهتا آهن، اهي به سنگم پبليڪيشن جا شايع ڪيل آهن.
”چنڊ رهين ٿو دور“ ۾ به ٻين شاعريءَ جي مجموعن جيان شروعات ۾
بيتن جي صنف ڏنل آهي. بيتن کي پڙهي ايئن محسوس ٿئي
ٿو ته ڄڻ انهن بيتن ۾ سموريءَ سنڌ جي سونهن اوتيل
آهي ۽ ان سونهن ۽ سوڀيا کي سندر نموني ۾ سموهڻ جي
لاءِ اکرن جي مکڙين جي مالها پوئي پڙهندڙن کي
سنڌڙيءَ جي سرهاڻ جو واس ورڇڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي
وئي آهي ۽ پنهنجي ساٿين کي وقت جي رفتار سان گڏجي
هلڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ لاءِ ڏس پڻ ڏنو ويو آهي.
جيون آهي جوت، پل کن لئه مهمان،
اوت مٺا تون اوت، متان وسامي وڃي.
بيتن کانپوءِ دوهي جي صنف ڏنل آهي. انهن دوهن ۾ قمر شهباز ساري
زماني جو درد کڻي انسانن کي امن، ڀائيچاري ۽ محبت
جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته پيار محبت کانسواءِ ڪابه
شيءِ باقي رهڻي ناهي، تنهنڪري پاڻ ۾ پيار ۽ امن
سان وقت گذاريو، ڇو جو پيار ۽ محبت سان گذاريل
گهڙيون هميشہ امر ٿي پونديون آهن ۽ پيار کانسواءِ
هر ساعت ڏينڀو بڻجي ڏنگيندي رهندي آهي. قمر شهباز
پنهنجي تخليق ۾ ايترو ته گم ٿي ويو آهي، جو پنهنجو
پاڻ کي ڀُلائي ويٺو آهي ۽ کيس پنهنجي به خبر ڪونه
ٿي پوي، تنهنڪري هر ڪنهن کان پڇندو وتي ٿو ته مان
ڪير آهيان.
در در تان مان دان مڱان، پر ڪين ملي جو چاهيان،
ڪاش، ڪوئي هڪوار ٻڌائي، هاءِ الا، مان ڇاهيان.
دوهن کانپوءِ وايون آنديون ويون آهن. وائي سنڌ جي ٺيٺ صنف آهي،
تنهن سان تمام ٿورڙن شاعرن ئي پورو نڀايو آهي.
انهن ٿورڙن شاعرن مان قمر شهباز به هڪ آهي. قمر
شهباز واين ۾ تمام سولا لفظ ۽ محاورا ڪتب آندا
آهن، جيڪي هر پڙهندڙ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندا
۽ اهائي هڪ سٺي شاعر جي خوبي آهي. قمر شهباز هر
اها شيءِ واين جي قالب ۾ اسان آڏو پيش ڪئي آهي،
جيڪا هر وقت ۾ پنهنجي اهميت پاڻ ئي ٻڌائيندي.
ولر کان وڇڙي، تڙپي تڙپي، تنهنجي ڏيهه پڄان ها...
ڪاش مان ڪائي ڪونج هجان ها!
اُڀ جي آڳنڌ تي پَر سوئي، تنهنجا پنڌ پڇان ها...
ڪاش مان ڪائي ڪونج هجان ها!
واين کانپوءِ وارو اچي ٿو گيتن جو. شاعر گيتن جو گهاڙيٽو به
گهڻو تڻو وائيءَ وارو رکيو آهي. گيتن ۽ واين کي
صرف موضوع جي لحاظ کان ئي پرکي سگهجي ٿو. قمر
شهباز گيتن ۾ نيون ترڪيبون، نوان محاورا ۽ نيون
تشبيهون تمام وڻندڙ انداز سان پيش ڪيون آهن، جن ۾
”منهنجو من پنڇي آ گهايل“، ”منهنجو پيار سمونڊن
جهڙو“ يا ”منهنجو پيار آ ماڪ جا ٽيڙا“ مثال طور
پيش ڪري سگهجن ٿا.
جڏهن تنهنجي رنگين محفل ۾ سائين،
اداسي جي تصوير بڻجي مان آيس،
ڌڪاري ڇڏين ها، ڌڪاري ڇڏين ها!
قمر شهباز جي شاعري هيڻن کي همٿ ڏيئي وقت جي ڏاڍن آڏو مهاڏو
اٽڪائڻ سيکاري ٿي ۽ اهائي سندس شاعراڻي خوبي آهي.
غزل، جيڪا ڌاري صنف آهي، ان کي به اهڙي نموني پيش
ڪري ٿو، ڄڻ غزل به سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي. قمر
شهباز غزل ۾ پنهنجي اصليت بحال رکندي محبوب جي هر
ادا کي مثالي جذبن ۽ احساسن سان پيش ڪري ٿو، جنهن
۾ خاص ڪري محبوب جي نگاهن جو ذڪر نمايان طور نظر
اچي ٿو. ان کانسواءِ بهار جهڙي خوشگوار موسم جو
ذڪر ۽ محبوب جي جدائيءَ جو ذڪر پڻ موجود آهي. مطلب
ته غزل جيڪو محبوب جي ادائن تي ٻڌل هوندو آهي، ان
سان ايڏي انداز سان نڀائڻ هڪ ڏات ڌڻيءَ جي ئي وس
جي ڳالهه آهي. قمر شهباز جي شاعريءَ ۾ پراڻا
محاورا ۽ ترڪيبون به اهڙي شانائتي نموني ۾ استعمال
ڪيل آهن، ڄڻ ته اهي نوان پيا لڳن.
خدا ڄاڻي تنهنجي نگاهن ۾ ڇا هو،
اسان کي ته گهورن سان گهائي ڇڏيائون.
افق کان سندس لال چڻنگون چورائي،
اڙي ڪنهنجو جهوپو جلائي ڇڏيائون.
توهان کي جيڪڏهن قمر شهباز سان ملاقات ڪرڻ جو شوق هجي ته ضرور
ڪريو. بظاهر هو ميٺ محبت وارو ماڻهو آهي، پر اندر
جو احوال ڪي ڪي نظرون پروڙي سگهنديون آهن، ان ڪري
قمر شهباز پنهنجي اندر جو سارو احوال نظمن ۾ ظاهر
ڪيو آهي.
قمر شهباز جي نظمن کي جيڪڏهن هڪ ڀيرو پڙهي ڏسبو ته ٻيهر پڙهڻ
لاءِ ساهه ضرور سَٽ ڏيندو. هو پنهنجي من جي مراد
ماڻڻ خاطر گوتم بڻجي در در تان دان مڱيندو ٿو رهي
۽ ڪڏهن مارئيءَ جي روپ ۾ ته ڪڏهن عيسى جي روپ ۾ ته
ڪڏهن هوشو ۽ راءِ ڏياچ جو روپ ٿو وٺي. سندس نظمن
مان ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ته سور سندس رڳ رڳ ۾
سمايل آهي، ايئن جيئن ساز ۾ سوز سمايل هوندو آهي.
قمر شهباز جي من موهڻن نظمن ۾ خاص ڪري هي نظم
”راڳي تنهنجي سُر ۾ غم جي پيڙا جاڳي“، ”مون کي
ٿوري ڏات ته ڏين ها“ ۽ ”آءٌ اڪيلو“ يا وري ڪجهه هي
سٽون:
غمگين ڇو آهين پري؟
يا پيار ۾ ٿي آن چري؟
لاشڪ ويو توکي ڇڏي،
ڪو بي وفا غم ۾ گڏي.
او چري، او بانوري،
اوري ته آءُ، او سانوري.
آخر ۾ ايئن چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته قمر شهباز جي شاعريءَ جو هي
ڳٽڪو ”چنڊ رهين ٿو دور“ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ سندر ۽
سهڻو اضافو آهي، جيڪو وقت سان گڏ پنهنجي مڃتا ضرور
ماڻيندو.
هي ڪتاب سنگم پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيو آهي ۽ پوسٽ باڪس نمبر
13071 جي ائڊريس تان گهرائي سگهجي ٿو.
هن ڪتاب جي مُهڙ ۾ ” قمر شهباز- هڪ آدرش“ جي عنوان سان محترم
شمشيرالحيدريءَ جي لکيل آرٽيڪل ڪتاب جي اهميت ۾
اضافو ڪيو آهي ۽ سائين امداد حسيني ”ڏيئي جهڙي
ڏات“ جي سري سان قمر جي ڪلام جو جيڪو جائزو ورتو
آهي، اهو پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
ڪتاب جو سرورق نهايت جاذب ۽ جديد چترڪاريءَ جو هڪ سهڻو شاهڪار
آهي، جيڪو سائين فتاح هاليپوٽي جو ٺاهيل آهي. ڪتاب
کي شمشيرالحيدري ۽ ڪرم الاهي چنا وڻندڙ طريقي سان
ترتيب ڏنو آهي.
ڪتاب ۾ قيمت ڄاڻايل ڪونه آهي. اسان جي راءِ آهي ته جديد سنڌي
ادب سان دلچسپي رکندڙ هر سڄڻ جي لائبريريءَ ۾ هن
ڪتاب جو هجڻ بيحد ضروري آهي.
- اڪرام ساگر عباسي
ڀوڳنا جو سفر
ڪهاڻين جو مجموعو: ڀوڳنا جو سفر، ليکڪ: بيدل مسرور، ڇپائيندڙ:
محمد دائود بلوچ، چترڪار: فتاح، آگسٽ 1988ع، منصور
پبليڪيشنس، قيمت: ويهه رپيا.
”ڀوڳنا جو سفر“، منصور پبليڪيشن جو ويهون ڪتاب آهي، جنهن جون
ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو منفرد راڳي بيدل مسرور آهي.
بيدل مسرور پنهنجي هن مجموعي جي شروعاتي صفحن ۾
”مان ۽ منهنجيون ڪهاڻيون“ جي سري هيٺ پنهنجي لاءِ
لکي ٿو: ”منهنجي اندر ۾ به هڪ اهڙو سلڇڻو نينگر
سدائين ڏات جو وٽو جهليو بيٺو آهي، جيڪو منهنجي
جاڳڻ جو انتظار ڪندو رهندو آهي ۽ جڏهن به مون کي
سجاڳ ٿيندي ڏسندو آهي ته پنهنجي هٿن سان اهو ڏات
ڀريل وٽو پياريندو آهي، تڏهن منهنجي من مان به
اهڙا اهڙا بي اختيار اڌما اڇل کائي ٻاهر ايندا
آهن، جو ڪي گهڙيون ته مان خود به سراپيل هوندو
آهيان.“ تڏهن پڙهندڙ کي سُڌ پئي ٿي ته بيدل نه فقط
هڪ راڳي آهي، ڪهاڻيڪار آهي، شاعر آهي، پر مصور به
آهي.
بيدل اڳتي هلي پنهنجين ڪهاڻين لاءِ لکي ٿو: ”اپريل 1966ع کان
1977ع تائين جي ڏهاڪي جي ڇپيل ڪهاڻين ۾ منهنجون
ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به آهن، جن لاءِ مون کي
ايئن لڳندو آهي، جيئن ڪنهن گرڀوتيءَ کي ڇِڪي اچي
ويندي آهي ۽ ان جي ڪُک مان مئل ٻار ڄمندو آهي،
جنهن تي نه نالو رکبو آهي ۽ نه ئي سندس ڄم جي
تاريخ ياد رکبي آهي، تيئن مون کي به انهن کوڙ
سارين ڪهاڻين لاءِ ايترو ياد آهي ته مون لکيون
هيون.“ هاڻ خبر ناهي ته ڀوڳنا جي سفر ۾ اهي مئل
ٻار جهڙيون ڪهاڻيون به شامل آهن يا نه؟ جن جو نه
نالو ياد رکبو آهي ۽ نه ڄم جي تاريخ. هونئن منهنجو
ذاتي خيال ۽ تجربو آهي ته نوَ مهينا پنهنجي تخليق
کي سانڍي، ان لاءِ اکين ۾ حسين خواب پوئڻ کانپوءِ،
جڏهن اها تخليق ڪنهن سبب ڌرتيءَ تي مئل اچي ٿي ته
پنهنجين پوءِ ايندڙ سمورين جيئرين تخليقن کان وڌيڪ
پياري به ٿي وڃي ٿي ته ياد به رهي ٿي.
بهرحال، هاڻ اچو ته بيدل مسرور جي ڪهاڻين تي هڪ نظر وجهون. سندس
هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ ڪل ٻارنهن ڪهاڻيون شامل
آهن، جيڪي 1970ع کان 1980ع جي دؤر ۾ لکيون ويون
آهن. مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ”نظر جو دوکو“ جي سري
هيٺ آهي، جيڪا موضوع ۽ لکت جي لحاظ کان بلڪل
ٻاراڻي ڪهاڻي آهي. مثال طور: ڪهاڻي جو ماحول شهري
آهي، جنهن ۾ ممي، ڊئڊي ۽ ڪافي جو ذڪر آهي، ته مرد
ڪردارن جون مڱينديون زرعي نمائش هڪ دفعي به نه، پر
ٻه ٻه ڀيرا گهمڻ اچن ٿيون ۽ اهڙي آزاد خيال خاندان
جي مرد ڪردارن کي اها به خبر نٿي پئي ته موت جي
کوهه تي ناچ ڪندڙ ڪا حسينا نه پر کدڙو، (جنهن کي
ڪهاڻيڪار الائجي ڇو هيجڙو لکي ٿو) آهي ۽ هو ٻه
ڏينهن مسلسل ان هيجڙي/ کدڙي جي پويان خوار ٿيندا
رهن ٿا، ۽ تيسين کيس ڪا حسينا سمجهندا رهن ٿا،
جيسين هو ساڻن اچي ڳالهائي نٿو.
ڪهاڻيءَ ۾ جتي اهڙيون غلطيون ڪيل آهن، اُتي ٽيڪنيڪل غلطيون به
ڪيل آهن. مثال طور: ”نظر جو دوکو“ ڪهاڻيءَ جي صفحي
14 جا هي جملا پڙهو:
اڃا هڪڙو ڍڪ ئي مس پيتوسين ته ڊيڊي، ڊاڪٽر خان، پپو، فريدا،
نجما ۽ اڪرم جي پيءُ کي هوٽل ۾ گهڙندي ڏٺوسين.
”مري وياسين.“
”ڪا نئين ڳالهه ڪر.“
”اڙي اسان ٻنهي جا ڊيڊي....“
”هان!؟“ اڪرم کان ڇرڪ نڪري ويو.
جڏهن ته پهرين سٽ ۾ ليکڪ پاڻ لکي ٿو ته فلاڻن فلاڻن ۽ اڪرم جي
پيءُ کي هوٽل ۾ ايندي ”ڏٺوسين“، تڏهن اڪرم جو اچرج
۾ پوڻ، پڙهندڙ لاءِ اچرج جوڳو آهي.
اهڙيءَ طرح مجموعي جي ٻيو نمبر ڪهاڻي، ”ڪو وٺندو ڪاٺيون“ به
جيڪڏهن هن مجموعي ۾ شامل نه هجي ها ته مان سمجهان
ٿي ته ڪو خاص فرق نه پوي ها، يا شايد ڪهاڻيڪار ان
ڪهاڻي کي ڪنهن خيال کان اهم (جيئرو) سمجهي مجموعي
۾ شامل ڪيو آهي. مجموعي جي آخري ڪهاڻي ”ڀوڳنا جو
سفر“ مجموعي جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪهاڻي گهٽ،
ليکڪ جو پنهنجي پاڻ ڏانهن لکيل خط وڌيڪ پئي محسوس
ٿئي، جنهن ۾ ليکڪ ڪنهن ”مخصوص گروپ“ تي نه رڳو
پنهنجي ڪاوڙ به ڇنڊي ٿو، پر پاڻ کي ساڻن مدمقابل
ٿيڻ لاءِ همت به ٻَڌائيندو رهي ٿو. بيدل جيڪڏهن ان
ڪهاڻيءَ کي ڪتاب جي مهڙ ۾ ”مان ۽ منهنجيون
ڪهاڻيون“ کان اڳ ۾ ڏئي ها ته هوند سندس لاءِ هڪ
ننڍڙو، پر مڪمل اسڪيچ پڙهندڙن کي ملي پوي ها- بيدل
جي هن مجموعي ۾ ”سندرتا ۽ سنگ“، ”ورجاءُ“، ”منهنجو
من“ ۽ ”منهنجو ڪردار“ جي سري هيٺ سٺيون ڪهاڻيون
شامل آهن ته ”ريکا دور ڌنڌلڪي ۾“ ۽ ”جيون ڪائي
ڇولي آهي“ جهڙيون سگهاريون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون به
شامل آهن، جن ۾ ليکڪ نه رڳو تخليقي لحاظ کان، پر
فني لحاظ کان به بيحد مٿانهينءَ تي بيٺل نظر اچي
ٿو.
ڪتاب جي پٺيان يا اڳين حصي ۾ جيڪڏهن ليکڪ جو مختصر تعارف ڏجي ها
ته هوند پڙهندڙن لاءِ سهوليت ٿي پئي ها، جنهن ۾
سندس ڄم، تعليم، ڌنڌي ۽ فني زندگيءَ جي شروعات جي
ڄاڻ ڏنل هجي ها. اها ڪا نئين آئيڊيا نه آهي، بلڪ
دنيا جي سمورن وڏن ۽ سٺن اشاعتي ادارن جي ساراهه
جوڳي قديمي روايت رهي آهي، جنهن مان منصور
پبليڪيشن کي به لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.
ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌي ٻوليءَ جي نامياري چترڪار فتاح جو تخليق
ڪيل آهي. ڪجهه عرصي کان فتاح جي ٺاهيل ڪتابن جا
ٽائيٽلز پنهنجي اڳوڻي جاذبيت قائم نه رکي سگهيا
آهن يا شايد فتاح جو رنگن سان اهو چاهه نه رهيو
آهي.......؟
”ڀوڳنا جو سفر“ جو ٽائيٽل به ساڳيءَ طرح ڪو خاص متاثر ڪندڙ نه
آهي.
- رضيه طارق
زلزلو
سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي کوٽ رهي آهي. انهيءَ ۾ به طبعزاد ناول ته
ڄڻ آهن ئي ڪونه، البت ترجما اڪيچار آهن. ڏٺو وڃي
ته طبعزاد لکڻين جي ڀيٽ ۾ ترجمو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
سنڌيءَ ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ليکڪ آهن، جن ترجمي جي فن کي
نه رڳو نڀايو آهي، پر ان ۾ نانءُ به ڪڍيو آهي.
مرزا قليچ بيگ ان ڏس ۾ اهو بنيادي ليکڪ آهي، جنهن
ترجمي جي فن کي عروج تي پهچايو. هاڻوڪي دور جي
ليکڪن مان نجم عباسيءَ جو نالو سرِفهرست آهي. سندس
ترجمي کي پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس بلڪل نه ٿيندو ته
اهو ترجمو آهي يا اصلي لکت. نظر هيٺ ڪتاب ’زلزلو‘
هڪ انگريزي زبان جو ناول آهي، جنهن جو سنڌي زبان ۾
ترجمو ڪيو ويو آهي. ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ ايئن ٿو
لڳي ته اهو ڄڻ آهي ئي سنڌي ٻوليءَ جو ڪتاب، رڳو ان
مان اصلي ڪردارن جا نالا بدلايا وڃن ته جيڪر ان جو
ماحول به سنڌي لڳي ها.
ناول ’زلزلو‘ ليکڪ ڊي ڪين
Day Keene
جي ناول
His Father’s wife جو ترجمو آهي. ناول ۾ جنهن سماجي برائيءَ جي نشاندهي
ڪئي ويئي آهي، اها اسان جي سنڌي سماج ۾ ته عام
آهي. هيڏي وڏي عمر واري مرد جي ننڍي نيٽيءَ سان
شادي رچائڻ. اهڙي قسم جي شادين جا ڪهڙا نتيجا نڪرن
ٿا، ليکڪ ان جي وضاحت ڏاڍي سٺي نموني ڪئي آهي، ۽
پڻ ان جو بنيادي سبب به ٻڌايو اٿس.
هي ناول جملي 188 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب جي سائيز ڪرائون ۽
اڇي پني تي ڇپيل آهي ۽ في ڪاپي جو ملهه ويهه رپيا
آهي.
هي ڪتاب ليکڪ نذير ناز، ناري پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 15،
حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو سرورق
مشهور چترڪار فتاح هاليپوٽي جو ٺاهيل آهي.
- زيب نظاماڻي
يادگار ڊڪشنري
سنڌ ۾ انگريزي راڄ 1843ع ۾ قائم ٿيو. هن قوم صوبائي ٻولين کي
زور وٺائي، عربي ۽ فارسي ٻوليون، جيڪي پوري مغل
سلطنت ۾ عام طور تي پڙهيون ۽ سمجهيون وينديون
هيون، تن جي اهميت کي وڏو ڇيهو رسايو. ايئن ڪرڻ
سان آهستي آهستي اهو دور به آيو، جو مختلف صوبن جا
ماڻهو، مختلف ٻولين کي پوريءَ طرح نه سمجهڻ ڪري هڪ
ٻئي کان پري ٿيندا ويا ۽ نيٺ وڃي صوبائي سطح
اختيار ڪيائون ۽ هڪٻئي کان گهڻو ڪٽجي ويا. ايئن
ڪرڻ سان جن صوبائي ٻولين زور ورتو، تن ۾ سنڌي ٻولي
به هڪ هئي. ٻئي طرف انگريزن وري، انگريزي ٻوليءَ
کي پوري هندوستان ۾ رائج ڪرڻ جي، حڪومت جي سطح تي،
ڪوشش ورتي. انهن ڪوششن ۾ انگريزي ڊڪشنريون تيار
ڪرڻ جي پڻ ضرورت پيئي. نتيجي ۾ اهڙيون ڊڪشنريون
تيار ڪرايون ويون، جن ۾ انگريزي لفظن، محاورن،
اصطلاحن وغيره جون معنائون صوبائي ٻوليءَ ۾ ڏنيون
ويون. اهڙيون ڪوششون سنڌ ۾ به ٿيون ۽ انگريزي-
سنڌي ڊڪشنريون تيار ٿيڻ لڳيون. انهن مان هڪڙين
ڊڪشنرين ۾ انگريزي لفظن جي صرف سنڌي معنى ڏني
ويئي، ۽ ٻين ۾ انگريزي لفظن جا سنڌي ٻوليءَ ۾
اُچار به ڏيڻ ۾ آيا. اهڙي پهرئين معياري ڪوشش
آنندرام شهاڻيءَ ڪئي آهي ۽ پنهنجي
“The English-Sindhi Dictionary” 1930ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. ان سلسلي ۾
ٻي جيڪا ڊڪشنري ڇاپي هيٺ آئي سا مرزا اجمل بيگ،
پنهنجي ٻين پنجن ساٿين سان گڏجي تيار ڪئي ۽ 1959ع
۾ شايع ٿي، جنهن ۾ انگريزي لفظن جي معنى انگريزي،
سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڏنل آهي ۽ مٿس
“Pak Triplet Dictionary”
نالو رکيو ويو. ان کانپوءِ وري ثناءُ الله شيخ
“The Mehran English Sindhi Dictionary”
تيار ڪئي، جيڪا 1967ع ۾ ڇپجي ميدان ۾ آئي. هن
ڊڪشنريءَ ۾ انگريزي لفظ، انهن جا اُچار ۽ سنڌي
معنى به ڏنل آهي؛ نه رڳو ايترو پر ماپون، فرينچ
محاورا، محاورن لاءِ هڪ يڪو ڪتب ايندڙ لفظ،
انگريزي پهاڪا ۽ انهن سارو سنڌي پهاڪا وغيره ڏنا
ويا آهن. تازو سيد عليڏني شاهه
“Yadgar Dictionary”
ترتيب ڏني، جا 1988ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي. هيءَ
ڊڪشنري يادگار پبلشرس، يادگار گهٽي (جيڪا اصل ۾
نندو حمال گهٽي آهي) حيدرآباد سنڌ شايع ڪئي آهي.
يادگار ڊڪشنريءَ ۾ انگريزي لفظن جون معنائون انگريزي توڙي سنڌي
ٻولين ۾ ڏنيون ويون آهن. انگريزي لفظن جا اُچار به
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏنا ويا آهن ۽ ايئن ڪرڻ ۾
“Concise Oxford Dictionary”
۽
Chambers Dictionary
کي آڏو رکيو ويو آهي. هيءَ ڊڪشنري تيار ڪرڻ ۾ سيد
علي ڏني شاهه، ڏهاڪو سال کن محنت ڪئي آهي ۽ ان ۾
ويهارو هزار کن لفظ معنائن ۽ اچارن سميت ڏنا اٿس.
ڊڪشنريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اضافي معلومات طور مختصر
اکر به ڏنا ويا آهن، جيڪي عام طور تي ادارن، عهدن،
امتحانن وغيره لاءِ ڪتب اچن ٿا. ان کانسواءِ مختلف
ملڪن جي سڪن جا نالا، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي
معياري وقت ۾ ڪيترو تفاوت آهي سو، مختلف ماپون،
فهرنائيٽ ۽ سينٽي گريڊ ماپن جون هڪجهڙايون، ۽ رومن
انگ صرف ڏهن تائين ڏنا ويا آهن. چڱو ٿئي ها ته اهي
انگ هزار تائين ڏجن ها ۽ سڪن توڙي ماپن جا نالا
سنڌيءَ ۾ به ڏجن ها. هونئن ڊڪشنري اڇي پني تي
ڇاپيل آهي. ڇپائي صاف ۽ چٽي آهي. ڊڪشنري يادگار
پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇاپي ويئي آهي ۽ 982 صفحن
تي ڊيمي سائيز ۾ آهي. جلد ڪپڙي سان پڪو اٿس.
سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ قسم جون هاڻي وڏيون ڊڪشنريون تيار ٿيڻ
گهرجن، جيڪي جديد دؤر جون تقاضائون پوريون ڪن.
ڊڪشنرين ۾ عام طور تي محاورن ۽ پهاڪن کي نظرانداز
ڪيو ويندو آهي، جيڪا کوٽ هن ڊڪشنريءَ ۾ به محسوس
ٿئي ٿي، بلڪ کٽڪي ٿي. تنهن هوندي به مرتب توڙي
پبلشر جس لهڻن جن ههڙي معياري ۽ محنت طلب ڪم کي
شايع ڪيو آهي.
- عبدالقيوم صائب |