سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :18

طرف مٽايو ۽ خانڳڙهه توڙي خيرپور وارين ٽڪرين کان پري نڪري ويو. انهيءَ ڦيرڦار سبب ”اُلهندي ناري“ ۽ ”گهاڙ“ کي ملندڙ پاڻي روڪجي ويو هوندو ۽ ماڻهن انهن شاخن کي قائم رکڻ لاءِ هٿ پير هلايا هوندا. اهوئي سبب آهي جو هنن شاخن جون رڳو هيٺيون ڪنڌيون اُتاهيون آهن. مٿئين حصي ۾ پيچدار شاخون هاڻوڪي ٺاهيل وڪڙي وچان لنگهيو وڃن. اڳڀرو ڏکڻ ۾ درياهه پنهنجي هاڻوڪي وهڪري کان ٽپي ”دادوءَ واري وهڪري“ سان سيوهڻ طرف هليو ويو. [لئمبرڪ ڄاڻايو آهي ته: ”جڏهن شهنشاهه اڪبر خان خانان کي ڏکڻ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو (92-1591ع)، تڏهن لڳي ٿو ته سيوهڻ کان مٿي سنڌو ندي سندس هاڻوڪي وهڪري کان اولهه طرف وهندي هئي ۽ ”پاٽ“ ۽ ”ٽلٽي“ سندس کاٻي ڪپ تي هئا. ”سيوهڻ“ سان لڳ وهندي، ”لڪيءَ“ کان نسبتاً اوڀر طرف لاڙو ڪري ”نصرپور“ ڏانهن ويندي هئي. مترجم بحواله {H.T. Lambrick, “Sindh, “A- General Introduction” S.A.B. III Ed’. 86 p. 189.]. خانڳڙهه وارا مٿاهان پٽ ۽ خيرپور جو اُڀرندو ڪچو گهڻي ڀاڱي غير آباد ٿي ويا. پوءِ به آبڪلاڻيءَ جو ڪجهه پاڻي خانڳڙهه جي ٽڪرين سان ٽڪرائجي ”اُڀرندي ناري“ ۾ وڃي پوندو هو ۽ خيرپور وارو پيٽ هڪ ڦاٽ جي صورت ۾ قائم رهيو، تنهن هوندي به ساڄي ڪپ تي جيئن درياهه پنهنجو پيٽ مٽايو، تيز سيلابي وهڪرو زور وٺندو ويو ۽ انهيءَ سان پراڻين شاخن، جهڙوڪ: جيڪب آباد، وارهه ۽ ڪنڌڪوٽ وارن وهڪرن جي قائم رهڻ ۾ مدد ملي.

سورهين صدي [عيسويءَ] جي پڄاڻي ڌاري، ”وچولي“ ۾ هڪ شاخ جو احوال ملي ٿو، جنهن کي سانڱرا سڏيو ويو آهي. اها شاخ ”سانڱرا“ واهه جي صورت ۾ اڃا موجود آهي. هن شاخ انهيءَ زماني ۾ لڳل هڪ لڙائيءَ ۾ خاص اهميت حاصل ڪئي هئي. هيگ انهيءَ خيال کي رد ڪري ٿو ته هيءَ شاخ هڪ ڌار درياهي وهڪرو هو، جيڪو سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، پر تصويرون ڏيکارين ٿيون ته سچ پچ ايئن هو. شايد ”اُلهندي پراڻ“ به هن شاخ مان نڪرندي هئي، ڇاڪاڻ ته ”سانڱرا“ کان پوئتي ”نصرپور واري وهڪري“ تائين ميلاپ جا نشان نه ٿا ملن.

[لئمبرڪ پڻ ڏيکاريو آهي ته ”ڊيلٽا جي اڳوڻي علائقي ۾، جيڪو حيدرآباد کان ٿورو هيٺ ڏکڻ ۾ شروع ٿئي ٿو، جيڪي مکيه واهه- جهڙوڪ: ڪلري، بگهاڙ، پنياري ۽ ستو هئا، تن بابت اهو عام مشهور آهي ته اُهي ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ سنڌو نديءَ جا سمنڊ ۾ مکيه ڇوڙ هئا.“ ڏسو ايڇ- ٽي لئمبرڪ: سنڌ: هڪ عام جائزو، سنڌيڪار: سليم احمد، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڇاپو سال 1982ع، صفحو 44. مترجم].

ڏکڻ سنڌ ۾، ٺٽو، چوڏهين صدي [عيسويءَ] ۾ تختگاهه بڻيو. هي شهر ”مڪليءَ جي ٽڪريءَ“ تي آهي، جيڪا اُنهيءَ زماني ۾ ”ڪلري“ ۽ ”بگهاڙ“ شاخن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ هئي. ”گونگڙو“ شاخ شايد آهستي آهستي سُڪندي وئي ۽ 1519ع ۾ مک وهڪرو ”ڪلري“ مان لنگهيو ٿي، جيڪو بعد ۾ ”بگهاڙ“ مان گذرڻ لڳو.

تازو زمانو

سنڌو نديءَ جي وهڪري ۾ تازو آيل تبديليون چڱيءَ طرح قلمبند ڪيل آهن. آخري وڏي تبديلي 59-1758ع ڌاري آئي، جڏهن درياهه ”حيدرآباد“ ۽ ”گنجي ٽڪر“ جي اولهه ۾ پنهنجو هاڻوڪو وهڪرو اختيار ڪيو ۽ ”نصرپور وارو وهڪرو“ ترڪ ڪيائين.

سنه 1768ع ۾ اڳوڻي ”نيرون“ جي سرزمين تي اڏيل ”حيدرآباد“ کي تختگاهه بنايو ويو. نتيجي ۾ ڏکڻ- اوڀر سنڌ اڃا به وڌيڪ ويران ٿي ويئي. ويتر ”اُڀرندي ناري“ مان ملندڙ پاڻيءَ ۾ وڌيڪ کوٽ سبب ويراني وڌڻ لڳي. ”ڦليلي“ جي سَوَلي ڦاٽ البت صورتحال کي سنڀالي ورتو. ”گنجي ٽڪر“ جي اُڀرندي ڪير سان وهندي، هيٺ ڀرو وڃي، ”ڦليليءَ“، ”پراڻي ريڻ“ نديءَ جو پيٽ والاريو. ”گنجي ٽڪر“ جي ڏکڻ ۾ اٽڪل سنه 1819ع تائين درياهه ”بگهاڙ“ کان هيٺ پنهنجو پراڻو وهڪرو جاري رکيو، جيڪو لٽجڻ شروع ٿيو. مُک درياهه پوءِ پنهنجي پراڻي ”سَتو“ شاخ مان رستو ٺاهيو (نقشو نمبر 2). ”چوهڙ جماليءَ“ وٽ هِنَ درياهه اولهه طرف وَرُ ڪري ”اوچتو شاخ“ وٽان وڃي ”ڪيٽي بندر“ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. ٻيو ڦاٽ ”پنياريءَ“ جو هو. هِن وهڪري ”ٺٽي“ کان مٿي کاٻي ڪناري کان نڪري اڳوڻي ”بلڙي شاخ“ اُڪري وڃي ”گونگڙو“ کي ڀريو. انهيءَ زماني ۾ ”سجاول“ واري علائقي ۾ پڻ ننڍن ڦاٽن جي گهڻائي هئي.

ڪيٽي بندر وٽ درياهه جي مُنهن ويڪري ٿيڻ سبب اولهه طرف اڳڀرو ”بگهاڙ“ ۽ ”ڪلري“ جي مُنهن وٽان سامونڊي ڪنارو قدري پوئتي هٽي ويو، جيئن اڳ ڏکڻ- اوڀر سنڌ ۾ ٿيو هو، جتي 1819ع واري ڀونچال (ڌرتي ڌٻڻ) سبب سمنڊ پوئتي هٽي ويو هو.

”اوچتو شاخ“ هلندڙ صديءَ ۾ ڦِٽي آهي ۽ ”سنڌو نديءَ“ جي مُنهن وٽ اڃان به تبديليون اينديون رهن ٿيون. ”سنڌو ندي“ دوآبي ۾ ”ڪلريءَ“ جي آخري اونهائين حد تي سورهين صدي [عيسوي] ۾ پهتي هئي. ان وقت کان وٺي آهستي آهستي پوئتي اوڀر طرف وڃي رهي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال قائم رهي ته ”گنجي ٽڪر“ کان هيٺ اهي سڀ ايراضيون جتان سنڌو ندي اولهه طرف سوڙهو ور ڪري ٿي، سخت خطري ۾ رهنديون، ڇاڪاڻ ته اتان هڪ وڌيڪ اوڀاريون وهڪرو نڪري سمنڊ جو رخ اختيار ڪري سگهي ٿو.

اُتر سنڌ ۾ ”سنڌو ندي“ اتر- اولهه يا سر اولهه طرف پاسا ورائيندي رهي آهي. جيڪڏهن بند ٻڌي اُن کي نه روڪيو ويو ته شايد آئيندي به ايئن ڪندي رهندي. ”سکر واري گهاٽيءَ“ مان جاري ٿيندڙ وهڪري سبب وڌيڪ اولهه طرف پاسي ورائڻ ۾ روڪ ٿي آهي. اميد ٿي ڪجي ته جيئن گذريل ساڍن ستن صدين (750 سالن) لاڪر ”سکر واري گهاٽي“ هڪ دائمي مقرر گهاٽ جو ڪم ڏنو آهي، تيئن آئيندي به ٿيندو رهندو. وچولي ۾ درياهه، پنهنجي اڳوڻي ”دادوءَ واري وهڪري“ کان پري اوڀر طرف هليو ويو اهي. اتان هيٺ ”گنجي ٽڪر“ جي ڏاکڻي ڇيڙي تائين مٿاهين زمين جي ڪير سان ڀانئجي ٿو ته وهڪرو مستحڪم آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com