سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :14

ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا

غلام محمد لاکو

هونئن ته نوابشاهه ضلعو تاريخي آثارن جي لحاظ کان ايتري اهميت نه ٿو رکي، تاهم ٻن اتهاسڪ اهڃاڻن سبب ان کي سنڌ جي متعدد علاقن تي نهايت ئي برتري حاصل آهي. پهريون تاريخي نشان ”ٺل مير رڪن“ آهي، جڏهن ته ٻيو اڄ ”ميان جا قبا“ جي نالي سان مشهور آهي. اتفاق سان هي ٻئي تاريخي ماڳ منهنجي ڳوٺ جي اردگرد آهن، ان ڪري انهن سان دلچسپي پيدا ٿيڻ فطرتي امر هو. تاهم تاريخ جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ جڏهن هنن آثارن ڏي منهنجو ڌيان ويو، تڏهن کان انهن جي اڀياس ۾ پڻ اضافو ٿيو. اڄ کان ڏهاڪو سال کن اڳ ”ٺل مير رڪن“ بابت مطالعو پيش ڪيو ويو (مهراڻ 1- 1979ع). ان بعد ”ميان جا قبا“ مطالعي ۽ مشاهدي ۾ رهيا. ان وچ ۾ همعصر عالم ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب جو پيپر ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا“ رسالي مهراڻ (1- 1986) ۾ شايع ٿيو، ان ڪري ساڳئي عنوان تي قلم کڻڻ جي ظاهر ۾ ڪا گنجائش نه هئي. سال 1977 ۾ ان وقت جي موري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ملڪ اسرار حسين صاحب جي تعاون سان، مون ۽ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب، ميان نور محمد جي مقبري ۽ اتي موجود ٻين قبن جي اهڃاڻن جي نشاندهي، تحفظ ۽ پبلسٽي واسطي ڪم ڪيو. هڪ موقعي تي ملڪ صاحب ۽ اسان ٻنهي دوستن هنن تاريخي ماڳن جو گڏجي سير ڪيو. اتي ملڪ صاحب تجويز ڏني ته ڇو نه هن جاءِ جي اهميت سبب هتي ئي هڪ سيمينار منعقد ڪيو وڃي. ان فيصلي بعد سيمينار جي ڪم جو آغاز ڪيو ويو ۽ ان ۾ وڌ ۾ وڌ عالمن جي شرڪت جو جتن ڪيو ويو. آخرڪار 22- اپريل 1987ع تي سخت گرمي ۽ لُڪ ۾، ميان نور محمد جي مقبري جي احاطي اندر، اسان هڪ عالمي سيمينار منعقد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، جنهن ۾ ڪراچيءَ کان وٺي ملتان تائين ناليرن محققن شريڪ ٿي پيپر پڙهيا ۽ عوام توڙي خواص وڏي تعداد ۾ انهن کي ٻڌو. سيمينار جي ڪنوينر ملڪ اسرار حسين جي تائيد سان، مون موقعي آهر انگريزي زبان ۾ هڪ ڪتابچو تيار ڪيو، جيڪو ان موقعي تي شايع ٿيو ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ تقسيم ڪيو ويو. هن ڪتابڙي تيار ڪندي قريشي صاحب جي مضمون کي وري نظر مان ڪڍيو ويو ۽ پڻ وڌيڪ واسطيدار ذريعن کي به ڏنو ويو. ان وقت توڙي پوءِ نئين مليل مواد جي آڌار تي ضروري سمجهيو ويو ته ارڙهين صديءَ جي هڪ وڏي سنڏي حڪمران جي آخري تخت گاهه، مدفن توڙي اتي نصب ٿيل ڪتبن بابت منتشر معلومات کي يڪجاءِ ڪري، تاريخ جي ورقن کي درست قائم ڪيو وڃي.

شهر محمد آباد جو بنياد

ڪلهوڙن اڌ صديءَ جي جدوجهد ۽ جاني توڙي مالي قربانين بعد آخرڪار ميان نصير محمد جي هٿان سنڌ ۾ مغل حاڪمن جا بنياد ڪمزور ڪيا ۽ شهر ”ڳاڙهي“ مان سن 1681ع ڌاري پنهنجو حڪم هلايو (1) ان بعد ميان دين محمد جو وارو آيو. سن 1700ع ڌاري ميان دين محمد ۽ شهزادي معزالدين جي وچ ۾ لڙايون لڳيون. ميان صاحب قيد ڪيو ويو ۽ ”ڳاڙهي“ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. سال 1701ع ۾ ميان يار محمد حڪمرانيءَ جي هن سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ ”خدا آباد“ کي پنهنجو تخت گاهه مقرر ڪيو. سندس وفات بعد 1718ع ۾ سنڌ جو حڪمران ميان نور محمد مقرر ٿيو، جنهن پڻ ”خدا آباد“ تان پنهنجو ڪارج هلايو. ميان صاحب پنهنجي خاندان جو هڪ منفرد حڪمران ٿي گذريو آهي. هڪ طرف پاڻ پنجٽيهه سالن جو طويل عرصو مسند تي رهيو، ته ٻئي طرف سندس حڪمرانيءَ واري دور ۾ سنڌ جي ملڪ ڪئي ڪامرانيون ماڻيون. ٻن صدين بعد سنڌ جي جاگرافيءَ کي متحد ۽ مستحڪم ڪيو ويو. ملڪي معيشت ۾ استحڪام آندو ويو ۽ امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ آندو ويو. نادر شاهه جي قتل بعد جڏهن شهزادو مرادياب وطن واپس وريو، تڏهن ميان نور محمد کيس حڪومت جي ڪارج حوالي ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي نئين وسايل شهر ”محمد آباد“ ۾ اچي قيام پذير ٿيو (2) سنڌ جي هن نئين شهر ۽ تخت گاهه بابت مير علي شير قانع هن ريت مود مهيا ڪيو آهي.

”صاحبزادو محمد مرادياب خان پيءُ جي ديدار کان فيضياب ٿيو ته کيس سڄو دفتر حوالي ڪري خدا آباد ۾ وهاري، شاهنواز خان پاڻ اچي نئين ٻڌايل شهر محمد آباد ۾ رهيو“ (3)

محمد آباد بابت تاريخ ۾ هي پهريون حوالو آهي. ياد رهي ته مرادياب سال 1750ع (1164هه) ۾ ايران کان سنڌ پهتو هو. ان جو مطلب ته ”خدا آباد“ پنجاهه سال لاڳيتو سنڌ جو دارالحڪومت رهيو. هن سال ابتدا ۾ اختيار مرادياب کي ڏنا ويا ۽ کيس ”خدا آباد“ ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو، تاهم مختصر مدي اندر ڏٺو ويو ته ميان مرادياب حڪومتي ڪارج هلائڻ جي اهليت نٿو رکي. انڪري کانئس مملڪت جو ڪارج واپس ورتو ويو. ليڪن هاڻي سياسي مرڪز خدا آباد کان محمد آباد منتقل ڪيو ويو. ميان نور محمد جو وسايل هي نئون شهر پورا چار سال سنڌ جو تخت گاهه رهيو ۽ هتان ئي سنڌ جي قسمت جون ڪيئي ڇيڙيون نبيريون ڪيون ويون. ميان صاحب 1753ع (1167 هه) ۾ فوت ٿيو، اهڙيءَ طرح هن شهر جي سياسي حيثيت ختم ٿي وئي ۽ ان بعد هي صرف مدفن گاهه جي حيثيت ۾ رهجي ويو.

ميان صاحب هي شهر اڏڻ جو حڪم ڇو ڏنو، خداآباد کي ترڪ ڇو ڪيائين ۽ هتي رهائش اختيار ڪرڻ جو ڇا سبب هو- ان بابت همعصر تاريخي ماخذ ڪابه رهنمائي نه ٿا ڪن. البته مقامي سطح تي ان ڏس ۾ متعدد روايتون ملن ٿيون، جن ذريعي ڪنهن حد تائين هن عنوان تي روشني پوي ٿي.

هي تحريري روايت عبدالرحمان سومري نقل ڪئي آهي. ميان نور محمد جي هڪ شادي جوڻيجن مان ٿيل هئي. ميان صآحب جڏهن به اوڏي وڃڻ لاءِ (احمد آباد) خداآباد کان نڪرندو هو، تڏهن رات جو هتي قيام ڪري پوءِ اڳتي وڌندو هو. هڪ ڀيري ميان وزير راڄو ليکيءَ کي حڪم ڪيو، ته هيءَ زمين خريد ڪئي وڃي، ڇو ته هتي اسان جو آخري آرام گاهه ٿيڻو آهي. وزير حڪم جي تعميل ڪندي ميان جان محمد ڏاهريءَ کان هڪ هزار ايڪڙ خريد ڪري ورتا، جن لاءِ سرڪاري خزاني مان چار هزار رپيا ڏنا ويا (4)

ٻي روايت راقم جو ڏاڏو ميان محمد خضر مرحوم (وفات: پهرين ڊسمبر 1974ع)، اسان کي ٻڌائيندو هو. ان موجب ته ميان صاحب مرحوم کهڙن جي دردناڪ حادثي (1732ع) بعد سخت نراس ۽ نااميد رهندو هو. کيس ڪٿان اشارو ٿيو ته پنهنجو مڙهه مقام اهڙيءَ جاءِ تي ڪجاءِ، جتي ڪو روحانيت جو صاحب مدفون هجي. ان پس منظر ۾ ميان صاحب هتي سيد سلطان شاهه جي ڀر اچي ورتي، جو دهلي سلطنت جي زماني ۾ هتي فوت ٿيو هو. سندس مزار اڄ سوڌو ميان جي قبي جي اولهه ۾ موجود آهي.

ٽين روايت، جا قدري وسهڻ جوڳي آهي، ان جو راوي اسان جو استاد محمد بخش باگاڻي آهي. ڪجهه ورهيه اڳ پاڻ مون کي هيءُ ماڳ گهمايائين ۽ ٻڌايائين ته محمد آباد جو تاريخي شهر موجوده آثارن جي ڏکڻ ۾ روڊ جي ڀرسان موجود هو، جتي سندس چوڻ موجب قديم شهر جا کنڊرات اسان پاڻ ڏٺا. ڊٺل گهر، ڀڄي ڀُري ويل عالم پناهون، ٺڪراٺو ۽ سِڪا اڪثر و بيشتر ڏسبا هئا. ليڪن بئريجن بعد تاريخي آثار ناس ٿي ويا ۽ صرف مقبرا ۽ قبا موجود رهجي ويا. باگاڻي صاحب جو رايو آهي ته شهر جو بنياد، قادري حملي بعد مناسب پناهه گاهه ۽ تحفظ جي خيال کان وڌو ويو؛ ڇو ته اولهه ۽ اتر جي حملن ۾ خداآباد تي ڪاهه ڪرڻ وڌيڪ آسان هو.

تاريخ ۽ تنقيد جي آئيني ۾ پوئين راءِ قدري وزن جوڳي آهي. بلاشبہ ميان صاحب نادري تفرقي بعد نراس ۽ مايوسڪُن حالت ۾ زندگي بسر ڪئي. سنڌ جو شيرازو ٽٽڻ، ملڪي معيشت جو تباهه ٿيڻ، ايراني ڳٽ ڳچيءَ ۾ پوڻ ۽ ٽن فرزندن جو اکين کان هزارين ميل پري هجڻ- اهي ۽ ٻيا اهڙا واقعا هئا، جنهن سبب ميان نور محمد نهايت ڪٺن دور مان گذريو. هڪ تجربه ڪار، جهوني ۽ پوڙهي سياستڪار جي حيثيت ۾ (5)، مستقبل جي امڪاني صورتحال کان بچاءَ بابت سوچڻ سان گڏ، خاطري آهي ته موقعو ملندي خدا آباد کان پري ويهي آرام ڪرڻ ۽ الاهي عبادت ۾ مشغول ٿيڻ پڻ سندس سوچ ۾ شامل هوندا. ان صورت ۾ ”محمد آباد“ جي اڏاوت ٿي ۽ سال 1750ع ۾ پاڻ پهرين فرصت ملندي ئي خداآباد کي ڇڏي هتي اچي قيام پذير ٿيو.

تختگاهه محمد آباد جي روئداد

جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته مرادياب سن 1750ع ۾ وطن واپس موٽي آيو، تڏهن حڪومتي ڪارج سندس حوالي ٿيو ۽ خود نور محمد نئين شهر ”محمد آباد“ ڏي منتقل ٿيو. ليڪن نئين حڪمران پاڻ کي اهل ثابت نه ڪيو، ان ڪري هڪ ڀيرو وري پوڙهي حڪمران حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن ڀيري تختگاهه ”محمد آباد“ رهيو ۽ هي اعزاز هن شهر کي پورا چار سال (1750ع- 1753ع) حاصل رهيو. هتي رهندي، ميان صاحب سنڌ جي معاملي ۾ ڪهڙا فيصلا ڪيا، وطن جي سرزمين تي ڪهڙا منحوس پاڇا پيا، انهن جو ملڪي صورتحال تي ڪهڙو اثر پيو ۽ سندس درٻار جي رونق ڇا رهي- ان بابت تاريخ اسان جي مختصر رهنمائي ڪري ٿي.

(الف) سياسي فيصلا ۽ اهم واقعات: ميان نور محمد ڪلهوڙي جڏهن کان ”محمد آباد“ ۾ ويهي حڪمراني ڪئي، تڏهن هيءُ اهم واقعا ٿي گذريا، جن جو سنڌ جي سياست ۽ مستقبل تي گهرو اثر پيو.

1164هه: ميان صاحب محمد آباد پهتو. شهزادو خداداد خان ناراض ٿي دهليءَ هليو ويو. هن حادثي جو ميان کي صدمو رسيو.

1164هه: ميان مرادياب نااهل ثابت ٿيو. نور محمد خود وطن جي واڳ سنڀالي.

1165هه: سنڌ جو سرواڻ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي فوت ٿيو (14 صفر. برابر 22 ڊسمبر 1751ع)

1165هه: احمد شاهه ۽ مغل اهلڪارن يڪطرفه فيصلي موجب، سنڌ، ملتان، لاهور، ۽ ڪشمير کي دراني سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. (9- جمادي الثاني، برابر 13- اپريل 1752ع)

ان بعد سنڌ ڏي به ايلچي آيو. ميان صاحب ڀائي خان ڪلهوڙي جي قيادت ۾ هڪ سفارت ڪابل موڪلي ۽ شاهه لاءِ پيغام موڪليو:

سلاملآ رسالش بہ عجز و نياز

منم بنده تاجدار توام

1166هه: سردار جهان خان جي اچڻ جو ٻڌي ٿوڙي ڳڻتي پيدا ٿي، پر جلد ئي رفع ٿي وئي.

1167هه: بادشاهه جي اچڻ جي خبر ٻڌي (4- محرم)  ميان صاحب محمد آباد کان نڪري ويو. جنهن نوشهري ۾ ملاقات ڪري معاملا طئي ڪيا.

1167هه: ميان صاحب جيسلمير ۾ وفات ڪئي. (21- صفر)

1127ع: مرادياب حڪمران بنيو 21 صفر بادشاهه معاهدي کان منحرف ٿيو، ان ڪري محمد اسماعيل پني شاهه جو ايجنٽ اچي محمد آباد کان نڪتو. بعد ۾ وڪيلن معاملو نبيري، مرادياب خان حڪومت جو پروانو ورتو.

1127ع: هڪ طرف مرادياب نصوپور ڀرسان مراد نالي شهر جو بنياد رکي، پنهنجي حڪمرانيءَ جو آغاز ڪيو ۽ ٻئي طرف ميان نور محمد جو لاش آڻي محمد آباد ۾ دفن ڪيو ويو. ان ريت شهر جي سرڪاري حيثيت ختم ٿي. (2)

(ب) عالمن ۽ شاعرن جي آمد؛ هن شهر ۾ آيل اديبن، شاعرن ۽ بزرگن جو پاڻ کي هن ريت علم ٿي سهگيو.

وحشت سن 1166هه ۾ مير محمد باقر اصفهاني محمد آباد

تصوير ميان نور محمد ۽ محمد مرادياب

مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙو

مقبري جي چوگرد ڏنل ڪوٽ جي دروازي تي لڳل ڪتبو

 

مقبري جي دروازي تي اتر طرف لڳل ڪتبو

پهتو. پهرين حڪيم مرزا عبدالهادي ۽ پوءِ مولوي جعفر وٽ ٽڪيو. ان بعد هند ڏي ويو. قانع ساڻس صحبت ڪئي.

 

صياد من نگر کہ چہ بيداد ميکند

نہ ميگشدُ مرا و نہ آزاد ميکند

خوش نغمہ بلبلان چمن را چہ شد کہ زاغ

بر شاخ گل نشتہ و فرياد ميکند (7).

جعفر. مولوي مرزا محمد جعفر شيراز کان هند ويندي اچي سنڌ کان نڪتو. ميان صاحب لاءِ ”جفر جامع“ پي تيار ڪيائين، پر ڪتاب اڃا پورو نه ٿيو جو نور محمد فوت ٿي ويو، مرادياب جي وطن ورڻ تي هي شعر چيائين:

بافضل خدا خان جوان بخت رسيد

از راه خراسان بوطن باز رسيد

تاريخ:

”بامزده رسيد خان عالي بوطن“ (1164هه) (8)

مير حسين قلي رضوي. مير قافع موجب: ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ محمد آباد ۾ ڏٺو هوم، حڪيم عبدالهاديءَ وٽ دوا لاءِ آيو هو. فالج جي سخت بيماري هيس. آخر انهيءَ بيماريءَ ۾ وطن ويو ۽ ۽ گذاري ويو . مرد سالڪ، فقيريءَ جي رستي جو واقف ۽ سلسلي جو صاحب هو (9).

مخدوم روح الله. مير علي شير لکي ٿو: عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع، فروٿ خواه اصول جو ماهر، پنهنجي وقت ۾ بينظير ۽ بزرگيءَ ۽ دينداريءَ ۾ ناميارو هو. فقير (مصنت) سن 1166هه ۾ انهيءَ حضرت کي محمد آباد ۾ ڏٺو هو، جو ميان نور محمد جي عرض ڪرڻ تي دعا ڪرڻ لاءِ آيو هو (10).

اشرف. محمد اشرف بکر جو هو. سندس وڏا سلطان محمود وٽ وڏن عهدن تي فائز هئا. مير علي شير کيس محمد آباد ۾ ڪافي پريشان ڏٺو. روزگار جي ڳولا ۾ هت آيو هو. هي بيت سندس حال جي ترجماني ڪري ٿو.

آنه را کہ چاشت و نہ شام

چہ صبح وطن چہ شام غربت (11).

فنا في الله جلندري. مير قانع کيس محمد آباد ۾ ڏٺو. پنجابي هو ۽ موحد هو.

من و تو موجہ بحريم کز سبک روحي

بظرفِ کان و مکان مي نگجند آب روانش (12)

صديق. هي شاعر به قانع محمد آباد ۾ ڏٺو هو. پاڻ جهيجه علائقي جو هو. نهايت پريشان حال ڏٺو ٿي.

در عشق چو من مباد کس خوار

کز همر هيم گريخت سايہ (13)

نگهت. آقا رضا شيرازي سن 1166هه ڌاري پهتو. چند ڏينهن محمد آباد ۾ مولوي جعفر وٽ ترسيو ۽ پوءِ هندستان هليو ويو. مير قانع سندس ڄاڻ قابليت ۽ ڀرپور جوانيءَ کان متاثر ٿيو. قانع ۽ نگهت جي محمد آباد م ملاقات ٿي ۽ غزلن جو تبادلو ٿيو. قانع کيس ”مثنوي قصا و قدر“ جو نقل ورتو، جيڪو پوءِ وٽانئس گم ٿي ويو. (14)

مير علي شير قانع. ڪلهوڙن جي دور جو هي ناليرو شاعر، مؤرخ ۽ اهل قلم، خدا آباد کان پوءِ محمد آباد ۾ آيو ڏسجي ٿو. نگهت شاعر کان اتر ورتائين ۽ ”مثنوي قصا و قدر“ خود به چيائين. هي مثنوي سيد حسام الدين راشدي شايع ڪئي آهي.

محمد آباد جو شهر ڪٿي اڏيو ويو، ميان جي قبن ۽ محمد آباد ۾ ڪهڙي مماثلت آهي، ميان صاحب کي وفات بعد ڪٿي دفن ڪيو ويو ۽ سندس مزار تي مقبرو ڪنهن ۽ ڪنهن تعمير ڪرايو – اهي اهڙا سوال آهن، جن جي اڀياس لاءِ تاريخ سان گڏ قديم آثارن جو مطالعو پڻ ڪرڻو پوندو. پهرين ٻن نڪتن بابت قانع مواد مهيا ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته: 4 محرم 1167هه تي احمد شاهه جي اچڻ جي خبر ٻڌي، سنڌ جو والي محمد آباد کان ڀٽن (جيسلمير؟) طرف نڪري ويو، جڏهن ته گدومل وڪيل سکر وٽ شاهه جي لشڪر کي وڃي پهتو. ٽن ڏينهن بعد لشڪر نوشهري وٽ ڪئمپ ڪئي. ته گدومل ۽ شاهه ۾ ملاقات ٿي ۽ افهام تفهيم کي طلب ڪري (محمد آباد)، والد جي جاءِ تي مسند نشين ڪيو ويو. هي خبر ٻڌي بادشاهه معاهدي کان منحرف ٿي، اسماعيل خان پني کي محمد آباد ڏي وڌڻ جو حڪم ڏنو(15). بادشاهه جو سکر کان ٻيڙين جي پُل ذريعي روهڙيءَ وٽ منزل انداز ٿيڻ ۽ ان بعد وري اچي نوشهري ۾ ڪئمپ هڻڻ ۽ پوءِ اسماعيل خان کي هتان محمد آباد ڏي وڌڻ جو حڪم ڏيڻ- ان ڳالهه جي پختي علامت آهي ته تختگاهه ”محمد آباد“ قديم ساهتي پرڳڻي ۾ موجود هو. ٻي صورت ۾ سنڌ اندر درانين جي لشڪر ڪشيءَ جو رستو ۽ منزلون مختلف هجن ها. نوشهري جو شهر خاطري آهي ته موجوده نوشهرو فيروز آهي (16)

ميان نور محمد وفات بعد ڪٿي دفن ٿيو ۽ سندس مزار مٿان مقبرو ڪڏهن تعمير ٿيو- هن متعلق اديبن ۽ عالمن جا ٻه جدا جدا گروپ ڏسجن ٿا. ميان صاحب جي وفات بعد محمد آباد جي سرڪاري حيثيت ختم ٿي. غلام شاهه جي دور تائين حاڪمن جو هن طرف ڦيرو  رهيو. ان بعد سنڌ اندر خانه جنگي ڇڙي ۽ آخرڪار هي خاندان حڪومت وڃائي ويٺو. اهڙيءَ طرح هي شهر توڙي شاهي قبرستان ڪنهن به محقق جي نظر اچي نه سگهيا. انگريز مصنفن گهڻي ڀاڱي ميان صاحب کي جيسلمير ۾ فوت ٿيڻ بعد وساري ڇڏيو آهي (17). البت سمٿ سنڌ جي هن واليءَ جو مقبرو دولت پور ۾ ڄاڻايو آهي ۽ شڪ ڏيکاريو آهي ته ميان جو نعش هن قبي اندر شايد نه هجي (18). ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پڻ ان ڏس ۾ شڪ گاڏڙ راءِ رکي ٿو، ليڪن ان هوندي به سندس نظر ”ميان جا قبا“ تي پئي ٿي. هو لکي ٿو ته: ميان نور محمد... گدومل جي موٽڻ کان اڳ، ڊپ وچان جيسلمير ڀڄي ويو، جتي 1755ع ۾ وفات ڪيائين. ڪلهوڙا اميري به ڪندا هئا، ته پيري مريدي به ڪندا هئا. سندس مريدن پوءِ سندس درگاهه موري تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ جوڙائي، جنهن کي اڄ تائين ”ميان جا قبا“ چوندا آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٽيءَ پنوڙو جيسلمير ۾ لکيل هو، سو ڪيئن نه اوڏانهن وڃي؟“ (19).

مشهور محقق مولائي شيدائي پڻ سمٿ جي پيروي ڪئي آهي. (20) هن سلسلي جي آخري مصنف ڊاڪٽر قريشي حامد علي  خانائي صاحب آهي، جنهن پنهنجي مقالي توڙي ٿيسز ۾ ”محمد آباد“ جي لاڳاپي کي بلڪل نظر انداز ڪيو آهي (21)

ٻئي طرف مصنفن ۽ محققن جي وڏي تعداد هن ڏس ۾ واضح راءِ ڏيندي، انگريزي لکت کي رد ڪري ڇڏي آهي ۽ صاف صاف لکيو آهي ته: محمد آباد ۽ ميان جا قبا، جاگرافيءَ طرح هڪ ئي ماڳ تي ڳولڻ ۽ سمجهڻ گهرجن. ميان نور محمد 12- صفر 1167 هه (9- ڊسمبر 1753ع) جيسلمير وٽ وفات ڪئي، تڏهن سندس خاڪي جسم آڻي محمد آباد ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙيءَ چٽي راءِ هڪ صدي اڳ سڀ کان اول مير عبدالحسين سانگي ڏني هئي (22). ان بعد چاليهه سال کن ٿيندا جو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ميان جي قبن جي مشاهدي ۽ مطالعي ذريعي، هن راءِ جي تصديق ڪئي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ مواد مهيا ڪيو (23). مولانا غلام رسول مهر (24). سيد حسام الدين راشدي (25)، لطف الله بدوي (26)، رائچند هريجن (27)، ۽ افضل احمد (28). پڻ هن راءِ سان اتفاق ڪن ٿا.

مقامي روايتن (مٿي آيل) موجب، ميان نور محمد هتي هڪ شهر جو بنياد توڙي پنهنجي آرامگاهه جي خواهش، روحاني ڪشش جي پس منظر ۾ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو خيال آهي ته ميان صاحب مڪمل ريت هتي (محمد آباد) تختگاهه منتقل نه ڪيو هو، جو سندس وفات ٿي. تاهم مٿي ذڪر ڪيل ادبي محفلن توڙي ميان جي جيسلمير طرف هتان کان روانگي، ان حقيقت جي تصديق ڪن ٿا ته سنڌ جي هن حاڪم زندگيءَ جا آخري چار سال (1759ع-1753ع) هتي ئي گذاريا. سندس وصيت تحت وفات بعد، کيس هتي دفن ڪيو ويو. ميان غلام شاهه، جون 1757ع (شوال 1171هه) ۾ محمد آباد آيو ڏسجي ٿو (29)، تڏهن ئي کيس ميان جي مزار تي مقبري جي اڏاوت جو خيال آيو هوندو. نور محمد کان پوءِ ڪيئي ناليرا امير، وزير ۽ فوجي ماهر (30)، هتي دفن ٿيا جنهن بعد هي ماڳ پوءِ ”ميان جا قبا“ جي نالي سان، عوام توڙي خواص ۾ مشهور ٿي ويو.

ميان نور محمد جو مقبرو هن وقت شاهه پور جهانيان کان لنڪ روڊ ذريعي اٺ ڪلوميٽر پري آهي. ٻين ننڍن ننڍن ۽ ويران قبن کان علاوه، هتي جيڪو نمايان مقبرو آهي سو خود ميان صاحب جو آخري آرامگاهه آهي. هي مقبرو ڪنهن ٺهرايو ۽ ڪهڙي وقت آڏيو ويو، ان بابت تاريخ ڪابه رهمنائي نه ٿي ڪري، ان ڏس ۾ وڏي مدد مقبري  تي لڳل فارسي ڪتبا ڪن ٿا. هنن ڪتبن مان خبر پوي ٿي ته هتي دفن هستي ميان نور محمد جي آهي. ڪم جي اڏاوت ميان غلام شاهه جي دور (1171هه- 1186هه) ۾ ٿي . تعميرات جي نگراني ڪاردار باقر خان ڪئي ۽ تاريخي فارسي ڪتبا شاعر مير صابر چيا. فن تعمير جي ماهرن بهرحال مقبري ۾ خاص ڪشش نه ڏٺي، ان ڪري انهي تفصيلي ذڪر کان ٽارو ڪيو آهي (31)

جهڙيءَ ريت مصنفن سنڌ جي هن تاريخي ماڳ جي مطالعي ۾ حقيقتن کان انحراف ڪيو، اهڙيءَ طرح هتي نصب ٿيل ڪتبن سان پڻ بي اعتنائي اختيار ڪئي وئي. ابتدا ۾ هي ڪتبا عبدالرحمن سومري نقل ڪيا هئا (321). ٻي پڙهڻي آرڪيالاجي کاتي جي افضل احمد صاحب جي آهي (33). هنن ٻنهي پڙهڻين جي ترتيب ساڳي آهي، البته ريڊنگ ۾ واضع فرق ڏسجي ٿو. اپريل 1987ع ۾ ميان نور محمد سيمينار جي نسبت سان، راقم الحروف جيڪو انگريزي ڪتابچو شايع ڪيو ان ۾ شامل ڪتبن جي صورت پڻ افضل احمد واري قائم رکي وئي (34)، سومري صاحب واري پڙهڻي صاف طور تي ناقص هئي. جنهن کي محترم قريشي حامد علي خانائي به پنهنجي پير ۾ شامل ڪيو آهي. ڪجھ عرصي بعد جانب عارف نوشاهي _مدير ”دانش“، اسلام آباد) خط لکي راءِ ڏني ته ڪتبن جي افضل احمد واري پڙهڻي، وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ بعد قبول ڪري سگهجي ٿي (35). هونئن ته ميان صاحب بابت هن مختصر ڪم جو پورائو نهايت تڪڙ ۾ ڪرڻو پيو هو، پر جيئن ته آرڪيالاجي کاتي جي جوابداري آهي ئي قديم قبرن، ماڳن ۽ اتي لڳل ڪتبن جي سار سنڀال لهڻ ۽ انهن بابت درست مطالعو پيش ڪرڻ؛ ان ڪري ڪتبن بابت هن شعبي جي کوجنا کي، وڌيڪ پرکڻ بغير مون پنهجي ڪتابچي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. ستت پوءِ سنڌ جي سڄاڻ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان ڏس ۾ ڪيل پنهنجي تحقيق ۽ راءِ بابت واقفيت ڏني. ميان صاحب جي مقبري تي لڳل ڪتبا مير محمود صابر (1115؟-1185هه؟) جا چيل آهن، جو ڪلهوڙا دور جو ناليرو شاعر ٿي گذريو آهي. صابر جو اردو ديوان شايع ڪندي، ڊاڪٽر صاحب جي ڪتبا هڪ ضميمي اندر ڏنا آهن. بلاشبہ هيل تائين هن ڏس ۾ ٿيل تحقيق ۾، اها ڪوشش وڌيڪ بهتر ۽ مستند ڏسجي ٿي.

(الف) مقبري جي دروازي جي اتر طرف ٻه فوٽ کن اوچائي تي لڳل ڪتبو هن ريت آهي.

هميشہ زنده بود هر که نام نيک گزاشت

که روشنست مزارش ز رحمتِ يزدان

چو در هزار وصد شست و هفت در هجري

وفات يافته والي سند گشت روان

برو بروضه و آهسته تر خرام صبا

شگوفه ريز مبادا شود گل ريحان

ز فرقتش دل اربابِ دين که خود گرديد

چکيداز مزه چون اشک شد جگر بريان (36)

(ب) مقبري جي چوگرد ڏنل ڪوٽ جي دروازي جي ٻنهي طرفن ڪتبو هن ريت آهي؟

خوش آن کسي که چو مردانِ دين ز ملکِ جهان

سفر کند سويء دارِ بقا بشوقِ جنان

بخوب رفت خدا يار خان عباسي

درين مقام و درين روضهء بهشت نشان

وليءِ عهد وي و جانشين دولت گشت

غلام شاهه که شاهه ست و دلبرِ ايشان

امير و پير ميان صاحبِ کرم خصلت

عدو شکار و نظر کردهء شہِ مردان

چو سرفراز شده از عطاري مصطفوي

نمود روضه ز تعمير روضه رضوان

چه روضه منزل و آرام گاههِ اهلِ بهشت

که پر ز نور و تجلاست ظاهر و پنهان

ز پَر توش دلِ اهلِ نظاره روشن شد

چو ديد از در و ديوار و بام نور افشان

بشد تمام ز تعمير روضهء اقدس

ز کارداريِ باقر محب خاص شهان

بناز مصرعِ تاريخ تازه شد صابر

هو از خلد و زيده بطرف مرقد آن

ز سال فوت چو تاريخ خواستم دل گفت

حبيب و نور محمد ولي- خلد مکان (37).

1167هه

(ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، ايڊٽ ڊاڪٽر بلوچ، لاهور 1984ع)

حوالا ۽ واڌارا

هن پيپر جي ليکڪ سنڌ اندر ڪلهوڙن جي جدوجهد ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ بابت، نهايت تفصيل سان روشني وڌي آهي. ڏسو ڪتاب: ”مقالا“، ص ص 214-228؛ مرتبين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ محمد قاسم ٻگهيو؛ ناشر سنڌي ادبي بورڊ، سال 1988ع.

مولانا غلام رسول مهر ”تاريخ ڪهلوڙا“ جلد 1، ص ص 525-526، اردو ايڊيشن، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع ۽ پڻ ڏسو مصنف جو مضمون ”ڪلهوڙن جا تختگاهه“، ڇپيل رسالو مهراڻ، 2-3/1983ع.

”تحفته الڪرام“ ص 337، مترجم اختر رضوي، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.

”سنڌ جا جهونا شهر“، ص 253، امين ڪتاب گهر حيدرآباد، 1968ع.

مولانا غلام رسول مهر لکيو آهي ته، سال 1753ع (1167هه) ۾ جڏهن ميان نور محمد جي وفات ٿي، تڏهن پاڻ پوڙهو ٿي چڪو هو. سندس موت ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ سبب ٿيو هو، (تاريخ ڪلهوڙا، ص 539، جلد 1، سال 1959ع).

”تاريخ ڪهوڙا“، جلد 1، اردو، باب پنجٽيهين کان اوڻيتاليهه.

مير علي شير قانع: ”مقالات الشعرا“، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، ص ص 826-827، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع.

”مقالات الشعرا“ ص 150.

”تحفته الڪرام“، اردو، ص 398.

”تحفته الڪرام“، اردو، ص 399.

-  نادر شاهه جي تخت نشينيءَ جي تاريخ مخدوم روح الله، ”اَلخير فِيماَوَقعَ“ مان ڪڍي جڏهن ته قانع ان جي ابتڙ ”لاخير فيما و قِعُ“ مان تاريخ ڪڍي. نادر جي قتل تي مخدوم ”اَلخير فِيما هُو وَاقِعُ“ تاريخ طور چيو ۽ مير علي شير ”لاخير فِيمُاهُو وَاقِعَ“ مان تاريخ ڳولي (تحفته الڪرام، اردو، ص 400)

”مقالات لشعرا“، ص ص 46-47.

”مقالات لشعرا“، ص 497.

”مقالات لشعرا“، ص 363.

”مقالات لشعرا“، ص ص 819-820

”تحفته الڪرام“، ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، ص ص 459-462، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال 1971ع.

هيءُ اقتباس تحفته الڪرام جي اردو ايڊيشن (ص 337)، توڙي سنڌي ڇاپي ۾، (ص ص 271-272)، درست ترجمو نه ٿيو آهي. هڪ ته سکر جو نالو به گم آهي ۽ ٻيو وري تلها (ڀٽون) جي جاءِ تي تلهار اچي ويو آهي.

ڀيرو ل مهرچند آڏواڻي، ”سنڌي جي هندن جي تاريخ“، جلد 1، ص ص 219-220، ڪراچي، سال 1946ع.

-  مصنف لکي ٿو ته: ”احمد شاهه ابدالي سن 54-1755ع ڌاري وڏو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ پوءِ نوشهري فيروز تائين اچي پهتو. اتي ميان نور محمد جو ساهه اچي مٺ ۾ ٿيو. پنهنجي حاڪم کي هن وقت مونجهاري ۾ ڏسي، ديوان گدومل ويل نه وڃائي ۽ احمد شاهه ابداليءَ کي نوشهرو فيروز جي منزل تي وڃي مليو.“

(i) T. POSTANS: “Personal Observations on Sindh”, p.171. Reprint, Indus Publications Karachi, 1973,

(ii) E.H. HITKEN: “Gazetteer of the Province of Sindh”, p.III, Reprint, Indus Publications Karachi, 1986.

J.W.SMYTH writes in this connection that: “Doulatpur, a small village…… is only of interest as containing the mausoleum of Noor Muhammad Kahlora, the man who….made Sindh one Kingdom……, and died, it is said, at jaisalmer in or about 1755 A.D. so it is improbable that he is actually buried in this mausoleum (Gazetteer of the Province of Sindh: B volume V, Nawabshah District, p. 34, Bombey 1920).

”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، جلد 1، ص 220.

”جنت السنڌ“، ص 528، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيون، 1985ع.

مضمون ”ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا“، رسالو مهراڻ، 1/1986ع؛ ۽ ڊاڪٽوريٽ جو مقالو ”ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز“ (اڻ ڇپيل).

”لطائف لطيفي“، ص 140، ضميمو، سنڌي ڇاپو، عبدالرسول قادري، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1986ع.

مضمون ”حيدرآباد شهر“، رسالو مهراڻ، 1/2962ع.

”تاريخ ڪلهوڙا“، جلد 1، ص 538، اردو، سال 1958ع.

”مثنويات و قصائد قانع“، ص 2 حاشيه، سنڌي ادبي بورڊ 1961ع.

 ”تذڪره لطفي“، جلد 1، ص 228، وڌايل ڇاپو، حيدرآباد 1963ع،

”تاريخ ريگستان“، جلد 1، ص 177، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع.

  AFZAL. AHMED: Persian inscriptions from the tomb of Noor Muhammad kalhoro , Pakistan archaeology No: 10-22, pp. 179- 190 Karachi, 1986, also see: sindh annual, 1978, p. 214, Karachi , 1979.

”تحفة الڪرام“، اردو، ص 343.

عبدالرحمان سومري صاحب هن تاريخي قبرستان ۾ مدفون هستين ۽ انهن جي ننڍن ننڍن قبن ۽ مکيه تربتن جو احوال ڏنو آهي (سنڌ جا جهونا شهر، ص ص 252-259)، جنهن کي بنياد بنائي ڊاڪٽر قريشي حامد علي صاحب، پنهنجو پيپر پڌرو ڪيو ۽ پڻ ان ۾ تصويرن جو سهڻو سيٽ شامل ڪيو (ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا، مهراڻ 1/1986ع).

H. COUSENS writes that: “It too, is a massive building of the same style as Yar Muhammed’s though not so decorated, white washed entering more into the general scheme of decoration. It is surrounded by other smaller building. Like the tomb of Shabaz at Sehwan, the dome is surmounted by a lantern. There is nothing of any special interest about the building other than that is the last resting place of the Kalhora Chief”. (The Antiquities of sindh, p. 162, Reprint, Oxford University Press, Karachi, 1975).

”سنڌ جا جهونا شهر“، ص ص 255-257.

Reference (28), pp. 183, 185, 186.

 Ghulam Muhammed Lakho: “Mian Noor Muhammed Kalhoro”, p.p, 9-10 April, 22, 1987.

جناب عارف نوشاهيءَ جو خط، تاريخ 14 جولاءِ 1987ع.

”ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر“، ضميمو از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 379، اردو سائنس بورڊ لاهور، 1984ع.

”ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر“، ص ص 380-381.

_  ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ڪتبي جي غلط ريڊنگ جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته: ڪتبو ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري دروازي جي ساڄي ۽ کاٻي طرف نصب ڪيو ويو آهي. هر هڪ شعر جا ٻه مصرعا هڪ ٻئي جي هيٺان، جدا جدا پٿر جي تختين تي اڪريل آهن، ليڪن انهن تختين کي صحيح ترتيب سان ڀتين تي نه هنيو ويو. اصل نصب ٿيل صورت ۾ ڪتبي جا ٻه حصا هن ريت آهن:

 

 

 

 

ساڄي طرف

بشد تمام ز تعمير روضه اقدس

ز کارداري باقر محّبِ خاص شهاد

ز سال فوت چو تاريخ خواستم دل گفت

حبيب و نور محمد ولي خلد مکان

بخواب رفت خدا يار خان عباسي

درين مقام و درين روضهء بهشت نشان

بناز مصرعِ تاريخ تازه شد صابر

هو از خلد و زيده بطرف مرقد آن

خوش آن کسي که چو مردان دين ز ملکِ جهان

سفر کند سويء دارِ بقا بشوقِ جنان

 

کاٻي طرف

ولي عهد وي و جانشينِ دولت گشت

غلام شاه که شاه ست و دل بر ايشان

امير و پير ميان صاحبِ کرم خصلت

عدو شکار و نظر کردهء شهِ مردان

چو سرفراز شده از عطاي مصطفوي

نمود روضه منزل و آرامگاه اهلِ بهشت

که پُر ز نور و تجلاّ ست ظاهر و پنهان

ز پرَتوش دلِ اهلِ نظاره روشن شد

چو ديد از درو ديوار و بام نور افشان

ديوان صابر، ص 380 ۽ پڻ حاشيو، ص 380)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com