آثم ناٿن شاهي
وائي
گُوندر ڪونه گهِڙن، مُرڪون مچ مِڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
ڪچي، ڪاڇي، ڪوٺڙا ڍَڪجن ساڻُ ڪِڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
نَڙَ، بوڻينڊا، بَئنسريون، ڇَنَ ڇَنَ ساز ڇڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
نارَ، نلڪا، چيچڙا، گِرڻا روز گِڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
ڪِرڙن، ڪانڊيرن جا، پر ڀي گُل ٽِڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
ٻنيارن جا، ٻارهو وِک وِک کيٽ کِڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
ٿَر وسَي، مثل ٿاڪ تان ٿاريلا نه ٿِڙن-
سدا سانئڻ سنڌ ۾!
وفا ناٿن شاهي
غزل
دل جو دلبر ٿا بي مثال رکون،
پنهنجو معيار ٿا بحال رکون.
بُت ڪدي ۾ هجون يا ڪعبي ۾، |
صرف تنهنجو ئي ٿا خيال رکون. |
باقي سڀ ڪجهه خدا ڏنو آهي، |
نفرتن جو ٿا صرف ڪال رکون. |
هر ذهين ۽ حسين جي آڏو، |
صرف تنهنجو ئي ٿا سوال رکون. |
باغ در باغ گُل ٽڙيل آهن، |
تنهنجي عظمت جو ٿا خيال رکون. |
سچ آهي کلڻ نٿا ڄاڻون، |
پر روئڻ ۾ نٿا مثال رکون. |
هر تمنا ٿا پائمال رکون. |
ڪيئن طبيعت ۾ اعتدال رکون. |
مقتلن ۾ به نينهن جا نعرا، |
سچ چوڻ ۾ وڏو ڪمال رکون. |
هجر ۾ ئي ملي وڃي ٿو جڏهن، |
ڇو وفا! حسرتِ وصال رکون. |
واحد بخش شيخ ”شاهد“
پويون سج
سج پويون ٿي شفق تي ظاهر آ ڳاڙهاڻ اڄ،
روشنيءَ جي رهگذر کي آڏو آ ڪاراڻ اڄ.
مون ٿي سمجهيو هڪڪرو هوندو سهائيءَ جو سمو،
ويا لهي تارا ڪتيون ۽ گم ٿي وئي چانڊاڻ اڄ.
چوطرف آهن وريا اڄ اڀ ۾ ڪارا ڪڪر،
رات ڪاريءَ جي اونداهيءَ کان مٿي ۾ ڀاڻ اڄ.
رنگ گلشن ۾ جڏهن هو رقص بلبل ٿي ڪيو،
ٿي ويو ويران سارو ختم ٿي سرهاڻ اڄ.
ڏينهن منهنجا ويا لهي گهمندي گهٽيون ۽ گهير گهٽ،
ڪيئن ڪندس مان کوٽ پوري هٿ ٿو مهٽيان هاڻ اڄ.
وقت جو هو آسرو پر سو به ويو گذري سڄو،
ڪيئن لهي پنهنجي ڪئي ڪرتوت جي سا ڪاڻ اڄ.
پنهنجي اعمالن جو هردم عڪس آڏو ٿو ڦري،
ذهن ۾ نيڪي بديءَ جي آهه ٿي ڇڪتاڻ اڄ.
وهم ويچارن ڪري مون کي ڇڏيو آ وائڙو،
دل سراسر ٿي وئي آ وسوسن جي کاڻ اڄ.
بندگي تو ڪئي مگر بندن جو بندو ٿي رهيين،
وحده جي وار وائي ڪر سندس واکاڻ اڄ.
من ملئي جنت ۾ توکي مان واري ڪا جڳهه،
خالي دل الفت جي ڌاڳي سان اٿي تون واڻ اڄ.
تنهنجا جيڏا جهول عملن جا ڀري آيا آهن،
تون به پنهنجو کول کيسو جو هجئي سو آڻ اڄ.
سرخرو ٿي تون ائين شل حشر جي ميدان ۾،
نيڪين سان تون گناهن جي مٽي ڪا ڇاڻ اڄ.
ويسلو ٿي تو گذاريو عمر ”شاهد“ مفت سڀ،
ڪجهه ته ويهي صدق سان توبهه جي تند ڪا تاڻ اڄ.
قاضي عبدالحئي ”قائل“
غزل
فڪر ناهي جيڪڏهن تو ساڻ گڏ ناهيان پرين،
آءٌ احساسن سان ٿو توکي سدا چاهيان پرين.
تو سَڱيو مان سون ٿي، قطري منجهان قلزم ٿيس،
تو سوا ڄاڻي ڌڻي، بس آءٌ ڪجهه ناهيان پرين.
تو نوازي نينهن سان، نادار کي نادر ڪيو،
ڏس ڀلا توکان سواءِ مان شان ۾ ڇاهيان پرين؟
ٿو تصور ۾ ڪيان، تنهنجي زيارت دلربا،
مان خيالن ۾ سندءِ تصوير ٿو ٺاهيان پرين؟
يا حياتي، يارَ تنهنجا ڳڻ سدا ڳايان پيو،
ڪيئن اپر احسان تنهنجا مان لکين لاهيان پرين؟
ساهه سان گڏ نانءُ تنهنجي جو سڳو سوريان پيو،
سڪ لڳي ٿي، ساهه کي ٿو ساهه ڏئي ساهيان پرين.
حال ”قائل“ جو ڏسي تون ڀالَ ڪر ٿي ڀرجهلو،
تو سوا دلدار ڪنهن جي در وڃي دانهيان پرين.
سوز هالائي
غزل
جيسين چپ نه چرندا رهندا،
تيسين ويڌن وڌندا رهندا.
سونهن ورنين سيتائن کي، |
راوڻ ڏاوڻ وجهندا رهندا. |
مارئي کوهه تان کڄندي رهندي، |
مارو صدما سهندا رهندا. |
ارڏاين جي الزامن ۾، |
ڪونڌر ڪيئي ڪسندا رهندا. |
جيسين هلبو رهبو تيسين، |
چنڊ ستارا هلندا رهندا. |
پير پساري، جيڪي ويٺا، |
رستا تن لئه اِگهندا رهندا. |
وسندا وسندا نيٺ ته وسندا، |
ڪيسين بادل گجندا رهندا. |
مقصود گل
لوڪ ساري ٿي ڏٺو هي ديد جو دوکو نه هو،
باهه ڏيندڙ باغ کي، پنهنجو ته هو، ٻيو ڪونه هو.
مطلبي انسان جا سڀ روپ ظاهر ٿي پيا،
جڳ ڏٺو جاچي، ڪڏهن خود غرض ٿيو ڪنهن جو نه هو.
روشنيءَ جي واسطي، جيڪو ڏيو روشن ڪيم،
سو جلائيندو جهڳيءَ کي، مون ڪڏهن سوچيو نه هو.
چنڊ تي پهتو وڃي جهنڊو هڻي ڌرتيءَ لٿو،
عرش وارن پئي ڏٺو، انسان هو، ٻيو ڪونه هو.
هن چيو ”مذهب هجي“ ۽ مون چيو ”انسانيت“،
سمجهه جو ڦيرو هيو، بس ٻيو ته ڪو جهڳڙو نه هو.
ٽهڪ پئي ماڻهن ڏنا، مون کي خبر ناهي، ته ڇو؟
لاش هو فوٽ پاٿ تي، بس ٻيو ته ڪو رؤنشو نه هو.
هيٽرن تي، بند ڪمري ۾ ستا ڪنهن جا ڪتا،
ڪنهن جي ٻچڙي کي لُريءَ ۾ جسم تي چولو نه هو.
ملڪ جو نئين سر بنايو آهه خاڪو سازشين،
مون ڏٺو جاچي ته ان ۾ سنڌ جو نقشو نه هو.
هورڙيان پيرن منجهان ڌرتي وڃي ٿي کسڪندي،
پر اسان جي دوستن کي ڪو اڃا الڪو نه هو.
ڪاغذي گل کوڙ گڏ گلدان ۾ مُرڪن پيا،
پر ڪٿي ڪمري ۾ ڪو سرهاڻ جو سونچو نه هو.
سرڪش سنڌي
غزل
ڇا آهن، ڇا آئون سمجهي ويٺو آهيان!
قاتل زهر دوائون سمجهي ويٺو آهيان!
ٻوسٽ جي ماحول جو من آ مونجهاريل،
پنهنجا ساهه هوائون سمجهي ويٺو آهيان!
ويري توڙئون جيڪي دل جي ڪڙم سنديون،
ڳڻتيون، البيلائون سمجهي ويٺو آهيان!
وک وک تي ويچارڻ جهڙا ويل ابول،
الفت منجهه اَدائون سمجهي ويٺو آهيان!
ماڻهو پيار جي موت جو لنگهڻ کائن پيا،
جنهن کي پاڻ سکائون سمجهي ويٺو آهيان!
ڏاهو ٿو چئي، آهي گرهڻ ورتل چنڊ،
هيڏي مان ته ڪلائون سمجهي ويٺو آهيان!
شايد پنڌ ڪرڻ جو ست نه ساريم جو،
نٽهڻ اس کي ڇائون سمجهي ويٺو آهيان!
ڌرتيءَ جي نيڻن ۾ بيٺي آس رُلي،
دل کي گائون مائون، سمجهي ويٺو آهيان!
سادو ”سرڪش“، يا ته نشو يا ننڊ اٿم،
سپنن کي ساڀيائون سمجهي ويٺو آهيان.
ولي محمد ”وفا” پلي
درد هزارين هڪڙي دل،
ڪير جيئڻ ٿو چاهي.
ڀٽڪي ڀٽڪي نيٺ ٿڪاسين ڪانه ملي منزل.
ذوق نظر جي حد نه آهي، شوق جو ڪٿ ساحل.
ڪيڏي نه آهي ويران ويران محبن ري محفل.
آهي مقابل ماڻهوئڙن جي نت نئين مشڪل.
تنهنجو ”وفا“ آ، ويڳاڻو، مهر ڪري تون مل.
واجد
غزل
تو بن منهنجو جيون ڄڻ ڪنهن ويراني جو واءُ
جيءُ نه ماڻي جهوٽو، ڪوئي روح نه پائي ساءُ.
وقت ڪيو آ هر هڪ جڳ ۾ مون سان ئي انياءُ،
منهنجو چاهه بڻيو آ منهنجي، روح لئه نئون گهاءُ.
اڪثر هي سوچيندو آهيان، ڇا ٿي ويو آهيم،
حال تي سوچڻ بدران ڇو ٿم ماضيءَ جو پڇتاءُ؟
پاڻ ته ٻالا ڀولا آهيون، ڪري نه ڄاڻئون کيڏ،
تنهن ڪري ئي سياڻا ماڻهو ڪريو وڃن ٿا داءُ!
آءٌ اصل ته توکان ڪو ناراض ته ناهيان، ليڪن،
مون کي بس خود غرضي هاڻو وڻندو ناهه سُڀاءُ.
حال جي هر هڪ پل ۾ جو، گذري ٿو پيو ”واجد“
سو ته اسان جي گذريل هر هڪ پل جو آ پڙلاءُ.
ذوالفقار سيال
آزاد نظم
سوال
رات جوڀن
۽ جوانيءَ منجهان
تون ٻه ٽي پهر ڏي
باک جيان مان ڦٽان
ڳاڙهي سرخي ٿيان
روشني ٿي جيئن
مان ڦهلجي وڃان.
نظر
اگهاڙين نظرن سان
ائين نه تڪ
جو
مان به لڏي نه
وڃان.
رتوڇاڻ
ڦول جهڙا بدن
چنڊ چهرا سڀئي
ڏيهه منهنجي جا ماڻهو
بهارون اٿئي
او تو پاپي!
ڪيا ڇو
رتوڇاڻ هي!! |
دائرو
پيار جو ڪوئي
دين نه مذهب
عشق جي ڪائي
سرحد ڪانهي-
جذبن جو ڪو
رنگ نه آهي-
دل جو ڪوئي
دنگ نه آهي.
دائرن ۾ بند هي ماڻهو
سچ ۽ چنڊ کي
روڪي سگهندا!
اختر درگاهي
وائي
پَسي پرههَ ويَلَ،
سُورن مَهٽيون اکڙيون.
پُورن وار ڀڄائيا،
ڪيئون تيلَ ڦليل؛
سُورن مَهٽيون اکڙيون.
مُگري جئن مرڪي پوان،
تون جي اچين هيلَ،
سُورن مَهٽيون اکڙيون.
رات سموري مون جيان،
رنا ڇو رابيل؟
سُورن مَهٽيون اکڙيون. |
بدر قريشي
سرد خانا
برف جهڙا بدن جنهن کي ڀاڪر وجهن
بس ڄمائي ڇڏن
برف جهڙا بدن-
برف جهڙا بدن ٿا اسان ڏي وڌن
سرد نظرن ۾ هوس ۽ حوص کان سواءِ
ڪجهه به ڏسجي نٿو
لطف ۽ ڪيف جي خوبصورت گهڙين ۾،
ڪنهن به احساس،
دل جي ڌڙڪن جو آواز ٻڌجي نٿو
ها فقط ۽ فقط
سيسراٽيون ٻجهن،
برف جهڙا بدن-
سرد ٻانهن جا گهيرا
ڳچين ۾ ٿا سوڙها ٿين
سرد جذبن جي سيلاب سان
ساهه گهٽجڻ لڳن
روح تڙپي وڃن
جسم ٽڙڪي پون
برف جهڙا بدن-
روز و شب جو تصور
مِٽائي ڇڏن
وقت جي قيد ۽ قدر جا مرحلا
طئي ٿيڻ کان اڳي،
سوچ کي روپ تخليق جو
وٺڻ کان اڳي
ذهن جا قافلا
سچ جي منزل طرف وڌڻ کان اڳي
سڀ بيهاري ڇڏن-
برف جهڙا بدن ٿا اسان ڏي وڌن،
جنهن کي ڀاڪر وجهن، بس ڄمائي ڇڏن.
اياز گل
غزل
حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان،
پيار منهنجا! مان آفتن مان لنگهان.
منهنجو سارو وجود نيڻَ ٿئي،
تنهنجي لکيل جڏهن خطن مان لنگهان.
رات، يادون سندءِ ۽ مان جاني!
ڄڻ ته هوليءَ جي ٿو، رنگن مان لنگهان.
مون تي جي مهربان ٿي پئين تون،
مان ڀي خوشين جي ڪجهه حدن مان لنگهان.
توکان وسري ويس ته خير، مگر،
موت جي ڄڻ ته ٿو هٿن مان لنگهان.
دوستي ٿي جڏهن کان دنيا سان،
روز ٿو تجربَن ڪَڙن مان لنگهان.
ڇو ڀلا مان رهان انڌيرن ۾؟
سج هٿ ۾ کڻان، چَنڊن مان لنگهان.
نصير مرزا
نظم
کُليل کُليل دروازا،
خالي وڏا وڏا ايوان،
ڀاري بُرج قلعي جا،
جن تي سورهيه ڪي انسان.
پيرَ رکي پيرن تي آيا،
ٻيهر جُنگَ جوان،
گُل ٽڙيا راهن ۾،
خوشبوءِ، مهڪايا ميدانَ
هوا کڻي آئي ڳلين ۾،
سُرهو هي سنديس
مولا مينهن وسايا اڄ ته:
ديس وَسي پيو ديس.
ادل سومرو
سکر- روهڙي جا هائيڪو *
هي لبِ مهراڻ
پوپٽ، گُل، ڦوهارا
چوڌاري سُرهاڻ.
ڪلهه جتِ ويڙهانديون
اَڄُ کرڙيءَ- ميدان ۾
ٻار رهن رانديون.
ساڌ ٻيلي جي شام
سنڌوءَ جي لهرن مٿان
پکين جي اُڏام
معصوم شاهه مينار
سِرون ڪوٽ- اروڙ جون
درديلو ديدار
هيمون ڪالاڻي!
بُرج ڏسن ٿا جيل جا
تنهنجي آکاڻي.
جهيڙن واري جُوءِ
بکر ۾ بارود جي
اڃان تائين بُوءِ
ٻيڙي، مُهاڻي
تريل پلي، جي خوشبو
چوڏس اُڏاڻي.
مسجد منزل گاهه
سامهون ساڌ ٻيلو ۽
وچ ۾ هي درياهه. |
سکر اونهارو
ٽانڊا سڀئي روڊ ۽
ڄَر جو وسڪارو
واڪا ڪيا گهنڊ
ديول جي پادريءَ جي
ڪين ڦٽي ننڊ.
جي – بي منگهارام
بسڪوٽن جي فيڪٽريءَ تي
هاڻ لکيل بس نام.
سُرمئي سانجهيءَ ويل
پاڻيءَ پاڇا پُل جا
مٿان گذري ريل
پوڙهو پوڄاري
ڪالڪان جي مندر ۾
ڏي ٿو ٻهاري
ماضيءَ جي للڪار
آهي اڄ به اروڙ ۾
مينديءَ جي مهڪار
گهٽيون روهڙيءَ جون
هٿ - لڪيرون آهن
ڄڻ ته پوڙهيءَ جون.
روهڙيءَ جون راتيون
پاڻيءَ مٿان روشني
جوڀن جون جهاتيون |
* نامياري شاعر محترم تنوير عباسيءَ خيرپور جا هائيڪو لکيا ها.
مون انهيءَ طرز تي سکر- روهڙيءَ جا هائيڪو لکيا
آهن.
طارق عالم
نثري نظم
نيلسن منڊيلي جي نالي
منهنجا سمورا سونهري لفظ
جيڪي راتيون جاڳي مون سرجيا آهن؛
تنهنجي اٽل ارادي جي آڏو سجده ريز آهن.
تون سچ جو اهو مچ آهين؛
جيڪو ڪنهن به گذرندڙ، گذري ويندڙ، ايندڙ گهڙيءَ ۾
مرڻو ناهي؛ ٺرڻو ناهي.
نيلسن منڊيلا:
تون منهنجي هيسيل بيمار بدن ۾
پرهه جو پهريون جهوٽو بڻجي ساهن جي رستي لهي ويو آهين.
منهنجن چپن تي جڏهن به تنهنجي نانءَ جا گل ڦٽندا آهن؛
ته منهنجي روح جي آکيري تي تقدس جو مقدس پکي
پنک پکيڙي لهي ايندو آ
۽ منهنجو سمورو تن تنبورو بڻجي
هڪ ئي وائي آلاپڻ لڳندو آ
نيلسن منڊيلا؛ نيلسن منڊيلا؛ نيلسن منڊيلا...
ها، نيلسن منڊيلا، ها.
ان ڪري جو تون آسمان جي نيرين وسعتن ۾
مٿي تمام اُڏامندڙ سهڻن پکين جو پوتر روح آهين.
تون اهو روشن سج آهين؛
جيڪو ڪڏهن به اُجهاڻو ناهي، جنهن جا ڪرڻا؛
ڀرين پنجويهن سالن کان جيل جي اونچين ديوارن مان
آمرن جي دلين ۽ اکين مان نيزا بنجي پار ٿي
دنيا جي سمورن قوم پرستن جي ڪچي آبادي مٿان
سورج مکيءَ جون پنکڙيون بنجي جرڪي رهيا آهن.
نيلسن منڊيلا؛
تون پوپٽ جي پرن جو رنگ ناهين، مور جو کنڀ آهين
جيڪو هميشہ مقدس ڪتابن ۾ پوڻ لاءِ جنم وٺندو آهي.
تون صدين کان سردين جي ڊگهين راتين ۾ جاڳندڙ نيڻن جي پَلڪن ۾
اٽڪيل؛
سپني جي ساڀيان آهين
تون ها تون، دنيا جي سمورن انقلابي
عظيم شاعرن جي ڏات جي سگهه آهين.
تون اهڙو امر آواز آهين؛
جنهن جي پڙاڏي جي ڀاڪر ۾ سموري دنيا سمائجي وئي آهي.
۽ تنهنجي نانءَ جي پڙاڏي تي هُو جابر ڇرڪ ڀري
جاڳي، پاڳلن جان پنهنجي منهن چوڻ لڳن ٿا:
نيلسن منڊيلا
نيلسن منڊيلا
نيلسن منڊيلا...
مظهر لغاري
پنهنجي دوست جي نانءِ
پيار ڪيڏو نه مهانگو آهي؟!
ڪيترا سال لنگهي ويا آهن
نه ڪنهن به پيار جا آڇيا رابيل
نفرتون پٿرن جي صورت ۾
اجنبي شهر ۾ اسان تي وٺيون
۽ اکيون پيار کي تلاش ڪندي
روز وک وک تي مٺيون، روز ڪٺيون
يادگيرين جي مسلسل بارش
مون ڏٺو آ، دنيا جي منَڊيءَ ۾
پيار کي روز آ خريد ڪيو
توکان – مون کان ۽ اسان سڀني کان
ملهه اهڙو ادا نه ٿي سگهندو
سونهن، دنيا جي دردخاني ۾
مون ڏٺو آهه بڻي واپاري |
روز جن تي ٿي وسي
جيئن چونئري تان چئاڪا ٿا ڪِرن
پنهنجون بي سمجهه اکيون اِئين وٺيون.
دنيا ۾ ديپ سڀ اُجهامي ويا
جيءَ ۾ احساس جي سهائي هئي
پيار ڪِولين سمان ماڻهن کي مليو
ڄڻ ته پٽ تي ڪريل مٺائي هئي
پيار جو ملهه ادا ڪرڻ وارن
پاڻ وٽ ڪار، نه بنگلو آهي
جهول خاليءَ سان ڇا خريداري
ڏک ۽ بک آهي پنهنجي بلي
پاڻ کي پيار ملي، ڪيئن ملي؟
پاڻ سمجهيو هو، ’سهانگو آهي‘
پيار ڪيڏو نه مهانگو آهي! |
اخلاق انصاري
تنهنجي لاءِ آخري لفظ
اڳ ته ائين هو
يوڪلپٽس به شرابيءَ وانگر جهومندا هئا
ٻٻر ڦلهڙيون مرڪنديون هيون
مانجهاندڙيون ڇيڳرين ڇورين جيان
چيلهيون لوڏينديون هيون
۽
هاڻ رُتن به پنهنجا نالا بدلائي ڇڏيا
تنهنجي ۽ منهنجي
گهر جي وچ وارو روڊ ڄڻ
“Fate Line”
وانگر ٽٽي پيو هجي
(اڳيان اوندهه هجي)
ڪمري ۾
هينگر تي قميص جو لاش
جيڪو تنهنجي بدن جي خوشبو کنيو
ٽوڪي پيو
پکو ڦٿڪي پيو
ڪافيءَ جا خيالي ڪوپ الائي ڇا پيا سوچين؟
ايش ٽري ڀرجي وڃڻ تي حيران آ!
۽
سڀ ڏنل تشبيهون وائڙيون
لفظ پريشان
(پنهنجي معنى جو وڃائي ويٺا)
ٽيليفون تي
تنهنجي ”هون“ ”ها“ ۽ ”ٽهڪڙا“
جن اندر جي آسمان تي اڇا اڇا
ڪبوتر اڏايا
ڊيڊ آ
(ڄڻ ڪا
Dead Life
هجي)
”وزيٽنگ ڪارڊ“ گاريون پيو ڏئي
ڪمري جا پردا ناحق ڦاهيءَ تي لڙڪيل آهن
اڳ ته ائين نه هو
هو ته هر رنگ رتول هو
هر ٻول انمول هو
پر ڇاهي
تون نه آهين ته
ڇاهي؟
تون نه آهين ته
ڇاهي؟
عزيز ڪنگراڻي
وائي
سنڌو هيڏي هوڏ!
ڪچو ٻوڙيو ٻوڏ!
مارو سڀ پيا مامري!
لوڙهي لانڍيون لهواريون
لهرن ۾ نه لوڏ،
مارو پيا سڀ مامري!
آب تنهنجو امرت پر،
ڌنارن نه ڌوڏ،
مارو پيا سڀ مامري!
ڪِنجهن ڪُڻڪن ڇر ۾،
گنجي پاتل گوڏ،
مارو پيا سڀ مامري! |