سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :11

حوالي جي لفظ ڪڍي ڇڏڻ سان ڪابه صورت مڪمل نه ٿي رهي.

اهو حوالي جو لفظ آهي جيڪو صورت جو سڄو دائرو (Scope)  ٺاهي ٿو.

هر صورت ۾ ماڻهو جيڪو ڳالهائي ٿو سو هڪ نمونو، انداز، طوز، ڌنڪ، ۽ هڪ لهجو ڪم آڻي ٿو، هن طرح هر صورت ۾ ”لفظي“ (Word reference) يا حوالو (Reference word) جدا جدا ڪم ڪري ٿو ۽ اُهو ڪم عملي ۽ سماجي نوعيت جو آهي، جيڪو سڄيءَ سماجيات ۾ هڪ مستقل مقام رکي ٿو.

ڪثرت استعمال ۽ ڪثرت ضرورت جي خيال کان لفظي حوالو هڪ سماجياتي ڌارا (Trend) ٺاهي ٿو.

مختلف ڌارائن ۾ هڪ جهڙايون به ڳولي سگهجن ٿيون.

هر صورت حال کي اڳيان رکي سماج جو هڪ ذهني لاڙو (Mental Attitude) معلوم ڪري ٿيو سگهجي، جنهن جي بنياد تي روزاني سماجي زندگيءَ جي رپورٽ تيار ٿي سگهي ٿي.

پاڻ سمجهه ۽ عقل جو ڪردار به واضح ٿئي ٿو ۽ سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي.

معاشري ۾ ”سمجهه“ ۽ بي ”سمجهائپ“ جو تناسب به وڌيڪ تحقيق سان معلوم ڪري ٿو سگهجي.

(10) حوالو نمبر ٽيون- ”پاڻي“

1- پاڻي آڻ.

2- منهن ۾ پاڻي آڻ.

3- منهن ۾ پاڻي اٿس.

4- منهن ۾ پاڻي ڪونهيس.

5- منهن تي پاڻي وجهه.     

6- همراهه پاڻياٺو آهي.

7- ڏاند پاڻياٺو آهي

8- ڏاند ٿڌو آهي، پاڻي ڪونهيس.

9- ڏاڍو پاڻيءَ وارو آهي.

10- ڏاند کي پاڻي آهي، پر آهي ڏٻرو.

11- ايڪيهين ڏينهن مٿي تي پاڻي وجهبو آهي.

12- اڄ پاڻي وجهندسَ.

13- ٻوڙ ۾ پاڻي ڪونهي، سڙي ٿو.

14- پاڻي پورو وجهه.

15- ايڏو پاڻي نه ڏيکار.

16- ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پيءُ.

17- پاڻي ماٺو آهي.

18- پاڻي ڪسارو آهي.

19- پاڻي مٺو آهي (هن جاءِ جو پاڻي مٺو آهي).

20- زمين کي پاڻي ڪونهي.

21- زمين کي سرڪاري طور تي پاڻي مليل آهي.

22- زمين کي پاڻي ڏي.

23- زبان کي پاڻي ڏي.

24- قول کي پاڻي ڏي.

25- مون ڏي ڪنهن جو به پاءُ پاڻيءَ جو ڪونهي.

26- مائيءَ کي مٿي پاڻي وجهڻ ويون آهن.

27- نلڪي ۾ پاڻي ڪونه ٿو اچي.

28- پاڻي وهي ويو آهي.

29- 5 مئيءَ تي پاڻي ڇُڙندو.

30- ڇڙيو پاڻي فصل لاءِ وڌيڪ چڱو.

31- اسان وٽ پوک ٿئي ٿي مينهن جي پاڻيءَ تي.

32- پاڻي چڙهيو آهي (درياهه ۾).

33- کوهه ۾ پاڻي مٿي چڙهي آيو آهي.

34- پاڻي رڳو ڏهن فوٽن تي آهي. (هن جاءِ تي پاڻي زمين ۾ رڳو ڏهه فوٽ هيٺ آهي).

35- کوٽيوسون ته پاڻي نڪري پيو.

36- پاڻي ٻُنڀ ڏئي ٻاهر نڪري آيو.

37- زم زم جو پاڻي کڻي آيو آهي.

38- اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس.

39- اکين ۾ پاڻي ٿو اچيس، هوندس ڪا بيماري اکين جي.

40- اهو ته موتيو پاڻي آهي.

41- پاڻيءَ جي ٽانڪي خراب ٿي وئي آهي.

42- پاڻيءَ جِي نالِي لَٽجي وئي آهي.

43- ”اسان پاڻيءَ کي آسمان مان آندو.“ (قرآن)

44- هوا، پاڻي، باهه ۽ مٽي بنيادي عنصر آهن.

45- پاڻيءَ ۾ آڪسيجن جو تناسب 89 سيڪڙو آهي.

46- توسان ٻه پاڻي ڪبا.

47- ڪڪڙ کي پاڻي ڏي.

48- ڪڪڙ ڪل چار پاڻي وڙهيو

49- ”توسان هاڻي پاڻي ٿيندو“

50- حقو پاڻي بند.

حوالي نمبر 2 سان اسان ڪي يارهن ڳالهيون منسوب ڪيون هيون ۽ هن طرح اسان لفظي حوالي، يا حوالي لفظ جي باري ۾ اڳ ۾ سمجهاڻيءَ جي لاءِ هڪ تحقيقي ڪم به ڪيو هو. ساڳيءَ ريت هن حوالي نمبر 3 ۾ به اهي ئي يارهن ڳالهيون خيال ۾ رکڻيون آهن ۽ ”حوالي لفظ“ يا”لفظ حوالي“ جي لاءِ جيڪي سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن، انهن کي به هن جاءِ تي خيال ۾ رکڻ گهرجي.

هن طريقي سان سماجيات ۽ لسانيات کي ملائي رهيا آهيون ۽ اها ڳالهه هاڻي هن جاءِ تائين واضح ٿي چڪي آهي. بس اهائي ڳالهه آهي جيڪا سماجياتي لسانيات جي مضمون جو بنياد بڻجي ٿي.

هن مضمون کي اسان هاڻي آرام سان لسانيات، سماجيات ۽ سماجي لسانيات جي مضمونن جيان پاڙهي ۽ پڙهي سگهون ٿا.

هن مضمون جو وڌيڪ باريڪ اڀياس اسان کي سماجي نفسيات ۽ اڳتي هلي. ”سماجياتي لسانيات“ جي هڪ نئينءَ ايجاد ڏانهن وٺي ٿو هلي، جنهن کي ”لسانياتي نفسيات[1]“ چيو ويندو، پر هن باري ۾ اڃا ڪا واضع دعوى ڪري نه ٿي سگهجي. مون ڊاڪٽر بام گارڊز سان ڳالهائيندي جڏهن لفظ ”ڪلچرلاجي“ (Culturelogy) ڪم آندو، تڏهن هن اهو نوٽ ڪيو ته مون هي لفظ ڪم آندو هو. پوءِ چيائين ته ”تون سماجياتي لسانيات ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهين ۽ تو مون کي هڪ نئون اصطلاح ڏنو آهي.“ حالانڪ اهو لفظ ته آءٌ هت عام جام ڪم آڻيندو رهندو هوس.

بهرحال مٿي آيل ٽن سماجياتي حوالن جي اڀياس جي بنياد تي اسان هاڻي سماجي حوالي جي وصف ۽ دائري کانسواءِ ان جي ڪارڪردگي جي باري ۾ به معلومات کي تحرير هيٺ آڻي سگهنداسون.

برابر هي مضمون ”سماجي لسانيات“ جي دائري ۾ اچي ٿو، پر ڪنهن به عالم ”سماجي حوالي“ کي هن طرح انفرادي لسانياتي حيثيت ڪانه ڏني آهي. گهٽ ۾ گهٽ به مون اهڙو ڪو مضمون ڪونه ڏٺو آهي. ماهرن به هن باري ۾ ڪو ڪم ڪونه ڪيو آهي.

مشڪل هيءُ به آهي ته پاڪستان توڙي هندستان يا پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به ڪو عالم يا نجو سماجياتي لسانيات جو ڪو ماهر موجود ڪونه آهي، ان ڪري هن باري ۾ هر ڳالهه جي تصديق هارورڊ يا ان جهڙيءَ ڪنهن به ٻيءَ يونيورسٽيءَ وٽان ڪرڻي پوندي.

پر اسان وٽ پاڻ وٽ اهو ڪم ايترو ته آسان آهي ۽ منهنجي انهيءَ ڪتاب تي جيڪو سماجياتي لسانيات تي دنيا جي هن اسان واري حصي ۾ واحد ڪتاب هو؛ ڪنهن صاحب ”پيغام“ رسالي ۾ اهڙي تنقيد ڪئي جو ان جي ”رسي جهلوءَ“ جا به طاق لڳي ويا.

مون کي معلوم ئي نه هو ته ڪو ايڏو بزرگ عالم پاڻ اسان جي ملڪ ۾ ئي موجود هو جو سماجياتي لسانيات تي لکيل انهيءَ ڪتاب جا به بخيا اڊيڙي ٿو سگهي، جنهن تي ڊاڪٽريٽ ڏني وئي هئي.

بهرحال اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان ڪنهن خيال، ذوق، ايجاد، نظريي، علم ۽ شرافت تي خوش ٿا ٿي سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي مخالفت ۾ ڪجهه لکي پاڻ کي پڌرو ته ڪري سگهون ٿا. مان ته چاهيندس ته پاڻ هن مضمون تي به لغوي نگاهه پوندي ۽ ان جي لغت کي اڳواٽ موجود نڪتن تي پرکيو ويندو ۽ پوءِ خبر پوندي ته:

46- همراهه ڪهڙي پاڻيءَ ۾ آهي. يا جيئن ته

47- همراهه پاڻيءَ کان اڳ ۾ ڪپڙا لاهي بيٺو آهي. يا هينئن ته:

48- همراهه پنهنجي پاڻيءَ ۾ ناهي.

 

(11) حوالو نمبر- 4 ”منهن“

1- نه مُنهن نه مٿو.

2- منهن مٿو پِٽِ.

3- منهن ڌوئي صاف ڪر.

4- منهن ڌوتو اٿس (بدلو ورتو اٿس).

5- منهن ڌوئي نه سگهيو.

6- منهن ڏيکاري وڃ.

7- منهن ڏيکارڻ جهڙو آهي.

8- منهن ڏيکارڻ جهڙو ٿيو آهي.

9- منهن ڏيکارڻ جهڙو ناهي.

10- منهان منهن ٿبو.

11- واهه جي منهن ۾ ٻنڊو اچي ويو.

12- منهن ته ڏيکار.

13- منهن مٿي کڻي ٿو سگهي.

14- منهن مٿي ڪيو اٿس.

15- ڪهڙو منهن کڻندو.

16- ڪهڙو منهن وٺي ايندو.

17- منهن ته ڏس پنهنجو.

18- منهن ڏٺو ٿئي پنهنجو.

19- منهن ٿو گهرجي.

20- ڪنوار جو منهن ڏسڻ هلو.

21- ويڪري منهن سان اها آهي مومل.

22- ڪارو اٿس منهن (نيرا اٿس پير).

23- اڇو اٿس منهن.

24- منهن ۾ گهنڊ وجهيون ويٺو آ.

25- منهن ڏسي مٺائي گهرجي.

26- سوڻل منهن (ڪاوڙيل).

27- منهن مهانڊي واري آهي.

28- منهن به مور ٿئي جو....

29- مٺائي کائڻ جهڙو منهن اٿئي؟

30- منهن تي ڪپڙو وڌو اٿن

(پلوءُ– پلاند) (هيءَ هڪ رسم آهي جو ڪوڙيءَ دانهن تي عورتون گڏ ٿينديون ته روئڻ وقت منهن تي پلوء يا پلاند وجهنديون.)

31- منهن لٿل اٿس، خدا خير ڪري.

32- ”مهرباني ٻي ته وئي، پر“ ”منهن ڏيکارڻ کان به وئين.“

(طالب المولى)

نوٽ: هت ”مهرباني ٻي ته وئي“ وارا لفظ ”رمز“ آهن. (رمز هڪ صنف آهي.)

33- منهن ته ڏيکاري وڃ.

34- منهن جو مٺڙو آهي.

35- منهن ئي ڦري ويس.

36- منهن نه موچاري... (شاهه)

37- منهن بکيس ٿو.

38- منهن مان ئي پڌرو.

39- چوري منهن مان ٿي بکيس.

40- مون کان منهن لڪائيندي آهي.

41- منهنجي منهن نه پوندي آهي.

42- مُنهن جو حجاب رکي ٿي.

43- منهن به پنهنجو، موچڙو به پنهنجو.

44- منهن جو رکو آهي.

45- منهن جي ڦڪائيءَ کان.

46- منهن جي مروت.

47- منهن جو پنو لهي ويس.

48- منهن سڪي ويو اٿس. (بيمار ٿو رهي)

49- منهن ۾ پاڻي آندو اٿس.

     (ڇوڪري بالغ ٿيڻ تي اچي ته پوءِ ان لاءِ چئبو)

50- منهن لهي ويس (ٻڌڻ سان ئي).

(12) حوالو نمبر 5 ”سنڌي“

سنڌي ماڻهو

سنڌي ٻولي

سنڌي لپي

سنڌي ٽوپي

سنڌي اجرڪ

سنڌي جنڊي (هنر)

سنڌي ٺيڪراٽو

سنڌي ٻوليءَ جو سوال

سنڌي سماج

10- سنڌي قوميت

11- سنڌي قوم

12- سنڌي ساڃاهه

13- سنڌي مروت

14- سنڌي شرافت

15- سنڌي لوڏ

16-  سنڌي پٽڪو

17- سنڌي لباس

18- سنڌي جتي

19- سنڌي ملوڪ

20- سنڌي ساهت

21- سنڌي سڀيتا

22- سنڌي ڪلچر

23- سنڌي ڪنوار

24- سنڌي ڀير

25- سنڌي مهمان نوازي

26- سنڌي ساک

27- سنڌي سونهن

28- سنڌي سونهارو

29- سنڌي ڪورڪو (هنر)

30- سنڌي ڊکاڻڪو (هنر)

31- سنڌي ڊول

32- سنڌي پراڻ

33- سنڌي صدري

34- سنڌي ڪوڏر

35- سنڌي ڪهاڙي

36- سنڌ جو سنڌي

37- شهري سنڌي

38- ڳوٺاڻو سنڌي

39- ٿري سنڌي

40- ميلائي سنڌي

41- اترادي سنڌي

42- لاڙي سنڌي

43- سنڌي ثقافت

44- سنڌي ادب

45- سنڌي پريس

46- سنڌي لوڪ ادب

47- سنڌي وڏيرو

48- سنڌي ڪامورو

49- سنڌي مزدور

51- سنڌي هاري

52- سنڌي دانشور

52- سنڌي ادبي سنگت

53- سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي

54- سنڌي ادبي ڪانفرنس

55- سنڌي شعبو

56- سنڌي ڪتاب

57- سنڌي افسانو

58- سنڌي ناول

59- سنڌي شاعري

60- حميد سنڌي

61- مدد علي سنڌي

62- سرڪش سنڌي

63- سرويچ سنڌي

64- زيب سنڌي

65- سنڌي سٻاجهڙو

وصف

سماجي حوالو اهو لفظ آهي جڪيو ٻوليءَ جي هڪ جملي ۾ آيل سماجي صورتحال جو دائرو مقرر ڪري ٿو، ان دائري جي اندر نمايان ڪم ڪري ٿو، ٻوليءَ ۾ هن طرح هڪ ڌارا Trend جي صورت اختيار ڪري ٿو، ۽ پوءِ هڪ ئي حوالي تي بڻايل سڀ صورتون سماجي نوعيت تي ٻڌل هڪ ڪردار يا عمل جي دائري کي مقرر ڪن ٿيون ۽ هن طرح سماجي حوالو حڪ عموميت يا (Generality) جي علامت بڻجي ٿو، جنهن کي سماجيات ۾ سماج جي اڀياس لاءِ هڪ ايڪي وانگر ڪم آڻي ٿو سگهجي.

خاص نڪتا

سماجي حوالو هڪ ٻوليءَ جو لفظ آهي.

اهو لفظ جنهن جملي ۾ ڪم اچي ٿو، اهو جملو هڪ سماجي صورتحال بڻائي ٿو.

ان لفظ جو دائرو ان جاءِ ۾ آندل سماجي صورتحال جيترو ٿئي ٿو.

ان دائري جي اندر ان لفظ جو ڪردار ٿئي ٿو ان کان سواءِ سماجي صورت مڪمل نه ٿي ٿئي.

هن طرح گهڻن لفظن تي ٻڌل گهڻيون سماجي صورتون سماج جي باري ۾ ڪي ڌارائون ۽ هڪجهڙايون ڏين ٿيون.

انهن ڌارائن ۽ روايتن يا هڪجهڙاين کي سماجيات جو عالم سماج جي اڀياس ۾ ڪم آڻي ٿو سگهي. هن باري ۾ هر هڪ ڌارا هڪ نرالو ۽ هڪ اِڪائيءَ جهڙو ڪم ڪري ٿي.

ضميمو (الف) ”پس منظر“

مون پنهنجي هڪڙي مضمون ”ٻوليءَ جو آواز“[2] ۾ انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪيو هو ته آواز جيڪي ٻاهرينءَ دنيا ۾ پيدا ٿين ٿا سي ٻوليءَ جو بنياد بڻيا آهن يا نه. هن طرح مون آواز ۽ زبان جي تخليق جي سوال تي ڪن اهم نظرين جو جائزو به ورتو هو. ان دور ۾ اهڙا ڪيترائي نظريا گڏ ٿي ويا هئا.

انهن ڏينهن ۾ مون لکيو هو:

”پر هيئنر هي سڀ نظريا پراڻا آهن؛ ۽ هنن تي ويساهه ڪري نٿو سگهجي، ڇو ته اصل معاملو اهو نه آهي ته ابتدائي آواز جهڙا آهن (پر) اصل معاملو هي آهي ته انسان آوازن ۾ معنى ڪيئن پيدا ڪري ۽ ڪڏهن پيدا ڪئي. (برابر) هنن سڀني آوازن جو تعلق انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ مشاهدن سان آهي؛ ان ڪري انهن آوازن کي ٻوليءَ جو منڍ يا بنياد سمجهي سگهجي ٿو، پر هن طرح ٻوليءَ جي بنياد جو معاملو حل ڪونه ٿو ٿئي.“

انهيءَ ئي صفحي تي مون لکيو:

”نون خيالن مطابق جا تحقيق ٿي آهي، تنهن جو بنياد ٽن ڳالهين تي آهي:

لکيل زبان جو تمام پراڻو ذخيرو

ٻارن جي زبان جو مطالعو

پراڻي زماني جي ماڻهن جا اشارا“[3].

انهيءَ ئي مضمون ۾ مون لکيو ته غنائيت يا سريلائپ جو مطلب آهي زبان جي قدامت“ ”جيترو ڪا زبان پراڻي هوندي، اوتروئي ان ۾ موسيقيت ۽ سريلائپ وڌيڪ هوندي“ (ص 108).

هنن خيالن کانسواءِ مون ڪيترن ئي مضمونن ۾ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ان جي اوسر جي باري ۾ لکيو آهي. آخري طور تي هن کان اڳ مون انسان ۽ انسان جي پنهنجي ماحول سان لهه وچڙ ۽ ان جو عمل ۽ رد عمل، جيڪو انسان ڌرتي تي رهي هڪ سماج ۾ ڪري ٿو، ان کي ٻوليءَ جو بنيادي معاملو ڪري پيش ڪيو. هن طرح مون صرف آوازن جي بجاءِ انسان کي مڪمل انسان سمجهيو، ان جي سڄيءَ ڪارڪردگيءَ کي ٻوليءَ جي تخليق جي لاءِ ذميوار قرار ڏنو.

اها ڳالهه مون تڏهن چئي جڏهن مون سماجياتي لسانيات جي مضمونن جي تقاضائن کي خيال ۾ رکي ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ ڪتاب لکيو. ان ۾ مون ٻوليءَ جا تمام گهڻا نمونا ڏٺا ۽ خيالن جي بنياد تي مون انسان کي صرف آوازن پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهڻ جي بجاءِ ان جي وجود کي مڪمل طور تي هڪ انساني سماج ۾ ڪم ڪندي ٻوليءَ جي وجود جي لاءِ ذميوار سڏيو ۽ سمجهيو.

هن ڪتاب جو پويون سڄو حصو انسان کي عمل ڪندي ۽ ڪم ڪار ڪندي ۽ سماج ۾ رهندي ٻولي پيدا ڪرڻ جو وسيلو بنايو ويو.

هنن بنيادي خيالن جي لحاظ کان پوءِ اشارن واريءَ ٻوليءَ ۽ ٻاراڻيءَ (ٻار ۽ ٻولي) جي باري ۾ گهڻو ئي لکيو آهي، پر مون لکيل زبان جو تمام ذخيرو بحث هيٺ نه آندو آهي. لکيل زبان رڳو اُها نه آهي جيڪا ٻوليءَ جي تحرير ۾ آيل هجي ۽ اڄ ڪلهه پڙهجي رهي هجي.

لکيل زبان مان مفهوم جيڪو مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو اُهو آهي ڇٽڪاري جو بدني ۽ جسماني عمل، جنهن ۾ هٿ اکرن ۽ قلم جي نوڪ وڏو ڪم ڪيو آهي.

هن طرح ٻوليءَ کي جو مون مڪمل انسان جي هڪ تخليق ۽ معاشرتي تخليق سجمهيو هو ته هاڻي به مون لاءِ ان نظريي ۾ ٻوليءَ جي اصل ۽ خاص طور تي سنڌي زبان جي قدامت جي لاءِ مضبوط دليل موجود آهن.

ٻولي رڳو آوازن جي عضون جي ڪارڪردگي نه آهي، ۽ اُها رڳو انسان جي ذهن جي هڪ حصي ۾ آوازن کي محفوظ ڪرڻ سان به پيدا نه ٿي ٿئي. ٻولي مڪمل انسان جي سڀني متحرڪ عضون جي پيداوار آهن.

ٻولي ته مڪمل انسان جي عمل ۽ عملن جي هڪ سلسلي مان پيدا ٿئي ٿي. ان ڪري ان جون ڪيئي صورتون صوتياتي نه به آهن مثال طور اشارن واري ٻولي صوتياتي نه آهي. هن طرح ”چٽ ٻولي“ به صوتياتي نه آهي، ان ڪري مون جناب سراج الحق ميمڻ جي نظرين سان به اختلاف ڪيو آهي[4].

پنهنجي آڳاٽي ڪم ۾ مون ”ٻولي ۽ آواز“ واري ئي مضمون ۽ ”ريفرنٽ“ (Referent) سماجي ڌارا يا ”ٻوليءَ جي سماجي مفهوم جو هڪ مستقل استعمال“ به اشاري ۾ ڏنو آهي. مون آڳاٽي ٻوليءَ جي لاءِ لکيو هو: ”تڏهن هڪڙيءَ شيءَ (Referent) (مستقل مفهوم) جي لاءِ گهڻا آواز ڏيڻا ٿي پيا.“ ان وقت هن اهم ڳالهه جي باري ۾ مون وڌيڪ غور ڪونه ڪيو هو پر جڏهن مون سماجياتي لسانيات جو اڀياس ڪيو تڏهن معلوم ٿيو ته برابر هڪ ئي لفظ جدا جدا حالتن ۾ تمام گهڻن لفظن سان ملي ٻوليءَ جي هڪ مستقل مفهوم جو ميدان ٺاهي ٿو ۽ ان ميدان جي اندر يا ان لفظ جي مفهومي دائري جي اندر اهو لفظ تمام وڏي ۽ ويڪري مفهوم ۾ ڪم اچي ٿو.

هن باري ۾ مون پوءِ رڳو پنهنجن لفظن جي بنياد تي پنج مستقل مفهوم جا سماجياتي دائرا يا ”حوالا“ (Referents) گڏ ڪري انهن تي بحث ڪيو، جيڪو هن ضميمي سان گڏ آهي.

هن مضمون ۾ مون دائري جو لفظ انهيءَ ٻوليءَ جي مفهوم جي دائري لاءِ ڪم آندو آهي، جنهن ڏانهن پنجن ڪم آيل لفظن مان هر هڪ اشارو ڪري ٿو، پوءِ انهيءَ سڄي ميدان کي مون ”ريفرنٽ“ (Referent) (اها شرط جنهن ڏانهن لفظ جو مفهوم اشارو ڪري) ڪوٺيو آهي.

سچ پچ ته هيءَ ڳالهه آئون 72-1971ع ۾ ڪري نه سگهان ها، جو ان وقت سماجياتي لسانياتي جي باري ۾ منهنجي معلومات تمام گهٽ هئي. پر اها ڳالهه درست آهي ته لسانيات جي باري ان وقت تائين ٿيل تحقيق مون لاءِ ڪافي نه هئي توڙي جو مان احتجاج ڪري نه ٿي سگهيس.

نوٽ نمبر[5]

سماجي حوالي جي وصف–

سماجي حوالو (Social reference) لسانيات ۾ سماج جو جيڪو به نڪتو سمجهائي ٿو ان نڪتي جي لاءِ لسانيات ڪونه ڪو ”خاص“ ۽ ”محرڪ“ لفظ موجود ڪري ٿي ڏئي. هن طرح جڏهن سماجي سوال لسانيات ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي تڏهن ڏسبو ته هڪ محرڪ لفظ وياڪرڻي صورت وٺي سماجي دائري جي اندر هڪ جڳهه پُر ڪري ٿو يا والاري ٿو. اُها جڳهه ڪيتري وڏي آهي، اُها جڳهه ڪيتري ويڪري آهي؛ انهن ڳالهين جو تعلق ”محرڪ“ لفظ جي ويڪرائيءَ ۽ اهميت جي درجي سان آهي. جيترو ڪو محرڪ لفظ وڌيڪ ويڪرو ۽ اهميت وارو هوندو، اوترو ئي اُهو سماج ۾ وڌيڪ سمجهيو ۽ ڳالهايو ويندو ۽ اوتري ئي وڏي ۽ ويڪري جاءِ اُهو لفظ والاريندو.

هاڻي جيتري وڏي ۽ ويڪري جاءِ اُهو محرڪ لفظ والاري ٿو ان کي اسان ”حوالياتي ميدان“ (Field of reference) يا رڳو حوالي جو دائرو (Referent) ”ريفرنٽ“ ٿا سڏيون.

هن طرح محرڪ لفظ وياڪرڻي صورت سميت هڪ حوالو آهي ۽ جيتري جاءِ هو سماجي اظهار ۾ والاري ٿو، تنهن کي ”حوالياتي دائرو“ يا ميدان ٿا چئون.

”هن طرح سماجي حوالو لسانيات ۾ محرڪ لفظ جي وياڪرڻي صورت سميت اُنهي دائري جو نالو آهي، جنهن ۾ ڪوبه محرڪ لفظ پنهنجو لسانياتي ڪم ڪري ٿو.

 

 

 

هن طرح سڄو معاشرو پنهنجي سڄيءَ زبان جو هڪ حوالياتي ميدان يا ريفرنٽ بڻجي ٿو ۽ ڪوبه هڪ محرڪ لفظ ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ امتيازي جاءِ والاري ٿو، جنهن جاءِ کي ”سماجياتي حوالو“ چيو ٿو وڃي.

هن شڪل ۾ ”خير“ محرڪ جو سماجياتي حوالو آهي نمبر 5 وارو ”مقام“ يا (Referent) يا حوالياتي ميدان.


[1] هي لفظ دنيا جي لسانياتي مطالعي ۾ پهريون ڀيرو ڪم اچي رهيو آهي.

[2] مهراڻ، 1- 1972، مضمون ”ٻولي ۽ آواز.“

[3] (2) مهراڻ، ”اسان جي اڻ ڳالهايل زبان“ نمبر 2، سال 1971 (حوالي طور ڏسجي)

[4] هي بحث اڳتي ايندو.

[5] ڏسجي ”سنڌي ٻوليءَ جا پنج سماجياتي حوالا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com