سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :22

 

ابن رشد جي تحقيق خورجي لوئيس بورخيس

مراد علي مرزا

”هن جو خيال هو ته الميا، رڳو ساراهه ڪرڻ جو فن آهي.“

 - ارنيسٽ رنان- ”ابن رشد“

ابو الوليد محمد ابن احمد ابن رشد ”تهافت التهافة“ جي يارهين باب لکڻ ۾ پوريءَ طرح رُڌل هو. ان ۾ هن ايراني نسل زاهد الغزالي ”تهافت الفلاسفة“ جي مصنف جي راءِ جي خلاف هيءُ مقدمو پيش ڪيو آهي ته خدا جي صفت اها آهي ته هن کي ڪائنات جو مڪمل فهم آهي، يعني هن کي رڳو انهن عام ڳالهين جو علم آهي، جن جو تعلق نوع (Species) جي ڪليت سان آهي، ۽ نه انهن سان، جن جو تعلق نوع جي فردن يا جزن سان. ساڄي کان کاٻي ابن رشد پوري ڀروسي واري آهستگيءَ ۾ لکندو رهيو. خيالن جي جدلياتي اظهار ۽ ڊگهن ڊگهن جملن کي هڪ اڻ ٽر منطقي سلسلي ۾ پوئڻ جي خشڪ مصروفيت جي هوندي به کيس پنهنجي چؤطرف پکڙيل گهر جي ڳوڙهي، فرحت ڏيندڙ ٿڌڪار جو پورو پورو احساس هو؛ ڄڻ ته اهو آسودگيءَ جو هڪ اونهو احساس هو. ٻنپهرن جي آرام جي ان گهڙيءَ جي اونهائين ۾ پري ڪنهن هنڌ بيقرار ڪبوترين پنهنجي خمار ڀريل ڳري آواز ۾ غٽرغون پئي ڪيو ۽ نگاهن کان لڪل ڪنهن جهروڪي جي ڦوهاري مان پاڻيءَ جي جهر جهر ڪرڻ جو جهونگاريندڙ آواز اڀرندو پئي آيو.

ابن رشد جا ابا ڏاڏا عرب جي وارياسن پٽن مان لڏي هت گهر ڪري اچي ويٺا هئا. پاڻيءَ جي ان وهڪري ۽ گهڻائيءَ تي هن جي رڳن ۾ احسانمنديءَ جو هڪ عجيب جذبو ڊوڙڻ لڳو. گهر کان ٻاهر هيٺ ۽ پري پري تائين باغ بستان هئا. انهن کان پرتي جهونگاريندڙ وادي ۽ الڪبير درياءُ هو ۽ انهن سڀني کان پريان قرطبہ جو محبوب شهر هو، جيڪو پنهنجي شهرت ۾ قاهره ۽ بغداد کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هو. قرطبہ ڪنهن نازڪ پر پيچيدي ساز وانگيان پکڙيل هو. ان جي چؤطرف (۽ اهو ابن رشد نه رڳو ٻڌندو هو پر ڇهي محسوس به ڪندو هو) اندلس جي سرزمين پنهنجين سرحدن تائين پکڙيل هئي. اندلس جي اها سرزمين، جتي بس ڪي ٿوريون ئي شيون ميسر هيون، پر جيڪي پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي اڻٽر، ازلي، ابدي ۽ پنهنجيءَ ذات ۾ قائم هيون.

ابن رشد جو قلم صفحي تي ڏاڍي روانيءَ سان پئي هليو. سندس پيش ڪيل دليل نادر ۽ ناياب هئا، جن کي رد ڪرڻ جو سوال ئي نه ٿي اٿيو. ان هوندي به هڪ هلڪي محوّيت ابن رشد جي خوشيءَ ۽ اطمينان کي هڪ لڙاٽ ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو. اها ڳڻتي ان ڪري نه هئي ته ”قهافت“ ۾ ڪا خامي رهجي وئي هجي. تهافت ته اصل ۾ هڪ وقتي ضرورت جي هيٺ تاليف ڪيو ويو هو؛ اها ڳڻتي حقيقت ۾ هڪ بنهه لساني قسم جي مسئلي سبب کيس هئي، ۽ اهو مسئلو ان زبردست تصنيف جي باري ۾ هو جيڪا اڳتي هلي حقيقت ۾ پنهنجي قدر ۽ قيمت جي لحاظ سان پڙهندڙن جي نظر ۾ هڪ عظيم يادگار ٿيڻي هئي، يعني ارسطوءَ جي ڪتاب تي لکيل خود سندس شرح. يونان وارا ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو دُن هئا، جيڪي انسانذات کي سوکڙي ڏنا ويا هئا ته جيئن انسانن کي اهي سڀئي ڳالهيون سيکاري سگهن، جن جو ڄاڻڻ ضروري آهي. ابن رشد جو عاليشان مقصد اهو هو ته ارسطو جي ڪتابن تي ان ڪمال محنت ۽ ڌيان سان شرح لکان، جيئن ديني عالم قرآن جو تفسير لکندا آهن. تاريخ ۾ اهڙن ڪارنامن جو مثال مشڪل ملندو، جيڪي پنهنجيءَ سونهن ۽ اثر ۾ ان عقيدت جو مقابلو ڪري سگهن، جيڪا هن عربي نسل ڏاهي (ابن رشد) کي هڪ اهڙي شخص (ارسطو) جي خيالن سان هئي، جنهن جي ۽ هن جي وچ ۾ پورن چوڏهن سؤ ورهين جو عرصو حائل هو. ڏکئي موضوع واري مضمون کانسواءِ هيءَ ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته ابن رشد کي سرياني زبان جي ڄاڻ هئي ۽ نه اصل يوناني زبان جي. اصل کي ته کڻي ڇڏيو، هن جي اڳيان ته ترجمي جو به ترجمو هو. اڳئين شام ”بوطيقا“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ سندس اڳيان ٻه لفظ اهڙا آيا هئا، جيڪي کيس خاصا منجهائيندڙ پئي لڳا ۽ جن کيس ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو هو. اهي ٻه لفظ هئا ”الميہ“ ۽ ”طربيہ“. ڪيترا ورهيه اڳ هن اهي لفظ Rhetaric جي ٽئين ڪتاب ۾ به پڙهيا هئا. سموري اسلامي دنيا ۾ ڪٿي به ڪوبه انهن لفظن جي صحيح معنى معلوم ڪرڻ ۾ هن جي ڪابه مدد نه ڪري سگهيو. ابن رشد ”اسڪندر الافروديسي“ جا به ورق اُٿلايا، پر سڀ بيڪار. نسطوري عالمن حنين ابن اسحاق ۽ ابوبشر متى جي ڪيل ترجمن جي ڀيٽ ڪرڻ مان به ڪا راهه نه ملي هئس. ٻئي اسرار ڀريا لفظ ”بوطيقا“ جي متن ۾ ايندا رهيا، جن کان پلاند بچائي نڪرڻ جي ڪابه راهه نه هئي.

بيزار ٿي ابن رشد قلم هڪ پاسي رکي ڇڏيو ۽ بي اعتباريءَ جي انداز ۾ پنهنجي پاڻ کي چيو ته هر اها شيءِ، جنهن جي ڳولا هوندي آهي، اها اوسي پاسي ئي ملي ويندي، تنهنڪري ابن رشد ”تهافت“ جو مسودو هڪ طرف رکي اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪتابن جي الماڙيءَ ڏانهن ويو، جتي نابينا مصنف ابن سيّده جي ڪتاب ”محڪم“ جا جلد هڪ قطار ۾ ترتيب سان رکيا هئا. اهي هڪ ايراني خطاط نقل ڪيا هئا. ايئن سوچڻ ئي اجايو هو ته ان باري ۾ هن اڳ به ڪڏهن ”محڪم“ ڏٺو ئي نه هو، تڏهن به دل وندرائڻ جي لاءِ ان جا پنا اٿلائڻ جي شديد خواهش جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ نئين سر ان کي هِتان هُتان ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ ٻاهران ايندڙ ڪنهن نغمي جي سُرن سندس ان شعوري مشغوليت ۾ رخنو وجهي ڇڏيو ۽ سندس ڌيان کي پاڻ ڏانهن ڦيري وڌو. ابن رشد دريءَ جي ڪٽهڙي مان هيٺ نهاريو، جتي هڪ ننڍڙي صحن ۾ ڪي اڌ اگهاڙا ٻار راند ۾ رڌل هئا. انهن مان هڪ ٻار ٻئي جي ڪلهي تي چڙهي ٻانگي جي نقالي پئي ڪئي. هن جون اکيون زور سان پوريل هيون ۽ هو سُريلي آواز ۾: ”لا اِلــٰـہ الاّالله“ چئي رهيو هو. ٻيو ڇوڪرو، جيڪو پهرئين کي جهليو بيٺو هو، بنهه چُريو ئي نه ٿي. هڪ ٽيون ڇوڪرو ڏاڍي عاجزيءَ سان سامهون ڪچي فرش تي سجدي ۾ ايئن پيو هو، ڄڻ ته مومن نمازين جي سموري جماعت جي نمائندگي پئي ڪيائين. اهو سلسلو گهڻي دير تائين نه هلي سگهيو. هرهڪ ڇوڪري کي ٻانگي ٿيڻ جو شوق ته هو، پر ڪوبه نمازي ۽ جماعت ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. پوءِ ابن رشد ڏٺو ته اهي ٻار پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ هڪ ٻئي کي اندلس جي مڪاني ٻوليءَ اسپيني زبان ۾ گٿا لفظ ڪڍڻ لڳا، جنهن کي سکئي اتي جي مسلمانن کي ڪو گهڻو وقت نه ٿيو هو.

ابن رشد، خليل جي ڪتاب ”العين“ جو جلد ڪڍيو ۽ ان کي کوليندي فخر سان سوچيو ته سموري قرطبہ (يا وري سڄي اندلس ۾) ان کانسواءِ ان بي مثال ڪتاب جو ڪوبه ٻيو نسخو موجود ڪونهي. اهو نسخو ته خود امير يعقوب المنصور، طنجير مان ڏانهس تحفو ڪري موڪليو هو. طنجير جي بندرگاهه جي نسبت سان کيس ياد پيو ته اڄ شام جو قرآن جي عالم فرج جي گهر ۾ سيلاني ابوالقاسم الاشعري سان گڏ ماني کائڻ جي دعوت مليل هئي، جيڪو تازو ئي مراقش مان آيل هو. ابوالقاسم جي دعوى هئي ته پاڻ صين (چين) بلاد/ ملڪ جي ڏورانهن علائقن جا سير سفر ڪري آيو آهي، پر کيس بدنام ڪرڻ وارا نفرت ڀريل خاص منطق هيٺ قسم کڻڻ لاءِ به تيار هئا ته ابوالقاسم ڪڏهن به چين جي سرزمين تي پير نه رکيو هوندو. ٻين وري ايئن پئي چيو ته چين جي ڪن عبادت گهرن ۾ وڃي هن ڪُفر ڪيو آهي. محفل پڪ سان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هلندي. ابن رشد پوءِ هڪدم ”تهافت“ جي لکڻ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ شام ٿيڻ تائين لاڳيتو لکندو رهيو.

فرج جي گهر ۾ ڳالهين جو سلسلو شهر جي حاڪم جي بي مثال ساراهه جي ذڪر سان ٿيندو، سندس ڀاءُ تائين وڃي پهتو، جيڪو هڪ امير هو. ان کانپوءِ گهرجي باغ ۾ گلاب جي گلن بابت ڳالهيون ٿيون. ابوالقاسم، جنهن انهن گلن کي ڏٺو به ڪين، قسم کڻي پئي چيو ته اندلس جي ضلعن ۾ اميرن ۽ حاڪمن جي گهرن کي سينگاريندڙ انهن گلن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، ڪو ٻيو گلاب انهن سان مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. ان ڳالهه جو فرج تي ڪو خاص اثر نه ٿيو. هن ٻڌايو ته فاضل ابن قتيبہ هندستان جي باغن ۾ ملندڙ انهن گلابن جي هڪ سدا بهار قسم جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي رت جهڙي ڳاڙهين پنکڙين تي سمورو ڪلمو لکيل هوندو آهي. جملي جي آخر ۾ چرچي طور هن اهو به چيو ته اهڙن گلن جي ابوالقاسم کي ضرور خبر هوندي. ابوالقاسم اوچتو خطرو محسوس ڪندي فرج ڏانهن ڏٺو: جيڪڏهن هو هاڪار ڪري ٿو ته دعوت تي آيل سڀئي کيس هڪ اٻهري ٻهروپئي کان وڌ ٻيو ڇا سمجهندا ۽ جيڪڏهن انڪار ٿو ڪري ته ڪافر؟ جيئن ته ماڻهو ڏاڍو عقلمند هو، تنهنڪري هن ان ۾ عافيت سمجهي چپن ئي چپن ۾ وراڻيو ته انهن سڀني اسرارن جي ڪنجي فقط خدا جي هٿ ۾ آهي! ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ اهڙي ڪانهي جيڪا خدا تعالى پنهنجي ڪتاب ۾ اڳواٽ ئي لکي نه ڇڏي هجي! ۽ اهو به ته خود اهي لفظ قرآن جي ڪن پهرين صورتن ۾ آيا آهن. اهو سڀڪجهه ٻڌندڙن وڏي ادب ۽ احترام سان ٻڌو. ان منطقي فتح جي جوش ۾ اچي ڪري ابوالقاسم هاڻي رڳو اها ڳالهه ظاهر ڪرڻ وارو هو ته رب سائين پنهنجي عملن ۾ ڪامل ۽ انسان جي فهم کان گهڻو مٿاهون آهي، ته اوچتو ابن رشد مستقبل ۾ ايندڙ فيلسوف هيوم جهڙو ڏکيو ۽ منجهائيندڙ لهجو اختيار ڪندي اعلان ڪيو:

”ادا، ان جي ڀيٽ ۾ ته زمين مان اهڙا گلاب ڦٽن ٿا، جن جي پنکڙين تي ڪلمو لکيل هجي، منهنجي لاءِ اهو يقين ڪرڻ وڌيڪ سولو آهي ته ان باري ۾ خود قتيبہ کان يا سندس ڪاتبن کان ڪا غلطي ٿي ويئي هوندي.“

”والله، اوهان بلڪل صحيح فرمايو.“ ابوالقاسم چيو.

اهو ٻڌي شاعر عبدالمالڪ کي ڪي ياد اچي ويو ۽ هن چيو، ”هڪڙي سيلانيءَ هڪ اهڙي وڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ميوي جي شڪل سائي رنگ جي جهرڪين جهڙي ٿئي ٿي. اهڙي قسم جي وڻ تي يقين ڪرڻ مون کي اهڙي گلاب تي يقين ڪرڻ کان، جنهن تي ڪا عبارت لکيل هجي، گهٽ ڏکيو لڳندو.“

”سائي رنگ جي جهرڪين جهڙو ميوو.“ ابن رشد چيو، ”سمجهو ته ايترو ئي نرالو ۽ عقل ۾ نه ايندڙ آهي جيترو ڪلمو لکيل گلاب. ان هوندي به ميون ۽ جهرڪين جو تعلق فطرت سان آهي، جڏهن ته لکڻ لکائڻ [خطاطي] هڪ باقاعدي فن آهي. اسان جو ذهن پنکڙين کان جهرڪين تائين ته سولائيءَ سان وڃي سگهي ٿو، پر گلاب جي گل کان الف ب جي حرفن تائين ايتري آسانيءَ سان نه.“

هڪڙي مهمان ڪاوڙجي لکڻ کي فن سڏڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو انهيءَ ڪري ته اُمّ الڪتاب هجڻ جي حيثيت ۾ قرآن جو اصل پاڻ ڪائنات جي تخليق کان گهڻو قديم آهي ۽ جنت ۾ محفوظ آهي. هڪ ٻئي شخص بصري جي جاحظ جو حوالو ڏيندي چيو ته قرآن جوهر آهي ۽ جوهر هر قسم جي شڪل، انساني يا حيواني وٺي سگهي ٿو. اهو خيال ظاهري طرح ان نظرئي مطابق آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قرآن جا ٻه رخ آهن. ان تي فرج وڏي تفصيل سان سچي عقيدي جو تفسير پيش ڪيو. هن چيو ته قرآن خدا جي صفتن مان هڪ صفت آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن رحم خدا جي هڪ صفت آهي. قران کي نقل ڪيو وڃي ٿو، ان جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي حفظ ڪيو وڃي ٿو. زبان، اسباب ۽ تحرير سڀ جا سڀ انساني فعل آهن: جڏهن ته خود قرآن ازلي، ابدي ۽ اٽل آهي. ابن رشد جنهن ”ريپبلڪ“ جي شرح لکي هئي، ان موقعي تي چئي سگهيو ته پنهنجي افلاطوني نموني تيار ڪيو ويو آهي، پر ان خيال کان ماٺ رهيو ته دينيات جي ڏکين مسئلن جي تهه تائين پهچڻ ابوالقاسم جي وس ۾ ڪونه هو.

ٻين مهمانن جو به اهوئي خيال هو، تنهنڪري هنن ابوالقاسم تي زور وڌو ته هو کين ڪا عقل چرخ ڪندڙ آکاڻي ٻڌائي. دنيا اڳ ۾ ۽ هاڻي به خباثت جو گهر آهي. هت بيشرم ۽ گستاخ به اهڙي ئي آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهن ٿا، جنهن مان عقل جا انڌا- اهي خوشامدي ۽ بدبخت هر ڪنهن ڳالهه سان ٺاهه ڪرڻ جا نڪتا ڳولي ڪڍندا آهن. ابوالقاسم جو حافظو هڪ اهڙي آئيني وانگر هو، جنهن ۾ قبيح ۽ بيحد بزدليءَ جهڙا بي مثال نمونا پکڙيا پيا هئا. هو انهن ماڻهن کي ڪهڙي آکاڻي ٻڌائي؟ پر اهي ماڻهو ضد ڪري ويٺا ته هو جيڪا به ڳالهه ٻڌائي اها عقل چرخ ڪندڙ هجي، جڏهن ته سچ پچ عقل چرخ ڪندڙ شين جو ذڪر ڪرڻ بلڪل ناممڪن آهي. بنگال جو چنڊ يمن جي چنڊ جهڙو ڪونهي، جيتوڻيڪ يار ٻنهي جو ذڪر ساڳين لفظن ۾ ڪن ٿا. ٿوري دير ماٺ ڪرڻ کانپوءِ ابوالقاسم ڳالهه هيئن کنئي:

”جيڪو به جدا جدا ملڪن ۽ شهرن مان لنگهندو“، ابوالقاسم ڪوڙي گرمجوشيءَ سان اعلان ڪيو، ”ان کي ڪيترين ئي ذڪر لائق شين جي ڏسڻ جو وجهه ملندو. مثال طور: هن واقعي کي ئي ڏسو. مون ان جو ذڪر هڪ ڀيرو اڳ به ڪيو آهي ۽ اهو به ترڪن جي بادشاهه جي درٻار ۾. اهو واقعو مون ڪينٽون ۾ ڏٺو هو، ٺيڪ ان هنڌ جتي آب حيات درياهه سمنڊ ۾ ڪري ٿو.“

فرج پڇيس ته: ”ڇا اهو شهر ديوارِ چين کان ڪي ٿورا ميل پرتي ته ڪونهي، جيڪا اسڪندر ذوالقرنين ياجوج ماجوج جي حملي کان بچڻ لاءِ ٺهرائي هئي؟“

”ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڊگهو وارياسو پٽ آهي.“ ابوالقاسم بيقرار گستاخيءَ سان جواب ڏنو، ”ان ديوار جي منارن جي ويجهو پهچڻ ۾ ئي پورا چاليهه ڏينهن لڳن ٿا ۽ وڌيڪ چاليهه ڏينهن خود ديوار تائين پهچڻ ۾ ٿا لڳن. سڄي صين ڪلان (ڪينٽون) ۾ مون کي هڪ به ماڻهو اهڙو نه مليو جنهن ڪڏهن اها ديوار ڏٺي هجي يا وري جيڪڏهن پاڻ نه ڏٺي هجيس ته ڪنهن ٻي اهڙي شخص کي ئي ڄاڻندو هجي، جنهن اها ڏٺي هوندي.“

ايڏي ساري پکيڙ جو خوف پل کن لاءِ ته ابن رشد کي وڪوڙي ويو. هو ٽڪ ٻڌي باغ کي ڏسڻ لڳو، جيڪو ڏاڍو سهڻو ۽ دلفريب هو. اوچتو کيس لڳو ته پاڻ پوڙهو ٿي ويو آهي، بيڪار، غير حقيقي. ابوالقاسم چيو پئي:

”هڪ ٻنپهرن جو صين ڪلان جا مسلمان واپاري مون کي هڪ ڪاٺ جي ٺهيل روغني گهر ۾ وٺي ويا، جتي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ اڳ ۾ ئي موجود هو. ان گهر جو بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. گهر ڇا هو، بس هڪ تمام وڏو ڪمرو هو، جنهن ۾ حجرن ۽ ڪنگرن جون قطارون هيٺ مٿي ٺهيل هيون. انهن حجرن ۾ ماڻهن ويٺي کاڌو پيتو. اهوئي حال فرش تي ۽ ٿلهي تي ويٺل ماڻهن جو هو. ٿلهي تي ڪيترائي ماڻهو طبلي ۽ ستار جهڙو ڪو ساز وڄائڻ ۾ رڌل هئا. باقي ڪن ويهارو کن ماڻهن، جن جا منهن ڪرمچي رنگ جي نقابن سان ڍڪيل هئا، عبادت ٿي ڪئي، راڳ ٿي ڳاتا ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ٿي ڪيون. اهي ماڻهو قيد ڪاٽي رهيا هئا، پر ڪمال اهو ته قيدخانو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو. هنن گهوڙيسواري پئي ڪئي، پر گهوڙا ڪنهن کي به نظر نه ٿي آيا. هنن جنگ پئي ڪئي، پر سندن هٿن ۾ ترارن جي بدران بانسن جا لڪڙا هئا، اهي فرش تي ڪرندي ئي مري ٿي ويا پر وري اٿي کڙا ٿي ٿيا!“

”اهي ته چرين جهڙيون حرڪتون چئبيون.“ فرج چيو: ”عقلمند اهڙي بيوَقوفيءَ جي باري ۾ سوچي به نٿا سگهن.“

”اهي نه چريا هئا ۽ نه بيوَقوف.“ ابوالقاسم کي لاچار وضاحت ڪرڻي پئي. ”اصل ۾ هنن هڪ آکاڻيءَ جو تمثيل پئي ڏيکاريو. اها ڳالهه مون کي هڪ واپاري ٻڌائي.“

پر ڪنهن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ڪنهن به ان کي سمجهڻ جي خواهش يا ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ ابوالقاسم ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ بدران ورچي هڪٻئي جي پٺيان سمجهه ۾ نه ايندڙ تشريحون ڪرڻ لڳو. هن هٿن جو استعمال ڪندي چيو:

”ايئن سمجهو ته ڪو ماڻهو آکاڻي ٻڌائڻ جي بدران آکاڻي ڏيکاري رهيو آهي. وري فرض ڪريو ته اها آکاڻي اصحاب ڪهف جي باري ۾ آهي. اسين ڏسون ٿا ته اهي غار ۾ واپس پيا اچن، وري اهو ته اهي عبادت مان واندا ٿي سمهڻ جي لاءِ ليٽي پيا آهن. ننڊ جي حالت ۾ به سندن اکيون کليون پيون آهن. وري اسين ڏسون ٿا ته سندن ننڊ ڊگهي ٿيندي پئي وڃي. وري پورن ٽي سؤ نَون ورهين کانپوءِ اسين هنن کي ننڊ مان سجاڳ ٿيندي ڏسون ٿا. اهي جنت ۾ سجاڳ پيا ٿين، ۽ هنن سان گڏ سندن ڪتو به سجاڳ پيو ٿئي. اهو سڀڪي اسين پنهنجي اکين جي اڳيان ٿيندي پيا ڏسون. بس اهڙي ئي قسم جي ڪا ڳالهه ان ٻپهريءَ جو ٿلهي تي ويٺل انهن ماڻهن ڏيکاري هئي.“

”ڇا انهن ماڻهن ڪا ڳالهه ٻولهه به ڪئي ٿي يا گونگا هئا؟“ فرج پڇيو.

”ڇو نه، واهه جو پئي ڳالهايائون.“ ابوالقاسم- جنهن لاچار ٿي هڪ اهڙي تماشي جي تائيد ٿي ڪئي، جيڪو کيس پوريءَ طرح ياد به نه پئي آيو ۽ جنهن کي ڏسڻ وقت سندس ذهن ۾ مونجهاري واسو ڪيو هو، چيو، ”هنن ڳالهايو به، ڳايو به ۽ پڇاڙيءَ جو به ڪي چيو.“

اهڙيءَ صورت ۾ ويهن ماڻهن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ فرج چيو. ”رڳو هڪڙو ماڻهو ئي ڏکئي ۾ ڏکي ۽ منجهيل ڳالهه کي ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي.“

اهو ٻڌي سڀني فرج جي ڳالهه کي صحيح چيو. هاڻي عربي زبان جي فصاحت جي واکاڻ ڪئي ويئي. چيو ويو ته اِها زبان اُها آهي جنهن ۾ خدا ملائڪن کي هدايت ڏيندو آهي. ان کانپوءِ عربي شاعريءَ جي خوبين تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موضوع تي گهڻي غور فڪر ڪرڻ بعد عبدالمالڪ پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته دمشق ۽ قرطبہ جا اهي شاعر جيڪي ڳوٺاڻي زندگيءَ مان ورتل خيالن ۽ بدوي زبان کي استعمال ڪرڻ بيحد ضروري سمجهن ٿا، اهي وڏا دقيانوسي هوندا آهن. هن ايئن به چيو ته اها هڪ بنهه اجائي ڳالهه آهي جڏهن ڪو شخص، جنهن جي اڳيان وادي الڪبير درياهه پنهنجي ايڏي ساري ڪشادگيءَ سان وهندو هجي، اهو ڪنهن کوهه جي بيٺل پاڻيءَ جا قصيدا چوي. هن پراڻن ۽ مدي خارج استعارن ۾ مناسب ڦيرگهير ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٺيڪ آهي ته جڏهن انساني تقدير کي زهير هڪ انڌي اُٺ سان تشبيهه ڏني هئي تڏهن ان صنعت جي نواڻ ٻڌندڙن کي ضرور حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هوندو. پر لاڳيتو پنجن صدين جي انهيءَ حيرت، تعجب جي چشمي کي ئي خشڪ ڪري ڇڏيو هو. ان قول کي به موجود ماڻهن ڏاڍو ساراهيو. هنن به اڪثر ڪري اهائي ڳالهه ٻڌي هئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي واتان، پر ابن رشد پنهنجي ئي خيالن ۾ ماٺ ڪيو ويٺو هو. جڏهن گهڻو وقت ٿي ويو تڏهن آخرڪار هن ڳالهايو، پر ايئن ٿي محسوس ٿيو ته هن ٻين کان وڌيڪ خود پنهنجي لاءِ ئي پئي ڳالهايو.

”البت گهٽ فصاحت پر ٿورو گهڻو اهڙي ئي قسم جي دليلن سان مون پاڻ به ان قول جي پٺڀرائي ڪئي هئي، جنهن لاءِ هن وقت عبدالمالڪ جو خيال به ساڳيو ئي آهي. اسڪندريہ ۾ اهو عقيدو عام آهي ته ڏوهه ڪرڻ ان شخص جي وَس ۾ ڪونهي، جيڪو ڏوهه ڪري ۽ پوءِ ان کان توبهه ڪري چڪو هجي. ساڳيءَ طرح غلطيءَ کان پاڪ هجڻ جي معنى اهائي آهي ته ماڻهو پهرين غلطي ڪرڻ جو اقرار ڪري. پنهنجي معلقي ۾ زهير چوي ٿو ته ڏک، درد ۽ عظمت سان ڀرپور انهن اَسي ورهين ۾ مون ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي ته تقدير اوچتو ڪنهن انڌي اُٺ وانگر انسان کي ڏاڍي بيرحميءَ سان پنهنجي پيرن ۾ لتاڙي ان جو انت آندو آهي. عبدالمالڪ جو خيال آهي ته اڄ ان شعري صنعت ۾ حيرت ۽ تعجب جي ڪابه ڳالهه باقي نه بچي آهي. ان اعتراض جا به ڪيترائي جواب ڏئي سگهجن ٿا: پهريون اهو ته جيڪڏهن ڪنهن نظم جو اصل مقصد رڳو حيرت يا تعجب کي اڀارڻو آهي ته ان نظم جي عمر کي سوين سال ته ڇڏيو، ڏينهن، بلڪ ڪلاڪن يا شايد گهڙين ۾ ماپي سگهجي ٿو؛ ٻيو ته ڪوبه نامي گرامي شاعر ايجاد ڪرڻ وارو گهٽ ۽ معلوم ڪرڻ وارو وڌيڪ هوندو آهي. برجہ، جو ان اشراف جي واکاڻ ۾ چيو ويو آهي ۽ هر هر چيو ويو آهي، ته اڪيلو هو ئي اهو تصور ڪري سگهيو ٿي ته فجر جي وقت تارا ڏاڍي هلڪي رفتار سان ڪرندا آهن، بلڪل هو ئي اهو تصور ڪري سگهيو ٿي ته فجر جي وقت تارا ڏاڍي هلڪي رفتار سان ڪرندا آهن، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن وڻ مان هوريان هوريان پن ڇڻ ٿيندي آهي. پهرين ته حقيقت ايئن نه آهي، ۽ جيڪڏهن هجي به ها، يعني تارن ۽ وڻن جي پنن جي ڪرڻ ۾ سچ پچ هڪجهڙائي هجي ها، ته به هڪ شعري صورت جي حيثيت سان اها هڪجهڙائي ڪنهن به ڪم جي نه ٿي رهي. اهڙي صورت (تشبيہ) جيڪا رڳو هڪ ئي ماڻهوءَ جي قبضي ۾ اچي سگهي، ڪنهن به طرح ٻين تي اثر ڪري نٿي سگهي. دنيا ۾ بي شمار طرح طرح جون شيون ڏسجن ٿيون، انهن مان ڪابه ڪنهن ٻئي جهڙي چئي سگهجي ٿي، پر تارن کي پنن جي ويجهو آڻڻ بنهه ڏاڍائي آهي ۽ ايتري بي اصولي ڳالهه جيئن انهن جي ڀيٽ مڇين ۽ پکين سان ڪئي وڃي. ان جي ابتڙ، اهڙو ماڻهو ورلي ڪو ملندو، جنهن ڪڏهن نه ڪڏهن اهو نه محسوس ڪيو هجي ته تقدير ڏاڍي شڪي، بدمزاج ۽ بيوَقوف به ٿئي ۽ ڏاڍي معصوم ۽ غير انساني پڻ. ان يقين هيٺ- ۽ اهو يقين ٿوريءَ دير لاءِ ٿي سگهي ٿو ۽ لاڳيتو به، پر ان کان بچڻ ممڪن ڪونهي- زهير پنهنجو ذڪر ڪيل شعر چيو هو ۽ هن جيڪي به چيو آهي، اُهو ان کان وڌيڪ سهڻي نموني ۾ ڪڏهن به چئي نه سگهيو. انهيءَ کانسواءِ (۽ جيڪي آءٌ هاڻ چوڻ وارو آهيان، اهو منهنجي فڪر جو نچوڙ آهي) وقت جيڪو ڪوٽ ڪيرايو وجهي، شعر کي مالامال ڪريو ڇڏي، ان جي قيمت ۽ قدر وڌائي ٿو. جڏهن زهير عربي زبان ۾ اهو شعر چيو هو ته ان جي وسيلي ٻه صورتون هڪ ٻئي جي عين آمهون سامهون اچي بيٺيون هيون. هڪ صورت ته انڌي اُٺ جي هئي ۽ ٻي تقدير جي. اڄ ان جي ورجاءَ سبب نه رڳو زهير جي ياد تازي ٿئي ٿي، پر اسان جا ڏک سور به ان مرحوم عرب شاعر جي ڏکن سورن ۾ ملي هڪ ٿي وڃن ٿا. ان صنف جا ان وقت ٻه حصا هئا، اڄ چار ٿي ويا آهن. وقت شعر جي حدن کي پکيڙيو ڇڏي. مون کي ڪي شعر اهڙا به ياد آهن، جن ۾ سڀني ماڻهن جي لاءِ موسيقيءَ جهڙو تاثير آهي. مثال طور: ڪيترا سال اڳ مراڪش ۾ مون کي قرطبہ جي يادن بيقرار ڪري ڇڏيو هو. مون کي انهن شعرن جي جهونگارڻ ۾، جيڪي عبدالرحمــــٰـن رصافہ جي باغن ۾ ڪنهن آفريقي کجيءَ جي وڻ کي خطاب ڪندي چيا هئا، ڏاڍو اطمينان ۽ سڪون محسوس ٿيندو هو. اهي شعر هنن مصراعن سان شروع ٿيا ٿي:

تون به اي کجور جا وَڻ

ان ڪناري تي اوپرو آهين...

حقيقت ۾ اهائي شعر جي بيمثال خوبي ٿئي ٿي؛ يعني ته اهي لفظ جيڪي هڪ بادشاهه اوڀر جي آرزو ۾ چيا هئا، انهن ڄڻ ته منهنجي صورتحال جي ترجماني ٿي ڪئي، جڏهن آءٌ آفريقا ۾ جلاوطن، اندلس جي ياد ۾ ڦٿڪي رهيو هوس.

ان کانپوءِ ابن رشد قديم شاعرن- يعني اسلام جي اچڻ کان اڳ واري زماني جي شاعرن- جو ذڪر ڪندي خيال ظاهر ڪيو ته شعر ۾ جيڪي به چئي سگهجي ٿو، اهي شاعر اڳ ۾ ئي چئي چڪا آهن ۽ اهو به ريگستان جي ازلي ابدي زبان ۾. ابن اشرف جي نمائشي شوق کي نظر ۾ رکندي- ۽ اهو بي سبب نه هو- ابن رشد ان پاسي به اشارو ڪري ڇڏيو ته سموري شاعريءَ جو نچوڙ ته بس انهن قديم شاعرن وٽ ۽ قرآن ۾ به اچي ويو آهي، وري هن ڪنهن نئين ڳالهه چوڻ جي هوس تي ناراضپو ڏيکاريندي چيو ته اها نه رڳو جاهلن جهڙي حرڪت آهي پر هڪ اجائي ٻٽاڪ پڻ. ٻيا مهمان ڏاڍي مزي سان ابن رشد جا قول ٻڌندا رهيا، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ هن انهن جي وسيلي روايت جي حمايت پئي ڪئي.

جڏهن ابن رشد ٻيهر پنهنجي گهر ڪٽنب خاني ۾ داخل ٿيو ته ان وقت شهر جي ٻانگن هر طرف مومنن کي فجر جي نماز لاءِ پئي سڏيو. (حرم ۾ ڀنڀن وارن واريون ٻانهيون، ڳاڙهن وارن وارِي هڪ غلام ڇوڪريءَ کي بيدرديءَ سان مار ڏئي رهيون هيون، پر ابن رشد کي ان واقعي جي خبر ٻنپهرن کان اڳ نه ملڻي هئي). انهن ٻن چڱو خاصو منجهائيندڙ لفظن جو مفهوم هاڻي ٿورو ٿورو ابن رشد تي ظاهر ٿي ويو، تنهنڪري هن قلم هٿ ۾ کڻي ڏاڍي ڌيرج ۽ مضبوطيءَ سان مسودي ۾ هيٺين سٽن جو واڌارو ڪيو:

”ارسطو قصيدن کي ”الميو“ جو نالو ڏئي ٿو ۽ هجو/ سِٺِ ۽ ٻين سڀني برين ۽ خراب ڳالهين کي ”طربيو“ سڏي ٿو. قرآن، نهايت ذڪر قابل ۽ المين ۽ طربين جو مجموعو آهي، بلڪل ساڳيءَ طرح حرم جا ”معلقات“ به آهن.“

ابن رشد جي اکين ۾ ننڊ ڀرجي آئي هئي ۽ هن پنهنجي بدن ۾ ٿوريءَ ٿڌاڻ کي به محسوس ڪيو. مٿي تان پڳ لاهي هن هڪ ڌاتوءَ جي ٺهيل آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏٺو. مون کي ڄاڻ ڪانهي ته انهن اکين اتي ڇا ڇا ڏٺو ۽ اهو ان ڪري به ته اڄ تائين ڪنهن به تاريخدان سندس خط و خال جو نقشو نه چٽيو آهي. البت مون کي اها خبر ضرور آهي ته ابن رشد اک ڇنڀ ۾ الوپ ٿي ويو، ڄڻ ته اُلي کان خالي باهه جو ڪو زوردار جهولو ڏسندي ئي ڏسندي کيس ڳڙڪائي ويو. ابن رشد سان گڏ اهو گهر نظرن کان لڪي ويو. ڦوهارو، ڪتاب، مسودا، ڪبوتريون، ڀنڀن وارن واريون ٻانهيون ۽ ڳاڙهن وارن وارِي ڦٿڪندڙ لڇندڙ غلام ڇوڪري، فرج، ابوالقاسم، گلاب جا ٻوٽا ۽ شايد وادي الڪبير درياهه. سڀيئي پل کن ۾ الوپ ٿي ويا.

مٿي ذڪر ڪيل قصي ۾ مون هڪ شڪست جي واقع ٿيڻ واري عمل کي لفظن ۾ جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سڀ کان اڳ مون کي ڪينٽر بري جي ان پادريءَ جو خيال آيو، جيڪو خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ جي دعوى ڪندو هو، پوءِ انهن ڪيمياگرن ڏانهن خيال ويو جن پارس پٿر جي ڳولا ٿي ڪئي. ان کانپوءِ مون انهن ماڻهن بابت ويچاريو جيڪي اجايو هڪ ڪنڊ کي ٽن هڪ جيترن حصن ۾ ورهائڻ ۽ گول کي چورس ڪرڻ وارا هئا. انهن سڀني کانپوءِ مون سوچيو ۽ مون کي ان شخص جو معاملو بيحد پرڪشش، شاعراڻو ۽ معصوماڻو نظر آيو، جيڪو اهڙي مقصد کي پنهنجو آدرش سمجهي ٿو، جنهن کي ٻيا ته سولائيءَ سان حاصل ڪري سگهن ٿا، پر هو پاڻ نه ٿو ڪري سگهي. مون کي ابن رشد ياد آيو، اهو ابن رشد جيڪو اسلام جي دائري ۾ رهڻ سبب ”الميہ“ ۽ ”طربيہ“ جهڙن لفظن کان ڪڏهن به واقف نه ٿي سگهيو. مون آکاڻي ٻڌائي ڇڏي. جيئن جيئن آءٌ ان آکاڻيءَ جي جدا جدا تهن کي ڏسندو هليس ته مون کي بلڪل اهو محسوس ٿيو، جيڪو ان خدا کي محسوس ٿيو هوندو، جنهن هڪ مسخري جي چوڻ مطابق ڍڳي کي خلق ڪرڻ جي بدران کڻي مينهن کي تخليق ڪيو! مون کي بنهه محسوس ٿيو ته اهو ڪم مون تي ٺٺولي پيو ڪري ۽ اهو به ته سواءِ ان ڄاڻ جي ته ٿيٽر ڇا ٿيندو آهي. ابن رشد جو ڊرامي جي باري ۾ تصور ڪرڻ ايترو ئي اجايو هو، جيترو منهنجو، رنان، لين ۽ آسين پلاسيوس کان ورتل ڪن ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن جي آڌار تي ابن رشد جو تصور ڪرڻ. آخري صفحي تائين پهچندي پهچندي مون کي اهو چڱيءَ طرح احساس ٿي ويو هو ته منهنجو بيان ان ماڻهوءَ جو علم هو جيڪو لکڻ وقت خود هن کي به هو؛ ٻيو ته هن آکاڻيءَ کي لکڻ جي لاءِ ضروري هو ته آءٌ اهوئي ماڻهو ٿي پوان ۽ اهو ته اهڙي ماڻهو ٿيڻ لاءِ هن آکاڻيءَ جو لکڻ منهنجي لاءِ ضروري ٿي پيو. وقس علي هـــٰذا. (جنهن گهڙيءَ منهنجو ابن رشد تان ڀروسو کڄڻ لڳي ٿو، عين ان گهڙيءَ هو جهٽ غائب ٿيو وڃي.)

(محمد عمر ميمڻ جي اردو ترجمي تان)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com