سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :6

O’Leary ايئن به لکي ٿو ته:

”دروزي فرقي جو باني دراصل حمزه هو ۽ درازي سندس اوائلي پوئلڳن مان هڪ هو.“[1]

انهن وضاحتي راين کانپوءِ ايئن چئبو ته دروزي فرقي جو بنياد، الحاڪم جي وفات (411هه-1021ع) کان فقط ٽي سال اڳ پيو هو. هن بيان کانپوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي انهيءَ دعوا ۾ ڪابه تاريخي صداقت نظر نٿي اچي، جنهن موجب هو لکي ٿو:

”چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي انهن مقامي عرب رياستن جي اميرن تي مصر جي فاطمي حڪمرانن جي حامي مبلغن جو اثر پيو ۽ منجهانئن ڪي قرمطي، دروزي يا اسماعيلي عقيدن ڏانهن راغب ٿيا. سومره جي پٽ راڄپال ڏي دروزي داعيءَ جي لکيل خط مان تصديق ٿئي ٿي ته سومره جو پيءُ، ڏاڏو يا ٻيا وڏا رشتيدار دروزي فاطمي عقيدن ڏانهن مائل ٿيا هئا. سومره جو پٽ البت اهڙن عقيدن کان پٺيرو ٿي ويو هو، جنهن ڪري ان خط ۾ سندن وڏن جي يادگيري ڏياري ويئي ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ترغيب ڏني ويئي.[2]

دروزي فرقي جو مصر جي فاطمي خلافت سان الحاڪم جي زندگيءَ تائين يعني فقط ٽي سال واسطو رهيو. الحاڪم جي حڪومت 386هه (996ع) کان شروع ٿي ۽ 411هه (1021ع) ۾ ختم ٿي، جڏهن ملتان جي حڪومت محمود غزنويءَ 401هه (1010ع) ۾، ختم ڪئي. انهيءَ ڪري ايئن ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته الحاڪم پنهنجي حڪومت جي آخري سالن ۾، 408هه (1017ع) کانپوءِ پنهنجي دروزي داعيءَ هٿان ابن سومره راڄپال کي سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت واپس قائم ڪرڻ لاءِ همٿايو هوندو، جڏهن ته ان وقت يعني 408هه ۾ منصوره ۾ خفيف سومري، هڪ اسماعيلي سردار جي حڪومت قائم هئي. درحقيقت الحاڪم پنهنجي دور حڪومت ۾ ئي، 401هه (1010ع) ۾ ملتان واري اسماعيلي حڪومت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ، هڪدم سنڌ جي سومري سردار کي خط لکي، سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ اُڀاريو هوندو، ڇوته ان وقت منصوره ۾ اسماعيلين جو ڪافي تعداد موجود هو. سومري سردار، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ منصوره ۾، 401هه (1010ع) ۾، اسماعيلي حڪومت قائم ڪئي.

”دروزين جو ملتان جي اسماعيلين سان رتي ماتر به واسطو ڪونه هو، ڇوته هي فرقو (دروزي) يارهين صدي عيسويءَ جي پهرئين ڏهاڪي ڌاري وجود ۾ آيو.“[3]

ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ به هن راءِ جو آهي ته:

”ملتان جي اسماعيلين جو قرمطين سان ڪوبه واسطو ڪونه هو، ڇوته اذان ۾ ”حيَّ علي خيرالعمل“ لفظن جي پڙهڻ مان ايئن ٿو واضح ٿئي ته ملتان توڙي سنڌ جي اسماعيلين جو قرمطين سان ڪوبه واسطو ڪونه هو.“[4]

سيد سليمان ندويءَ جو رايو هت پيش ڪجي ٿو:

”ملتان ۾ جيڪي اسماعيلي اقتدار ۾ آيا هئا، اهي ڪهڙي فرقي سان تعلق رکندا هئا. اهي فاطمي اسماعيلي شيعا هئا. انهن جو مرڪز مصر هو. ڪن مورخن انهن کي قرمطي لکيو آهي، پر قرمطي فرقي وارا، مصر جي فاطمي خليفن کي نالي ماتر سردار تسليم ڪندا هئا ۽ ملتان وارا مصر جي فاطمي خليفن کي مڃيندا هئا. بشاري مقدسيءَ جهڙو مذهبي عالم پڻ انهن کي شيعا ۽ فاطمين جي اثر هيٺ لکي ٿو.“[5]

بهرحال مٿي بيان ڪيل حقيقتن مان اهو ته واضح ٿو ٿئي ته ملتان ۽ منصوره ٻه ڌار ڌار حڪومتون هيون ۽ انهن جا حاڪم به ڌار ڌار هئا. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو رايو آهي ته ”جنهن زماني ۾ ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت جو جاهه ۽ جلال هو، تنهن زماني ۾ منصوره ۾ پڻ اسماعيلين جو اثر رسوخ قائم ٿي رهيو هو.“[6]

ڊاڪٽر پٺاڻ بشاري مقدسيءَ جي حوالي سان لکي ٿو:

”منصوره جي هباري حاڪم، شيراز جي بُــــوَحد خاندان جي حاڪم سان پنهنجا لاڳاپا قائم ڪيا هئا. بُـــــوَحد حاڪمن جو لاڙو مصر جي فاطمي خلافت ڏانهن هو.“[7]

ڊاڪٽر زاهد علي لکي ٿو ته:

”اتر- آفريڪا ۾ فاطمي حڪومت جي قيام (297هه/ 909ع) کان اڳ، ”دورِ ستر“ واري زماني ۾ اسماعيلي داعي ٽن ملڪن، جهڙوڪ: يمن، هند ۽ سنڌ ۾ پرچار لاءِ موڪليا ويا. سنڌ ۾ اسماعيلي تحريڪ جي شروعات انهيءَ دور ۾ ٿي چڪي هئي. عمان ۽ بحرين جي اسماعيلين جي سنڌ ۾ اچ- وڃ وڌي وڃڻ سبب، هت اڪثر علائقن ۾ اسماعيلي تحريڪ پکڙجي چڪي هئي، خاص ڪري منصوره ۾ هي ماڻهو گهڻي تعداد ۾ آباد ٿي چڪا هئا.“[8]

ملتان ۾ اسماعيلين خلاف وٺ پڪڙ ۽ سندن نسل ڪشيءَ واري رَوش سبب يقيناً ڪي اسماعيلي ڪٽنب ڊپ، هراس ۽ خوف وچان ملتان مان نڪري، منصوره طرف ويا هوندا، ڇوته جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته منصوره ۾ اسماعيلي عقيدي کي هزارين ماڻهو اختيار ڪري چڪا هئا. هو خاموشيءَ سان پنهنجي پرچار ۽ تبليغ جو ڪم جاري رکندا آيا.

سيد سليمان ندوي، ظفر ندوي ۽ ٻيا مؤرخ پڻ هن راءِ جا آهن ته ملتان ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ، اسماعيلين منصوره طرف ڌيان ڏنو هوندو ۽ نيٺ منصوره تي قبضو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون. هن ڏس ۾ محمد حسين پنهور صاحب جو خيال آهي ته:

”اهو ممڪن آهي ته ملتان ۾ اسماعيلين جي شڪست کانپوءِ، منصوره اسماعيلي تحريڪ جو مرڪز بنجي چڪو هو. اهي (اسماعيلي) منصوره ۾ گڏ ٿيا ۽ هباري حڪومت جو خاتمو آندائون.“[9]

منصوره تي اسماعيلين ڪڏهن قبضو ڪيو، ان متعلق ڪابه صحيح معلومات ۽ پڪي تاريخ جو پتو نٿو پوي، ڇوته اسماعيلي حڪومت جي خلاف، مختلف دورن ۾ جيڪي حملا ٿيا، انهن حملن دوران نه فقط شهرن کي تباهه ڪيو ويو، نه فقط اسماعيلي عقيدتمندن جو قتلام ڪيو ويو، پر انهن جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ، انهن جا قائم ڪيل ڪتب خانا پڻ ساڙي ڀسم ڪيا ويا[10]. هن سلسلي ۾ منصوره متعلق ڊاڪٽر ناظم، ابن اثير جي حوالي سان، جيڪو رايو ڏنو آهي، سو هوبهو هيٺ ڏجي ٿو. ڊاڪٽر ناظم لکي ٿو:

”سلطان محمود، منصوره تي ڪاهيو. منصوره جو ڪرمتي حاڪم درياهه پار ڪري ڀڄي ويو ۽ کجين جي هڪ جهنگ ۾ وڃي لڪو. سلطان جي فوج جي سپاهين هن جو پيڇو ڪيو. هن جو گهيرو ڪيو ويو ۽ هن جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ختم ڪيو ويو.“[11]

ڊاڪٽر ناظم اڳتي لکي ٿو:

”سلطان محمود، منصوره جي حاڪم جي مسلمان رعيت جي مذهبي عقيدن تي بندش وڌي. هڪ آفيسر مقرر ڪيائين ته هو اهڙن سڀني ماڻهن کي سزائون ڏي، جيڪي اسماعيلي عقيدي جي پيروي ڪندا هجن. سلطنت اندر باطني ۽ ڪرمتي عقيدي رکڻ وارن کي موت جون سزائون ڏيڻ جو حڪم صادر ڪيائين. انهن کي گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو ۽ انهن مان جن اسماعيلي عقيدي کي ترڪ ڪرڻ لاءِ هاڪار نٿي ڀري، تن کي ظالماڻي طريقي سان اذيتون ڏيئي، يا ته قتل ٿي ڪيو ويو يا ته کين جيئري ئي ٻرندڙ باهه جي مچ ۾ اڇلايو ٿي ويو.

نه فقط ايترو، پر اسماعيلي مذهب جي عقيدن ۽ تاريخ متعلق جيڪي ڪتاب هئا ۽ يا جيڪو به علم ۽ ادب موجود هو، تنهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ۽ اهو سارو مواد باهه ۾ ساڙي خاڪ ڪيو ويو.“[12]

هينري ڪزنس جي خيال موجب: ”ٽڙيل پکڙيل ٽامي جي سڪن ۽ قيمتي ڌاتن جي موجود نه هجڻ مان ايئن ٿو محسوس ٿئي ته شهر تي حملو ڪيو ويو ۽ ان کي ڦُريو ويو هو ۽ ماڻهن کي عام قتلام ڪيو ويو هو.“[13]

منصوره تي 375هه (986ع) تائين ته هباري خاندان جي حڪومت جا ثبوت ملن ٿا. اها به مڃيل حقيقت آهي ته منصوره، ملتان جي حاڪم جي ماتحت نه هو. ٻئي حڪومتون آزاد هيون[14]. اهو به بيان ڪري چڪا آهيون ته ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت جو خاتمو 401هه (1010ع) ۾ ٿيو. ابو ظفر ندويءَ جي راءِ موجب منصوره تي اسماعيلين جو قبضو 375هه (986ع) ۽ 401هه (1010ع) جي وچ ۾ ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن سلطان محمود ملتان تي فتح کانپوءِ سڀني ضلعن ۽ قلعن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ پنهنجا والي موڪليا، تڏهن منصوره تي به ضرور پنهنجو والي مقرر ڪري ها[15]، پر ان وقت منصوره جي حڪومت آزاد هئي. بشاري مقدسي سندس بيان ۾، 375هه (986ع) ۾، اهلِ منصوره جي سني هجڻ جي شاهدي ڏئي ٿو.[16]

هن سلسلي ۾ ابو ظفر ندويءَ جي راءِ پٽاندر، منصوره تي اسماعيلين جي قبضي جي سلسلي ۾ ٻه صورتون نظر اچن ٿيون. پهرين صورت موجب ممڪن آهي ته 376هه (986ع) کان وٺي 396هه (1005ع) جي وچ واري پرامن زماني ۾، اسماعيلين منصوره ۾ اهڙو انقلابي قدم کنيو هجي، جيئن ملتان ۾ کنيو هئائون؛ پر منصوره واري اسماعيلي حڪومت، ملتان واري اسماعيلي حڪومت جي ماتحت نه، پر ان کان الڳ هجي، يعني ته اسماعيلين جون ٻه ڌار ڌار حڪومتون هجن، هڪ ملتان ۾، ۽ ٻي منصوره ۾. انهيءَ ڪري محمود غزنويءَ جي ملتان تي حملي جو منصوره تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو.[17]

ٻي صورت هيءَ آهي ته 401هه (1010ع) ۾، جڏهن محمود غزنويءَ ملتان تي قبضو ڪيو ۽ دائود بن نصر کي گرفتار ڪري غزني وٺي آيو، تڏهن اسماعيلين، سلطان محمود جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجي منتشر طاقت کي وري گڏ ڪيو هجي ۽ خفيف سومري جي اڳواڻيءَ هيٺ، منصوره تي قبضو ڪري ورتو هجي، ڇوته هباري خاندان ان وقت ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ ان خاندان جي حڪومت جي ڪجهه حصن تي ٻيا قبضو ڪري چڪا هئا.[18]

مولائي شيدائي جي راءِ موجب:

”هبارين جي حڪومت 401هه (1010ع) تائين منصوره تي قائم رهي ۽ پوءِ قرامة (اسماعيلي) مٿس قبضو ڪيو.“[19]

مولائي شيدائي اڳتي لکي ٿو ته:

”ممڪن آهي ته اهي هباري ڦري اسماعيلي ٿيا هجن.“[20]

سيد سليمان ندوي، ابن خلدون جي حوالي سان لکي ٿو:

”سلطان محمود، هباري امير کان منصوره جي حڪومت کسي.“[21]

سيد صاحب، ابن اثير جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

”سن 375هه (986ع) کانپوءِ هباري خاندان جي سني حاڪم جو خاتمو آڻي، اسماعيلين منصوره تي قبضو ڪيو، ڇوته بشاري مقدسيءَ جي بيان موجب ان دور ۾ ملتان ۾ فاطمي خليفي جو نالو خطبي ۾ پڙهيو ويندو هو. اسماعيلين، ملتان سان گڏ سنڌ ۾ به پنهنجي حڪومت ڪئي، جنهن کي سلطان محمود 416هه (1025ع) ۾ ختم ڪيو.“[22]

ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ لکي ٿو:

”عباسي حڪومت جي زور ٽٽڻ ۽ فاطمي خلافت جي قائم ٿيڻ جو اثر ٻين حڪومتن سان گڏ سنڌ جي حڪومت تي به ٿيو. سنڌ ۾ منصوره جي هباري خاندان جي حاڪمن پڻ مصر جي فاطمي حڪومت طرف لاڙو ڏيکاريو ۽ هباري خاندان جي منصوره جي آخري حاڪم فوري طور تي فاطمين جي روحاني اثرن کي پڻ قبول ڪيو، پر مصر سان لاڳاپن وڌائڻ لاءِ پهرين واپاري ناتا قائم ڪيائون. ساڳئي وقت هباري حڪومت منصوره واري سلطنت اندر فاطمي حڪومت جي قاهره سڪي کي پڻ رائج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ اهو سڪو سڄي هباري حڪومت ۾ قبول ٿي ڪيو ويو.“[23]

ڊاڪٽر پٺاڻ ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”ايئن سمجهڻ مناسب ٿيندو ته سلطان محمود جي اقتدار ۾ اچڻ وقت، فاطمي خليفن جا عيوضي ملتان ۽ منصوره ۾ پنهنجو مضبوط اثر قائم ڪري چڪا هئا.“[24]

ساڳئي سلسلي ۾ محمد حسين پنهور لکي ٿو:

”هباري خاندان جي آخري ۽ پنجين نمبر حڪمران جو نالو علي بن عمر هباري هو، جنهن منصوره ۾ وفات ڪئي[25]. هن حاڪم جي وفات کانپوءِ خفيف سومرو 401هه (1010ع) ۾ منصوره جو حڪمران بڻيو.“[26]

مرحوم سيد حسام الدين شاهه راشديءَ جي لکت موجب:

”هباري خاندان جي آخري حاڪم؟ ابن علي ابن عمر الهباريءَ جي حڪومت 401هه (1010ع) تائين رهي، ۽ اُن کانپوءِ خفيف سومرو منصوره جو حاڪم بڻيو، جنهن 416هه (1025ع) تائين حڪومت ڪئي.“[27]

ڊاڪٽر ناظم پڻ منصوره تي محمود غزنويءَ جي حملي وقت، منصوره جي حاڪم جو نالو خفيف لکي ٿو، جنهن کي هو ڪرمتي مذهب جو حاڪم بيان ڪري ٿو.[28]

بهرحال هن ساري بحث مان نتيجو هي ٿو نڪري ته 401هه (1010ع) ۾ ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آيو، ساڳئي سال يعني 401هه (1010ع) ۾ منصوره ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ٿي، جيڪا 416هه (1025ع) تائين هلي، جنهن جو مرڪز مصر ۾ هو. انهيءَ سلسلي ۾ مشهور مؤرخ ايليئٽ، پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “History of India” ۾ ابن اثير جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”416هه (1025ع) ۾ سلطان محمود غزنوي، سومناٿ تي حملي کانپوءِ موٽندي، سنڌ جو رستو ورتو. هن منصوره جو قصد ڪيو، ڇوته هتي جو والي اسلام کان ڦري ويو هو. جڏهن منصوره جي واليءَ کي، سلطان محمود جي اچڻ جي خبر پيئي، تڏهن هو شهر مان نڪري ويو ۽ پنهنجن ڪجهه ساٿين سان گڏ وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺو. سلطان اُن جو پيڇو ڪيو، ۽ اُن تي حملو ڪيائين. ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترا درياهه ۾ ٻڏي ويا. سلطان محمود، اُتان پوءِ ڀاٽيه کان ٿيندو غزني هليو ويو.“[29]

هن ڏس ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو:

”سوال هي آهي ته اسلام کان ڦري وڃڻ ۽ مُرتد ٿي وڃڻ جي معنى ڇا آهي؟ جيڪڏهن هن حملي کي عام مسلمانن جي نظر ۾ صحيح ۽ سچو ثابت ڪرڻ لاءِ منصوره جي حاڪم کي مُرتد مشهور نه ڪيو وڃي ها ته اُن زماني جي محاوري مطابق اُن جي معنى هيءَ ٿيندي ته ملتان وانگر منصوره جو حاڪم به شايد اسماعيلي هو، نه ته اُن حملي کان 41 سال اڳ بشاري مقدسيءَ جي شاهديءَ مان منصوره جي ماڻهن جو، سني فرقي جو هجڻ، بلڪ اهل حديث جي هجڻ جي شاهدي موجود آهي. بهرحال اُن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته منصوره جو حاڪم اسماعيلي هو، جنهن جو خاتمو سلطان محمود غزنويءَ 416هه (1025ع) ۾ آندو.“[30]

سيد صاحب اڳتي لکي ٿو:

”ابن اثير جي بيان مان ظاهر آهي ته سلطان محمود، جنهن امير هٿان منصوره جي حڪومت کسي، اُن جي متعلق سلطان کي اهو معلوم ٿيو هو ته هُو مُرتد ٿي ويو هو، جنهن جي ٻي معنى هيءَ آهي ته هُو اسماعيلي ٿي ويو هو.“[31]

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته منصوره جو اهو اسماعيلي حاڪم، جنهن کي سلطان محمود 416هه (1025ع) ۾ شڪست ڏيئي، منصوره تي قبضو ڪيو هو، اُن اسماعيلي حاڪم جو نالو خفيف هو ۽ هُو ذات جو سومرو هو[32]. ڊاڪٽر ناظم، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، محمد حسين پنهور، ابو ظفر ندوي، سيد سليمان ندوي ۽ سيد حسام الدين راشدي اُن حاڪم جو نالو خفيف لکن ٿا[33]. ڊاڪٽر ناظم خفيف کي ڪرمتي حاڪم ڄاڻايو آهي[34]، پر ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، محمد حسين پنهور، سيد سليمان ندوي، ابو ظفر ندوي ۽ سيد حسام الدين شاهه راشدي منصوره جي حاڪم کي خفيف سومرو ۽ اسماعيلي عقيدو رکندڙ سڏين ٿا.

محمد حسين پنهور لکي ٿو:

”ايئن ٿو ظاهر ٿئي ته محمود غزنويءَ، منصوره کي انهيءَ ڪري تباهه ڪيو، جو اُتي عوام ڪرمتي فرقي ۾ داخل ٿي چڪو هو.[35]

پنهور صاحب اڳتي لکي ٿو:

”ديوان فرخي (ص 74) ۾ منصوره جي حاڪم جو نالو خفيف ڄاڻايل آهي. هي حاڪم سومرا خاندان جي حڪومت جو باني پڻ هو. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته 335هه (86-985ع) ۽ 396هه (6-1005ع) جي وچ ۾ شيخ ابوالفتح دائود بن نصر جي قيد ٿي وڃڻ کانپوءِ، سومرا (اسماعيلي)، هباري خاندان جي آخري حڪمران جو تختو اونڌو ڪري منصوره جا حاڪم بڻيا.“[36]

ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پڻ لکي ٿو:

”هن حقيقت کي قبول ڪرڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سومرا، جيڪي اسماعيلي عقيدو قبول ڪري چڪا هئا، تن ڏکڻ سنڌ ۾ عربي حڪومت کي ڪمزور ڏسي، اُن تي قبضو ڪري ورتو. خفيف جيڪو منصوره جو حاڪم هو، ۽ جنهن جي وقت ۾ محمود غزنويءَ منصوره تي حملو ڪيو هو، سو يقيناً سومرو هو، ڇوته تحفة الڪرام ۾ سومرا خاندان جي حڪمرانن جي نالن جي فهرست ۾ خفيف جو نالو پڻ اچي ٿو.“[37]

سنڌ جي تاريخن ۾ خفيف نالو سومرن حاڪمن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي نٿو اچي. تاريخ معصوميءَ ۾ خفيف جو نالو نائين نمبر تي هن ريت آهي:[38]

”سومرو، ڀونگر، دودو، تاري، سنگهار، همون، ڦتو، خيرو ۽ خفيف، جيڪو خيري جو جاءِ نشين بڻيو.“

منتخب التواريخ موجب سومرن حاڪمن جي فهرست ۾ خفيف جو نالو ڇهين نمبر تي ٿو اچي. هن تاريخ موجب سومرن حاڪمن جي نالن جي فهرست هن ريت آهي:[39]

”سومرو (445هه ۾ تخت تي ويٺو)، ڀونگر بن سومرو (461هه ۾ وفات ڪيائين)، دودو بن ڀونگر (وفات 485هه)، تاري، سنگهار، خفيف (سنگهار جو سالو، هن 536هه ۾ وفات ڪئي). هن ڪتاب ۾ 17 نمبر تي خفيف جو نالو ٻيهر آيو آهي.

تحفة الڪرام ۾ خفيف جو نالو پنجين نمبر تي آيو آهي ۽ اهو نالو محمود غزنويءَ جي دور کان ڪافي پوءِ اچي ٿو.[40]

انهن تاريخن ۾ خفيف جي نالي جي تقابلي مطالعي مان هيئن ٿو ظاهر ٿئي، ته جنهن خفيف سومري منصوره تي 401هه (1010ع) کان 416هه (1025ع) تائين حڪومت ڪئي، سو ڪو ٻيو خفيف سومرو هو، جنهن جو ذڪر مٿي ڏنل تاريخن ۾ ڪونه ڪيو آهي ۽ ممڪن آهي ته سومرن سنڌ تي ٻيهر قبضو ڪري 1051ع کان پنهنجي حڪومت ٻيهر قائم ڪئي هجي، جا 1351ع تائين هلي.

سيد سليمان ندوي توڙي ابو ظفر ندويءَ سنڌ جي سومري سردار ڏانهن موڪليل اُن خط جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مصر جي فاطمي خليفي الحاڪم (386هه/ 996ع-411هه/ 1021ع) کيس موڪليو هو[41]. عام طور ايئن سمجهيو ويندو آهي ته دروزين جي امام (الحاڪم) اهو خط ابن سومر راڄپال کي لکيو هو، جنهن 1051ع ۾ ٺريءَ ۾ سومرن جي حڪومت قائم ڪئي هئي. هن ڏس ۾ مٿي ٻن ڳالهين جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. پهرين ڳالهه موجب الحاڪم جي زماني (386هه/ 996ع-411هه/ 1021ع) جي وضاحت ڪئي ويئي آهي، ۽ ٻي ڳالهه هيءَ ته دروزي فرقو 408هه ۾ وجود ۾ آيو.

حقيقت ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته الحاڪم جي حڪومت جو زمانو 411هه (1011ع) ۾ ختم ٿي چڪو هو، انهيءَ ڪري اهو ممڪن ٿي نٿو سگهي ته الحاڪم ابن سومر راڄپال کي 1051ع ۾ خط لکيو هوندو، پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هن (الحاڪم) پنهنجي حڪومت واري زماني ۾، 401هه (1010ع) ۾، ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪدم سنڌ ۾، اسماعيلي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ، سنڌ جي اسماعيلي سومري سردار کي خط لکي اُڀاريو هوندو، ۽ جنهن کي پاڻ ابن سومر جي نالي سان مخاطب ٿيو هو، ۽ راڄپال جو خطاب ڏنو هوندائين، ان وقت سنڌ ۾ اسماعيلين جو مرڪز منصوره هو، ۽ اُن اسماعيلي سومري سردار (خفيف) منصوره ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هوندي.

مٿي بيان ڪيل سنن جي اڀياس مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته الحاڪم ۽ منصوره جو حاڪم، خفيف سومرو ٻئي هڪ ٻئي جا همعصر هئا. الحاڪم جي خط جو متن هي آهي:

”ملتان ۽ هندستان جي اهلِ توحيد جي نالي عام طور ۽ شيخ[42] ابن سومر راڄپال جي نالي خاص ڪري. اي معزز راڄپال! پنهنجي خاندان کي سجاڳ ڪر. موحدين کي ۽ دائود اصغر کي سچي دين ۾ واپس آڻ، جنهن کي مسعود قيد ۽ غلاميءَ مان آزاد ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ته تون اُن فرض کي پورو ڪري سگهين، جو توکي اُن جي ڀاڻيجي عبدالله ۽ ملتان جي سڀني ماڻهن جي خلاف پورو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي؛ انهيءَ لاءِ ته تقديس ۽ توحيد جي مڃڻ وارا جهالت، ضد، سرڪشي ۽ بغاوت واري جماعت کان ممتاز ٿي وڃن.[43]

هن خط ۾ مسعود بن محمود غزنويءَ جو نالو آيو آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته محمود غزنويءَ جي وفات 423هه ۾ ٿي هئي. ان وقت الحاڪم پڻ وفات ڪري چڪو هو، ۽ سندس فرزند ’طاهر‘ مصر جو فاطمي خليفو هو. خط يقيناً 411هه (1021ع) کان هر صورت ۾ اڳ جو لکيل آهي، ڇوته 411هه (1021ع) ۾ الحاڪم وفات ڪري چڪو هو.

بهرحال هن خط مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته جنهن سومري سردار کي اهو خط لکيو ويو هو، سو يقيناً خفيف سومرو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن 401هه (1010ع) ۾ منصوره ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ڪئي، جا 416هه (1025ع) تائين يعني الحاڪم جي وفات (411هه/ 1021ع) کانپوءِ پنج سال وڌيڪ قائم رهي.

هت اهو واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته ملتان واري دائود اصغر ۽ منصوره جو حاڪم خفيف سومرو به ٻئي هڪٻئي جا همعصر هئا. دائود ملتان جو رهاڪو هو ۽ فاطمي خليفي جنهن سومري سردار کي خط لکيو هو ۽ شيخ جو خطاب ڏنو هو، اهو سنڌ جو رهاڪو هو.

هڪ ٻي ڳالهه واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته ملتان وارو دائود اصغر ۽ منصوره جو حاڪم خفيف سومرو به ٻئي هڪٻئي جا همعصر هئا. دائود ملتان جو رهاڪو هو ۽ فاطمي خليفي جنهن سومري سردار کي خط لکيو هو ۽ شيخ جو خطاب ڏنو هو، اهو سنڌ جو رهاڪو هو.

هڪ ٻي ڳالهه واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ته فاطمي خليفي (الحاڪم) جو خط سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود (وفات 444هه/ 1052ع) جي ڪمزور حڪومت جي زماني ۾ سومري سردار کي لکيو ويو هو، ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته اهو خط الحاڪم جي زماني ۾ هرگز ڪونه موڪليو ويو هوندو، جنهن (الحاڪم) 411هه/ 1021ع ۾ وفات ڪئي هئي، پر جيئن دائود اصغر جو ذڪر آيو آهي، جيڪو خفيف جو همعصر هو.

هڪ ٻيو اهم نقطو هي به آهي ته سومرن جي حڪومت جو واسطو ملتان سان نه رهيو آهي، پر سومرن جي حڪومت جو واسطو فقط سنڌ سان رهيو آهي. ان وقت ملتان ۽ سنڌ ٻه الڳ الڳ ۽ مستقل رياستون هيون. مٿي فاطمي خليفي (الحاڪم) جي خط مان صرف اهو معلوم ٿئي ٿو ته ملتان جو امير، ابوالفتح دائود ۽ سنڌ جو سومرو سردار ٻئي هڪ ئي مذهب جا پيروڪار هئا ۽ ابوالفتح دائود جي زوال ۽ قيد ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي سومري سردار کي، مصر جي فاطمي خليفي طرفان شيخ جو خطاب ڏيئي، سنڌ جي اسماعيلين جو سردار مقرر ڪيو ويو هو.

426هه (1015ع) ۾، منصوره جي اسماعيلي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ، ظاهري طرح اسماعيلين جي حڪومت سنڌ ۾ ختم ٿي ويئي، پر مصر سان سندن روحاني لاڳاپا قائم رهيا، ڇوته مصر جي فاطمي حڪومت جو اهو قائدو هوندو هو ته جتي به ظاهري طرح سندن حڪومت ڪانه هوندي هئي، اتي مرڪزيت قائم رکڻ لاءِ مذهبي عمال ضرور موڪليا ويندا هئا يا مقامي ماڻهن کي مذهبي خطاب ڏيئي، اتي جو حاڪم تسليم ڪيو ويندو هو.

هن سڄي بحث مان نتيجو هي ٿو نڪري ته جلم بن شيبان جي ملتان تي قبضي 372هه (982ع) کان 401هه (1010ع) تائين ملتان تي اسماعيلي حڪومت رهي. سلطان محمود غزنويءَ ابوالفتح دائود کي شڪست ڏيئي، ملتان تي قبضو ڪيو ۽ اتي اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آندو. ملتان ۾ پنهنجي حڪومت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ، اسماعيلين ساڳئي سال (401هه/ 1010ع) خفيف سومري جي سرداريءَ هيٺ منصوره تي قبضو ڪيو، جتي 416هه (1025ع) تائين حڪومت ڪيائون ۽ نيٺ سلطان محمود غزنويءَ، منصوره تي حملو ڪري، سنڌ ۾ پڻ اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آندو.

تاريخ مان معلوم ايئن ٿو ٿئي ته سلطان محمود جي وفات (423هه/ 1031ع) کانپوءِ اسماعيلين ملتان تي وري قبضو ڪيو هو. هن سلسلي ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو:

”423هه (1031ع) ۾ سلطان محمود جي پٽ سلطان مسعود جي زماني ۾ ملتان اسماعيلين جو مرڪز هو ۽ ايئن ٿو معلوم ٿئي ته غزنوين جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، ملتان تي اسماعيلين وري قبضو ڪيو هو، ڇوته سلطان شهاب الدين غوري جي زماني ۾ ملتان ۾ اسماعيلين جي حڪومت هئي. نيٺ 572هه (1176ع) ۾ سلطان شهاب الدين غوريءَ قبضو ڪري، اسماعيلي حڪومت جو هميشہ لاءِ خاتمو آندو.“[44]

بهرحال سنڌ جي باري ۾ ڪجهه وثوق سان چئي نٿو سگهجي، پر جڏهن سنڌ ۾ اسماعيلي دعوت جو اڀياس ڪجي ٿو ۽ فاطمي خليفي جي خط ۾ مسعود جي نالي تي غور ڪجي ٿو، تڏهن ايئن ٿو معلوم ٿئي ته هي خط الحاڪم جي وفات (411هه/ 1021ع) کانپوءِ محمود غزنويءَ جي پٽ مسعود جي زماني ۾ سنڌ جي سردار کي موڪليو ويو هو. هن مان ايئن ٿو ظاهر ٿئي ته محمود غزنويءَ جي وفات (423هه) کانپوءِ اسماعيلين ملتان ۽ سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت وري قائم ڪئي هئي. ايئن ٿو معلوم ٿئي ته 1051ع (443هه) ۾ جن سومرن جي حڪومت قائم ٿي هئي، اهي پڻ اسماعيلي هئا. هن سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوبه تاريخي ثبوت نٿو ملي، پر هن سلسلي ۾ اسماعيلي مبلغن پير نورالدين، پير نصيرالدين، پير شهاب الدين ۽ پير صدرالدين طرفان ڪيل تبليغ ۽ سندن گنانن جو مطالعو وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿو، پر انهن گنانن جو اڃا اهڙو مطالعو ٿيو ئي نه آهي ۽ اهڙي مطالعي جي گهڻي ضرورت آهي.

 

ببليوگرافي

 

سنڌي ڪتاب

(1) خواجه غلام علي الانا: ”ناصر خسرو ايراني“، حيدرآباد، اداره سلسله حقيقت، 1961ع، ص ص 20-21.

(2) مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“، تصحيح ۽ حواشي سيد حسام الدين شاهه راشدي، 1971، ص 624.

(3) علي ڪوفي: ”چچنامو“، تصحيح ۽ حواشي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو ٽيون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، ص ص 156، 290، 298، 396 ۽ 397.

(4) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع، ص 147.

(5) مير معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ.

(6) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”سومرن جو دور“، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع، ص ص 237، 239 ۽ 292.

 

اردو ڪتاب

(1) ابن حوقل: ”المسالک الممالک“، اردو ترجمہ، هندوستان عربون کي نظر مين، جلد اول، اعظم گڙهه، دارالمصنفين، 1960، ص 4.

(2) اصطخري: ”المسالک الممالک“، ايضاً، ص 365.

(3) بشاري المقدسي: احسن التقاسيم في معرفة الاقاليم، ايضاً، ص ص 384، 391، 392، 393 ۽ 399.

(4) بلاذري: فتوح البلدان، ايضاً، ص 112.

(5) خردازبہ: ”المسالک و الممالک“، ايضاً، ص 144.

(6) زاهد علي، ڊاکڻر: ”تاريخ فاطميانِ مصر“، کراچي، نفيس اکيڊمي، 1963ع، ص ص 80، 81 ۽ 85.

(7) سيد ابو ظفر ندوي: ”تاريخ سندهه“، اعظم گڙهه، مطبع معارف، 1947ع، ص ص 150، 151، 255، 256، 257، 265 اور 278.

(8) سيد سليمان ندوي: ”عرب و هند ڪي تعلقات“، الله آباد، هندوستاني اکاديمي يوپي، 1930ع، ص ص 310، 328، 349، 348، 351.

 

English Books:

(1)  Azim Nanji, “The Nizari Ismaili Traditions in Indo-Pakistan Sub- Continent”, New York, Carvan Books, 1978, p. 34.

(2)  Cousens, H. “Antiquities of Sindh”, Calcutta. 1929, p. 70.

(3) De lacy O’Leary, D.D., “A Short History of Fatmid Caliphate”, London, Kegan Paul, Trench Trubner & Co., 1923, pp. 77, 99, 102, 176 & 177.

(4)  Elliot. H., “The History of Sindh” (being Vol. 1 of Elliot’s History of India), Karachi, Karim Sons, 1976, pp. 236 & 370.

(5)  Ibid, “The Arabs in Sindh” (Appendix) Vol. 111, Part 1 of the History of India by its own Historians, Cape Town, Sons Soloman, George Street, 1853. p. 59.

(6)  Harris, J.R., “The Legacy of Egypt”, Oxford, Oxford University Press, 1971, p. 469.

(7)  Hamdani, “Ismaili Propaganda and Fatmid Rule in Sindh”, an article published in Islamic Culture, Vol. XXIII, No. 4, Hyderabad Deccan, October 1949, p. 298.

(8)  Hitti, p., “History of Arabs”, London, McMillan & Co. Ltd, 1961. p. 628.

(9)  Khan, F.A., “Mansurah”, an article, p. 114.

(10)  Lambrick, H.T., “History of Sindh”, Vol. II, Hyderabad, Sindhi Adabi Board, 1973, p. 72.

(11)  Minosky, V., “Hudud-al-Alam”, Karachi, Indus Publishers, 1980, p. 372.

(12) Mumtaz Hussain Pathan, Dr., “Arab Kingdom of Al-Mansurah”, Jamshoro, Institute of Sindhology, 1974. pp. 70 & 96.

(13)  Ibid, “History of Sindh, Arab Period”, Jamshoro, Sindhi Adabi Board, pp. 390, 392.

(14)  Muhammad Nazim, Dr., “The Life and Time of Mahammad of Ghazna”, Lahore, Khalil & Co., 1973, pp. 120, 160.

(15)  Panhwar, M.H., “Chronological Dictionary of Sindh”, an article published in Sindh quarterly, Vol. IV, No. 4, 1976, pp. 102, 103, 104 & 105.

(16)  Picklay, A.S., “History of Ismailis”, Bombay, 1940, p. 6.

(17)  Sachau, “Kitab-al-Hind”.

(18)  Stern, S.M., “The Early Ismaili Missionaries in North-West Persia, in Khurasan and Transoxania”, an article published in BSOAS.


 


[1] Ibid

[2] نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”سومرن جو دور“. ص 292.

[3] Mumtaz Hussain Pathan, Dr. “History of Sindh” Arab Period, Op. cit, p. 390

[4] Ibid, p. 391

[5] سيد سليمان ندوي: ص 316.

[6] Mumtaz Hussain Pathan, Dr. “History of Sindh” Arab Period, Op. cit, p. 392

[7] Mumtaz Hussain Pathan, Dr. “History of Sindh” Arab Period, Op. cit, p. 392

[8] زاهد علي ڊاڪٽر: ”تاريخ فاطمين مصر“، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 85.

[9] Panhwar, M.H. “Chronological Dictionary of Sindh”. An article published in Sindh Quarterly, p. 105.

[10] Hitti, P: “History of Arabs”, London, Mc Millan & Co: Ltd.

Also See: Picklay, A.S: “History of Ismailies” 1961, p. 628.

Bombay, 1940, p. 6.

Also See: Harris J.R: “The Legacy of Egypt” Oxford, Oxford University Press, 1971, p. 469.

[11] Muhammad Nazim, Dr. “The Life and time of Sultan Muhammad of Ghazna”, Lahore, Khalil and Co: 1973, p. 120.

[12] Idid, p. 160.

[13] Cousens, H. “Antiquities of Sindh”, Culcutta, 1929.

[14] ابو ظفر ندوي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 270.

[15] ايضاً: ص 271.

[16] بشاري مقدسي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 384 ۽ 388.

[17] حوالو- 2، ص 271.

[18] ابو ظفر ندوي: ص 271.

[19] مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، ص 147.

[20] ايضاً.

[21] سيد سليمان ندوي: حوالو ڏنل آهي، ص 351.

[22] ايضاً، ص ص 348 ۽ 350.

[23] Mumtaz Hussain Pathan, Dr: “Arab Kingdom of Al-Mansura”, Op. cit., pp. 112 & 139.

[24] Ibid, “History of Sindh, Arab Period”, Op. cit. p. 392.

[25] حقيقت ۾ هباري خاندان جو آخري حڪمران علي بن عمر نه پر هي حاڪم عليءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو سيد حسام الدين راشديءَ نه ڏنو آهي: پر هن دور جي سڪن ۽ مهرن مان ان حاڪم جو نالو محمد بن علي ملي ٿو، جنهن کانپوءِ خفيف سومرو منصوره جو حاڪم بڻيو. حڪمرانن جي نالن لاءِ ڏسو:

”تحفة الڪرام“، تصحيح ۽ حواشي سيد حسام الدين راشدي، 1971ع، ص 624.

[26] Panhwar, M.H. “Chronological Dictionary of Sindh”, an article published in Sindh Quarterly, Vol: IV, No. 4, 1976, p. 102.

[27] تحفة الڪرام 1971ع، ص 624.

[28] Muhammad Nazim, Dr., Op. cit., p. 120.

[29] Elliot, H., “The Arabs in Sindh” (appendix) Vol III, Part I of the History of India by its own Historians, Cape Town, George Street, 1853, p. 59.

[30] سيد سليمان ندوي: ص 350.

[31] سيد سليمان ندوي: ص 350.

[32] ابوظفر ندوي: ص ص 273 ۽ 274. ظفر ندويءَ سلطان محمود جي درٻاري شاعر حڪيم فرخي سيوستانيءَ جي ان قصيدي جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هن سلطان محمود جي فتح جي خوشيءَ ۾ لکيو هو. هي شاعر سلطان محمود سان، منصوره واري حملي وقت گڏ هو. هن پنهنجي قصيدي ۾ منصوره جي حاڪم جو نالو خفيف لکيو آهي.

[33] Muhammad Nazim, Op. cit,

See: Dr. Pathan, Op. cit, p.

See: Panhwar. M.H., Op. cit, p.

See: Sayed Suleman Nadvi, Op. cit, p.

See: Abu Zafar Nadvi, Op. cit., pp. 273, 274.

تحفة الڪرام، ص 624.

[34] Muhammad Nazim, Op. cit., p. 221.

[35] Panhwar, M.H., Op. cit., pp. 103 & 104.

[36] Panhwar, M.H., Op. cit., pp. 103 & 104.

[37] Mumtaz Hussain Pathan, Dr., Op. cit, p. 393.

[38] مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ.

[39] منتخب التواريخ.

[40] تحفة الڪرام.

[41] سيد سليمان ندوي: ص ص 325 ۽ 352 ۽ ابو ظفر ندوي: ص 28.

[42] اُن زماني ۾ اسماعيلي امام طرفان جماعت جي سربراهه کي شيخ جو خطاب ڏنو ويندو هو. امام طرفان لقبن جو رواج هن وقت به آهي، پر هينئر ٻيا لقب ڏنا ويندا آهن.

ڏسو: ظفر ندوي: ص 28.

[43] سيد سليمان ندوي: ص ص 353 ۽ 353. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته سومره جي پٽ راڄپال ڏي دروزي داعيءَ جي لکيل خط مان تصديق ٿي ٿئي ته سومره جو پيءُ، ڏاڏو يا ٻيا رشتيدار دروزي، فاطمي عقيدن ڏانهن مائل ٿيا هئا. سومره جو پٽ البت اهڙن عقيدن کان پٺيرو ٿي ويو هو، جنهن ڪري خط ۾ کيس سندس وڏن جي يادگيري ڏياري ويئي ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ترغيب ڏني ويئي.

ڏسو: نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”سومرن جو دور“، سنڌي ادبي بورڊ، ص 292.

[44] سيد سليمان ندوي، ص 325.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com