مقالا
مولانا محمد شفيع، سنڌ جي تاريخي آثارن جي بربادي
۽ زبون حالي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ لکيو آهي
ته جيتري حفاظت ٿيڻ کپندي هئي، سان ڪانه ٿي آهي ۽
اها پڻ شڪايت ڪئي اٿس ته محڪمه آثار قديمه کان کيس
انهن آثارن متعلق ڪا ڄاڻ ڪانه ملي.
اها ڳالهه مولانا اڄ کان ڇٽيهه سال اڳ لکي آهي،
ليڪن هيءَ صورتحال پاڪستان بنجڻ کان پوءِ به
ساڳيءَ طرح قائم آهي، سواءِ انهن چند هنڌن جي، جي
ٻاهرين مهمانن کي ڏيکارڻا پوندا آهن، باقي تاريخي
آثار ڪسمپرسي ۽ناگفته به حالت ۾ پيا آهن. هر نئون
اچڻ وارو ڏينهن انهن جي تباهي ۽ برباديءَ لاءِ
وڌيڪ سامان پيد ڪري ٿو. پاڪستان جو ڪوبه خطو اهڙو
ناهي، جتي اسان جي تاريخ جا نقش موجود نه هجن، خاص
طرح سنڌ جي ته ڪنڊ ڪڙڇ اسلامي آثارن ۽ تاريخي
عمارتن ۽ ان طرح جي آثار مِلي سان ڀري پئي آهي،
جنهن جو مولانا ذڪر ڪيو آهي. رهيو آثار قديمه وارن
جو تاريخ سان معلومات جو حال، سو ممڪن آهي ته اڄ
به ان معيار ۽ سطح تائين نه پهتو هجي، جنهن جو
متقاضي مولانا جو علم هو يا ٻين اهل علم ۽ اهل
تحقيق جي ضرورتن جو تعلق آهي.
زنده ۽ خود دار قومن ۾ تاريخ ۽ تمدن جي تحفظ ۽
نگهداشت لاءِ وزارتون هونديون آهن، عالمن جون
ڪميٽيون هونديون آهن، جتي ملازمت يا پروموشن جي
پيماني جي قطعاً گنجائش نه هوندي آهي ۽ ڏٺو هي
ويندو آهي ته علم ڪيترو آهي، ۽ دلي لڳاءَ جي ڇا
صورتحال آهي؟
- سيد حسام الدين راشدي
[برک عالم خانبهادر پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع
جي ڪتاب
”صناديدِ سنڌ“ جي مهاڳ مان ورتل اقتباس. جنوري
1970]
ملتان ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي تحريڪ ۽ منصوره تي
اسماعيلي حڪومت
ڊاڪٽر غلام علي الانا
منصوره، برهمڻ آباد ۽ دلور، اهي ٽيئي نالا اڄ به
سنڌ ۾ بحث جو موضوع بنيل آهن. ڪجهه سال اڳ (1963ع
ڌاري) جڏهن آءٌ چيڪو سلوواڪيا جي پراگ يونيورسٽيءَ
جي پرفيسر ۽ اردو زبان ۽ ادب جي ماهر ۽ استاد،
ڊاڪٽر يان مارڪ ۽ ان جي اهليه کي، منصوره جا کنڊر
ڏيکارڻ وٺي ويس، تڏهن شهدادپور کان 9 ميل اڳتي،
جمڙائو واهه جي ڪنڌيءَ تي پهچڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن
کان جڏهن منصوره جي ڦٽل آثارن جي باري ۾ پڇا
ڪئيسين تڏهن ڪير به ٻڌائي نه سگهيو ته منصوره جا
ڦٽل آثار ڪٿي آهن، پر پوءِ جڏهن ائين پڇيوسين ته
دلور ڪٿي آهي ته ماڻهن هڪدم دلور جي دڙن جو ڏس
ڏنو، جيڪي ٿورو پري کان ڏسڻ ۾ پئي آيا؛ البت ڪن
ماڻهن انهن دڙن کي برهمڻ آباد به ٿي سڏيو. مطلب ته
منصوره جو نالو ٿورن سالن اندر پڙهيل طبقي ۾ مشهور
ٿيو آهي، پر اڃا تائين مقامي ماڻهن جي زبان تي اهو
نالو نه چڙهيو آهي ۽ مقامي ماڻهو انهن آثارن کي
اڃا تائين ”دلور جو ڀڙو“ يا ”برهمڻ آباد“ سڏين ٿا.
منهنجي هن مقالي جو واسطو دلور يا برهڻ آباد جي
نالن جي وضاحت يا انهن آثارن جي مقرر هنڌ يا ڪنهن
جاءِ سان نه، پر منصوره جي سياسي ۽ سماجي تاريخ
سان آهي. هن سلسلي ۾ آءٌ ايترو ضرور عرض ڪندس ته
برهمڻ آباد شهر جو بنياد منصوره جي قيام کان صديون
اڳ، سنڌ ۾، ايران جي ساساني گهراڻي جي حڪومت جي
زماني ۾ پيو هو.
اهو ته هر ماهر قبول ڪري ٿو ته سنڌ ۽ ايران جا
لاڳاپا نهايت ئي قديم رهيا آهن. اها به مڃيل حقيقت
آهي ته ايران جي بادشاهه دارا اعظم پهرين (518
ق-م-486 ق-م)، 19-518 ق-م ۾ حملو ڪري، سنڌ کي
پنهنجي سلطنت ۾ ملائي ڇڏيو[1]. اڳتي هلي چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ساساني گهراڻي جي حڪمرانن جا
اولهه-هند جي حڪمرانن سان، دوستانا لاڳاپا رهيا.
بهرام گور، 440 – 420ع ۾ سنڌ تي حڪمراني ڪئي[2].
نوشيروان (579-531ع) سنڌ کي ايران سان ملائي ڇڏي ۽
سندس پوٽي، خسرو پرويز (626-610ع) جا ڏکڻ- هند جي
حڪمرانن سان عهدناما ٿيل هئا ۽ دوست هجڻ جي ڪري هڪ
ٻئي ڏانهن سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا هئا[3].
ساساني گهراڻي جي حاڪم ’گشتاسپ‘ واديءِ سنڌ جي
حڪومت، پنهنجي پوٽي ’بهمن‘ جي حوالي ڪئي، جيڪو
ايران جي تاريخ ۾ بهمن اردشير دراز دست جي لقب سان
مشهور آهي[4].
بهمن سنڌ ۾ بهمنوا نالي شهر اڏايو[5]،
جيڪو پوءِ بهمن آباد/برهمڻ آباد، هلي برهمڻا آباد
۽ برهمڻ آباد جي نالي سان مشهور ٿيو. ايليئٽ جي
راءِ موجب بهمن آباد/
برهمڻ آباد، ايراني بادشاهه بهمن، سنڌ ۾ پنهنجي
حڪومت جي زماني ۾ اڏايو هو[6].
عرب سياحن مان ڪن برهمڻ آباد ۽ منصوره کي هڪ ئي
شهر بيان ڪيو آهي. ياقوت لحموي، همزه جو حوالو
ڏيندي لکي ٿو ته:
”المنصوره، برهمڻ آباد جو ٻيو نالو آهي[7].“
خردازبه جو ذڪر ڪندي ”هندستان عربون کي نظر مين“
جو مترجم لکي ٿو:
”هن (منصوره“) جو پراڻو نالو هنديءَ (سنڌي) ۾
’بهمنوا‘ هو، پر اهل ايران هن شهر کي برهمڻ آباد
چوندا هئا“[8].
ابو اسحاق الاصطخري (10- صدي هجري) لکي ٿو:
”منصوره جو سنڌي زبان ۾ نالو برهمڻ آباد هو، ۽
مهراڻ درياءُ هن جي چوڌاري گهيرو ڪري وهي ٿو“[9].
البيرونيءَ جي راءِ موجب:
”برهمڻ آباد جو اصل نالو بهمنوا آهي. مسلمانن جي
حڪومت جي اوائلي زماني ۾، هن شهر کي برهمڻ آباد
سڏيندا هئا. اهوئي نالو اول مسلمانن ۾ به رائج هو[10].“
ان کان پوءِ ڪن فوجي ۽ سياسي ضرورتن جي ڪري، سنڌ ۾
عربن کي خود پنهنجا شهر آباد ڪرڻا پيا، جن ۾
محفوظہ، بيضا ۽ منصوره وڌيڪ مشهور ٿيا[11].
البيروني وڌيڪ لکي ٿو:
”بنو اُميه جي زماني ۾ اهلِ عرب جي قوت جڏهن ڪمزور
ٿي ويئي ۽ سنڌين انهن کي ساحل طرف هٽائڻ شروع ڪيو،
ان وقت جي عرب والي، حَڪَم بن عوانہ ڪلبي سڀني
عربن کي گڏ ڪري، هڪ جڳهه تي آباد ڪيو ۽ درياءَ پار
هڪ شهر وسايو، جنهن جو نالو محفوظہ رکيائين[12].
حَڪَم سان گڏ محمد بن قاسم جو پٽ عَمر به هو، جو
نهايت بهادر ۽ مدبر حاڪم هو. حَڪم جو سڄو ڪم هي ئي
سر انجام ڏيندو هو. هن سمنڊ جي ڪناري تي، برهمڻ
آباد کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي منصوره جو شهر
آباد ڪيو.“[13]
منصوره جو ذڪر سڀ کان پهرين خردازبہ (650/864ع)
ڪيو هو. هو منصوره جي جڳهه درياءِ سنڌ جو ڪنارو
ٻڌائي ٿو[14].
بلاذري (279هه/892ع) لکي ٿو:
”منصوره جو شهر درياءِ سنڌ جي ٻيءَ ڀر، محمد بن
قاسم جي پٽ عمَر 110 هه / 728ع کان 120 هه/ 737ع
جي وچ ڌاري اڏايو هو.“[15]
ابن حوقل[16]
۽ اصطخري (340 هه/ 951ع)[17]
ٻنهي لکيو آهي ته:
”هي شهر مهراڻ جي ڪناري تي هڪ اهڙيءَ جڳهه تي آباد
ڪيو ويو هو، جتي درياءِ سنڌ جي ڇوڙ کان ٿورو ڦري،
درياءَ مان هڪ شاخ نڪري، اڳتي جلدي ڦيرو کائي، وري
درياءَ ۾ ملي ٿي وڃي.“ اهڙيءَ طرح وچ ۾ ٺهيل ٻيٽ
واري هنڌ تي منصوره جو شهر آباد ڪيو ويو هو، جيڪو
هر طرف کان پاڻيءَ جي وچ ۾ هجڻ سبب حملي کان محفوظ
هو[18].
بشاري مقدسي لکي ٿو:
”هن شهر جا چار دروازا آهن: هڪ جو نالو ناب البحر،
ٻئي جو نالو، باب طوران، ٽئين جو نالو باب السندان
۽ چوٿين جو نالو باب ملتان آهي.“[19]
حدود العالم جي مصنف جي راءِ موجب:
”منصوره جو اصل مقامي نالو برهمڻ آباد هو، جو بهمن
آباد جي بدليل صورت آهي[20].
هن راءِ موجب منصوره جا کنڊرات حيدرآباد کان 47
ميل اتر – اوڀر طرف آهن ۽ منجابري اُن (منصوره) جي
سامهون درياءَ جي ٻيءَ ڀر، ساڄي ڪناري تي آباد آهي
۽ سدوسان، منجابري جي اولهه طرف سهبان (سيوهڻ) جي
وچ تي آهي“[21].
ايليئٽ، بلاذريءَ جي حوالي سان لکي ٿو:
”برهمڻ آباد، منصوره کان ٻه فرسنگ پري هو[22].
هو ساڳئي وقت هن راءِ جو به آهي ته برهمڻ آباد جو
ڳچ حصو منصوره ۾ شامل ٿي ويو ۽ محفوظہ هن جي ڀر ۾
آباد ڪرايو ويو[23].
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ موجب:
”برهمڻ آباد نالي مان ظاهر آهي ته هي اصلي ايراني
نالو آهي. هي شهر غالباً ايران جي بادشاهه بهمن
اردشير جي حڪم سان ٻڌو ويو ۽ انهيءَ لحاظ سان ان
جو اصل نالو بهمن آباد هو[24].
بهمن اردشير پنهنجي وسيع بادشاهيءَ ۾ انهيءَ نالي
سان ئي شهر جوڙايا: هڪڙو بهمن آباد خراسان ۾، جو
”ري“ ۽ نيشاپور درميان هو، ٻيو عراق (سواد) ۾،
جنهن کي پهريائين ’ابيذاردشير‘ جو نالو ڏنو ويو،
مگر پوءِ اهو به ’بهمينا‘ سڏجڻ لڳو. جيئن ته سنڌ
کي به اردشير فتح ڪري پنهنجي بادشاهيءَ هيٺ آندو
هو ۽ سندس حياتيءَ ۾ سنڌ تي هن جا مسلسل گورنر
مقرر ٿيندا آيا، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پڻ سندس نالي
سان شهر ٻڌايو ويو هوندو. انهيءَ جي تصديق مجمل
التواريخ مان ٿئي ٿي، جنهن جو مصنف لکي ٿو ته بهمن
اردشير هن پاسي ٻه شهر ٻڌايا: هڪڙو ترڪن ۽ هندن جي
سرحد نروار ڪرڻ لاءِ قندابيل (گنداوا) ۽ ٻيو
’ٻڌيه‘ جي پرڳڻي ۾ ’برهمڻ آباد‘، جنهن جي نالي سان
هينئر منصوره کي سڏيو وڃي ٿو.[25]
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:
”غالبا گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻ جو دخل ٿيو،
’بهمن آباد‘ نالي کي ڦيرائي، ان کي ’برهمڻ آباد‘
سڏيو ويو. شهر جي نالي جي ڦير، شايد خود برهمڻن جي
دراز تسلط سبب يا سنڌي ٻوليءَ جي مقامي اُچار سبب
وجود ۾ آئي هجي[26].
يارهين عيسويءَ جي شروعات ڌاري به هن شهر جو نالو
’بهمنوا‘ لکيو ويو آهي[27].
ڊاڪٽر بلوچ صاحب البيرونيءَ جي حوالي سان لکيو آهي
ته:
”برهمڻا باد درحقيقت بهمنوا آهي“[28].
بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو:
”چچنامي مان ظاهر آهي ته راءِ گهراڻي جي وقت ۾
برهمڻ آباد، لوهاڻي پرڳڻي جپ مرڪزي شهر ۽ اتي جي
حاڪم، ’اگهم‘ جي گاديءَ جو هنڌ هو[29].
جڏهن محمد بن قاسم هت حملو ڪيو، تڏهن برهمڻ آباد
هو، ايراضيءَ جو مضبوط قلعو هو. شهر هن مضبوط قلعي
اندر هو، جنهن کي چار دروازا هئا ۽ هن شهر جي
اڀرندي پاسي کان جلوالي نالي نهر وهندڙ هئي“[30].
برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
راءِ موجب تڏهن گهٽجي ويئي، جڏهن محمد بن قاسم جي
پٽ عَمر سنڌ جي گورنر، الحڪَم جي ايامڪاريءَ (11
هه/ 729ع- 21-120هه 739ع) ۾، سندس شاندار فتوحات
جي يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو[31]،
جو برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو[32].
جتوڻيڪ هن نئين شهر جو نالو الحَڪَم جي ايامڪاريءَ
۾ ڪيل فتوحات سبب المنصوره رکيو ويو، پر جئين ته
هي نئون شهر هن ساڳئي برهمڻ آباد واري ايراضيءَ
توڙي سڄيءَ سنڌ جو تخت گاهه بنيو، انهيءَ ڪري
مقامي طور سنڌ وارن هن نئين شهر کي به برهمڻ آباد
سڏيو. اصطخري ۽ ابن حوقل به صاف طور لکيو آهي ته
سنڌي زبان ۾ منصوره کي برهمڻ آباد جي نالي سان
سڏيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
”عرب مؤرخن، منصوره جي هن نئين مقامي ٻوليءَ ۾
نالي، برهمڻ آباد ۽ جهوني اصلي برهمڻ آباد (جو در
اصل منصوره کان ٻه فرسنگ پري هو) ۽ جنهن کي محمد
بن قاسم فتح ڪيو هو، ’برهمنا باد قديمتيقہ‘ يا
’برهمناد قديم‘ يعني جهونو برهمڻ آباد ڪري سڏيو“[33].
ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب منصوره ۽ برهمڻ آباد ٻه
جدا جدا شهر هئا. سندن راءِ موجب برهمڻ آباد، نئين
ٻڌايل شهر منصوره کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو،
۽ ٻيو ته ان جي اُڀرندي طرف جلواني ندي وهندي هئي.
موجوده آثار، جن جي آثار قديمه کاتي طرفان کوٽائي
ڪرائي ويئي اهي ۽ جيڪي شهدادپور کان 8 ميل کن
اوڀر- ڏکڻ طرف جمڙائو واهه جي لڳو لڳ اوڀر طرف،
’دلور جو ڀڙو‘ جي نالي سان مشهور آهن، اُهي
درحقيقت عربي شهر، منصوره جا کنڊرات آهن[34].
عرب گورنرن جا لڌل سڪا، ٺڪر جا برتن ۽ سنڌالاجيءَ
جي ميوزيم ۾ موجوده ڪونڊي
(Vase)
جي اڀياس مان ثابت ٿو ٿئي ته اهي آثار عربي شهر جا
آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته ”جهوني برهمڻ
آباد“ هن ڦٽل شهر کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي ڳولڻ
گهرجي[35].
هن جي خيال موجب منصوره جي کنڊرن جي اُتر - اوڀر
طرف، 5-6 ميلن جي مفاصلي (ٻن فرسنگن) تي، ڳاڙهي
ڀڙي جي کنڊرن يا ڏيپر گهانگهري جي ٺل جي اولهه طرف
وارن کنڊرن مان ڪنهن به هڪ جا آثار، ’قديم برهمڻ
آباد‘ جا آثار ٿي سگهن ٿا.
سوال طلب نقطو هي آهي ته جيڪڏهن شهر بلڪل نئون
ٻڌايل آهي ۽ اهو ڪنهن به ٻئي ڦٽل شهر جي کنڊرن
مٿان آباد ڪرايل نه آهي، يا هي شهر ڪنهن ٻئي شهر
جو حصو نه آهي ته پوءِ هنن کنڊرن جي کوٽائيءَ مان
غير مسلم آباديءَ جا آثار، ساڳئي مسلم آباديءَ
وارن تهن يا تهن کان هيٺ ڪيئن هٿ آيا آهن، جن جو
ذڪر آرڪيالاجي کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر ايف–
اي خان ڪيو آهي[36].
بهرحال اڪثر مورخ هن راءِ جا آهن ته منصوره جو شهر
برهمڻ آباد جي آثارن مٿان يا اُن جي ڀر ۾ آباد
ڪرايو ويو هو[37].
درحقيقت هن مقالي ۾ مون کي برهمڻ آباد يا منصوره
جي جاءِ وقوع يا قائم ٿيڻ واري هنڌ تي بحث ڪرڻو نه
آهي، ۽ نه وري اهو ثابت ڪرڻو اٿم ته منصوره ڪڏهن
آباد ٿيو ۽ ڪنهن آباد ڪرايو؟ مون کي هن مقالي ۾ هي
بيان ڪرڻو آهي ته ملتان ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي تحريڪ ۽
تبليغ ڪڏهن شروع ٿي، ڪيئن شروع ٿي ۽ منصوره تي
اسماعيلين ڪڏهن قبضو ڪيو، ۽ ڪيئن قبضو ڪيو؟ اُن تي
ڪيترا سال حڪومت ڪيائون. منصوره تي اسماعيلي حڪومت
واري زماني ۾ مصر ۾ ڪهڙو فاطمي خليفو حڪمران هو؟
منصوره واري اسماعيلي (فاطمي) حڪومت ڪڏهن ختم ٿي ۽
ڪيئن ختم ٿي؟
اها ته هر هڪ کي خبر آهي ته اسماعيلي فرقو، اسلام
جي شيعه فرقي جي هڪ شاخ آهي. هي فرقو سيدنا حضرت
امام جعفر الصادق جي وڏي فرزند، سيدنا حضرت امام
اسماعيل بن حضرت جعفر الصادق جي پوئلڳن جي پٺيان،
اسماعيلي سڏجي ٿو. هن فرقي جي ماڻهن تاريخي لحاظ
کان اسلام جي تاريخ ۾، پنهنجا اهم ۽ تاريخي
ڪارناما ڪيا ۽ پنهنجا لاثاني اثر ڇڏيا آهن. هنن
پنهنجي فڪر ۽ فرقي جي تعليم ۽ تبليغ لاءِ گهڻي
ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجا مبلغ ۽ داعي جدا جدا ملڪن کان
موڪليا. ان وقت جي هم عصر حڪمرانن طرفان ڪيترن ئي،
اسماعيلي تبليغ ۽ تعليم جي مخالفت ڪئي. اسماعيلين
خلاف مهم هلائي وئي، انهن کي ملحد ۽ ڪافر سڏيو
ويو، انهن تي ڪتاب لکرايا ويا، مبلغن ۽ داعين توڙي
سندن ساٿين کي قتل ڪرائڻ جهڙيون ڪوششون ڪيون ويون.
هن ڏس ۾ مشهور اسماعيلي مفڪر ۽ داعي جناب ناصر
خسرو ايراني لکي ٿو:
”ڪجهه مدت کان پوءِ مذهبي خدمتن لاءِ بلخ کان،
خراسان ڏانهن روانو ٿيس. اصفهان کان ٿيندو، پهرين
گيلان ۽ رستمدار مان گهمندو، مازندران ۽ يلغار
ڏانهن رخ رکيم، پر انهن شهرن جي فقيهن مون تي
زندقه ۽ الحاد جا الزام لڳايا، تنهنڪري آءٌ خراسان
مان هليو ويس، پر عالمن اتي به مون کي ڪامياب ٿيڻ
نه ڏنو. ايتري قدر جو حنفي مذهب جا فقيہ منهنجي
(ناصر) خون جا پياسا ٿي پيا[38].“
حضرت ناصر خسرو ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”هڪ ڏينهن آءٌ سير تي نڪتس. مسجدن ۽ مدرسن وٽان
جڏهن لنگهيس، تڏهن ٻڌم ته هر شخص منهنجي نالي تي
لعنت وجهي رهيو آهي ۽ مون کي ڪافر ۽ زنديق جي خطاب
سان ياد ڪيو پيو وڃي.“[39]
تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته اسماعيلي تحريڪ 297 هه
(909ع) تائين، اندروني طور، يعني پس پرده هلي رهي
هئي[40].
نيٺ اسماعيلي عقيدي جي يارهين امام، سيدنا عبدالله
المهدي 297 هه (909ع) ۾ اتر آفريڪا ۾، فاطمي خلافت
۽ سلطنت جو بنياد رکيو[41].
هن حاڪم آهستي آهستي راءِ عامه کي پنهنجو همنوا
بنائي ورتو ۽ پنهنجي دعوت کي ايترو ته مضبوط
بنايو، جو نيٺ قهروان ۽ المهديه ۾ هڪ مضبوط
اسماعيلي فاطمي حڪومت قائم ٿي ويئي[42].
شروع ۾ اسماعيلي فاطمي حڪومت، صرف اتر آفريڪا جي
ڪن شهرن تائين محدود هئي، پر پوءِ غازي جوهر
صِقليءَ سن 358 هه (969ع) ۾ مصر تي قبضو ڪيو[43].هن
القاهره نالي شهر ٻڌايو ۽ پوءِ 361 هه (971ع) ۾
فاطمي حڪومت جو تخت گاهه اتي قائم ڪيو[44].
ان کان پوءِ فاطمي حڪومت جون فوجون زياده ڪاميابي
۽ ڪامرانيءَ سان اڳتي وڌيون.
فاطمي خليفا ۽ امام فقط انهيءَ تي خوش ڪونه هئا ته
هو هڪ وڏي ۽ وسيع سلطنت جا ڌڻي هجن، پر هنن پنهجي
خوشي ان ۾ ٿي سمجهي ته اسلام جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش
ڪجي، ان ڏس ۾ اسماعيلي فڪر ۽ تعليم جو پيغام دنيا
جي ڌار ڌار ملڪن ۽ خطن ۾ پهچائجي. انهيءَ لحاظ کان
هنن پنهنجا داعي ڌار ڌار ملڪن ۽ خطن ڏانهن موڪليا.
اسماعيلي فڪر جي تبليغ ۽ تعليم جا، ان وقت ٻه
طريقا هئا. انهن مان پهرئين طريقي موجب اسماعيلي
سلطنت جي حدن اندر رعيت اسماعيلي فڪر کي تسليم ڪيو
۽ ٻئي طريقي موجب مبلغن ۽ داعين پنهنجي پرچار ۽
تبليغ ذريعي عام ماڻهن کي اسماعيلي فڪر جي دعوت ٿي
ڏني. پوئين طريقي ملتان ۽ منصوره (سنڌ) ۾ اسماعيلي
حڪومتون قائم ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي. اسماعيلي فڪر جا
مبلغ ۽ داعي شروع ۾ پنهنجي تبليغ ۽ پرچار جو ڪم
راز ۾ رکندا هئا ۽ هو پنهنجو مقصد سڌيءَ طرح ظاهر
ڪونه ڪندا هئا، پر ظاهري طور هو واپارين جي ويس ۾
يا سياحن جي صورت ۾ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۽ وسينءَ
وسينءَ گهمندا وتندا هئا ۽ نهايت هوشياري ۽
هوشمنديءَ سان پنهنجي مقصد واري شهر ۾ پهچندا هئا
۽ نهايت ئي رازدريءَ سان خفيه طور پنهنجي دعوت ۽
پرچار جو ڪم ڪندا هئا. ظاهري طور تي هو واپار ڪندا
هئا، يا سياح طور گهمندا هئا ۽ عام ماڻهن سان ميل
جول وڌائيندا هئا ڇو ته جيئن ته اڳ ۾ عرض ڪيو ويو
آهي ته وقت جا ڪي حاڪم ۽ عالم اسماعيلي تبليغ ۽
تعليم جي خلاف هوندا هئا. هن سلسلي ۾ سنڌ ۾ عباسي
خلافت واري زماني ۾، عمر بن حفص جي حڪومت (142
هه/759ع-151هه – 768ع) ۾ حضرت عبدالله الاشتر
علويءَ جو نالو ملي ٿو، جيڪو دراصل اسماعيلي عقيدي
جي اشاعت جي سلسلي ۾، واپاريءَ جو روپ ڌاري منصوره
۾ آيو[45].
سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته:
”منصوره جا ماڻهو مذهبي لحاظ کان، پهرين زياده تر
اهلِ حديث هوندا هئا. مٿن دائودي ظاهري فرقي جو
اثر هو. ٻيا مذهبي فرقا ڪونه هئا؛ بعد ۾ علي والي،
محب سادات به آيا، جن جي دور ۾ شيعا مبلغ منصوره ۾
وارد ٿيا ۽ ساڳئي وقت خارجي رهبر به پهتا، پر انهن
کي ڪاميابي ڪانه ٿي. شيعن کي ڪجهه عرصي تائين
منصوره جي حڪومت به حاصل ٿي.“[46]
سيد صاحب اڳتي لکي ٿو:
”هن سلسلي ۾ شيعا تحريڪ جو علمبردار ۽ مبلغ حضرت
عبدالله الاشتر سڀ کان پهرين منصوره ۾ وارد ٿيو.
ان وقت ابوجعفر منصور عباسيءَ جي خلافت جو زمانو
هو ۽ عمر بن حفص (142 هه/759ع-151هه/768ع) واليءِ
منصوره جو سنڌ ۾ دور هو.“[47]
سيد صاحب جي راءِ پٽاندر:
”حضرت عبدالله الاشتر پهرين پنهنجن ٿورن جان نثارن سان گڏ بصري آيو ۽
اتان سٺا گهوڙا خريد ڪري، واپاريءَ جي ويس ۾ سنڌ
پهتو. ظاهري طور هو گهوڙن جو واپار ڪندو هو، پر
رازداريءَ ۾ هن جي اچڻ جو مقصد هو عباسي خلافت جي
مخالفت ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ ساداتن لاءِ ميدان هموار ڪرڻ.“[48]
منصوره جي والي، عمر بن حفص (عبدالله الاشتر) جو
منصوره پهچڻ تي استقبال ڪيو.پاڻ به کانئس گهوڙا
خريد ڪيائين ۽ منصوره جي باشندن کي به حُڪم ڪيائين
ته ويڪائُو گهوڙا وٽس آڻي حاضر ڪن. عبدالله جي هڪ
ساٿيءَ، منصوره جي واليءَ اڳيان پنهنجو اصل مقصد
ظاهر ڪيو. منصوره جو والي، جيئن ته پاڻ ساداتن جو
طرفدار هو، تنهنڪري هن سندس دعوت قبول ڪئي ۽ سيد
صاحب کي ساٿين سميت شهر ۾ ڪنهن پاسيري جاءِ ۾ رهڻ
جو بندوبست ڪري ڏنائين[49].
ان کانپوءِ عمر بن حفص منصوره جي با اثر ماڻهن کي
گهرائي، ساڻن مشورو ڪيو ۽ آخر ۾ اهو طئه ٿيو ته هڪ
ڏينهن، ڪنهن جمعي رات جو بيعت ورتي وڃي.[50]
ڪجهه عرصي کان پوءِ عبدالله الاشتر جي راز واري ڪم
جي خبر بغداد پهچي ويئي. انهيءَ ڪري واليءِ منصوره
عمر بن حفص، کيس (عبدالله کي) منصوره مان ڪڍي، هڪ
پاڙيسري هندو راجا وٽ پناهه لاءِ موڪلي ڇڏيو، جنهن
پڻ سندس گهڻي عزت ڪئي[51].
اتي به ماڻهو سيد وٽ جمع ٿيڻ لڳا ۽ ٿورن ئي ڏينهن
۾ چار سؤ کن مسلمان سندس بيعت ۾ شريڪ ٿيا[52].
اهڙيءَ طرح سيد صاحب نوسال راجا وٽ سک ۽ آرام سان
گذاريا ۽ پنهنجي تبليغ جو ڪم جاري رکيو.
ساڳيءَ طرح ڪن مورخن جو اهو به رايو آهي ته مشهور
سياح ابن حوقل (367هه/967هه)به اسماعيلي هو ۽
پنهنجي دعوت فڪر جي ڪم جي سلسلي ۾ سياح بنجي نڪتو
هو، هن جي باري ۾
S.M. Stern
لکي ٿو ته:
Also see:
Elliot, H., “The History of Sindh” (Being
Vol I Elliots History of India) Karachi,
Karim Sons, 1976 p- 370.
سيد سليمان ندوي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 328،
349 ۽ 351 ۽ پڻ ڏسو:
|