سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :16

هاڻوڪي سنڌو ندي

هاڻوڪي درياهه جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هو ٻن گهاٽين مان گذري ٿو، جيڪي چُن ۽ پٿر جي ٽڪرين ۾ آهن. سکر وٽ هيءُ درياهه ڪوٽ ڏيجيءَ جي ٽڪرين جي اترين چوٽيءَ واري گهاٽي مان وهي ٿو ۽ حيدرآباد وٽ ”گنجي ٽڪر“ جي ڇاڙ جي اولهه ۾ آهي. هي ٻئي گذرگاهه هاڻوڪي دور جا آهن ۽ ٻئي اتي ٺاهيل بئراجن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. ”سيوهڻ“ کان ”ٺٽي“ تائين اڪثر ڊيگهه ۾ سنڌو ندي اونهائين ڪنڌيءَ تي پنهنجي واديءَ جي مٿاهين زمين سان ٽڪرائجي ٿي. سندس باقي وهڪري کي ٻنهي پاسن کان سانوڻيءَ جي ٻوڏين کي روڪڻ لاءِ بچاءَ بند تعمير ڪيا ويا آهن، جن مان اڪثريت موجوده صديءَ ۾ تعمير ٿيل بندن جي آهي.

انهن بندن سبب هاڻي انهن وسيع ٻوڏن جي روڪٿام ٿي آهي، جيڪي اڳي اتر سنڌ ۾ ڪجهه سال تباهي مچائينديون رهيون ۽ دوآبي جي علائقي ۾ انهن بندن سيلابي ڦاٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. چاڙهه جو پاڻي هاڻي هڪ وسيع آبپاشي نظام هيٺ ورهايو وڃي ٿو. خاص دوآبي ۾ ”اوچتو ندي“ جي واهي جيڪا اڳ هاڻوڪي درياهه جي ڀرتي ڪندڙ شاخ هئي، هاڻي بند ٿي وئي آهي ۽ سنڌو ندي هاڻي دوآبي واهيون ڪڍي نٿي سگهي، سواءِ اصل منهن جي ويجهو جتي وڏيون تبديليون اڃان به رونما ٿينديون رهن ٿيون.

سنڌو ندي جي اڳوڻن وهڪرن جو زمانو

تقريباً ٻه هزار ق. م اڳ جڏهن ”سنڌو ماٿريءَ“ جي تهذيب اوج تي هئي، تڏهن سنڌو ندي ڪٿان وهندي هئي، ان بابت فضائي تصويرن مان سڌي طرح ڪو ثبوت فراهم ٿي نه سگهيو آهي. ڏاکڻي تخت گاهه ”موهن جي دڙي“ جا کنڊرات ”لاڙڪاڻي“ جي ڏکڻ ۾ موجود آهن، پر انهن جي موجود، سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ سان ويجهڙائي رڳو اتفاقي آهي. رڳو ايترو گمان ڪري سگهجي ٿو ته ”موهن جي دڙي“ جي باشندن پنهنجو شهر درياهه کان يا درياهه جي ڪنهن شاخ کان ڪو گهڻو پري نه اڏيو هوندو. لئمبرڪ تازو (1964ع ۽ 1967ع ۾) ”موهن جي دڙي“ جي تباهي بابت مختلف متا پيش ڪيا آهن.

سنڌو نديءَ جي پوين پُورن بابت اسان کي جو ڪجهه معلوم آهي، اهو ڏيکاري ٿو ته ڪنهن هڪ ضلعي جي خوشحالي انهيءَ سبب ڪجهه ناپائيدار قسم جي آهي جو ان جو بنيادي طور تي انهيءَ انوکي درياهه جي ويجهڙائيءَ تي دارومدار آهي.

سنڌ ۾ سنڌو نديءَ جو پهريون دستاويزي ثبوت يونانين فراهم ڪيو آهي، جن 326-325 ق. م. ۾ سڪندر اعظم جي اڳواڻيءَ هيٺ انهيءَ تي لهواري جهاز راني ڪئي هئي. انهن جا اتر سنڌ بابت بيان قدري مختصر آهن، جن ۾ بعد جي يوناني جاگرافيدانن اضافو ڪيو آهي. ڪنهن غير متوقع پهاڙي گهاٽي مان گذرڻ جو هنن ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي، جهڙوڪ سکر يا اروڙ واريون گهاٽيون ۽ قياس ڪيو ويو آهي ته سنڌو ندي ان وقت سکر کان اتر- اولهه طرف وهندي هئي. (نقشو نمبر 3)

تنهن هوندي به گمان آهي ته ”اروڙ“ اڳ ئي مقامي تختگاهه هو، جتان اتر- اوڀر جي ان زرخيز زمين جي پٽي تي حڪم هليو ٿي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته خانڳڙهه جي ڪچي ۽ ريڻي- واهندو جي ايراضي ۾ واقع هجي. ٻيءَ صورت ۾ هيءَ ايراضي جيڪا هن وقت ريگستان آهي، سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ واري ڪنهن ڀرتي ڪندڙ شاخ ذريعي آباد ٿيندي هئي، جيڪا اتر سنڌ سرحد جي ويجهو ورڇجي ويندي هئي ۽ اروڙ جي اوڀر مان لنگهي ”نارا ويليءَ“ طرف وهندي هئي.

سنڌو نديءَ بابت چيو وڃي ٿو ته هن ۾ ٻه وڏا ٻيٽ هئا: هڪ اتر ۾ ”پرسياڻي“ ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ قدري ننڍو ٻيٽ ”پاتيل“. ڏکڻ سنڌ جو تختگاهه ”پٽالا“ دوآبي جي سري تي واقع آهي، يعني دوآبي جي ٻن مکيه شاخن جي ميلاپ جي ويجهو. ”سکر“ جي اولهه کان مکيه درياهه ضرور ”نواب شاهه“ جي طرف وهندو هوندو، پر هن وهڪري کي ڳولي لهڻ جي هاڻي ڪا اميد نه آهي. ”پرسياڻيءَ“ جو ٻيٽ شايد هڪ شاخ جي سبب ٺهيو هوندو، جيڪا تقريباً ”جيڪب آباد واري وهڪري“ جي لاهين سان هن ميدان جي اولاهين پاسي جي چوڦير وهندي هوندي. (هن وهڪري جي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com