”ابن حوقل اسماعيلي هو“[1].
مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته اتر– آفريڪا ۾ اسماعيلي
حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ، اسماعيلي عقيدي جي ٻارهين
امام، سيد عبدالله المهديءَ سن 270هه (883ع) کان
سنڌ ۾ پنهنجا داعي موڪلڻ شروع ڪيا هئا. هن سلسي ۾
مشهور اسماعيلي مفڪر ۽ عالم قاضي نعمان جو خيال
آهي ته سنڌ ۾ اسماعيلي دعوت ۽ تبليغ جا ثبوت،
اسماعيلي تحريڪ جي اوائلي دور ۾ ملن ٿا. يمن ۾
اسماعيلي داعي ابوالقاسم حسن بن فرح بن حوش، جو
منصور اليمنيءَ جي لقب سان مشهور هو، تنهن پنهنجي
سوٽ الهيشم کي سنڌ ۾ داعي مقرر ڪري موڪليو[2].
هي داعي 270هه (883ع) ڌاري سنڌ ۾ آيو[3].
هو اول منصوره آيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجي
دعوت هيٺ آندائين[4].
ان وقت منصوره ۾ عبدالله بن عمر هباريءَ جي حڪومت
هئي.
هن داعيءَ جي اچڻ کان اڳ عبدالله الاشتر جي تبليغ
سبب سندس ڪافي همنوا هت اڳ ئي موجود هئا؛ پوءِ
ملتان وارا به انهن داعين جا هم خيال بنجي ويا. هو
حڪومت تي قبضو ڪرڻ لاءِ اندروني طور وقت جو انتظار
ڪندا رهيا، نيٺ مصر جي فاطمي خليفي المعزالدين
بالله (342 هه/953ع- 365هه/975ع)، سن 365هه/975ع ۾
جلم بن شيبان کي فوجي مدد ڏيئي، ملتان روانو ڪيو[5].
هو خراسان کان ٿيندو، سنڌ ڏانهن اُسهيو. خراسان ۾
ان زماني ۾ اسماعيلين جو وڏو اثر هو[6].
ڪن مورخن جو اهو به رايو آهي ته ممڪن آهي ته جلم
بن شيبان مڪران جي شهر تيز کان ٿيندو، پهرين سنڌ ۽
پوءِ ملتان پهتو هجي، ڇو ته ان زماني ۾ مڪران جو
والي، فاطمي خليفي جو خطبو پڙهندو هو[7].
بهرحال جلم بن شيبان، بنو سامہ قريشين جو خاتمو
آڻي، سن 372هه (982ع) ۾ ملتان تي قبضو ڪري، برصغير
پاڪ – هند ۾ پهرين اسماعيلي حڪومت قائم ڪئي[8]
۽ اتي مصر جي خليفي العزيز باالله جي نالي خطبو
پڙهڻ جو حڪم ڪيائين. هن ڀر وارن راجائن سان پڻ
معاهدو ڪيو. هن سلسلي ۾ فاطمي خليفي العزيز
بااالله جلم بن شيبان ڏانهن جيڪو تعريفي ۽ مبارڪن
وارو خط لکيو هو، تنهن جو ذڪر Stern
پنهنجي مقالي ۾ ڪيو آهي[9].
مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سن 270 هه (883ع) ۾ داعي
هيشم سنڌ ۾ منصوره جي شهر ۾ داعي جي حيثيت ۾ آيو.
ابن رستہ سن 290 هه (902ع) ۾ پنهنجي ڪتاب ”الاعلاق
النفسيہ“ ۾ ملتان جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان ڏهه
ورهيه پوءِ، يعني سن 300هه (912ع) ۾ خردازبہ ديبل
تائين آيو ۽ پنهنجو ڪتاب ”ڪتاب المسالڪ و المالڪ“
لکيائين. سال 303 هه (915ع) ۾ مسعودي به ملتان آيو
هو. مسعوديءَ کان 37 سال پوءِ يعني 340 هه (951ع)
۾ اصطخري هندستان آيو. هن ملتان جو به سير ڪيو[10].
اصطخري لکي ٿو ته:
”ملتان تي سامہ بن لوئي قريشيءَ جي خاندان جي
حڪومت آهي. هو منصوره جي امير يا ڪنهن ٻئي جي تابع
نه آهي. صرف عباسي خليفي جي نالي خطبو پڙهيو ويندو
آهي“.[11]
اصطخريءَ کان 27 سال پوءِ، يعني 367هه (977ع) ۾
ابن حوقل بغدادي ملتان آيو. هن ملتان جو گهڻو ئي
احوال لکيو آهي، پر هن اُتي اسماعيلين جو ڪوبه ذڪر
ڪونه ڪيو آهي[12].
ابن حوقل کان اٺ سال پوءِ يعني 375 هه (985ع) ۾
بشاري مقدسي ملتان آيو هو، هو لکي ٿو:
”ملتان وارا شيعا آهن. اذان ۾ ’حي علي خير العمل‘
چون ٿا، ۽ اقامت ۾ ٻه دفعا تڪبير پڙهن ٿا“.[13]
هُو اڳتي لکي ٿو:
”ملتان ۾ فاطمي جي نالي خطبو پڙهيو ويندو آهي. اُن
جي حڪم سن هتي جو انتظام هلي ٿو، ۽ هتان تحفا
وغيره مصر موڪليا وڃن ٿا“.[14]
انهن مثالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ملتان ۾ اسماعيلين
جي حڪومت جي سلسلي ۾ 327 هه (977ع) تائين ڪابه ذڪر
جوڳي ڳالهه ڪانه هئي، پر 375 هه (985ع) ۾، ملتان ۾
اسماعيلي حڪومت جو جاهه ۽ جلال هو، ۽ اُتي مصر جي
فاطمي خليفي (العزيز بالله) جي نالي خطبو پڙهيو
ويندو هو. هن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته اهو سياسي
۽ مذهبي انقلاب
367هه
(977ع) ۽ 375هه (985ع) وچ ڌاري آيو هو. هن جو
ثبوت هن حقيقت مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته مصر ۾
فاطمي حڪومت 358ع هه (969ع) ۾ قائم ٿي هئي؛ 361هه
(971هه) ۾ ان جو پايه تخت اتر آفريڪا مان منتقل
ڪري، مصر ۾ نئين ٻڌايل شهر ”القاهرهه“ ۾ آندو ويو،
۽ جتان 365هه (975ع) ۾ فاطمي خليفي المعز الدين
باالله، جلم بن شيبان کي سنڌ ۽ ملتان تي قبضي ڪرڻ
لاءِ، فوجي مدد ڏيئي روانو ڪيو.
مشهور سياح البيرونيءَ پنهنجو مشهور ڪتاب، ڪتاب
الهند 424هه (1036هه) ۾ لکيو هو. هن پنهنجي هن
ڪتاب ۾ ملتان واري ۾ هئين لکيو آهي؛
”جڏهن اسماعيلين ملتان تي قبضو ڪيو، تڏهن جلم بن
شيبان، جنهن هت غلبو حاصل ڪيو هو، تنهن محمد بن
قاسم واري مسجد کي اُموي يادگار سمجهي، بند ڪرائي
ڇڏيو، ۽ بت خاني کي ڀڃائي، ان کي مسجد ۾ تبديل
ڪيائين.“[15]
هن بيان مان ظاهر ٿو ٿئي ته جلم بن شيبان چوٿين
صدي هجريءَ جي آخر ۾ ملتان تي قبضو ڪري چڪو هو، ته
البيروني لکي ٿو ته: ”اسماعيلين جو ملتان تي قبضو
اسان کان هڪ سؤ سال اڳ هو.“[16]
ان زماني ۾ اسلامي دنيا ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ
حصي جا اڳواڻ بغداد جا عباسي خليفا هئا، ۽ ٻئي حصي
جا اڳواڻ مصر وارا فاطمي خليفا هئا. اهي ٻيئي
حڪومتون، پنهنجو پنهنجو اثر وڌائڻ ۽ اقتدار قائم
ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي خلاف ڪم ڪنديون هيون. ٻنهي
حڪومتن جا مبلغ ۽ داعي پنهنجي پنهنجي نظريي ۽ فڪر
جي تبليغ لاءِ جدا جدا ملڪن ۾ پرچار ڪندا هئا.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:
”بغداد جي عباسي خلافت جي ڪمزور ٿيڻ تي، خلافت جي
ڏورانهين صوبي سنڌ جو مرڪزي انتظام پڻ ڪمزور ٿيو،
جنهن ڪري مرڪز طرفان مقرر ٿيل گورنر فقط نالي جا
گورنر وڃي رهيا ۽ طاقت سنڌ جي مقامي عرب اميرن جي
هٿ ۾ اچي ويئي، جن پنهنجون رياستون قائم ڪيون. اهي
مکيه رياستون غالباً ٽي هيون:
1- مرڪزي گاديءَ جي شهر منصوره واري رياست، جيڪا
موجوده سنڌ، ڪڇ ۽ لس ٻيلي تي مشتمل هئي.
2- ملتان جي رياست، جيڪا ڏکڻ پنجاب، مڪران ۽ اوڀر
طرف راجپوتانا واري حصي تي مشتمل هئي.
3- مڪران جي رياست، جنهن جو مرڪز پنجگور يا خضدار
هو ۽ جيڪا بلوچستان واري خطي تي مشتمل هئي.
ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ هڪ طرف قرمطين ۽ دروزين[17]
جي تحريڪ سنڌ جي نومسلم عوام جي عقيدن کي لوڏيو ته
ٻئي طرف مصر جي فاطمي حڪمرانن جي وڌندڙ طاقت ۽
سندن تحريڪ ۽ تبليغ سنڌ جي مقامي حاڪمن جي سهاري
وٺڻ تي آماده ڪيو. انهن لاڙن، مقامي طور انتشار
پيدا ڪيو، تان جو مصر جي اسماعيلي عقيدي جي داعي
جلم بن شيبان سنه 350هه (961ع) بعد ملتان تي قبضو
ڪري اُن کي پنهنجي طاقت جو مرڪز بنايو. انهيءَ
نئين سياسي تسلط جو بنياد اڃا مضبوط ئي ڪونه ٿيو
هو جو مصر جي حڪمران الحاڪم کانپوءِ سندن پوين ۾
اختلاف پيدا ٿيو، جنهن ڪري اسماعيلي دروزي ۽ قرمطي
فرقن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي. ان جو اثر سنڌ- ملتان تي پڻ
ٿيو، ۽ انهيءَ ڪري ويتر مقامي رياستن سنڌ جي
حڪمرانيءَ ۾ وڌيڪ ڪمزوري پيدا ٿي.
ٻئي طرف عام مسلمانن جي وڏي اڪثريت انهن نوَن
عقيدن کي قبول نه ڪيو ۽ هُو انهن حڪمرانن جا مخالف
ٿي بيٺا، جن انهن عقيدن جي بنياد تي، پاڻ کي مصر
جي فاطمي خليفن جي پٺڀرائيءَ سان مضبوط ڪرڻ ٿي
چاهيو.“[18]
ڊاڪٽر صاحب جي هن راءِ تي روشني وجهڻ کان اڳ،
ملتان ۾ اسماعيلي (فاطمي) حڪومت جو جائزو وٺڻ
گهرجي. مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته جلم بن شيبان کي
المعزالدين باالله (وفات 365هه- 975ع)، (365هه)
(975ع) ۾ ملتان تي حملو ڪرڻ لاءِ، فوجي مدد ڏيئي
روانو ڪيو. هن سنه 372هه (982ع) ڌاري ملتان تي
قبضو ڪيو[19].
جلم بن شيبان کانپوءِ، اڳتي هلي ملتان جي اسماعيلي
حڪمرانن ۾ شيخ حميد جو نالو ملي ٿو[20].
شيخ حميد ۽ سلطان سبڪتگين ٻئي هم عمر حڪمران هئا[21].
اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته شيخ حميد ڪڏهن وفات
ڪئي ۽ ڪيترا سال حڪومت ڪئي، البت ايترو معلوم ٿئي
ٿو ته شيخ حميد ۽ سلطان سبڪتگين جي وچ ۾ 382هه
(992ع) ۾ معاهدو به ٿيو هو[22]،
سبڪتگين 387هه (997ع) ۾ وفات ڪئي ۽ ان کانپوءِ
سندس پٽ سلطان محمود غزنوي حاڪم بڻيو.
حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ 395هه (1004ع) ۾
سلطان محمود جڏهن اولهه هندستان ۾ ڀاٽيه جي حاڪم
باجيراءِ تي حملو ڪيو، تڏهن ملتان ۾ شيخ حميد جي
پوٽي شيخ ابوالفتح دائود بن نصر بن حميد شيخ جي
حڪومت هئي[23].
هن (ابوالفتح دائود) حاڪم، سلطان محمود جي خلاف،
باجيراءِ جي مدد ڪئي[24].
انهيءَ ڪري سلطان محمود 396هه (1005ع) ۾، ملتان تي
حملو ڪيو، ڇوته هو (محمود غزنوي) بغداد جي عباسي
خليفي کان متاثر هو، انهيءَ ڪري هن ملتان جي
اسماعيلي حڪومت خلاف فوج ڪشي ڪئي[25].
ابوالفتح دائود پيش پيو ۽ واعدو ڪيائين ته هو
پنهنجي حڪومت ۾ اسماعيليت جا احڪام ختم ڪندو ۽ ان
سان گڏ سلطان محمود کي خرچ ڀري ڏيندو.
سيد سليمان ندوي ابن اثير جي حوالي سان لکي ٿو:
”هن سال (396هه/ 1005ع) سلطان محمود ملتان تي حملو
ڪيو. ان جو سبب هي هو جو سلطان محمود کي ملتان جي
والي، ابو الفتح دائود جي بد اعتقادي ۽ الحاد
(اسماعيليت) جي الزام جي خبر پيئي. کيس اهو به
معلوم ٿيو ته هن پنهنجي رعيت کي به ان بد مذهب
(اسماعيليت) جي دعوت ڏني هئي، جيڪا سندس رعيت قبول
ڪئي هئي. اهو معلوم ڪري سلطان محمود جهاد ڪرڻ جو
اعلان ڪيو.
جڏهن ابو الفتح دائود کي سلطان محمود جي اچڻ جي
خبر پيئي، تڏهن هو مقابلي جي همت نه ساري سگهيو ۽
ملتان مان نڪري ويو. سلطان محمود جڏهن ملتان پهتو،
تڏهن اتي جي ماڻهن کي ذلالت ۽ گمراهيءَ ۾ انڌو
ڏٺائين. هن ملتان تي قبضو ڪيو.“[26]
هن راءِ مان هي ٿو ثابت ٿئي ته ملتان تي اسماعيلين
جو 372هه (982ع) کان 396هه (1005ع) تائين يعني هت
جملي 24 سال اسماعيلين جي حڪومت رهي، پر دراصل
ملتان تي اسماعيلي تسلط 401هه (1021ع) تائين رهيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
”چوٿين صديءَ جي آخر ۽ پنجين صديءَ جي شروع ۾
غزنيءَ جي ترڪ گهراڻي جي طاقت سلطان محمود جي هٿ ۾
آئي. سلطان محمود، مصر جي فاطمي حاڪمن جي بدران
بغداد جي عباسي خليفن جو حامي هو. انهيءَ ڪري هن
ملتان تي حملو ڪري فاطمي حاڪمن جي پوئلڳن کي ختم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“[27]
ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو:
”غزني گهراڻي جي حڪمرانن توڙي ان کانپوءِ غوري
گهراڻي جي سلطان مسلسل طور ملتان جي حڪمرانن تي
ڪڙي نظر رکي ۽ پنهنجي طاقت ۽ عام مسلمانن جي
موافقت سان ملتان توڙي هيٺ سنڌ ۾ فاطمين جي سياسي
اثر توڙي قرمطي، دروزي ۽ اسماعيلي اڳواڻن جي مقامي
اثر رسوخ کي ختم ڪري ڇڏيو.“[28]
ڊاڪٽر صاحب اڳتي هن طرح بيان ڪيو آهي:
”اندازاً 275هه (888ع) ڌاري بغداد جي عباسي خليفن
جو صوبي سنڌ جي مٿان انتظامي عمل ڪمزور ٿي ويو.
250-275 (864-888ع) واري دور ۾ سنڌ ۽ ملتان ۾ عرب
اميرن جي حڪمرانيءَ هيٺ جدا جدا رياستون قائم
ٿيون، جيڪي پنجاهه- سٺ سالن کانپوءِ، چوٿين صديءَ
جي وچ ڌاري مصر جي فاطمي حاڪمن جي سياسي اثر هيٺ
آيون. چوٿين صديءَ جي پوئين اڌ (350هه-400هه) ۾،
فاطمي حاڪمن سان بيعت ڪندڙ مبلغن، سنڌ ۽ ملتان جي
رياستن جي اميرن کي پنهنجي اثر هيٺ آندو، پر ساڳئي
دور ۾ قرمطي ۽ دروزي فرقن جا اڳواڻ پڻ سندن اثر کي
وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.
سلطان محمود 388هه-998ع ۽ 421هه-1030ع ۾ ملتان ۽
منصوره تي چڙهائي ڪري، انهن فرقن جي پيروئن جي
طاقت کي گهڻيءَ حد تائين ختم ڪري ڇڏيو. 1021ع
(411هه) ۾ ملتان تي چڙهائي ڪيائين ۽ سومناٿ کان
موٽندي سنه 416هه (1026ع) ۾ منصوره جي حاڪم کي
مطيع ڪيائين. ان کانپوءِ غزني ۽ غوري سلطانن جي
دٻاءَ سببان اسماعيلي، دروزي ۽ قرمطي اثر جو خاتمو
ٿي ويو.[29]
ڊاڪٽر صاحب جي مٿي ڏنل راين مان هيٺيان نتيجا نڪرن
ٿا:
1- ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ هڪ طرف قرمطين ۽
دروزين جي تحريڪ سنڌ جي نو مسلم عوام جي عقيدن کي
لوڏيو ته ٻئي طرف مصر جي فاطمي حڪمرانن جي وڌندڙ
طاقت ۽ سندن تحريڪ ۽ تبليغ سنڌ جي مقامي حاڪمن جي
سهاري وٺڻ تي آماده ڪيو.
2- مصر جي اسماعيلي عقيدي جي داعي جلم بن شيبان
350هه (961ع) کانپوءِ ملتان تي قبضو ڪري اُن کي
پنهنجي طاقت جو مرڪز بڻايو.
3- انهيءَ نئين سياسي تسلط جو بنياد اڃا مضبوط ئي
ڪونه ٿيو هو جو مصر جي حڪمران الحاڪم کانپوءِ سندن
پوين ۾ اختلاف پيدا ٿيو، جنهن ڪري اسماعيلي، دروزي
۽ قرمطي فرقن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي؛ ان جو اثر سنڌ-
ملتان تي پڻ ٿيو.
4- چوٿين صديءَ جي آخر ۽ پنجين صديءَ جي شروع ۾،
سلطان محمود مصر جي فاطمي حاڪمن جي بدران بغداد جي
عباسي خليفن جو حامي هو. انهيءَ ڪري هن ملتان تي
حملو ڪري، فاطمي حاڪمن جي پوئلڳن کي ختم ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي.
5- غزني گهراڻي جي حڪمرانن توڙي اُن کانپوءِ غوري
گهراڻي جي سلطانن مسلسل طور ملتان جي حڪمرانن تي
ڪڙي نظر رکي ۽ عام مسلمانن جي موافقت سان ملتان
توڙي هيٺ سنڌ ۾ فاطمين جي سياسي اثر توڙي قرمطي-
دروزي ۽ اسماعيلي اڳواڻن جي مقامي اثر رسوخ کي ختم
ڪري ڇڏيو.
6- 250هه- 275هه (864ع-888ع) واري دور ۾ سنڌ ۽
ملتان ۾ عرب اميرن جي حڪمرانيءَ هيٺ جدا جدا
رياستون قائم ٿيون، جيڪي پنجاهه سٺ سالن کانپوءِ
چوٿين صديءَ جي وچ ڌاري مصر جي فاطمي حاڪمن جي
سياسي اثر هيٺ آيون. چوٿين صديءَ جي پوئين اڌ
(350هه/961ع- 400هه/1009ع) ۾ فاطمي حاڪمن سان بيعت
ڪندڙ مبلغن سنڌ ۽ ملتان جي رياستن جي اميرن کي
پنهنجي اثر هيٺ آندو، پر ساڳئي دؤر ۾ قرمطي ۽
دروزي فرقن جا اڳواڻ پڻ سندن اثر کي وڌائڻ لاءِ
ڪوشش ڪندا رهيا. سلطان محمود 388هه/ 998ع ۽ 421هه/
1030ع ۾ ملتان ۽ منصوره تي چڙهائي ڪري انهن فرقن
جي پيروئن جي طاقت کي گهڻيءَ حد تائين ختم ڪري
ڇڏيو.
ڊاڪٽر صاحب جي مٿي بيان ڪيل نقطن مان پهرئين نقطي
کي هرگز قبول ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ نقطي موجب
نئين (جلم بن شيبان جي هٿ هيٺ) سياسي تسلط جو
بنياد اڃا مضبوط ئي ڪونه ٿيو هو ته مصر جي حاڪم
الحاڪم کانپوءِ سندس پوين ۾ اختلاف پيدا ٿيو، جنهن
ڪري اسماعيلي، دروزي ۽ قرمطين جي ڇڪتاڻ شروع ٿي، ۽
اُن جو اثر سنڌ- ملتان تي پڻ ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ راءِ کي جڏهن اسماعيلي تاريخ
جي روشنيءَ ۾ پرکجي ٿو ته معلوم ٿو ٿئي ته سندن
(ڊاڪٽر صاحب جي) اها راءِ درست نه آهي ته جلم بن
شيبان ۽ امام الحاڪم جو دور ساڳيو نه آهي. مٿي عرض
ڪيو ويو آهي ته جلم بن شيبان، فاطمي خليفي
المعزالدين بالله جي حڪومت جي آخري سال يعني 365هه
(975ع) ۾ ملتان پهتو، پر هن (جلم بن شيبان) ملتان
تي قبضو 372هه (982ع) ڌاري ڪيو. ان وقت مصر ۾
فاطمي خليفو العزيز بالله (365هه- 975ع) هو، خود
ڊاڪٽر صاحب جلم بن شيبان جي تسلط جو زمانو 350هه
(961ع) بيان ڪيو آهي. جڏهن ته تاريخ مان پتو پوي
ٿو ته الحاڪم جي حڪومت جو زمانو 386هه/ 996ع-
411هه/ 1021ع آهي[30]،
يعني ته الحاڪم، جلم بن شيبان کان 36 سال پوءِ،
حڪمران ٿيو هو، ۽ الحاڪم 25 سال حڪومت ڪئي. ملتان
تي اسماعيلين 372هه (982ع) کان 401هه (1010ع)
تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ
راءِ ته ”جلم بن شيبان جي هٿ هيٺ سياسي تسلط جو
بنياد اڃا مضبوط ئي ڪونه ٿيو هو ته مصر جي حڪمران،
الحاڪم کانپوءِ سندس پوين ۾ اختلاف پيدا ٿيو،
تاريخي لحاظ کان صحيح نه آهي. در حقيقت الحاڪم
کانپوءِ به سندس پٽ سيدنا الظاهر جي زماني ۽ ان
کانپوءِ اُن جي پٽ حضرت مستنصر بالله (وفات
487هه/1095ع) جي زماني تائين مصر ۾ فاطمي خلافت جو
جاهه ۽ جلال هو. الحاڪم جي وفات 411هه (1021ع) ۾
ٿي هئي، جڏهن ته ملتان تي محمود غزنوي 401هه
(1010ع) ۾ قبضو ڪري چڪو هو، جڏهن اڃا الحاڪم زندهه
هو[31].
اهڙيءَ طرح منصوره ۾ خفيف سومري جي حڪومت 416هه
(1025ع) ۾ محمود غزنويءَ جي هٿان ختم ٿي، يعني
منصوره ۾ خفيف سومري واري حڪومت جي خاتمي کان چار
سال اڳ (411هه/ 1021ع) ۾ الحاڪم وفات ڪري چڪو. ان
مان هڪ ته اهو ٿو ثابت ٿئي ته الحاڪم ۽ محمود
غزنوي (وفات 423هه) ٻئي هم عمر هئا، ٻيو ته ملتان
۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت جو خاتمو داخلي انتشار نه
پر محمود غزنويءَ جي اسماعيلين سان دشمني ۽
اسماعيلي فرقي سان مخالفت جي ڪري ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ راءِ به قبول ڪرڻ جهڙي نه آهي
ته:
”چوٿين صديءَ جي پوئين اڌ (350هه- 400هه) ۾ فاطمي
حاڪمن سان بيعت ڪندڙ مبلغن سنڌ ۽ ملتان جي رياست
جي اميرن کي پنهنجي اثر هيٺ آندو، پر ساڳئي دور ۾
قرمطي ۽ دروزي فرقن جا اڳواڻ پڻ سندن اثر کي وڌائڻ
لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا.“[32]
هن ڏس ۾ دروزي فرقي جي ابتدا جي اڀياس مان معلوم
ٿئي ٿو ته دروزي فرقو ۽ ڊاڪٽر صاحب جي مقرر ڪيل
سن/ سال کان گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. هن فرقي
(دروزي) جو بنياد الحاڪم جي آخري سالن ۾، محمد بن
اسماعيل درازيءَ نالي هڪ ايراني اسماعيلي داعيءَ
شام ۾، 408هه (1017ع)، يعني الحاڪم جي وفات کان ٽي
سال اڳ وڌو[33].
هن سلسلي ۾
O’Leary
لکي ٿو:
”درازي کي الحاڪم طرفان دمشق موڪليو ويو. شيعن ۾
ڪن وڌيڪ آزاد خيال ۽ ترقي پسند ماڻهن درازيءَ جي
نوَن اصولن ۽ نظرين
(Doctrines)
کي قبول ڪيو، ۽ داعي پنهنجن
پوئلڳن جي هڪ ٽولي سان پراڻي مسجد ۾ ويو، جتي هن
پنهنجي لکيل ڪتاب مان پنهنجن نظرين مان ڪي حصا
پڙهي ٻڌايا. هن جبلن واري ايراضيءَ ۾ پنهنجن نظرين
يعني درازي نظرين جي تبليغ ڪئي، جتي هن جا ڪيترائي
پوئلڳ بڻيا، ۽ هن پنهنجو نئون فرقو، درازي قائم
ڪيو، جو پوءِ دروزي فرقو سڏجڻ لڳو.“[34]
هن سلسلي ۾
O’Leary
اڳتي لکي ٿو:
”الحاڪم جي دربار ۾ حمزه بن علي بن احمد هادي هڪ
مشهور ايراني داعي رهندو هو. دروزي فرقي وارا هن
کي پنهنجي فرقي جو باني سمجهندا آهن، ۽ پنهنجو
ڪئلينڊر حمزي جي نالي سان، يعني حمزه ئي سن
(Era of Hamza)
سان شروع ڪن ٿا، جيڪو 408هه (1018ع) کان شروع ٿئي
ٿو، ڇوته حمزه پنهنجي عقيدي جو اظهار 408هه
(1018ع) ۾ ڪيو هو.“[35]
Hamdani, An Article “Ismaili Propaganda and
Fatmid rule in Sindh” Published in ‘Islamic
Culture”, Vol: XXIII, No: 4, Hyderabad
Daccan, October 1949, P.298.
ايضاً، ص ص 392-393 ۽ 399.
ابو ظفر ندوي: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 257.
|