خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون
نجم عباسي
شمشاد جي ذهني ڪيفيت اها آهي جا هڪ سڄاڻ سنڌي نوجوان جي هوندي
آهي، جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ سَنَدن وارو هوندي به
روزگار کان وانجهو رکيو پيو وڃي. هن جي ڪهاڻي به
اهائي آهي جا هزارين لکين سنڌين جي آهي. مسڪين
مائٽن ميڙِي چونڊي خرچ ڪري، پاڻ کي هر شيءِ کان
سِڪائي، قرض کڻي ۽ بکون ڪاٽي، پنهنجي ٻار کي
پڙهائي ڊگريون پاس ڪرايون. پوءِ ان پڙهيل نوجوان
جو ڏهاڙي اخبارن ۾ نوڪرين جا اشتهار جاچڻ، هر کاتي
۽ ڪمپنيءَ ۾ درخواست ڏيڻ ۽ شهر شهر ۾ انٽرويو لاءِ
پنڌ ڪرڻ ۽ نتيجو اهو ڏسڻ ته نوڪري پنهنجن کي ڪٿي
ڪانه ٿي ملي، پر اهي جڳهيون ٻاهرين سان ڀريون وڃن
ٿيون، جي ڊگري توڙي لياقتن ۾ اسان کان گهڻو گهٽ
هوندا آهن.
شمشاد سوچي سوچي ٿڪجي پوي ٿو. هن کي خيال اچي ٿو ته هنن حالتن
هيٺ هڪ لائق، حساس ۽ سڄاڻ نوجوان مونن ۾ منهن وجهي
ويهي ته نه ٿو سگهي. ڇا ڌاڙيلن ۾ وڃي شامل ٿجي؟
مون جهڙو ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هنن ڄٽن جي کوپڙيءَ ۾
اهو سمائڻ جو جتن ڪري ٿو سگهي ته پنهنجن کي نشانو
بنائڻ بدران، قومي ويرين ۽ طبقاتي ويرين ۾ غير
سلامتيءَ جو احساس پيدا ڪجي يا مون جهڙن بيروزگارن
جي ملڪ گير تنظيم ٺاهجي ۽ سامراجيت خلاف گڏيل
احتجاج ڪجي، يا اهڙي سرگرم تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن
بنجي جا سامراجين جا اسان جي ڌرتيءَ تان پير اکوڙڻ
۾ عملي طرح سرگرم هجي..... نه ته ويٺي مائٽن جا
مهڻا ٻڌڻا پوندا، بک مرڻو پوندو. ٿي سگهي ٿو ته
مُنجهيل ذهن ۽ بيقرار روح کي دٻائڻ لاءِ چرس، آفيم
يا هيروئن جو موالي ٿيڻو پوي ۽ حياتي تباهه ڪرڻ جي
شاهي راهه تي پهچي وڃان. هڪ ڏينهن هو پنهنجي پسند
جي ساهتڪار کي خط لکي ٿو:..... سائين! ڪالهه ذهن
ڏاڍو منجهيل ۽ وکريل هو. دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل
هو. ڏاڍي پريشاني، بي آرامي ۽ تنهائي ٿي محسوس
ڪيم. عادت موجب سنڌي ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺس. توهان کي
اهو ٻڌايان ته اڄڪلهه روز رات جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه
ڪلاڪ ڪو سنڌي ڪتاب پڙهندو آهيان. اهو ڪتاب اوهان
جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”دارو هن ديواني جو“ هو. ڪتاب
پڙهندي دماغ جي ٿڪاوٽ دور ٿيندي وئي ۽ سوچ چٽي واٽ
وٺندي وئي ۽ ذهن وري هڪ وار انهيءَ راءِ تي بيٺو
ته: ”اسان وٽ جيڪڏهن اهڙا ليکڪ موجود آهن، جيڪي
پنهنجي قلم سان پنهنجي قوم جي ترجماني ڪن ٿا ۽ قوم
جي ناسورن جو ڏس ڏين ٿا ته اها قوم جلد ئي ماڳ تي
رسندي ۽ ضرور پنهنجا مقصد ماڻيندي.“
ڪتاب پڙهندي سائين ميلهارام منگترام واسواڻيءَ جي ڪتاب ”گلستان“
جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ذهن تي تري آيون: ”ڪنهن
به قوم جي اخلاق، تهذيب ۽ ترقيءَ جو پتو سندس علم
۽ ادب مان پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته قوم جا بيدار مغز عالم
۽ اڳواڻ، فيلسوف ۽ شاعر پنهنجا خيال ۽ تجربا
قلمبند ڪرڻ سان ئي قوم جي رهنمائي ڪن ٿا.“
ان سان گڏ پروفيسر ليکراج ماڙيوالا ۽ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي
ڪتاب ”سامي“ جي ديباچي جون هيٺيون سٽون ياد اچڻ
لڳيون: ”هر ڪنهن قوم جي سڀيتا جو سڀاءُ، ان جي علم
۽ ادب مان پوي ٿو. ان جي ترقيءَ جو مدار به ان جي
ادبي فهم، احساس ۽ شناس تي آهي. جا قوم پنهنجي
ساهتڪ ذخيري کي سانڍڻ ۽ وڌائڻ جو اُدم نه ٿي ڪري،
سا جهٽ زبون ۽ اُجڙ ٿيو وڃي.“
سچ ته اوهان جي ڪتاب پڙهڻ سان دماغ روشن ٿي ويو ۽ نئون اُتساهه
جاڳيو. اميد ته اڳتي به وک وک تي اوهان پنهنجين
لکڻين ذريعي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا.
اڄڪلهه آءٌ پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ آهيان. ان ڪري انٽرويو جي
بهاني جدا جدا شهرن جا ٿاٻا پيو کاوان. ڪڏهن ڪراچي
ته ڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو شهر. مطلب ته کوڙ
انٽرويو ڏنا اٿم. مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس، انٽر فرسٽ ڪلاس
۽ بِي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي اٿم. پر اڄڪلهه نوڪري
ملڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪري وٺڻ واسطي ٻه
ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. هڪ رشوت، جا گهٽ ۾ گهٽ
ڏهه هزار رپيا آهي ۽ ٻي پهچ. اهي ٻئي مون وٽ نه
آهن. آءٌ ته هڪ غريب خاندان جو ڀاتي آهيان، جنهن
جو سنڀاليندڙ هڪ ماستر آهي. توهان پاڻ سمجهي سگهو
ٿا ته هن جي ايتري پهچ ڪٿي جو اولاد کي نوڪري وٺي
ڏئي، يا هن وٽ ايترو پئسو ڪٿان اچي جو هو ڇوڪر
لاءِ روزگار حاصل ڪري سگهي. هن دور ۾ پيٽ جي پورت
ڪرڻ ئي هماليه جبل جيڏو مسئلو آهي....
ڳالهه ڪٿان اچي ڪٿي نڪتي. من تي مڻين بار هئڻ سبب اهو سڀ ڪجهه
لکي ويس. سوچيم ته پنهنجي حال کان سائينءَ کي واقف
ڪري، پنهنجي من جو بار هلڪو ڪريان. اهڙي ڪيفيت جي
عالم ۾ جيڪڏهن اوهان جي لکڻين جو ڪو مجموعو هٿ اچي
ويندو آهي ته وري ذهن ۽ دماغ ٻئي هڪ نئين سوچ سان
ڀرپور ٿي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اوهان جون لکڻيون
اسان جو ئي ته آواز آهن.
سو ڳالهه ٿي ڪيم ته رات اوهان وارو ڪتاب پڙهندي منهنجو جوش تازو
ٿيو ۽ فيصلو ڪري ورتم ته سرگرم تحريڪ جو سرگرم
ڪارڪن ٿي، پوري سرگرميءَ سان حصو ٿو وٺان. ذهن اول
ئي تتل هو، هاڻي پير به تپي ويا ۽ تتل پير ويهڻ نه
ڏيندا آهن....... شمشاد.
خط پڙهي، ليکڪ کي پهريون ويچار اهو ٿو اچي ته بيروزگاريءَ جي
واندڪائيءَ ۾ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان قومي ساهت پڙهن
ٿا ۽ ان سان گڏ هنن جي روزگار لاءِ معاشي جاکوڙ،
اسان جي اڳ ۾ ئي هلندڙ قومي سجاڳيءَ جي جاکوڙ ۽
غير طبقاتي سماج لاءِ جاکوڙ جو بنياد بنجندي وڃي.
ليکڪ پاڻ کان پڇي ٿو: ڇا هيءَ بيروزگاري باروت ۾ بدلجي رهي
آهي؟......... بغاوت جو باروت!........
مشعالون
شوڪت حسين شورو
”اوهان جي شهري زندگي ۽ ڳوٺن ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي!“ ايريڪا ٻنيءَ
جي وچان ٺهيل سوڙهن ٻنن تي خبرداريءَ سان هلندي
چيو.
”ها، ڪراچيءَ جهڙي شهر مان نڪري هتي اچي هڪدم ايئن ٿو لڳي ته
اسين هڪ صدي پوئتي هليا ويا آهيون.“ ڪارلوس هن کي
سر وٺايو.
”مون توکي تڏهن چيو هو ته منهنجي ڳوٺ هلي توڙي سنڌ جي ڪنهن به
ڳوٺ ۾ هلي تون بور ٿيندينءَ.....“ مون ايريڪا کي
چيو.
”اوهه، نه نه، اها ڳالهه ڪانهي. خاموش ۽ سانتيڪي ماحول کي به
پنهنجو رومانس آهي. مان هتي اچي بور ڪانه ٿي
آهيان. مون کي افسوس آهي ته تو مون کي غلط سمجهيو.
مون اصل ۾ سوشالاجيڪل نقطهء نظر کان ڳالهه پئي
ڪئي. عجيب ڳالهه آهي. ايڪيهين صدي شروع ٿيڻ واري
آهي، پر اوهان وٽ ڳوٺن ۾ ڪا ترقي نه ٿي آهي، پيئڻ
لاءِ صاف پاڻي ڪونهي. ڳوٺ اڃا به سوين سال اڳ واري
اونداهي دور جهڙا ئي آهن.“ ايريڪا سنڀالي پير
رکندي چيو.
”نه ايريڪا، ڪجهه تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. ڳوٺن ۾ بجلي
پهچي وئي آهي. ڪراچيءَ کان ايندي نيشنل هاءِ وي تي
توکي گهڻن هنڌن تي فيڪٽريون ۽ ملون نظر آيون
هونديون. ڳوٺن کي ويجهو شگر ملون ٺهيون آهن ۽ انهن
جي ڪري ڳوٺاڻي زندگيءَ تي اثر پوڻ لڳا آهن. آئون
ننڍي هوندي کان ڳوٺ ڏسندو اچان. منهنجي خيال ۾
گهڻو ڪجهه فرق پيو آهي. وڏي ڳالهه ته ڳوٺاڻن ۾
ذهني سجاڳي اچي وئي آهي. ايئن ٿو لڳي ته سوين سالن
کان ستل ماڻهو اوچتو جاڳي پيا آهن.“ آئون شايد
گهڻو ڳالهائي ويو هوس، مون ڏٺو ته ڪارلوس کلي رهيو
هو.
”اوهان ايشيا جا ماڻهو ذهني سجاڳي کي سياسي شعور سان ڳنڍي ٿا
ڇڏيو.“ ڪارلوس چيو. ايريڪا مون ڏانهن ڏٺو ۽ کلي
ڏنو.
لهندڙ سج جي ڪرڻن ڪڻڪ جي سونهري سنگن کي وڌيڪ سونو بنائي ڇڏيو.
پکي ولر ڪري پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽي رهيا هئا.
شام جي هلڪي هوا سنگن تان ترندي پئي وئي.
”اڃان گهمندؤ يا واپس هلون؟“ ايريڪا جا وار ڪڻڪ جي سنگن وانگر
هوا ۾ لڏي رهيا هئا.
”ٿوري دير ۾ سج لهي ويندو، پوءِ اوندهه ٿي ويندي.“ مون چيو ۽
ڳوٺ وڃڻ واري گس تي هلڻ لڳاسين. اسين ڳوٺ کان
ايترو پري ڪونه ويا هئاسين، ان ڪري جلدي واپس پهچي
وياسين.
اوطاق جي ٿلهي تي ڪرسيون رکيون هيون. مون نوڪر کي چانهه کڻي اچڻ
لاءِ چيو. وڻ ۽ کيت اوندهه جي پاڇن ۾ گم ٿيڻ لڳا
هئا، آئون گهڻن ڏينهن کانپوءِ ڳوٺ آيو هوس.
ڪراچيءَ جو گوڙ جڏهن ذهن کي ٿڪائي وجهندو آهي ته
ڳوٺ ڀڄي ايندو آهيان، پر هتي به جلدي بيزار ٿيو
پوان. سواءِ سمهڻ جي ٻيو هتي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ
ناهي. اهو ايريڪا ۽ ڪارلوس کي ٻڌايو هئم، پر هنن
سنڌ جو ڪو ڳوٺ ڏسڻ ٿي چاهيو. ايريڪا ۽ ڪارلوس سان
منهنجي پراڻي واقفيت هئي. اها ملاقات به مزيدار
نموني ٿي هئي. آئون تڏهن بئنڪاڪ ويو هوس. هوٽل
اڳيان ٽيڪسي ڊرائيور هڪ يورپين عورت ۽ مرد سان
جهڳڙو ڪري رهيو هو. ٽيڪسي ڊرائيور وڌيڪ ڀاڙو وٺڻ
ٿي چاهيو. آئون سنڌي نموني هروڀرو پرائي جهيڙي ۾
ٽپي پيو هوس ۽ مسافرن جو پاسو کنيو هئم. ٽيڪسي
ڊرائيور ٻانهون کنجي ڪراٽي وارو پوز هڻي بيهي
رهيو. مون به پهرين ٻانهون کنجيون ۽ پوءِ شلوار جا
پانچا ڇڪي گوڏن کان به مٿي ڪري ور ٺاهيم.
”اوڪي، ڪم آن.“ ٻانهون پکيڙي ٽيڪسي ڊرائيور کي چيم.
ٽيڪسي ڊرائيور وات پٽي حيرت مان مون کي ڏسي رهيو هو. هن سمجهيو
ته آئون ڪراٽي کان وڌيڪ خطرناڪ ويڙهه ڄاڻان. هو
هيسجي ويو ۽ ٿائي زبان ۾ گاريون ڏيندو ٽيڪسي کڻي
هليو ويو.
ڪارلوس ۽ ايريڪا اهو سڄو منظر وائڙا ٿي ڏسي رهيا هئا. ٽيڪسي
ڊرائيور جي وڃڻ کانپوءِ ڪارلوس مون ڏانهن وڌي آيو
۽ هٿ وڌائيندي هن منهنجو ٿورو مڃيو. هن مون کي بار
۾ هلڻ جي آڇ ڪئي. آئون اڪيلو هوس ۽ مون کي ساٿ
کپندو هو. بار ۾ ويهي اسان هڪ ٻئي جي سڃاڻپ ڪرائي.
هو ٻئي آمريڪي هئا. ڪارلوس يونيورسٽي ۾ تخليقي ادب
پڙهائيندو هو ۽ ايريڪا ڪل وقتي ليکڪا هئي. هن جا
ڪجهه ناول ڇپجي چڪا هئا.
وسڪي اچڻ کانپوءِ اسان ٽنهي ڄڻن جام ٽڪرايا ۽ ڍڪ ڀريا.
”اهو ويڙهه جو ڪهڙو طريقو هو؟“ ڪارلوس حيران هو. ”ٽيڪسي ڊرائيور
ڊڄي ڀڄي ويو!“
”اهو سنڌي طريقو هو.“ مون کلندي چيو. ”اصل ۾ اهو هڪ نقل هو. سنڌ
۾ اسان وٽ هڪ راند آهي ملهه. مون کي اها ايندي ته
ڪانهي، پر ٽيڪسي ڊرائيور ڪراٽي جو پوز هڻي بيٺو،
ته مون به ملهه جو پوز هنيو.“
”جيڪڏهن ٽيڪسي ڊرائيور ڪراٽو وڙهڻ شروع ڪري ڏئي ها ته پوءِ؟“
ايريڪا پڇيو.
”اسان وٽ چوڻي آهي ته ڏڏو ڏکر ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي. سو
مون به سوچيو ته ٽيڪسي ڊرائيور سچ پچ ڪراٽو ڄاڻندو
هوندو ۽ مون ڏانهن وڌندو ته آئون کڙيءَ تي زور
ڏيندس.“
ايريڪا ۽ ڪارلوس ٽهڪ ڏيڻ لڳا ۽ اسان جي دوستي پڪي ٿي وئي. اسين
هڪ ٻئي کي خط لکندا رهيا هئاسين ۽ ٻاهرين ملڪن جا
پروگرام ڪجهه ايئن ٺاهيندا هئاسين جو ٽئي ڄڻا اتي
وڃي گڏ ٿيندا هئاسين. هينئر هو منهنجي دعوت تي سنڌ
گهمڻ آيا هئا.
”هو ڪير آهن؟“ ايريڪا پڇيو.
مون ان طرف ڏٺو. اوطاق کان ڪجهه پري خالي ميدان تي جهوپڙيون
ٺهيل هيون ۽ انهن جي اڳيان باهيون پئي دُکيون.
”اهي لاڏو آهن.“ مون چيو. پر ڏٺم ته هنن ڳالهه سمجهي نه هئي.
”سنڌ جو هڪڙو علائقو آهي ٿر. اتي ماڻهن جو گذر سفر
برسات تي آهي. برسات نه وسندي آهي ته ماڻهو اتان
لڏا کڻي بئراج وارن علائقن ۾ ويندا آهن ۽ ٻنين ۾
پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهن. جڏهن ٿر ۾ برسات
پوندي آهي ته موٽي ماڳن تي ويندا آهن.“
نوڪر چانهه کڻي آيو هو.
”تو وٽ وسڪي ڪانهي؟“ ڪارلوس پڇيو.
”اوهه! غلطي ٿي وئي. ڪراچيءَ مان بندوبست ڪري کنيو اچون ها.“
مون کي افسوس ٿيڻ لڳو.
”اصل ۾ مون کي به ياد نه آيو. ههڙي خاموش ۽ رومانٽڪ ماحول ۾
وسڪي وڌيڪ مزو ڏئي ها ۽ وقت سٺو گذري ها. ها، اڃا
اَٺ ٿيا آهن، ته ايئن پيو لڳي ڄڻ ڪافي رات گذري
چڪي آهي.“ ڪارلوس چيو.
”ها، هتي ايئن لڳندو آهي. وقت سـست رفتاريءَ سان گذرندو آهي.“
”اوهان جي ملڪ ۾ شراب تي پابندي آهي، ته پوءِ ڪيئن ملندو آهي!؟“
ايريڪا پڇيو.
”اسان جي ملڪ ۾ جن ڳالهين تي پابندي هوندي آهي، انهن جي اهميت
وڌي ويندي آهي.“
”يعني سڀڪجهه هلندو آهي، پر لڪ چوريءَ ۾!“ ڪارلوس چيو.
”ها ۽ ايئن ماڻهن کي منافقي سيکاري ويندي آهي. مطلب ته ماڻهو
ظاهري طور هڪڙا هجن ۽ اندروني طور ٻيا........“
ڳالهين هلندي ماني آئي ۽ هڪ ڀيرو وري چانهه جو دور هليو.
”ننڊ ته ڪانه ٿي اچي؟“ مون ايريڪا کان پڇيو.
”منهنجي خيال ۾ هاڻي سمهڻ کپي. مان صبح جو سويل سج اڀرڻ جو منظر
ڏسڻ ٿي چاهيان....“ ايريڪا وراڻيو.
”ٺيڪ آهي. اوهان اندر ڪمري ۾ سمهو.“ مون اٿندي چيو.
مون پهرين سوچيو ته گهر وڃي سمهان. گهڻن ڏينهن کانپوءِ ڳوٺ آيو
هوس، ان ڪري گهر وارن سان ڪجهه وقت گذاريان. پر
ايريڪا ۽ ڪارلوس کي ڇڏي وڃڻ ٺيڪ نه سمجهيم. ڳوٺ ۾
حالتون سخت خراب هيون، ڌاڙا ۽ ڦرون پنهنجي جاءِ
تي، پر ڌاڙيل ماڻهن کي کڻي ٿي ويا ۽ پئسا وٺي
ماڻهو موٽائڻ روزمره جو معمول بڻجي ويو هو. ان ڪري
مون اوطاق ۾ ئي سمهڻ مناسب سمجهيو. نوڪر مون کي
ورانڊي ۾ کٽ وجهي ڏني.
”چوڪيدار کي چئينس ته خبرداريءَ سان پهرو ڏي. تون به اتي ئي
ٻاهر سمهه. چوڪيدار واري بندوق ڇٽي ٿي يا نه؟“
”ها سائين!“ نوڪر وراڻيو.
”ٺيڪ آهي. ڪارتوس وجهي تيار ڪري رکي.“ مون چيو ۽ پوءِ کٽ تي
ليٽي پيس.
سوچيم، شايد سڄي ڏينهن جي ٿڪ سبب جلدي ننڊ اچي ويندي، پر ڳچ دير
گذرڻ کانپوءِ به ننڊ نه پئي آئي. اندر ڪمري ۾ پيل
پلنگ شايد پراڻو ٿي ويو هو، جو ان مان چيڪاٽ جا
آواز اچي رهيا هئا. ڪارلوس ۽ ايريڪا جي ڀڻ ڀڻ جو
آواز پئي آيو.
”چپ ڪري سمهي نٿا پون.“ مون کي چڙ اچڻ لڳي. جيستائين اهي نه
سمهندا، مون کي به ننڊ ڪانه ايندي. مون ڪوشش ڪري
هنن تان ڌيان هٽائي سمهڻ چاهيو، شايد مون کي
ڪاميابي ٿي رهي هئي. اڌ جاڳ اڌ ننڊ واري ڪيفيت
هئي. اوچتو ٻاهر ڪنهن رڙ ڪئي.
”ڪهڙو آهين؟ بيهه اتي........“
لڳو ته ڪي ماڻهو ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو. آئون
تڪڙو تڪڙو اٿي ٻاهر آيس. نوڪر ۽ چوڪيدار ٻئي ڪونه
هئا. پريان ٽارچ جي روشني نظر آئي. شايد اهي ٻئي
ڄڻا هئا. ايريڪا ۽ ڪارلوس نائيٽ گائون ۾ ٻاهر نڪري
آيا هئا.
”ڇا ٿيو؟“ ايريڪا گهٻرايل هئي. ”فائرنگ ڇو ٿي؟“
”خبر ناهي!“ مون چيو.
ٽارچ جي روشني تڪڙي تڪڙي اوطاق ڏانهن وڌندي آئي. چوڪيدار ۽ نوڪر
ٻئي گڏ هئا.
”ڇا هو؟“ مون اتاولائيءَ مان پڇيو.
”سائين، لڏي وارن جو ڇوڪرو مري پيو.“ نوڪر گهٻراهٽ ۾ چيو.
”هان!“ مون کان رڙ نڪري وئي. ”ڪيئن؟“
”مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪو ڇوڪرو آهي. اوطاق ۾ اندر گهڙيو پئي
ته مون ڏسي ورتس. هڪل ڪيم ته ڀڄڻ لڳو. مون سندس
پٺيان ڊوڙندي بندوق ڇوڙي ته.......“ هو چپ ٿي ويو.
”لاش ڪٿي آهي؟“
”اسين لاش جي مٿان وڃي بيٺاسين، ته پريان ٻه- ٽي لڏي وارا ايندي
ڏٺاسين. اسين اتان کسڪي آياسين.“ نوڪر چيو.
مون ايريڪا ۽ ڪارلوس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. ٻئي پريشان ٿي ويا.
”ويري سئڊ....... ويري سئڊ....“ ايريڪا رکي رکي چوڻ لڳي.
اسين ٻاهر ٿلهي تي رکيل ڪرسين تي ويهي رهياسين. مون ڪارلوس کان
سگريٽ ورتو. اسين ٽئي ڄڻا ڊپريشن وچان سگريٽ پيئڻ
لڳاسين. منهنجو ڌيان لڏي وارن ڏانهن هو. سوچيم ته
هاڻي ڇا ٿيندو. نوڪر ۽ چوڪيدار ڏانهن ڏٺم. اهي به
ڊنا ڊنا چپ چاپ بيٺا هئا.
لڏي وارن جي جهوپڙين مان آواز اچڻ لڳا ۽ گهڻن ماڻهن جا آواز
گڏجي گوڙ بنجي ويا. جهوپڙين جي اڳيان وساميل
باهيون وري آهستي آهستي ٻرڻ لڳيون.
”خبر چار ته وٺ. لڏي وارن سان ڳالهائي ٻولهائي معاملو ٺاهجي، نه
ته ڏاڍي خرابي ٿي پوندي.“ مون نوڪر کي چيو. هو
ڊڄندو ڊڄندو جهوپڙين ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ اوندهه ۾ گم
ٿي ويو.
مون کي حيرت ان ڳالهه تي هئي ته جهوپڙين مان روئڻ جو ڪو آواز نه
پئي آيو. رڳو گوڙ هو. مرد ۽ عورتون زور زور سان
ڳالهائي رهيا هئا. نوڪر کي وئي ڪجهه دير ٿي ته گوڙ
هڪدم وڌي ويو، جهيڙو ٿي پيو هو.
اوندهه ۾ ڪو ڊوڙندو اوطاق ڏانهن اچڻ لڳو. چوڪيدار ٽارچ ٻاري
اوڏانهن روشني ڪئي. نوڪر سهڪندو پئي آيو.
”سائين، لڏي وارا مڇرجي پيا آهن. چون ٿا ته اسان جو ڇوڪرو وڏيري
مارايو آهي. اسين کيس نه ڇڏينداسين. اوطاق کي به
باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.“ هو سهڪندو پٽ تي ويهي
رهيو. ”آئون جيئن تيئن جان بچائي ڀڳو آهيان.“
تيستائين سموريون جهوپڙيون ڏياٽيون ڏياٽيون ٿي ويون هيون. شايد
لڏي وارا مشعالون ٻاري اوطاق ڏانهن اچڻ وارا هئا.
”سائين، توهان هتان نڪري وڃو، تيستائين آئون بندوق جهلي اڳڀرو
ٿي هنن کي روڪيان ٿو.“ چوڪيدار چيو.
”نه نه، چريو آهين ڇا؟ تنهنجي بندوق ڪيترن ماڻهن کي روڪي
سگهندي؟ اوهين ٻئي هتان ڀڄي وڃو. اسين وڃون ٿا.“
”پوءِ اوطاق سائين؟“ نوڪر پڇيو.
”وڃي سڙي. هينئر پنهنجي ساهه بچائڻ جي ڳالهه ڪر.“ مون ڪاوڙ مان
چيو.
ايريڪا ۽ ڪارلوس حيران پريشان ٿي اسان کي ڏسي رهيا هئا. مون تڪڙ
۾ هنن کي ڳالهه ٻڌائي.
”اوهين تيار ٿيو، آئون ڪار کڻي ٿو اچان.“ آئون چاٻي کڻي ڪار
ڏانهن ڀڳس. ڪار اوطاق جي ٿلهي وٽ آندم ته ڪارلوس ۽
ايريڪا نائيٽ گائون ۾ ئي ڊوڙندا اچي ڪار ۾ چڙهيا.
مشعالون اوطاق ڏانهن وڌنديون پئي آيون. اوندهه هئڻ ڪري ڪار جون
بتيون ٻارڻ به ضروري هيون. مون ايڪسيليٽر تي زور
ڏنو ۽ ڪچي رستي جي به پرواهه نه ڪئي. مشعالون ڊوڙڻ
لڳيون، پر تيستائين اسين ڳوٺ مان نڪري چڪا هئاسين.
پڪي روڊ تي چڙهڻ کانپوءِ مون ڪار روڪي. اسين ڪار
مان لهي ڳوٺ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين. ڳوٺ طرف آسمان تي
شفق جي ڳاڙهاڻ هئي، ڄڻ سج اڀرڻ وارو هو. پر اڃا ته
آڌي رات ٿي هوندي، مون سوچيو. اوطاق کي باهه لڳي
چڪي هئي. ايريڪا، ڪارلوس ۽ مون هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
ڳالهايو ڪنهن به نه. ڳالهائڻ لاءِ لفظ ڪنهن وٽ به
ڪونه هئا.
سونل
انيس انصاري
”بابا، ڪا ڳالهه ٻڌاءِ.“
”ڪهڙي ڳالهه؟“
”ڪابه.“
”مان ته توکي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو آهيان، جي مون کي اينديون
هيون.“
”بابا!“ آواز ۾ انگل به هو، التجا به هئي، جا گلڻ ٽاري نه
سگهيو.
”پٽ! مان اڄ توکي سونل جي ڪهاڻي ٻڌايان ٿو.“
”اها ڪهاڻي ته اڳ ڪانه ٻڌائي اَٿوَ بابا!“
”هڪڙو هو غريب شخص- ڏاڍو غريب. ڏينهن جو کائيندو هو ته رات جو
بک تي گذاريندو هو. پر ان جا خيال ڏاڍا مٿاهان
هئا.“
”خيال مٿاهان ڪيئن ٿيندا آهن، بابا؟“ پوٽي پڇيو.
”هاڻي ڳالهه ٻڌندين يا سوال ڪندين؟“ ڏاڏي رهڙ ڏئي ڪڍيس.
”ڳالهه ٻڌندس بابا.“ ڇوڪرو روئڻهارڪو ٿي ويو.
”اهو غريب شخص ڪمائيءَ جي خيال کان پنهنجي شهر کان ڏهه ڪوهه پري
هڪ شهر ۾ ويو. اتي کيس سٺو ڪم ملي ويو.“
”ڪهڙو ڪم بابا؟“
”وري سوال! مان ڳالهه ڪونه ٻڌائيندوسانءِ.“
”بابا جيجڙا! مان هاڻي نه ڳالهائيندس.“ پوٽي جي آواز ۾ درد هو،
التجا هئي.
”اهو شخص ڪاريگر هو. جايون سٺيون جوڙي سگهندو هو.“
”اوهان به ته ڪاريگر هئا نه بابا؟“
ڏاڏي ڪاوڙ مان پوٽي ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ مرڪي ويٺو.
”ان نئين شهر ۾ ڪاريگر جي ڪم جو ڏاڍو قدر ٿيو. هڪ جاءِ ۾ هٿ
هوندو هيس ته ٻي جاءِ بنائڻ لاءِ وٽس اڳواٽ ماڻهو
اچي ويندا هئا. پر هو ٻيءَ جاءِ ۾ هٿ نه وجهندو
هو، جيستائين پهرين جاءِ پوري نه ٿيندي هئي. ان
ڪري ڪاريگر جي ساک پت قائم ٿي. ان سان گڏ ڪمائي به
وڌيس. هاڻي هن ڪجهه ڏوڪڙ پڻ ميڙيا هئا. سندس خيال
هو ته ڪم ختم ٿيڻ کانپوءِ هو ڳوٺ ويندو ۽ بچايل
پئسن مان گذارو ڪندو، جيستائين کيس ڪو ٻيو مناسب
ڪم ملي. هڪ ڏهاڙي.....“ گلڻ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
ڳالهه ياد ڪري رهيو هو يا ڪي پراڻيون يادون!
”هڪ ڏهاڙي.....“ ڇوڪري جي آواز گلڻ کي خيالن جي دنيا مان ڇڪي
ٻاهر آندو.
”هڪ ڏهاڙي........“ گلڻ ڳالهه شروع ڪئي، ”استاد ڪاريگر هڪ امير
ماڻهوءَ جي گهر جي مرمت ڪري رهيو هو.“ گلڻ ٻه- ٽي
منٽ ماٺ ٿي ويو. ان کانپوءِ هڪ ڊگهو ساهه کڻي چوڻ
لڳو، ”اڌ گهر کي رسيءَ تي چادرون ۽ پردا وجهي ڍڪيو
ويو هو، باقي اڌ گهر جي مرمت ٿي رهي هئي.“
گلڻ ماٺ ٿي ويو. پوٽس اکين ۾ نهاريو. موتيي پاڻيءَ کان ڌنڌلايل
ماڻڪين ۾ چمڪ اچي ويئي هيس.
”پاڻي ته پيار، روشن!“ ڏاڏي چيو.
پوٽو پاڻي کڻي آيو. گلڻ ٻه- ٽي ڍڪ ڀري، کنگهڪر ڪري ڪهاڻي شروع
ڪئي، ”انهن پردن پويان رهندي هئي سونل.“
”سونل؟“
”نالو ته ڪو ٻيو هوس جو ڪاريگر کي ان وقت معلوم ڪين هو. هن سندس
سون جي تارن جهڙا وار ڏسي دل ئي دل ۾ سندس نالو
سونل رکيو. وار به ڪاريگر کي اتفاق سان نظر آيا
هئا. هوءَ ان وقت ڪنهن ڪم سان پردي پويان وڃي رهي
هئي.“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ روشن پڇيو.
”سونل جو هٿ وري کير کان به وڌيڪ سفيد هو. اهو ڪاريگر ان وقت
ڏٺو، جنهن وقت هوءَ پردي منجهان هٿ ڪڍي چانهه جي
ڪٽلي مزدور ڇوڪري کي ڏيئي رهي هئي، جنهن کي ڪاريگر
ٻاهرين ڪم لاءِ بيهاريو هو....... روشن ير! بيهه،
ٻيڙي دُکائي وٺان.“ (ٻيڙي دُکائي ڪش هڻڻ بعد) ”هٿ
ڏسي ڪاريگر کان ڪم وسري ويو. ڏهن ڏينهن بدران
ڪاريگر کي پندرهن ڏينهن ڪم کي لڳي ويا. ان وچ ۾
ڪاريگر سونل جي سونهن چڱيءَ طرح ڏسي چڪو هو. سونل
ڏاڍي سهڻي هئي، ڄڻ پرستان جي شهزادي.“ گلڻ کان هڪ
آهه نڪري ويئي.
”ها بابا! پوءِ؟“ روشن پڇيو.
”ڪم پوري ڪرڻ کانپوءِ به ڪاريگر ان گهر کان پيو لنگهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن در ۾ بيٺل سونل سان سندس اکيون ميل
کائينديون هيون.“
”ميل ڇا ٿيندو آهي بابا؟“ روشن سوال ڪيو.
”جڏهن وڏو ٿيندين ته پاڻهي پتو پوندءِ.“ گلڻ ٿورو لڄي ٿيندي
مسڪرائيندي چيو.
ٿورو ساهه پٽي، ٻيڙي ٻيهر دکائي، ڪش هڻي، کنگهڪر ڪري گلڻ ڳالهه
شروع ڪئي، ”اڳي هڪ شهزاديءَ جي ڳالهه ٻڌائي هئي
مانءِ روشن، جا هڪ ديو وٽ ڪوٽ ۾ ڪڙيل هئي. ساڳي
طرح سونل به ماٽيلي ماءُ وٽ قيد ۾ پئي وقت ڪاٽيندي
هئي. ڪاريگر پڇا ڳاڇا بعد هڪڙيءَ مائيءَ هٿان سونل
جي ماءُ کي سونل سان شاديءَ جو پيغام موڪليو. پتو
اٿئي روشن! ماڻس ڇا چوائي موڪليو؟“
”ڇا چوائي موڪليو بابا؟“
”چوائي موڪليائين، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي ڇا؟ ڪاريگر کي آهن
ڏهه هزار هڙ ۾؟ جڏهن ٿينس ته پوءِ پيغام موڪلي.“
جواب ٻڌي ڪاريگر جون لوندڙيون ڌنوڻ لڳيون. جيئن
وڏا ماڻهو تيئن وڏي بک! ڪاريگر ته ويچارو ڪمي هو.
پيسو پيسو ميڙي اَٺ هزار گڏ ڪيا هئائين.
”پوءِ ڇا ٿيو بابا؟“ گلڻ کي ماٺ ٿيندو ڏسي روشن چيو.
”ڇا وري ڇا ٿيو! ڪاريگر کي پاڻ مارڻو پيو. جمعي ڏينهن ۽ ٻين ڏڻ
وارن تي به ڪم ڪرڻ لڳو. سال کن ۾ ٻه هزار ڪمائي
ورتائين. هن ڀيري پنهنجي ماءُ پيءُ هٿان سونل جي
شاديءَ جو نياپو موڪليائين. سونل جو پيءُ (سڳو) ۽
ماءُ (ويڳي) ضد ٻڌي بيٺا ته ڏهه هزار ته روڪ
وٺنداسين. ان کانسواءِ شاديءَ جو سمورو خرچ به
گهوٽ ڀريندو. آخر ڪاريگر جي ماءُ پنهنجا زيور وڪڻي
پيسا هٿ ڪري پُٽ پرڻايو.“
”چڱو ٿيو.“ روشن جي منهن تي مرڪ اچي ويئي. سندس دل تان هڪ وڏو
بار لهي ويو.
گلڻ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”ستاوڙي تي سونل ڳوٺ وئي ته وڃي اتي ننڊ
۾ پئي. ماڻس چيو ته اسان وٽ رواج آهي ته ستاوڙي تي
گهوٽ، سس کي هزار رپيا سلام ڪرڻ جا ڏيندو آهي.
ڪاريگر وٽ هاڻي هڙ ۾ ٽڪو به ڪونه هو، سو ڪٿان ٿو
هزار رپيا آڻي. راڄ مهاڄڻ ميڙيائين، سڀني چيو ته
اهڙو رواج ته اسان نه ڏٺو آهي ۽ نه ٻڌو. هٿون پيڪا
ڌيءَ کي هڙئون وڙئون ڏيندا آهن. ان ريڙهه پيڙهه ۾
ڀريا ڇهه مهينا گذري ويا.“
”ڇهه مهينا؟“ روشن حيرانيءَ مان چيو.
”ها بابا ڇهه مهينا. هڪ ڏينهن ڪاريگر کي هڪ ڇوڪري چٺي اچي ڏني.
چٺي سونل لکي هئي. ان ئي ڏينهن اڌ رات جو ڪاريگر
سونل جي گهر جي پٺئين دروازي وٽ موجود هجي. ڪاريگر
ويو. ڪتن جي پئي باهوڙ پئي. پريان چوڪيدار ”ڪهڙو،
ڪهڙو“ پئي ڪيو. آخر دروازو کليو. سونل ٽن لٽن ۽
چادر ۾ ٻاهر نڪتي. ٻئي ڄڻا پنڌ ئي پنڌ جهر جهنگ
لتاڙيندا، ڪرڙن ڪنڊن مان رستا ڪندا، صبح جو اچي
اسٽيشن تي پهتا. ريل ۾ چڙهي اچي گهر پهتا. اهي ئي
ست ڏينهن گذريا ته پوليس اچي ڪاريگر جي در تي
پهتي. پڪڙي وڃي لاڪ اپ ۾ هنيائونس. ساهرن الزام
هنيو هيس ته ڇوڪريءَ سان گڏ گهر مان سامان ۽ روڪڙ
چوري ڪري ويو آهي.“ گلڻ ساهي پٽي وري چوڻ لڳو:
”ڪاريگر انهن ڏينهن ۾ ڊپٽي صاحب جي جاءِ پئي جوڙي. ان ڏٺو ته
ڪاريگر ڪم تي نه آيو آهي ته تپي باهه ٿي ويو.
معلوم ٿيس ته ڪاريگر ته قيد ۾ آهي. کيس سارو حال
معلوم هيو. ٿاڻي تي ويو ۽ وڃي ڪاريگر کي ڇڏائي
آيو. سو روشن سائين! ڪاريگر ۽ سونل کي هڪ سهڻو پٽ
پيدا ٿيو، جنهن جي شادي ڌام ڌوم سان ڪيائون. هاڻي
انهن کي هڪ پوٽو آهي تنهنجي عمر جو.“
”پر بابا!“ روشن چيو، ”بابا ننڍو ته چوندو آهي ته ڏاڏي امان جا
وار سون جي تارن جهڙا هئا، جي سج جي روشنيءَ ۾ پيا
جرڪندا هئا.“
فالج ورتل سفيد وارن واري سندس ڏاڏِي، جا هڪ ڇڳل کٽ تي ليٽيل
هئي، ان جي اکين مان ٽپ ٽپ ڪري ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. |