سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :9

مومل راڻو

 

 108ساراهيان سچو ڌڻي، هادي منجهان هِڪَ (1)

نبي پنهنجي نور مان، خلقيو سو خالق

منهنجا ڪم قادر تي، رحم ڪندو رازق

بخشيندو بدڪار کي، چارئي پلئو چڪ

تنهن سيّد ڏي، سانوڻ چئي، سچي اٿم سڪ

اکين جي عشق، جانب ڏسان جيئري.

 

109 – هلي وو حب مان، جوڳي سو جابر

مرد مُڙندا ڪينڪي، بابو بهادر

راجا وڃي روبرو، چيو منهن مقابر

ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون، ستئي ڄڻيون صابر

مومل جا سڀن ۾، هئي عورت اڪابر

مومل جا مِڙن ۾، هئي زور ڀري زابر

مشهور هئي ملڪ ۾، نامڪٺي ناتر

پرديسي پَٽ ڪيا، تنهن ماري مسافر

سا سوين ڪندئي، سانوڻ چئي، خلق اندر کِر

سامي نيندا سر، ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون.

 

110 – ٻيٽي راجا ڀوڄ جي، ديکي تو نه دونسٽ

پرديسي پٽ ڪندئي، سامي جهلج سٽ

جڙي ٿي جهان کي، اتان ويراڳي وٽ

مومل ماري مَٽ ڪيون، چارئي دسيون چٽ

دود ڪري ٿي دغا سان، ناتر ڄاڻي نٽ

جوڙي ڇڏيائين جادو سان، ڪئين کريبيون ۽ کٽ

آديسي ادب سان، پير پائج پٽ

سوين هلن ٿا، سانوڻ چئي، ات ڪلون ۽ ڪوڪٽ

ماڙي اُهائي مٽ، ويراڳي ويرين جي

 

111 – ويراڳي ويرين جي، ڏيا تو نه ڏٺي

ٿي ماري معشوقن کي، محبت ڏيو مُٺي

ڄائي ڄاموين جا، ٿي اکر اَسٽي

سُڄي ٿي، سانوڻ چئي، ڪا ناتر نامڪٺي

چاندي توتي چٺي، متان پوي مومل جي.

 

112 – متان پئي مومل جو، ڪو پُکو پرديسي

سائو تنهن سڏ ڪري، چيو جابر کي جيسي

ڪٿان آئين ڪاپڙي، تو ڪٿ رکيو ڪيسي

آهيان سامي سِڄ اڀار جو، منهنجو اچڻ ٿيو ايسي

مومل چيو سومل کي، هَل پَسون پرديسي

آيو آديسي، ڪو سامي سڄ اُڀار جو.

 

113 – سامي  سڄ اڀار جو، آيو ڪهي ڪاپڙي

سناسي صورت جو، هو ٻاٻيهو ٻڙي

پرديسي پهه ڪري، آيو لاهوتي لڙي

عاشق لنگهيو اوڏڙو، وٺي واٽ ڳري

سون رُپي سان، سانوڻ چئي، ڪا ڀورل هئي ڀري

ويس اک اڙي، مورت ڏسي ماڙيءَ ۾.

 

114 – مورت ڏٺائين ماڙي تي، ڪا ماڻهو جي مثل

اٿي ويئي ان تان، ڪا دوست سندي دل

مرد مُڙيو ڪينڪي، مَٽي ويو مَل

ٻيٽيون راجا ڀوڄ جون، ڌيون آهن ڌُئل

مومل، سومل، صحت، سليمت، نامڪٺيون ناميل

تن سوڍين اڳيان، سانوڻ چئي، خوب به ٿيو کِل

سامي ويو سِل، تڏهن ناتر ڏٺئين نينهن ۾.

 

115 – مومل جي ماڙيءَ کي، وڃي راڻي هنيو رند

جڙون اندر جيءَ ۾، تارون لڳي ويون تند

وه ٿيا ويچاريءَ کي، هندورا ۽ هنڌ

پائي بيٺي پار ڏي، اکيون آسر وند

لائي وئين لُڏڻ کي،، تون ڦوڙائي جا ڦند

ڪاهي انهيءَ ڪاڪ تي، جت حور نهاري ٿي هنڌ

مومل مير مينڌرا، ڇيڙي انهين ڇند

ڦڳائي ڦٽو ڪيو، جنهن بولو بازو بند

ڪنواري ڪاڪ ۾، رڙهيو وٺي رند

سورن لاءِ، سانوڻ چئي، خلقي آهي خاوند

اکڙيون آسابند، راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي.

 

116 – راڻو رنج رکي ويو، ڪالهه ڦٽائي ڪاڪ

مومل محلاتن ۾، موهي منڌ فراق

دوست ڪارڻ دانهون ڪري، ڏکي چڙهيو ڏاڪ

اکيون آسروند جون، کامي ٿيڙيون خاڪ

ڪري پيا ڪامڻ جي، چولي تي چُونئاڪ

جهڄي من جهوري ٿيو، جيئن موتي وسن ماڪ

سورن جو، سانوڻ چئي، ڪهڙي چڱڀلائي چاق

هن لاکڻييءَ لاءِ ڪر، آيو ڏينهن ڏهاڳ جو.

117 – مومل چيو سومل کي، تون اُٿي ڍارو ڍار

اڄ اڄوڪي ڏينهن جي، ڏي کاڻي! خبر چار

اڳ نه ٽڪي ايترو، منهنجو سوڍل سعييدار

دير لڳي دلبر کي، ويڙو ڪهڙي وار

لوڌي لوءِ لڙي ويا، ڪتيون ويون ڪاپار

نڪو اٺُ اوري ڇڪ ۾، نڪو ڪو اوٺار

رويو رويو ربّ ڏي، هٿ کڻي هيڪار

تن سورن جو، سانوڻ چئي، وري من وينجهار

سينڌ، سرما، سينگار، ڪنهن لئي ڪنديس ڪاڪ ۾.

 

مومل چيو سومل کي، رات نه آيو راڻو118

پره ڦٽي پرڀات ٿي، ٽري ويو ٽاڻو

ڪونه پسان ٿي ڪيري تي، نيرو نماڻو

لڳس واءءُ فراق جو، ڪاڪ به ڪُماڻو

دردونديءَ جي دلڙي، کسي ويو کاڻو

منجهه گهڙيو محلات ۾، ڏئي عشق اولاڻو (1)

سورن جو، سانوڻ چئي، هي ڪو سوڍو ساماڻو

منڊل مانڊاڻو، ڪنهن لئي ڪنديس ڪاڪ ۾.

 

119 -  مومل چيو سومل کي، ويو رنج رکي راڻو

ڪڇيو پڇيو ڪينڪي، ۽ نڪي ڳالهاڻو

موٽي هليو ماٺ ڪري، ڇڏي ڇانڊاڻو

واتان مون نه وڃايو، ڇا تان رنجاڻو

اهو سور، سانوڻ چئي، وڃي لوح ۾ لکاڻو

پوءِ منڊل مانڊاڻو، ڪنهن لئي ڪنديس ڪاڪ ۾.

 

120 – ڪانڌ مون کي ڪل نه پئي، ته ڪيئن رٺين راڻا!

ڏيان ها اوجاڳو اکين کي، جي آءٌ اها ساعت سڃاڻا

ماري ويو آهين مينڌرا! ڪري دل سٽي داڻا

جانب تنهنجي جدائيءَ جا، آهن گهايل کي گهاڻا

ويهڻ مون کي وه ٿيو، پرين! تو پڄاڻا

ڪاڪ ڪڙهي ڪاري ٿي، ڇڏ مومل سان ماڻا

پيسا ڏيئي پانڌيڙن کي،  مُڪم توڏي نول ڀري ناڻا

هاڻي هو ڏ ڇڏي هلي آءُ، آءٌ ٻي ڄاڻ نٿي ڄاڻا

سورن جا، سانوڻ چئي، مون کي ڏنا عشق اولاڻا

دونهان دکاڻا، ڪانڌ توريءَ ڪاڪ تي.

 

121 – ڪاڪئون قاصد آئيو، ڪو مومل جو ماڻهو

ته وري آءٌ وطن تي، ٿيءُ سوڍل! سياڻو

موٽي اچج مينڌرا! ڪري چڙهي چانڊاڻو

پانڌي اچي ٿو پنڌ ڪري، جنهن کي ڏنم نول ڀري ناڻو

رنج ڪڍي اچ روح مان، آءٌ پلئي وجهئين ٿي پاڻو

لڳي چئي چغلن جي، تون ڇو آهين ڇناڻو

آءٌ ڪيئن سمهان سيج تي، ڏيئي ولها وهاڻو

نکٽ سڀ نمي ويا، ٽري ويو ٽاڻو

ساريندي توکي سوڍا! آهي ڪاڪ به ڪوماڻو

ڄاڻي ڄمايو اٿئي مومل ڏانهن، حرف حقاڻو

من تو لئي مينڌرا! اڄ وتي منهنجو ويڳاڻو

”اِذا جاء و ترڪ قائما“، اهو گهمي پيو گهاڻو

سڙيءَ جو، سانوڻ چئي، ڪر نه مومل سان ماڻو

اهو امڙ اولاڻو، ڏنو مون کي ڏهاڳ جو.

 

مومل مري مٿا ڏي، نٿو ٽڪ ٽري122

وڃي تون ويهي رهيون، هڪڙي پڪ ڪري

هيڪر چيم هلي وڃان، ڪي ماڻهو ميڙ ڪري

پر ماڻهو مُنجان ماڻهن پٺئين، اُڀي ڪُڏ ڪري

جهڄڻ ۽ جهوريءَ ۾، اڳئي ماڻهو ڪونه مري

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، پيئي ساعت سري

سڙيءَ جو، سانوڻ چئي، من ڪا پت پري

اِن ڳڻتيءَ منجهه ڳري، متان راڻو رنج رکي ويو.

 

123 – راڻا! تنهنجي رسڻ جا، لڳا چوڙيليءَ کي چَڪ

جانب! تنهنجي جدائيءَ جا، اٿم جيءَ اندر ۾ جَڪ

سگهو چڙهي آءُ چانگي تي، آءٌ ويٺي نهاريان لَڪَ

ڪانگ اڏايان ڪاڪ جا، ٽاڻا نهاريو ٽَڪَ

توکي ڪٽر پيو ڪاڪ تان، ته پڇي ڪر تون پَڪ

عيب ڏسين ها اکين سان، ته تڪ ڏئين ها ترڪ

جواب ڏيڻ جوين کي، ناهي مردن جو مرڪ

آءٌ مري وينديس مينڌرا، ڇو مون مان ڪانڌ ٿيو آهين ڪڪ

هن سڙيءَ تي، سانوڻ چئي، ڍوليا! ڪر ڪو ڍڪ

نه ته هيءَ غمن ۾ غرق، هوندئي مرڻ سوڌي مينڌرا!

 

124 – راڻا! ريت رُسڻ جي، دغا ڇڏ دولاب

مناسب ناهي مردن کي، ڏيڻ جوبن کي جواب

سوڍا! توکي ساريندي، رڳون ٿيم رباب

مومل تو لئي مينڌرا! ڪُسي ٿي ڪباب

وهيو پئي ولهيءَ کي، اکين منجهان آب

دلاسو ڏيڻ دلگيرن کي، سوڍا اٿئي ثواب

اِها سومل شل سڙي مري، جنهن کاڻي ڪيئي خراب

ڄاڻي ڄٽ نه ٿي، هيڏو ڪر نه حجاب

اڳيان سجهي ٿو، سانوڻ چئي، حميراڻو حساب

اِها مومل مهڻي هاب، جيئري ڪر نه جيڏين ۾.

 

125 – راڻا! ريت رُسڻ جي، توکي سوڍا! ڪنهن سيکاري

لَهه لڳي لوڪ جي، پئين کاڻيءَ سان کاري

مومل مير مينڌرا، تنهنجي ميارن ماري

ڏيئي وئين ڏکيءَ کي، ڏورئون ڏيکاري

نڪو سنيهو سور جو، نڪو سلام سوپاري

نڪو دلاسو دلگير کي، نڪا دلداري

هڪجيڏين ۾ هيڻي ٿيس، نه ته هيس سوڍا سوڀاري

عشق پنهنجي اڱڻ تي، تو صحت نه ساري

 (1) سورن ۾، سانوڻ چئي، ڪڙهي ٿيس ڪاري

ڌيءَ پسيو ڌاري، موٽيو وڃين مينڌرا!

 

126 – راڻا! ريت رُسڻ جي، بنھ بات وسار

ميندي هن ميي کي، چندن ڀڃي چار

ڪرهي جون ڪاڪ تي، هلي واڳون وار

تو جي ٻول ٻهون ڪيا، سي پرين پنهنجا پار

هاڻ گهڙي هت نه گهار، هلي سرتين ساڻ سچي ٿيان.

 

127 – راڻا! ڇڏ ماڻا، اٿم طلب اندر ۾ تار

ڪٽياسون ڪاڪ تي، ڏينهن چڱا ڪي چار

مٽي ويو آهين مومل تان، ڇو اڳوڻو آر

ڦري پيئي فراق ۾ جهليو ڪاڪ ڪنار

نماڻيءَ جي نڪ ۾، بولي ڪيو آهي بار (2)

سڏي ڏنائين سومل کي، هس ڪڙولا هار

منڊيون وڌائين مچ ۾، ٻانهيون، ٻيڙا ٻار

سڪان ٿي، سانوڻ چئي، اچي مئيءَ کي منهن ڏيکار

هاڻي سرما ۽ سينگار، ڪنهن لئي ڪريان ڪاڪ ۾.

 

128 – راڻا ڇڏ ماڻا، آءُ ته چانگي تي چڙهون

ساريو تو سوڍل کي، راتو ڏينهن رڙون

مينڌرا تنهنجي محبت جي، قرب منجهه ڪڙهون

سبق تنهنجي سور جا، پرهه تائين پڙهون

ميخون محبت جون، هڻي ويو آهين جيءَ منجهه جڙون

ڪهي ويو آهين ڪاڪ تي، ڪري ترت تڙون

نهاري پئي نماڻي، جهليو عشق آڙون

سورن جون، سانوڻ چئي، ڏيئي وئين هينئين منجهه هَڙون

ساريو توکي سڙون، هاڻ واجهائيندي ولها.

 

راڻا! ڇڏ ماڻا، توسان ٻالجتيءَ جو ٻنگ 129

ڏمر ڇڏ، ڏاهو ٿي، نام سڃاڻج ننگ

سڄڻن کان سڀڪي ٿئي، دشمن وجهن دنگ

جيارئين ته جيئان، نه ته جيءَ سان اٿم جنگ

سومل پنهنجي ثمر ۾، ڏمر هڻي ٿي ڏنگ

ويٺي رات وهاڻي، روئندي ڏسين ها رنگ (1)

سوڍا! تنهنجي سور، مون کي وره وڌا ونگ (1)

ماري وئين ميارن سان، چاڙهي مون کي چنگ (1)

مون سڙيءَ کان، سانوڻ چئي، موڪل مَ منگ (2)

ڪاڪ رڙندئي ڪنگ، هت مئي سڻندين مينڌرا!

 

130 – راڻا! ڇڏ ماڻا توکي، ڪهڙو پھ پيو

جيئري هن يتيم کي، ڏولائو ڪين ڏيو

ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، نڪي لڱن تي ليو

ڀڻي وتان ڀرم ۾، آءٌ اڇا اوڍيو

مٺو ڀائين نه مينڌرا! مون توکي چڱائي جو چيو

ڪاوڙجي ڪست مئون، تو کنڀي اٺ کنيو

ڏس تنهنجو ڏيپلي، وڃي ٿر ٿيو

موچاريءَ مومل سان، تو راڻا رڻ ڪيو

(1 ) اهو سور، سانوڻ چئي، مون کي وسري ڪونه ويو

ڪهڙي نيم نيو، منهنجو راڻو رنج رکي ويو.

 

131 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون اُٺ اوري آڻ

چڙهي اچ چانگي تي، وجهي پوش پلاڻ

ڪاهي آ ڪاڪ تي، ڏيئي توڏن کي تاڻ (2)

اچي لهه لڊاڻي ۾، ڏيئي ڏاگهي کي ڏاڻ

من اچي مومل کي، تنهنجي اُٺ منجهان اوساڻ

سوڍا! تنهنجي سور ۾، هينئون ٻڏي ويم هاڻ

ڪسي تنهنجي قرب ۾، گهڻو ٿيو آهي گهاڻ

ڪهڙيءَ ريت رٺين، ڪٺيس تنهنجي ڪاڻ (2)

ڪڍ مٺائي من مان، ته پرچي ويهون پاڻ

ڏيئي هٿ هٿن ۾، ڏي جڏيءَ کي جيئڏاڻ (2)

مومل سان مير مينڌرا! هيڏي نه ڪر هاڻ

”اِنّ يوم الفصل ڪان مِيثاقا يوم“ تنهنجي ولها ڪنديس واکاڻ

ساعت گهڙي، سانوڻ چئي، آهي مومل هت مهماڻ

اچي ڪج اوسراڻ، اهي مدايون سڀ مومل کي.

 

132 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون اڱڻ منهنجي آءُ

قربان وڃان قدمن تان، تون پير پلنگ تي پاءِ

هينئڙو منهنجو هولن ۾، جيئڙو ناهي جاءِ

ڏيئي ويو آهين ڏهاڳ جون، بديون بيگناهه (3)

ڪونه ڏسان ٿي ڪاڪ ۾، توکي ويهاري هڻي واءُ

سورن جي، سانوڻ چئي، هي مومل ڄائي ماءُ

خان هلي کاءُ، مزماني تنهن مومل جي (4)

 

راڻا! ڇڏ ماڻا، تون جاني اسان وٽ جَٽ 133

لَهه لڳي لوڪ جي، تون محبت مور نه مٽ

سوڍا! مون صحيح ڪيا، تنهنجا وَر ۽ وٽ

مومل جي ماڙي تي، ڪوڙ نڪو ڪوڪٽ

راڻا! تنهنجي رهاڻ لئي، رڙان جهنگ پٽ

ٻاٽي ڏينهن حياتيءَ جا، اچي ڪاڪ مٿي ڪٽ

کسي دل کڻي وئين، ڏيئي چانديءَ جي چٽ

سورن جو، سانوڻ چئي، گهوڙا ڪيئي گهٽ

لَنڊيءَ جا لولهٽ، مڃ کڻي تون مينڌرا!

 

134 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون سينو ڪيم سهاءِ

مومل ليکي مينڌرا، تون آهين بي بهاءِ

نڪي وجهه ويلو وچ تي، نڪي رات وهاءِ

ڪاهي ڪرهو ڪاڪ تي، ڪج لڊاڻي تي لاه

سانولي ات سينگار ڪري، ڳوري پائي ڳاه (1)

ڪَتي ويٺي ڪوڏ مان، ارٽ پوڻيون پاءِ

سڱ وراڪو، سانوڻ چئي، تون ڇني ڪندين ڇاءِ

انهين لڊاڻي تان لاه، ميو موڙي اچ مينڌرا!

 

135 – راڻا! ڇڏ ماڻا، تون موٽاءِ نه وڃ ميو

بيٺو آهين باغ ۾، تون ليڙي کي ليو

منٿ مَڃ مينڌرا! ڪر مون چريءَ جو چيو

اِهو انگ ازل کان، مون لاءِ واهڙ اچي وهيو

مَهندوڻو مومل تان، تو ڪيئن خيال کنيو

سڻان ٿي، سانوڻ چئي، تو وڃي ڍٽ ڍيو

ٻڌان ٿي ٻيو، ڪو سوڍي سر چتائيو.

 

136 – راڻا! ڇڏ ماڻا، اهو ڦورو تون نه ڦول

راڻا! راٺوڙين سان، ٻاڙو تون نه ٻول

تڏي آهيون، تنهنجي، ڍنگهر تنهنجي ڍول

سوڍا! اچي سام پيون، اَجهو تون اول

ٻيٽيون راجا نند جون، راڻا! تون نه رول

ڪانڌ ڪيئي ڪچهريون، سي ٽاڻا ڏس تون ٽول

ڪانڌ تو لئي ڪپڙا، سڀ رڱياسون رتول

سرهي ڪر، سانوڻ چئي، تون ڳڻ پنهنجا ڳول

مينڌرا! مَ کول،  ڳالهيون ڳجهه اندر جون.

 

 137 راڻا! ڇڏ ماڻا، آءٌ هت راتو ڏينهن روئان

تون وَٿ، تون ولهو، آءٌ تنهنجي سٿ سونهان

جانب! تو جاڳايا، درد جا دونهان

ڪڏهن ايندين ڪاڪ تي، پرين پَرڀُونئان

سورن کان، سانوڻ چئي، شل حياتي نه هئان

مومل جي مُهان، مُئي وسرندين مينڌرا!


(1) ظ: سڱ تنهنجي لاءِ، سانوڻ چئي، ٿي آهيان ڪڙم ۾ ڪاري.

(126) قاضي نور محمد (تعلقو هالا) (127) ظ، ل ۽ صالح محمد سمون (ڪراچي). (2) ظ: نماڻيءَ کي نصيب ۾، اڄ بشر ڪيو آهي بار (128) ظ ۽ ل.

(129) ظ، ل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) (1) ظ (2) ظ: سورن ۾، سانوڻ چئي، موڪل مون کان منگ (130) ۽ (131) ظ ۽ ل.

(133) ل ۽ صالح محمد سمون (ڪراچي). (134) ل. (1) سليها ڪريو سانولي، ڳچيءَ ڪري ڳهاءِ (135) ۽ (136) ظ ۽ ل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org