سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :35

27 – سانگين جي ميان سومرا! مونکي نينهن وڌو نائي

سڃاڻيو سردار سان، ٿي ڳوري ڳالهائي

خان! کنئي هُيئي کوهه تان، تو عمر، اُٺائي

وُٺا مينهن مهراڻي تي، لُڏڻ لاڳاپا لاهي

موڪل ڏي ملڪ وڃڻ جي، جو ويندا ويرهائي

پوندئي ڪم قبر سان، اڳيان قهري پڇندئي ڪاهي

ٻانهياري، ٻارچ چئي، هيءَ لوئي ڪيئن لڄائي

ميڙون ٿي موٽائي، سان سانگياڻي سومري جون.

28 – سانگياڻيون ميان سومرا! ڪن چوڙيليون چاها

وُٺا مينهن مُهراڻي تي، گهمايا پنهوارن پڙها

اڳيان آديسيءَ جي، ٿا ٻرن آڳيئڙا

قسمت آندي ڪوٽ ۾، ڪِئين پهري پٽ پڙا؟

هيڻي تان حاڪم لاهه، هِي بند بيوڙا

پوندئي ڪم قبر سان ٿيندئي، دنيا سڀ دڙا

جنجير ڀڄندئي، جمعو چئي، اِهي ڪوٽ ڪڙا

بادشاهه پِير بڙا! لاهه نِيئر نماڻيءَ تان.

29 – لٿا نِيئر نماڻيءَ تان، ڪڪر ڪن قطار

مون کان مارو ملير ۾، پري ٿيا پنهوار

آءٌ سڪان ٿي سومرا! هتي چارين ڌڻ ڌنار

قسمت آندي ڪوٽن ، منهنجا جهانگي آهن جهونجهار

وٺا مينهن مهراڻي تي، رنگ ڪن ريڍار

اچن نماڻيون ناز مان، ڪريو ڪونجيليون قطار

پلنگ پٿراڻيون پاسي ڪر، ڪيئن وڇائي وهاڻن تي وار

سَتيءَ تي ڪيئن سومرا! بَدوين رکين بيڪار

هيڻيءَ تان حضرت شاهه، لاهيندو محمّد ڪريم ميار

جنجيرن ۾، جمعو چئي، ٿي نيڻ وهائي نار

ڀٽ ڌڻي ڀرجهلا، آهيان سام تنهنجي سردار

ٻاٻاڻن جا ٻار، آءٌ ويهي ڪيئن وساريان.

30 – ويهي ڪيئن وساريان، جي ٿانيڪا آهن ٿر

مارو وڃن ٿا مال سان، ٻار ويهاريو گهر

سانگين جي ميان سومرا! اها پنهوارن پَر

وڃن ويڙهيچا واپار تي، آديسي اُتر

قسمت آندي ڪوٽ ۾، تون ڌيان پنهنجو ڌر

ستيءَ جي تون سومرا! وٺين ڀيڻ جي ڀر

پوندئي ڪم قبر سان، ڪيو اٿئي بادشاهه! بانور

جنجيرن ۾، جمعو چئي، ٿي جال وهائي جر

ڏؤنرن جو ڏڏر، وڃي ساڻيهه کائيندي سومرا!

31 – ساڻيهه ۾ ميان سومرا! وير! ڏئين ٿو ور

ايندئي مَلڪ الله جا، ڪاهي منجهه قبر

مارو منهنجا ملير ۾، آهن سانگي سيڻ سڌر

نماڻيون ناز مان، ٿيون ڦِريو چارين ڦَر

اچن پنهواريون پاڻيءَ تي، ڪونجون کڻيو ڪر

مور نه ويهندي محلن ۾، توڙي هجن ڪوٽ قصر

ٻانهيارين جي، ٻارچ چئي، پت رکج پرور

ڀٽ ڌڻي ڀرجهلا، وارث منهجا وَر

ڀڃ جنجير، جمعو چئي، سانگياڻيءَ جا سرور!

واريندي ولر، ڏاهِي وڃي ڏوٿين سان.

31 – ڏوٿِي مون کا ڏور ٿيا، آيا سيڻن جا سلام

عمر! اسان جي ڏيهه ڏي، منهنجا مارو مزمان

ڀٽ ڌڻي ڀرجهلا، آهيون سيّد! تنهنجي سام

جنجيرون، جمعو چئي، قيد ٻُڌِيسون ڪام

آهي ڏاڍي منجهه ارمان، مير! انهن ماڙين ۾.

32 – مير انهن ماڙين ۾، تون خان! لهندين خواب

پوندئي ڪم قبر سان، ڇڏيندين بادشاهه بنگلا باب

ايندئي مَلڪ الله جا، ڪندئي تِيوڻ تاب

هلڻ مهل حاڪم تون، ڪندين جنگ جواب

بانور ڪيو اٿئي بادشاهيءَ تي، اڳيان دوزخ جا داب

منهنجو اُت مارن سان، ٿيندو ميڙائو ماڳ

وُٺا مينهن مهراڻي تي، منهنجي والي واري واڳ

سانگياڻيءَ جا سومرا! اُتي ڏوٿين ڪيا آهن ڏاج

منهنجا ڪم ڪريم تي، جيڪو مديني رسائي ماڳ

جنجيرن ۾، جمعو چئي، ڪهڙا ڪندي چوڙيلي چاڳ

اهي درد ته تنهنجا داڳ، مونکي مور نه وسرن سومرا!

34 – مور نه وسرن سومرا! مون سان صاحب ٿيندو ساڻي

منهنجا ڪم ڪريم تي، ڪندو سچو سيّد هاڻي

هيءَ ڪنگالڻ قيد ڪيئي، ناحق نماڻي

چارئي يار رسول جا، گڏيم سيّد سڃاڻي

عمر! اسان جي ڏيهه ڏي، پلٽيون پيٽ ڀري پاڻي

مکڻي جا ملير جي، آهي سِگهي ساماڻي

اسان مارن پاڻ ۾، ٿي ڇڄ کنيو ڇاڻي

جنجير ڀڄندئي، جمعو چئي، ڪئي بند بي ڏوهياڻي

ٿينديس در مٿي دانهياڻي، پوندئي سڌ سومرا!

35 – پندئي سڌ سومرا! ڏس ڀلي جا ڀال

عمر! اسان جي ڏيهه ڏانهن، ٿا مارو چارين مال

جويون جيسلمير جون، آهن، جُنگ جمال

هيڻيءَ تي حاڪم تو، ڪهڙا رکيا خان خيال

ساڻ نه هلندي سومرا! ماڙيون اهي مال

جنجيرن ۾، جمعو چئي، مون ههڙا ڪيا آهن حال

هاڻي لطيف لال! ڀَڃ ڪڙا هن ڪوٽ جا.

36 – ڀڃ ڪڙا هن ڪوٽ جا، هيءَ امر سان آئي

عمر! اسان جي ڏيهه ڏانهن، ڪن لابارو لائي

وٺا مينهن ملير تي، پڪي مهراڻي مڪائي

پوندئي ڪم قبر سان، ڇڏيندئي خاڪ کائي

هڪڙي ڀيڙ ڀتين جي، ٻي اندر اونداهي

حَسن مير حُسين جا، ٿي ڏس ڀُڇي ڏاهي

شرع تنهنجي شاهه چئي، عمر اجائي

جهجهي اٿم، جمعو چئي، سيّد ڏانهن سچائي

واتان ڪڍ وائي، ته ڪلمون هوءِ قلوب ۾.

جمجما سلطان

 37ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سرور

چڙهيو شاهه شڪار تي، راهه وٺي رهبر

ڪاهيو آيو ڪٽڪ سان، هنيو نعرو نر

هن بانور هو بادشاهيءَ تي، ڪانه ڪيائين نيڪ نظر

ڪٿي شان سڪندر جو، ڪٿي داور سندو در

ڪٿي اقبال اڪبر جو، ڪٿي نوشيروان نر

قسمت ساڻ ڪٽڪ ۾، ڦاٿو اچي هو ڦر

سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، جال وهائي جر

جمجا تي، جمعو چئي، ڏمريو اچي ڏاتر

وهايو آگي انگ اکر، سورن جو سلطان تي.

38 – سورن جي سلطان ڪئي، طبيبن کي تار

هزارين حڪيم آئيا، ويٺا ويڄ به ڪن ويچار

ڪنهن جي ڦڪي فرق نه ڪري، لکن لک هزار

سورن ان کي سانگهيڙا ڪيا، بيماريءَ ڏنا هئس بار

روئي ۽ ريهون ڪري، نيڻين وهائي نار

قضا ساڻ ڪٽڪ ۾، لڙي پيو هو لار

سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، مٿان ڏٺو پئي ڏاتار

جمجما تي، جمعو چئي، ٿي ڀلي جي ڀلڪار

قلم لکيو قهار، هاديءَ پنهنجي حق جو.

39 – هادي پنهنجي حق تي، ظاهر ظهورا

مغز سور مٿي جا، کُتس اچي کورا

ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين سانگ سمورا

جمجما جا جمعو چئي، ڪيئين پساهه پورا

ڇڏيئين تخت طهورا، دانَهه هليو دنيا مان.

40 – دانَهه هليو دنيا مان، ڇڏيئين خزاني جون کاڻيون

ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏي رس به رهاڻيون

هزار حرم حاڪم جا، سي ور بنان ويڳاڻيون

ڏاهيون ان ڏکن ۾، ٿيون آهن سورن ۾ ساڻيون

جمجما لاءِ جمعو چئي، روڄ به ڪن راڻيون

ڏئي پَٽ سنديون پهراڻيون، کنيئون ميّت مقام ڏي.

41 – کنيون ميّت مقام ڏي، ڪانڌي هليا ڪاهي

کٽولو تنهن خان جو، هليا عاشق اُڏائي

آڻي ڪاڪ ڪنڌين تي، رکيائون لاهوتي لاهي

وجهندا منهن مومل جي، جنهن ڪئين ڇڏيا آهن خونياڻي کپائي

هٿ کڻي هلندو هيڪلو، سڀڪو وارو وڄائي

جمجما کان، جمعو چئي، قهاري پڇندا ڪاهي

لاڳاپا لاهي، پوءِ آئيا ڪانڌي ڪاڪ تي.

42 – آيا هئا ڪانڌي ڪاڪ تي، ڍول رکن ٿا ڍاري

اڳي ته سينگاري کنيئون سيج تي، وير به وهنجاري

لڳي ويس مهر زبان تي، رکيئون قبر ڪناري

خان رکيئون کرڪ ۾، سهڻو سمهاري

جمجما کان، جمعو چئي، ملائڪ پڇن ٿا ماري

ڌوڙ مٿان ڍاري، وريا ڪانڌي ڪاڪ تان.

43 – وريا ڪانڌي ڪاڪ تان، واري ڏئي ونگ

هاڻ سِسي کي سال ٿيا، رڙهيو وٺي رند

نڪي ڄاڙيون ڄام کي، نڪي ڏاٺون ۽ ڏند

نڪي نارا هئس نڪ جا، نڪي ڪَنَ ڪهنگ

نڪي هٿ پير حبيب کي، نڪي ٻانهون ٻنگ

ڪلر ڪيرائي ڇڏيا، سڀئي عضوا انگ

سوين ته سلطان جا، راڄن ڏٺا هئا رنگ

جمجا کي، جمعو چئي، سورن ڪيا آهن سنگ

ڇڏيو پَٽ پلنگ، پيو آهي مير مٽيءَ ۾.

44 – پيو آهي مير مٽيءَ ۾، گهوٽ ڇڏيا آهن گهر

ڌڙ ڍڪيائونس ڌوڙ ۾، ڪري قابو منجهه قبر

پَهريا مال پٽن تي، وڏا وڳ ولر

سِسي تي مير جي، وهٽن ڏنا آهن ور

کنيو اچنس کُرن ۾، ٿُڏيو منجهان ٿر

سو پيو هو ڀر سمونڊ جي، ڪنڌيءَ پاس ڪپر

پئي آيو گوهر گس وٺيو، پيس نيڪ نظر

عيسيٰ اتي علم جا، پڙهيا انجيل مان اکر

وجهه ساهه سِسي ۾، پاڪ ڌڻي پرور!

ته پڇانس حقيقت حال جي، من ڪري خوب خبر

جمجما کان، جمعو چئي، سڏي پڇيو سرور

سائين! وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت تي.

45 – هئين تالابين تخت تي، ته کڻي خبر ٻڌائينم خانٰ

چيائين نوَ لک نانوائين جا هئا پچائيندا پڪوان

ڪئين هاٿي هنبارين ۾، هئا جالورا جام

ڪئين قناتون ڪيتريون، هئا طنبو مون وٽ طولان

نوَ لک نغارچين جا، هئا وڄائيندا نوبتون نيشان

ڪارهن لک قيصر جا، صوبا مون وٽ سلطان

چڙهيو هوس شوق شڪار تي، طبل سان طوفان

ڪئين فوجون مون سان فالم هيون، جُنگ ڀليرا جوان

اچي لڳيم لهر لڱن تي، هينئين ڇڏيم هام

وڻن ڪين وجود کي، تن اندر کي طعام

ڪئين ڪم هئم دنيا جا، تن جي ڪل پيم ڪا ڪانه

راڻين روڄ ڪيا هئا، ماڻهن ۾ ماتام

جمجما جهڙا، جمعو چئي، ڪئين ڇڏي ويا ملڪ مقام

انهيءَ گس گمان، مونکي عيسيٰ گڏيو آهين امرسين.

46 – عيسيٰ گڏيو هوس امر سان، ٿو پارس ٻڌائيس پار

سوين موٽ وٽ سونارا هئا، لکين مون وٽ لُهار

ڪئين قلعيگر ڪيترا، مون وٽ کَٽي خبردار

ڪئين وير واڍا هئا، مون وٽ نر چاڙهيندا نار

ڪئين اڪابر عقل جا، هئا ڪاريگر ڪنڀار

ڪئين موچي مينگهواڙ هئا، ڌوٻي مون وٽ ڌار

ڪئين واپاري واڻيا هئا، پڙهيل پوٿيدار

ڪئين غريب هلندا هئا گس تي، ڪاهي مهري اُٺ متار

لکين تن ۾ لاڏو هئا، ٻيا باري کڻندا هئا بار

ڪئين جت جوان هئا، ڪوپا سب قنڌار

گوهر گس وٺيو آيو، ڪنهن ڏينهن ساڻ ڪٺار

مير! ڏٺا هئا ماڪوڙين جا، هڏي منجهه هزار

ڪيڙين کائي ڪيترا، ڪيا هئا نيش نهار

جمجما تي، جمعو چئي، پوءِ ڪئي ڪاهه قهار

ايڏي ساڻ اختيار، مونکي عيسيٰ گڏيو آهين امر سان.

47 – عيسيٰ گڏيو هئس امر سين، ٿو پڇيس پار

ڪيو هئائين عرض الله کي، وڌو سِسيءَ ۾ ساهه ستار

پڇانس ٿو حقيقت حال جي، گويا ڪري ٿو گفتار

ته هزارين مون وٽ هاٿي هئا، جوڙ وڏي جنسار

ڏهه لک ڏڦيرن جا، هئا شڪاري ڪندا شڪار

پندرهن لک پهلوانن جا، هئا ڪُشتي ڪندا ڪنڌار

ڪئين ملان مسيتن ۾، هئا ٻانگا پاڙهيندا ٻار

ڪئين حافظ هئم قرآن جا، قاضي قضادار

ڪئين ڦيريدار فقير هئا، مون وٽ منگتا مڱڻهار

ڪئين اڪابر عقل جا، هئام وير وڏا وينجهار

ڪئين بنگلا وڏي بنياد تي، هئا درين تي ديدار

ڪئين پخالي پاڻي ڀري، ڪندا هئا ڇوهه منجهان ڇٽڪار

هڪڙي ڏينهن آيس گس ويٺو ڪاهي ساڻ ڪٺار

دانَھ! مون دليل ڪيو، ته مون جهڙو ملڪ ۾ ڪونهي خلقيو خلقڻهار

تڏهن جمجما تي، جمعو چئي، ڪئي ڪاهه قهار

قدم کنيم ٻه ٽي چار، اچي ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾.

48 – ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾، ساٿ به هئا مون ساڻ

آءٌ مالڪ هئس ملڪ جو، مونکي ڪانه ڪنهن جي ڪاڻ

راتو ڏينهن راڻين سان، ڪندو هوس روح رهاڻ

جڏهن ايندو ڪوٺائو ڪريم جو، تڏهن سوڍيون نه هلنديون ساڻ

اڳيان دوزخ پيو ڌڌڪا ڏئي، جيئن ٻرن ڀاڳين سندا ڀاڻ

ايندا قاضي ڪريم جا، سٽي پڇندا سرواڻ

جمجما جهڙا، جمعو چئي، هتان هزارين هليا ويا هاڻ

ڪن پيا ڄاڻ ويڄاڻ، ملائڪ انهيءَ ماڳ جا.

49 – ملائڪ انهيءَ ماڳ تي، ايڏا ڪن اختيار

هڪڙا سيارا سختيون، ٻيون بلائون بيشمار

ٿي ونگي واٽ وندر جي، جا پرور اُڪاريندو پار

آءٌ به مالڪ هوس ملڪ جو، پئي سڏايم سردار

ايمان آندم انهيءَ ڏينهن، جڏهن ٿيو نوح نبي نروار

ٻيڙو ٺهرايائين، ٻارچ چئي، جنهن جا تختا ڪيئين تيار

عالم چڙهيو انهيءَ ۾، پر هڪڙي رهجي وئي ريڍار

جمجما تي، جمعو چئي، ڪئي ڪاهه قهار

صاحب ربّ ستّار، هو ٻيڙو اُڪاريو ٻاجهه سين.

50 – ٻيڙو اُڪاريو هو ٻاجهه سان، آيو لطف ساڻ لهي

مائي موٽي آئي، کڻي مکڻ ۽ مهي

نوح نبيءَ پڇيو نرمل کان، ٻڌاءِ سچي ڳالهه صحي

ري مٽيءَ ماڙي اڏيئي، اها قدرت ربّ ڪئي

جمجما تي، جمعو ئي، ويو رنج رهي

سورن ڪيو سهي، مير کي محلات ۾.

51 – مير سان محلات ۾، راڻين ڪيو هو راڳ

مڃ بيعت بُتن جي، پنهنجو ڀلو ورائيندو ڀاڳ

لڳن عشق اندر ۾، درد اندر ۾ داڳ

ڏاهي اسان کي ڏس ڏنو، آهي جوڳيءَ اهو جواب

ته پرور اَن کي پٽ ڏيندو، پوءِ وٺندس لاهوتي لاڳ

پر مون حاڪم! هڪڙي ڏينهن حيلو آڻي خاوند! لڌو هو خواب

جڳ ڌڻيءَ وٽ، جمعو چئي، ڪهڙو هلي ڪندين جواب

تو ڏي هوت حساب، اهو حاڪم آهي حق جو.

 52 -  حاڪم کي حق جا، نيئر لڳا هئا نال

تيرهن لک تُڪر هئا، جوڳي جُنگ جمال

ڏينهڪ ڪندا هئا ڏيهه جي، صوبا سي سنڀال

گهوٽ چڙهندا هئا گهوڙن تي، ٻڌي لونگيون لال

ڪئين کيس کتن تي، هنڌ هندورا جال

مير جا ملڪ ۾، هئا وڄندا گهنڊ گهڙيال

دس چڙهندا هئا ديڳين جا، ٻيا نانوائي نهال

ڪئين شاهه سخاوتون ڪندا هئا، مڏيون لٽائي مال

لک حوالي لوڌَ جي، ڪندا هئا مِرنُ جي مقال

جمجما جي، جمعو چئي، ڪئين ٿي ويا سِسي کي سال

ڇڏي مير مقال، هتان هليو ويندين هيڪلو.

 53 -  هرڪو هلندو هيڪلو، مهندان اٿئي اوجهڙ آنڌاري

يا هندو هٽ جو هئين، يا واڻيو واپاري

يا ملون مسيت جو هئين، يا بدمعاش باري

يا رئيس راڄن جو هئين، وڏيرو وِيچاري

يا ڪندو هئين سخاوتون، يا ڪٽيل قهاري

جمجما تي، جمعو چئي، ڪيئن قلم وهيو ڪاري

وير وسائي واري، مسافر هليو هئين ملڪ مان.

54 – مسافر! هليو هئين ملڪ مان، تو ڪانه ڪئي آڳاهي

ٻارهن لک ٻلهاڙو ڪندا هئا، مون وٽ صوبا صفائي

چوڏهن لک چوڌاري هئا، مون وٽ سوين سپاهي

هزارين حجام هئا، ڪندا راشن رسائي

ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، مون ٺُڪَ کڻي ٺاهي

مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڪندا هئا راڄ رسائي

جمجما جهڙا، جمعو چئي، ڪئين خاڪ ڇڏيا آهن کائي

جڏهن وير! مٽيم وائي، تڏهن ويم هاج هٿن مان.

55 – ويم هاجِ هٿن مان، جڏهن غافل لڳم غم

آيم عزرائيل اوچتو، دير نه ڪيائين دم

اهي راڻيون تنهنجون رتول ۾، ڪهڙو ڌاريون ڪنديون ڌرم

ٻانهيون تنهنجون، ٻارچ چئي، ڪٽين پيون ڪرم

ايندءِ ڪوٺارا ڪريم جا، غازي! ٿي گرم

ڏئين ها ورندي وريامن کي، نيڪ ٿي نرم

پوءِ جمجما! تنهنجو، جمعو چئي، شاهه رکي ها شرم

ڀلو ڪندءِ ڀرم، دانهه! تنهنجي در جو.

56 -  دانهه پنهنجي در جي، ٿو خان ٻڌائي خبر

اَٺ لک اسڪولن جا، مون وٽ پڙهندا هئا نينگر

ڪئين مير ماستر هئا، مون وٽ سهڻا جوان سڌر

ڪئين ملان مسيتن ۾، ٻيا قاضي کڻن ڪر

وڙهيو پون ونڊن تي، لولن تي لشڪر

ڪئين دربان هئم در تي نَو وِهيون نوڪر

جمجما جي، جمعو چئي، اهي خاوند کي به خبر

سسو بنا سِرَ، آهي ڪن ايامن جو.

57 – آهي ڪن ايامن جو، محبت لڳيم من

چڙهيس شاهه! شڪار تي، راجا! پٺيان روجهن

هرڻ هڻي ويا، ڀڳا ڦاڙهيا ساڻ ڦرن

مرون ملڪ ڇڏي ويا، پيو شڪ شينهن

بارود خانا بيشمار هئا، ٻيون ڪلون ڪاغذن

ڪئين تو بچي تکا هئا، ويهندا منجهه وڻن

هڪڙا بحر بندوق جا، ٻيا توبون تو رکن

هئا تجلا ترارين جا، ٻيا ڀالا ڀونڀٽ ڪن

جمجما کي، جمعو چئي، ڏنو ڏاج ڏکن

دسيو آهي دُکن، سِسي کي سال ٿيا.

58 – سِسي کي سال ٿيا، جُڳ لنگهيا هئا جام

آءٌ داناءُ هئس دهليءَ جو، منهنجا مڪي منجهه مڪان

راجا هئس روءِ زمين جو، منهنجا سنڌ ۾ سامان

مشرق مغرب وچ ۾، هئم نيئر کتل نيشان

قلعا هئم ڪشمير تي، وڏا ڪوٽ ڪمام

ڪورٽون ٿينديون هيون ڪابول تي، جتي رهندا هئا جج جوان

ڪئين ڊونڊا ڊپٽي هئا، دفتر پڙهندا ديوان

مون وٽ بٺيون بيشمار هيون، جت پچندا هئا پڪوان

دس چڙهندا هئا ديڳين جا جيڪي کائين لک انسان

تيرهن لک تاريخ آءٌ، خيرات ڪندو هئس خان!

مُهر مڃيندا هئا منهنجي ڏيهه ڀريندا هئا ڏان

ساڻ نه هليا سڪندر سان، طنبو ۽ طولان

جمجما جهڙا، جمعو چئي، ڪئين ڇڏيا ويا ماڳ مڪان

هُت ته خرار پئي لٽايم خان! هِت منهنجو دُڪوئي داخل نه ٿيو.

59 – دُڪوئي داخل نه ٿيو، داتا! ڪهڙا ڏنئي دان

هزارين هيرا موتي ياقوت، ٻيا سون رُپا سامان

آءُ رهندو هئس روم ۾، شرعون ڪندو شان

ميڙا هئم سر تي، يمن پاسي جوان

تخت منهنجا تنبول تي، هئا شم ٻرندا شمعدان

ڪئين سوداگر سمونڊ تي هئا غورابن گدام

تيرهن لک تيپدار هئا، ٻيا ديهون سنڀالين ديوان

پنڌرهن لکن جي پلٽڻ هئي، جنگي سڀ جوان

صورت هئي سلطان جي، جئين چنڊ ڦري چوغان

سوا لک سچو ڪيئين، جيڪي نبي ڪري ويا نيشان

آءٌ امتي هئس حضرت الياس جو، جنهن جا برن منجهه بيان

انهيءَ جوڙ جمعو چئي، آهيان عيسيٰ! منجهه ارمان

ڇڏي ملڪ مڪان، ڪئين هٿ ٺوڪي هليا ويا.

60 – هٿ ٺوڪي هليا ويا، جن کي ڪلمون پيو هو ڪن

ڪارهن لک ڪَوِيسَر، هئا مير ملائڪن

ڪئين ٽهليا ٽاڪرو هئا، ڪامي منجهه ڪمن،

لڳندا هئا ملاکڙا ميدان تي، جتي مالهي ملهه وڙهن

ڪڏهن پئي ڪينڪي، ڏڌو کير ٿڻن

ڏيندا هئا انعام انهن کي، محبت رکي من

ڪئين باغ باغيچا هئا، مٿي کوهه کُلن

ايندا هئا پکي پاڻيءَ تي، چمن تي چڳن

جمجما جو جمعو چئي، سور لڳو سڄڻن

ڪلمون پاڪ پڙهن، ساري ڄمار سردار تي.

61 – ساري ڄمار سردار جي، پيا ڪن پرور جي پچار

پيو ساهه سِسي کي، جيڪو هئو ڌڙ کان ڌر

عيسيٰ نبيءَ ان تي امن ڪيا، لٿا غم ڏوهه ڏاتار

ٿيو تالابين تخت جو، پيو درس ڪري ديدار

ڪري عبادت اتي، پڙهي پيو توبهه جي توار

جمجما تان جمعو چئي، لٿا حرف هزار

ڪلمي جي آڌار، وري جيئرو ڪيائينس جهان ۾.

ست سرو

62 – ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن پيدا ڪيا پير

حضرت هرڻي ڇوڙي، احمد ڄام امير

مارئي عمرڪوٽ ۾، آندي عمر مير

سسئي ڇڏيا ويا سيج تي، ڪيچي هڻي ڪِير

مومل کي مينڌري جا، هئا چاڪ اندر ۾ چِير

راڻو رنج رکي ويو، جڏهن موجا ڏٺا مهمير

رانجهوءَ کي سڪ رسول جي، جنهن کي هاديءَ ملائي هير

طنبو تماچي جا، ڪينجهر مٿي ڪير

سيفل سفر سنبهيو، ڇوڙيا ٻيڙا ٻاوَن وير

بديعل ان کي بيران ڪيو، لڳس تن اندر ۾ تير

ليليٰ خاطر مجني، وِهه پيتو ٿي وير

آيو قافلو ڪربلا ۾، جتي صاحبزادا صغير

اتي رنڙيءَ پئي ريهون ڪيون جيڪي ٻڌيون دستگير

ڀائر تنهنجا مورڙا، کاڌا مڇ وڏي مهمير

سهڻي کي سڪ ساهڙ جي، جنهن کنڊون پياريس کير

دودو ويٺو هو ديمين ۾، جنهن وٽ واگهه وزير

وڃن گودڙيا گرنار ۾، ڪاپڙي ڏانهن ڪشمير

بحرو عاشق باهرام لئي، پيو نيڻين وهائي نير

موليٰ راڻيءَ کي ڪچيءَ ۾، ونگ هنيا ٿي وير

سِسِي جمجما سلطان جي، ڏٺي قيام ڪبير

جوڳيڙن جي جمعو چئي، مونکي آهي منجهه اڪير

ٻانهي هن، ٻارچ جي، ڪا پَت رکجئين پير

مديني جا مِير! ڏجئين ڪلمون ياد قلب ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org