سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :33

19 – پوءِ کڻي خنجر هٿ ۾، اُٿي فقير اُڀو ٿيو

چئي:مون کي ڌڻيءَ ويهاريو دروازي تي، هي آهي عاشقن جو رستو

ڏسيو وڃجئين نه ته ڏک ٿيندءِ، توکي پيو ارمان ايندو

تِل ترسيا هڪڙو، تيسين اچي گهوڙن منهن ڪڍيو

سوار تني تي سردار هئا، جن جو منهن چوڏهين چنڊ چٽو

آڻي سِر رکيائون اَڏيءَ تي، ڪو مٿو مَڻيارو

صمد جي تڪبير سان، پهرين حُسن ڪُٺو

هاءِ هاءِ ٿي حُسين لاءِ، ماتم انهيءَ ڏينهن مَتو

روءِ زمين جي وچ ۾، الستي روز وڳو

عرش ۽ آسمان مان، ڪارو مينهن وٺو

سِر گڏيا سِرن سان، پوءِ عاشق اُتهين اٿيو

پَٽ ٻهاريو پرينءَ جو، وڃن ڇُڳير انهين ڇڏيو

موسيٰ تنين کي مهنديان، اچي مونکي مڃيو

حَسن مير حُسين، وري اُتي جُگن جواب ڪيو

هينئر برحق اسان جو نبي آهين، اسان جو پاڇاندو پوءِ پوندو

هينئر اها تنهنجي شاهدي، پوءِ سارو جهان سڻندو

ڪُل نبين جو تاج، جڏهن محمّد تي ايندو

نِرمل تنهن جي نياڻي، هيءُ اولاد آهي تنهن جو

موسيٰ! تني کي ٿو دڙڪا ڏئين، آهي محشر جني جو

ڪلمي جو پهرو، اچي مهدي گهمائيندو ملڪ تي.

20 – ڪير فقير، ڪير سوار، ڪِني جو اٿئي وهانو وڄايو

ڪُسندي به ڏٺم، جيئندي به ڏٺم، وڃن پيا سِر سِرن سان گڏيو

حق درگاهه مان حڪم وري، قادر تنهن تي ڪيو

حق تي نبي، سچ تي امام، انهن تي هلي ڪونه هلندو

جِتي ڪوهه پِٽڻ پوندو، اتي مدد ٿيندو مصطفيٰ.

21 – موسيٰ اتي موليٰ سان، وري جلد جواب ڪيو

ته قادر! تنهنجي قدرت جو، مونکي پرو ڪونه پيو

ڏينم ڏاتار تون وري، انت انهيءَ ڳالهه جو

ته ڪير فقير، ڪير سوار، ڪِني جو هوءِ وهانو وڄائيو

هق درگاهه مان حڪم وري قادر تنهن تي ڪيو

ته چڙهي آءُ طورسينا تي، اهو عالم اچي گڏ ٿيو

چڙهي طورسينا تي، اچي ساجن سجدو ڪيو

حضرت موسيٰ ڏيهه ڌڻيءَ، ويٺي اکئين رنگ ڏٺو

اها مائي، اهي معصوم، اهي ملائڪ، اچي هر ڪوئي گڏ ٿيو

ڦري انهيءَ جاءِ تي، مائيءَ ڪوُ ڪريو ڪيو

ته موسيٰ! هن جهان ۾، مون کي داناءُ دڙڪو ڪيو

پر مون چيو ته جنهن پٽ مون کي ڏنا، سو منهنجو وارث ٿيو

حضرت حُسين ان جاءِ تي، مائيءَ سان جواب ڪيو

ته پلصراط تي پير عليءَ جو، ٻيو دوست ڪير ڏيندو

عرش عظيم تي ڪرسي محمّد جي؟ ٻيو ويهي ڪير وهندو

انهيءَ درويش جو دردر تي، دُونهون پيو دُکندو

الهڏني کي عالمين وٽ، کڻي موليٰ مست سڏيندو

اهو نوناريءَ کي نيندو، محابي محمّد مير جي.

معجزو بادشاهه پير جو

22 – دريا پير دادلو، ڪنڌيءَ اچي ڪڙڪيو

تڏهن مائي انهيءَ کي سِڪي سوال ڪيو

ور ڏيئي ويچاريءَ کان، اُتي پير پڇيو

سُڌ ٻُڌاءِ سور جي، ته توکي ڇا ٿيو

ڇو پئي روئين رڙين، ڇو اٿئي ڪوُڪريو ڪيو

انگ ڦاٽيون اڳڙيون، تنهنجو مٿو اُگهاڙو

چئي: ذات آهيان هندواڻي، قسمت هيئن ڪيو

پٽ هئم هڪڙو تنهن جي ڪيم شاديءَ جو سعيو

پرڻائي وريس پوئتي، هڪڙو طوفان لڳو

ٻيڙو منهنجو ٻار ۾، نڪو نج نيو

سورهن ڏينهن هيس سمنڊ ۾، مون کي لَهرين ڪين لَٽيو

ٻاويهين ڏينهن ٻاهر نڪتيس، ڪنڌيءَ ڪانهن جهليو

اتي پير اولياء سڀ ڏوريم، غرض مون غريب جو ڪنهن ڪونه ڪيو

هينئر ٻُڌي هُل هاشمي جو، اٿم پيرين پنڌ ڪيو

تون آهين سردار ولين جو، توتي راضي رب ٿيو

تڏهن آءُ پني آزيون ڪريئين، هي تڏو آهي تنهنجو

نياز منجهان، نوناري چئي، مون دکيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو

محابي محمد مير جي، مون سان وڙ ڪجو

آءٌ پِير پُڇان ٿي سو، جيڪو ٻُڏيون اُڪاري ٻيڙيون.

23 – روئي اتي رنڙيءَ ڦِري فرياد ڪيو

ته تنهنجو ڏينهن هڪڙو، مون کي اچي ياد پيو

هئين شهر بغداد ۾، ڪنهن رنڙيءَ جي گهر رهندو

هئين شوق شڪار تي، ٿي وطن ڏانهن وريو

هو مائيءَ جو پٽ مري ڇڏي جهان ويو

تنهن شريڪياڻيون گڏ ڪيون، جن مڙي ماتم ڪيو

ته موٽي اچي ماني گهري، ان تي راڻي روئڻ ڪيو

روز جنهن سان راند ڪندو هئيڻ، سو اڄ وڃڻ لاءِ ويو

ملائڪ کي محي الدين! تون هئين چوٿين آسمان رسيو

روح ڏينم رنڙيءَ جي پٽ جو، جنهن سان اٿم انجام ڪيو

عزرائيل انڪار ڪري جُنبي جهيڙو ڪيو

چئي، روبرو ڏيندس ربّ کي، نه ته ڏاتار ڏمربو

پوءِ جيلاني تو جوش مان، هنيو هٿ ڪشتيءَ کي، وئين سڀ روح کسيو

اتي مائيءَ کي وڃي روئندي پُٽ هو مليو

عزرائيل وڃي حق درگاهه ۾ اهو احوال ڪيو

ته هڪڙو آدم چوٿين آسمان تان، ويو سڀئي روح کسيو

عزرائيل کي حق درگاهه مان اهو جواب مليو

ته پرچايو اٿئي تنهن پرينءَ کي، يا ٿي رنج ويو

آهن ته ملائڪ ماڻهو مريد ان جا، وقت نه توکان ويو

ٻيڙو مونکي به ڏيو، محابي محمّد مير جي.

24 – مُرڪي اتي مائيءَ سان، جُنگ جواب ڪيو

مائي! کڻي ماٺ ڪر، عقل تنهنجو نه رهيو

يونان جي جهاز جو، توکي پرو ڪونه پيو

تنهن ۾ ڪَئين روح هئا، تنهن مان هڪڙو ڪونه بچيو

باقي ماءُ ۽ پُٽ جو، هڪڙو ڦَرهو رهيو

حڪم ڪيائين عزرائيل کي، جنهن ڀڃي ڀورا ڪيو

ماءُ ٻوڙيائين ڪُن ۾، باقي معصوم هڪ رهيو

سو ايڪيهه ورهيه جو سمونڊ ۾، جو لهرين کان بچيو

ٻاويهين ورهيه ٻاهر نڪتو، ساري جهان ڏٺو

نه ڪنهن جو مٽ مائٽ، نه ثاني نه شريڪ ٿيو

نه ڪو اچڻ ڏئيس اڱڻ تي، نه ڪنهن جو مزمان ٿيو

تنهن روئي پنهنجي ربّ کي، هو سڪي سوال ڪيو

ته يا ربّ! آهيان خلقيو تنهنجو، اٿئي مون ۾ ساهه وڌو

پوءِ ان سائل جو به سوال قادر قبول ڪيو

روءِ زمين جو سڪندر ڪيائين، ساري جهان ٻڌو

پوءِ دنيا هئي دورنگي، اچي خزاني کنيو

مُرڳو نالو موليٰ جو، هئائين پاڻ تي سٺيو

ڀُونءِ جوڙايائين بهشت جي، جتي چندن پئي چِٽيو

حَسِين گهرايائون عورتون، سڄي سٿ سڏيو

مُنهن ۾ جنهن کي مڻيا هئي، چوڏهينءَ جو چنڊ چٽيو

پوءِ به ايمان آندائين ڪينڪي، بانور ڪيس بُڇڙو

چائنٺ چڙهندي قيد ڪيائينس، جو روئندو رت ويو

هت آهي ڏاهن ڏک ڏٺو، ڪنهن جي ڪَتڻ تي ڪين اچي.

25 – روئي تنهن رُنڙي، ڦريءَ فرياد ڪيو

پير محي الدين بادشاهه! تنهنجو هڪڙو ڏينهن ياد پيو

ته توکي سوا لک مريدن جو نئڙي پيرين پيو

کاءٌ ماني محي الدين! اسان ڪارڻ وس ٿيو

چئي: ماني کائيندس ان جي، جيڪو پُٽ ڪُهي منهنجي شينهن کي کارائيندو

اِهو ڪم انهيءَ جو، هت سارو جڳ ڏسندو

اِتي ماڻهن چيو ته هن پير کي ڪير پيرين پوندو

چئي: سوين پير پيغمبر هئا، تن کان به ائين ڪين پڳو

تون آهين اهڙو، جو وتين جاوا تڪيندو!

سو تنهنجي انهيءَ ڳالهه ڪري، ڪير پيرين پوندو؟

اُتي هڻي هٿ مونن تي، ڦُريءَ فرياد ڪيو

ته کاءُ ماني منهنجي محي الدين! منهنجي ڪارڻ وس ٿيو

چئي؛ ماني کائيندس اُن جي، جيڪو پنهنجو پٽ ڪُهندو

چئي: پُٽ دين دنيا ۾ اٿم هڪڙو، تنهن جي شاديءَ جي ڪيم سعيو

پر جي اچي ڪم محي الدين جي، ته مون ڏيڻ قبول ڪيو

مائي ڊوڙي پڇا ڪئي پٽ جي، ته اهو ڪيڏانهن ويو

ٻڌي آواز انهيءَ دم اچي پٽس حاضر ٿيو

چئي: پُٽ! نو مهينا سانڍيومانءِ پيٽ ۾، ٽي ورهيه ٿڃ پيتي تو

ماني جهليم محي الدين جي، توکي مون ڪُهڻ قبول ڪيو

چئي: اَما! آءٌ اچان ڪم محي الدين جي، ته منهنجو محشر آ ڇُٽو

جي ڪاتي کڻي ڪهڻ لڳين، ته به ڪرڪڻ ڪم نه منهنجو

پوءِ ڪُهي مائي پُٽ کي، وڍي شينهن اڳيان اڇليو

کائي ڇڏيو شينهن سو، جو ساري جڳ ڏٺو

ته برابر انهيءَ جاءِ تي، ڪو ذرو پرزو ڪونه بچيو

پوءِ ڪري ڪپڙا قيمتي، تنهن هار سينگار ڪيو

تنهن ماني تيار ڪري، ڍاڪونءَ کي ڍڪيو

کڻي آئي خوشيءَ سان، محي الدين ڏانهن سو

ته اڳيان منهن سامهون، جڳ بادشاهه هو بيٺيو

اُتي هُن آواز سان هئو هن طرح چيو

ته مائي! ڪن جا هاڃا هڄي وڃن، ته ڪن کي موت ماري ٿو

تن انهيءَ افسوس ۾ آهي ڪارو ويس ڪيو

پر تو ته وَنِين اُٿاري ونواهه مان، ۽ ڄڃ ڇِني مانءِ او

جو اهڙيءَ طرح آهي ڏس، ته پِڙئي پٽجي ويو

پُٽ تنهنجو جوان هو، سو به قربان ڪيو تو

افسوس مائي تَنهن جو، جو تو ارمان ئي ڪونه ڪيو

چئي: سائين! هي ته هئو هڪڙو، اٿم قربان ڪيو سو

پر جي هجن ها لک، تن کي به مون ڏيڻ قبول ڪيو

هُو جا مائي ماني کڻي آئي، تنهن اچي عرض ڪيو

ته ماني کائو محي الدين! هيءَ مون ڪارڻ وس ٿيو

چئي: مائي! ماني کائيندس تڏهن، جڏهن تنهنجو پٽ ايندو

چئي: سائين! ڪُهايئي پنهنجي هٿن سان، سو ڪُٺل ڪيئن ايندو

چئي: مائي! تون اڇو پوش پَٽ تي ڍاري رک سگهو

پوءِ مٿان بيهي پوش جي، سڏ ڪر پٽ کي سگهو

پوءِ پُچ احوال پُٽ کان، ته توسان ڪهڙو وقت لڳو

چئيٰ اَما! هڪڙو لاهوتي لامڪان منهنجي سامهون ٿيو

اهڙو مڪان مون هئو اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو

ٻيو ڏٺم رسول سچو، جنهن جو معراج ملوڪ رهيو

ٽيو حسن مير حسين هئا، جن جي ڪچهري قائم وو!

چوٿون پير محي الدين هئو، جنهن وٽ مون ڪُسڻ قبول ڪيو

انهيءَ قربان ٿيل شخص کي بغداد ۾ بادشاهه پير پرڻائيو

اهو ڏسي اسرار، سوا لک مريدن جو حيرت منجهه پيو

پيرن منجهه ڪِريو، اچي محي الدين مير جي.

******

جمعو ٻارچ

        جمعو، ذات ٻارچ، مٽيارين جي آسپاس جو ويٺل هو. چون ٿا ته هڪ دفعي مال چاريندي درياءَ تي ويو ۽ ڪُن ۾ ڪِري پيو. ڪُن مان نڪرڻ کانپوءِ سندس ذهن جي حالت بدلجي ويئي. فقيري اختيار ڪيائين ۽ بيت چوڻ لڳو. سندس بيت نڙ تي ڏنا ويندا آهن. اٽڪل ويهارو سال اڳ سنه 1945ع ڌاري وفات ڪيائين. اڻپڙهيل هو. سندس بيتن مان بادشاهه پير جي معجزي ۽ ”جمجا سلطان“ جا بيت مشهور آهن. هتي سندس ڪجهه بيت ڏجن ٿا.

ساراهه

1 - 1 ڪامل ڏينهن قيام جي، باري کڻندو بار

حضرت آدم کي ڪڻو کارائي ڪڻڪ جو، ڪيائين بيبي حوا کان ڌار

ڪٿي عيسيٰ، ڪٿي موسيٰ، ڪٿي لڳي طورسينا کي تار

ڏنو عيب ايوب کي، ڪيئن جو قهار

حضرت يونس پيٽ مڇيءَ ۾، نيائين نگهوسار

بچايئين حضرت ابراهيم کي آڙاهه کان، هٿ ڏيئي هٻڪار

آئي ڪاتي حضرت اسماعيل تي، تڏهن اضحيٰ ٿي اظهار

حضرت يعقوب کي پٽ کان، ڇني ڪيائين ڌار

يوسف وڪڻايو شهر مصر ۾، سوا ڪسيري ستار

ٻيڙو نوح نبيءَ جو، چڙهيو الله جي آڌار

ذڪريا تي ڪرٽ وهايو، قادر پاڻ قهار

حضرت ادريس ويٺو بهشت ۾، وِير وڏي ويچار

خواجھ خضر حيات نبيءَ جا، آهن درياهه مٿي ڌڌڪار

عاشق حضرت الياس هو، جنهن جا برن مٿي بار

زيور لاٿئين حضرت دائود تي، جوڙ وڏي جنسار

تخت حضرت سليمان جو، جنهن ديون تي دهڪار

سيفل لوڙهايائين سير ۾، جتي لهرين جي للهڪار

شمس تبريز جي کل کَلائي، قاضيءَ هٿ قهار

منصور کي سوريءَ تي، ڏنو پئي ڏاتار

عاشق ابو صالح هئو، جنهن کي طلب اندر ۾ تار

جمجما سلطان وٽ هئا، هاٿين جا هنبڀار

اُن جو به ڌڙ لَٽايئين ڌوڙ ۾، پئي مَٿي جهلي مار

سِسي کي سَوَ سال ٿيا، پيو نيڻين وهائي نار

ڪٿي شان سڪندر جو، ڪٿي دارا جو دهڪار

ڪٿي حاتم، ڪٿي اڪبر، ڪٿي عالادين جا آر

ڪٿي دودو، ڪٿي چنيسر، ڪٿي وڳهه جا وينجهار

عاشق پير آويس هو، جنهن ڏند ڪڍيا ڏاتار

سنگي هو سردار جو، جنهن سڃاتا پرينءَ سندا پار

ڪٿي عبدالله، ڪٿي ابو طالب، ڪٿي عباس علمدار

ڪٿي امير حمزو، جنهن کي حورن ٻڌا هار

ڪٿي مطلب، ڪٿي منارا، ڪٿي ڏسان هاشمي هيڪار

ڪريم جي قدمن جو کنيو بادشاهه پير بار

هتان سوداگر سوين ويا، لڏي لک هزار

مون جهلي آهي داوَن دستگير جي، ٿيندو وڏو پير وهار

رهبر آهن رسول جا، چارئي چڱا يار

شير شهادت رسيا، وڃي ڪربلا جي ڪنار

هو پنهنجن جون پرکائون لهي، ڏيهه ڌڻي ڏاتار

انڌو ابوجهل هو، جنهن کائي وڃن ٿا کار

سو تڙجي ويو تڙن تان، ڪين ڏٺئين دين سندا ديدار

پارس پيدا ڪيو پيغمبر کي، جو عالم جو آڌار

اهو جڳ جا، جمعو چئي، باري کڻندو بار

ٻانهي هن، ٻارچ جي، سيّد لهندو سار

ڪلمي جي آڌار، جوڙيئين عاشق جهان ۾.

معجزو بادشاهه پير جو

2 ساراهيان سچو ڌڻي، جو هادي حمد حڪيم

الف نام الله جو، محمّد خلقيئن ”مير“

ساراهه ڪريان سبحان جي، جو قادر آهي ڪريم

چارئي يار رسول جا، جن درس وڌايو دين

سارو جڳ ڇٽندو، جمعو چئي، ايندو احمد ڄام امين

ڪندو ڪرم ڪريم، ٿيا سڻاوا سير ڏي.

3 – ٿيا سڻاوا سير ڏي، ڪنڌيءَ ڪناري

هن جو ساٿ سمنڊ ۾، سا سڄڻ کي ساري

گولي انهيءَ غم ۾، هنجون پيئي هاري

هلي ڏس حبيب کي، تون نرمل نهاري

ڏاهي هن کي ڏس ڏنو، ڪامل ڪوهياري

ته وڃي ڏس معجزو محي الدين جو، جو ويا ٿو واري

انهن ٻيڙن جا، ٻارچ چئي، ڪڍندو تختا سڀ تاري

نرمل نهاري، در نه ڇڏج دستگير جو.

4 – در نه ڇڏيائين دستگير جو، جيڪو ننگ سڃاڻي نام

هن جو ويو ساٿ سمنڊ ۾، ڄڃ کڻي ڄام

دهل، ڌماچا، ڌوڪڙي، سوين هئا سامان

واءُ لڳي وانڪو ٿيو، ٿيا ڌڌڪارا دوفان

اوهيرا ٿيا اتر کان، گوڙون ۽ گهمسان

کنوڻين کيل کڙا ڪيا، ٻڌا تاءَ طوفان

ٻيڙن جا، ٻارچ چئي، هنن سولا ڪيا سکان

ڪل پيئي ٿي ڪانه، ڪا سامونڊن کي سير جي.

 5 – سامونڊيءَ سِيرَ جي، هئي قاصائڪي ڪار

مصطفيٰ معراج ويو، سڀني جو سردار

احمّد پٽ عبدالله جو، هو سونهن ڀريو سردار

ويو  اُڏامي عرش تي، باري کنيس بار

مرسل ڏٺو ملائڪ هڪڙو، جنهن جا هئا منهن چار

هڪ منهن واسينگ هڪڙو، جنهن جا هئا منهن هنڀار

ٽيون مثل ماڻهو جي، چوٿون ميي جي مقدار

اکيون اکيون سامهيون، مٿي ڪنڌ ڪپار

اُهو هادي ڇڏيو هاوي تي، ڪري ڪامل ڪنجيدار

ڪريم جي قدمن جو، کنيو بادشاهه پير بار

تڙ وڏا، تلاءُ گهڻا، تڪيا سڀئي تار

هڪ قطار ويئي ٿي ڪيچ ڏي، جنهن جو پَر ونڪو پار

جوان پڇيو جبرئيل کان، ته پانڌي! ڏي ڪو پار

چئي: هن جي خبر خاوند کي، منهنجي قاصداڻي ڪار

تون آهين مالڪ ملڪن جو، ڏيهن جو ڏاتار

تڏهن ڪامل اُن قطار مان، ڇوڙي اُٺ مهار

وير ويهاري وچ تي، ڏنا پيتيءَ سندا پار

لاٿئين ڪرف صندوق جو، ته اُن ۾ آنا هئا اپار

ڏٺائين قدرت ڪريم جي، اِلاهي اسرار

هڪڙي کي هئي سڪ سردار جي، جنهن تان لاٿي محب ميار

ملائڪ مرسل اڳيان، هئا حاضر ڪئين هزار

جڳ جا، جمعو چئي، تون باري کڻندين بار

ٻارچ، هن ٻانهي جي، ڪا سيّد لهج سنڀار

حورن پاتا هار، محلين آيو مينڌرو.

6 – محلين آيو مينڌرو، ستاويهين رات سوير

ارڙهن ورهيه لڳا احمد ڄام کي، پرين گهمايا پير

شير شهادت رسيا، مانجهي مرد مٿير

ڪربلا ۾ ڪوس ٿيو، ورتئون ويرين کان وير

آيو محمّد حنيفو ميدان ۾، ڀڙڪا ڏيئي ڀير

لاهوتي لڏي ويا، هتان هينئر هير

مائي! وڃ تون محي الدين وٽ، جو ڦرهن لاهي ڦير

جانبن لاءِ، جمعو چئي، ٿي ڇڄي پاس ڇڳير

اي دانَهه پير دلير! مونکي ٻيڙو ڪڍي ڏي ٻاجهه سين.

7 – ٻيڙو ڪڍي ڏي ٻاجهه سين، ڏس هيڻيءَ جا حال

روئان ٿي رت ڦڙا، جر هاريان ٿي جال

پٽ هئم هڪڙو، جنهن کي سامائي ٿيا سال

سعيو ڪيم شاديءَ جو، ڪوٺ ڏنيم ڪال

ڀت ته ڀائرن کاڌو، ٿي سڏايا مون سيال

دهل، ڌماما، ڌوڪڙي، ناچو هئا نهال

ٻريون بندرن تي بجليون ۽ هزارين مشعل

ڇٽيهه ٿوڻيون ڇني ۾، ٻيا طنبو اَڏايم تال

بورچي بيشمار هئا، ٻيا مِٺايون ۽ مال

سالين هن کي ساٺ ڪيا، پِڙا کڻي پال

لاٿئون ميندي مير کي، موڙون اُن مهال

پڙهيو نڪاح نيڪ جو، مُلن کائي مال

گهوٽ چڙهيو گهوڙي تي، رکي خوب خيال

سرگس ويل صبح جي، سنک ٻُريا ٿي سال

وڌائون گهورون گهوٽ تان، ماڻڪ، موتي، لعل

سهڻو آئي سيڄ تي، رانئي ٻڌوئونس رومال

لائون ڏنائون لاکيڻي کي، ڪري ڀلايون ڀال

ساري جڳ جي، جمعو چئي، سيّد! ڪج سنڀال

کڻي مڏيون ۽ مال، سنبريو ساهرن مان.

8 – سنبريو ساهرن مان، کنڊون ورهائي کير

چاڙهي ڪنوار ڪجائي ۾، اُٿاريا اُٺ امير

ناچو نچندي آئيا، ڦيريون ڏيندي فقير

سوين هيون سَرنائيون، آيا وڄائيندي وير

ٻيڙا ڇوڙيائون، ٻارچ چئي، هليا سامهون مٿي سِير

واءُ لڳو واڪو ٿيو، لڳي اُتر هير

ناکئن ناتاريون کوڙيون، ڀڳا جُنگ خَنجير

سٽون ڏيو سکانن کي، ونجهه هڻن ها وير

ڦرها ان جا ڦارون ٿيا، تختا ڀڳا تير

مدد محي الدين ٿجاءِ، تون آهين پيران پير

انهن جانبن لاءِ، جمعو چئي، ٿي نيڻ وهايان نير

ساٿ سڄو ئي سير، هن گوليءَ جو گئون ٿيو.

9 – گوليءَ جو گئون ٿيو، ٿي نيڻ وهائي نار

ٻيڙو ڪڍي ڏي ٻانهي جو، گِهلي منجهان گار

مائي! وڃ ماٺ ڪري، تون نڀاڳي نڪار

هُتي جي هتي اچي، ڪنهن نه ڏني خبر چار

جن لئي اُڀ، ڀُونيون، آسمان جڙيا سڀ جنسار

قطب، تارا، ڪتيون، ٻيا سج ۽ چنڊ هزار

نڪا ٿنڀ ٿوڻي، نڪا ڪامل هئي قطار

بيٺا آهن بنيا، سڀ محبت سين موچار

حسن مير حسين هليا ويا، باري کڻي بار

پٽ ويو اٿئي هڪڙو، تنهن لئي ڪرين تار

ٻيا جي ڪوڙين گهورين ڪيترا، هيڪاندا هزار

ان جي جوڙ، جمعو چئي، توڏي منڌ ميار

نرمل ئي نيهار، در نه ڇڏينديس دستگير جو.

10 – در نه ڇڏينديس تنهنجو، پير! ڏيئين ٿي پار

هڪڙو جوڳيندڙ هو وجود ۾، جنهن ڪيو لاڏاڻو لار

جنهن جو منجو کڻي ويا مقام تي، ڪانڌي ڪري قطار

پوري آس پَٽ ۾، جت قبر ڪارونڀار

قاضي ڪريمن جي، ڪئي پڇاڻي جي پچار

ڪهڙو الله رسول تنهنجو، ڪهڙو سڃاڻين سردار؟

چئي: نڪو الله نڪو رسول، نڪو سڃاڻان سردار

مريد آهيان محي الدين جو، جنهن باري کنيو بار

تڏهن مَلڪن موٽي ربّ وٽ، گويا ڪئي گفتار

ته نڪو سڃاڻي الله ۽ رسول کي، نڪو سڃاڻي سردار

تڏهن حڪم ٿيو حق جو، تڪڙو ٿي تيار

ته ڏيوس جاءِ جهنم ۾، هتي ڪات قهار

منڪر نڪير نياز مان، وريا وٽ وينجهار

آيا مرد مقام تي، قبرن جي ڪنار

ته سيرانديءَ کان سيد هو، جيلاني جهونجهار

چئي: مون سڃاتو الله ۽ رسول کي ۽ سڃاتم سردار

ماري ملائڪن جا، ڦريائين سڀ هٿيار

ته هن کي ڏيو جاءِ جنت ۾، حورون ٻڌنس هار

نه ته ڀڃي دروازا دوزخ جا، بهشت ڪندس بيمار

ڪري دانهن درد مئون، اٿياريندس قيامت جي قطار

جڳ جا، جمعو چئي، تون باري کڻندين بار

ٻارچ، هن ٻانهيءَ جي، سيّد لهج سنڀار

تون اهڙو جيلاني جبار! جو کڻي بار بيوڙن جا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org