سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :4

 - سانوڻ پاڻ سدا ملوڪ بيتائي هو ۽ جذبي ۽ جوش سان بنان ڪنهن جهيل جهولڻي جي، مٿي تکو بيت ڏيندو هو. سڄي ٻانهن ۽ هٿ جي ورن ۽ اشارن سان بيت کي واه جو وهڃائيندو هو. راضي فقير چيو ته: اسان ڏٺو ته ڪچهري ۾ سانوڻ ساڄي ٻانهن سان واسينگ وارا ور ويٺو ڏيندو هو.

- طيب خاصخيلي سانوڻ جي ساٿياري شاعرن مان هو ۽ بيتن جو سهڻو شاعر هو. ڪچهرين ۾ پاڻ پنهنجا بيت ڏنائين. هن وقت سندس پٽ منو (ويٺل دزبالو لڳ ٽنڊو غلام علي) پنهنجي پيءُ طيب جا بيت ڏئي ٿو ۽ هن دور جي ملوڪ بيتاين مان آهي.

- مولا بخش خاصخيلي سهڻو جوان ۽ صدا ملوڪ بيتائي هو: پهريائين ڪاني وڄائيندو هو ۽ سانوڻ جا بيت چوند هو: ۽ پوءِ پاڻ شاعر ٿيو ۽ پنهنجا بيت چيائين. مارئي جي سر کي واه جو ڳايائين. اڪثر اڀرندي طرف (مارئي جي ملڪ ڏي) منهن ڪري ويهي بيت ڏيندو ۽ اهڙي ته سهڻي رمز سان ڏيندو هو جو ڄڻ کلي ويٺو. نماڻو بيت مولا بخش جهڙو ڪنهن ٻئي ڪونه ڏنو.

- حاجي رمضان عرف توڏو فقير پٽ ملوڪ مري (ويٺل مشائخ هوٿي، لڳ اڏيرو لال) سانوڻ جو صحبتي هو ۽ ٻالڪو هو پر نوناري جو پڻ لحاظ رکندو هو. فقير کي سوز ۽ درد هو ۽ سوز مان بيت ڏيندي روئي کڻي ماٺ ڪندو هو. تاريخ 11 آگسٽ 1949ع تي اسان جي ساڻس آخري ملاقات ۽ ڪچهري  ٿي.

- ناري واري طرف، ساماري تعلقي ۾ عثمان حجام (ويٺل پڌر زيو) ۽ ڪانڀو سينهڙو (ويٺل ڪنري کان اوڀر ڍوري جو گهيڙ ”تانگهور“) سانوڻ جي وقت جا هئا ۽ سانوڻ جا بيت واه جا ڏنائون. دودو ۽ بچو خاصخيلي (ڪنجهن جي جا) ٻئي دور جا بيتائي ٿيا، جن 1955ع تائين ڪچهرين ۾ بيت پئي ڏنا. هن ساڳئي دور ۾ ساماري تعلقي جا ٻيا قابل بيتائي، ڏنو کوسو، بهار کوسو ۽ حاجي ابراهيم ڀرڳڙي هئا، جن مان حاجي ابراهيم مرحوم سان سنه 1957ع ڌاري اسان جي ڪچهري ٿي.

- سانوڻ واري دور ۾، ناري طرف، پاهڙ دل (پرهوڙ جو)، غلام حسين مغل (سنڌڙي جو) ۽ عالم پلي (عمرڪوٽ جو) بيتن جا شاعر هئا، جن مان هڪ روايت موجب پاهڙ دل ۽ غلام حسين مغل ٻنهي غلام شاهه جي ميلي تي بيت ڏنا ۽ مغل انهيءَ ڪچهري ۾ پاهڙ کي مڃيو.

- ٺٽي ضلعي ۾، ٻين ماڳن کان سواءِ خاص طرح درياءَ جي ڪنڌيءَ سان لڳو لڳ ٻنهي پاسي نڙ – بيت جون ڪچهريون هليون، گهوڙا ٻاري – سجاول تعلقن واري تر ۾ شهمير اوٺو، ڦتو اوٺو ۽ علي محمد اوٺو مشهور بيتائي ٿيا. کانئن پوءِ ٻئي دور ۾ حيات اوٺو ۽ دورو اوٺو بيتائي ٿيا، جن مان دوري سان سنه 1962ع ۾ (جڏهن سندس عمر 55 سال) اسان جون ڪچهريون ٿيون.

- سجاول تعلقي ۾ چوهڙ جمالي کان ڏهه ٻارهن ڪوهه ڏکڻ طرف، ”کاري“ ۾ ”جيئند“ جي ڳوٺ جو دورو زنگيجو (1962 ۾ عمر ستر سال) هن صدي جي پهرئين دور جو بيتائي هو. سجاول تعلقي، بيگن ٻارڻ ۽ هڪ سمون پوئين ٻئي دور جي بيتاين مان هئا. 1958ع ۾ بيگن زنده هو جو اسان کي معلوم ٿيو ته وٽس سانوڻ جا بيت ججها آهن ۽ پاڻ به بيتن جو شاعر آهي.

- ميرپورساڪري تعلقي ۾ پوئين ويجهي دور جو بيتائي بنگل خان مروئو بلوچ ٿيو، جنهن ”وچولي واري بيتن جي لئي“ کي ميرپور ساڪري طرف مشهور ڪيو. 1950 – 1955 ۾ ميرپورساڪري طرف اسان جي ڪچهرين (ڳوٺ حاجي محمد سوڍو بگهياڙ ۽ وٽيجي تي ڳوٺ حاجي ڪرمي) ۾ بنگل خان سانوڻ جا بيت مٿئين آواز ۾، نهايت مٺي مينڍ، جهيل ۽ جهانءِ واري هونگاري سان ڏنا ۽ واه جا ڏنا! بنگل خان حال حيات آهي.

* ٺٽي ضلعي ۾، شيخ تراب جي درگاهه جو مجاور، پيرل فقير هڪ وڏو ملوڪ بيتائي هو. آواز چٽو ۽ مٺو هوس. ان کان اڳ ٺٽي ضلعي ۾ آدم ترڪ (ويٺل هيلايا، جهم – پير کان اڀرندي) وڏو قابل بيتائي هو، جو پيرل فقير به سندس نيڪي ڪندو هو. سنه 1944ع ۾ ناڙي بنگل چنهواڻ اسان سان خبر ڪئي ته: ”مون آدم ترڪ ڏٺو هو، جهونو مڙس هو، ڪچهريءَ ۾ ناڙي کان هٽي پري ٿي ويهندو هو ۽ اتان هونگارو ڪري نڙ جي لئي ۾ ملي ويندو هو.“

* تعلقي ميرپور بٺوري ۾، ميرو ۽ صديق لاشاري (ٻيئي ڀائر ويٺل درياءَ جي اڀرندي ڪنڌي سان ”دڙي“ جي شهر لڳ) هن پوئين ويجهي دور جا چڱا بيتائي ٿيا ۽ پندرهن سال اڳ سندن ڪچهريون هلندڙ هيون. چار سال ٿيا جو گذاري ويا.

* الله ڏنو نوناري (ويٺل هوسڙي) حيدرآباد واري تر جو مشهور شاعر ۽ سانوڻ جو ساٿياري هو. ان وقت حاجي نوناري (هوسڙي) به شاعر هو. الله ڏنو ۽ حاجي ٻيئي ملوڪ بيتائي هئا. کانئن پوءِ الله ڏني نوناري جي پٽ الله ورايي ڪچهرين ۾ بيت ڏنا.

حيدرآباد تعلقي ۾، نوناري کان پوءِ واري ٽهيءَ جا مشهور بيتائي اسحاق هاليپوٽو ۽ بچو کور (ٽنڊي قيصر جو) هئا. بچو کور، جمعي ٻارچ جو راوي هو. 58 – 1955ع واري عرصي ۾ اسان جون ساڻس ڪچهريون ٿيون. 1961ع ڌاري گذاري ويو. اسحاق هاليپوٽو حال حيات آهي ۽ گهڻو موٽيل مڙس آهي. پندرهن سان اڳ تائين اسحاق جي ڀل ڀلان هئي. سانوڻ جا بيت چيائين ۽ واه جا چيائين. سانوڻ وانگي مٿي تکا بيت ڏنائين. ڏاڙهون جوڻيجي خبر ڪئي ته: ڀٽائي صاحب جي ميلي تي بيتن جي ڪچهري متل هئي جو اسحاق هاليپوٽي کي پريان ايندو ڏسي ڪنهن چيو ته ”ٻيلي! بيتن جو ”ڪارو واءُ“ اچي ويو.“

* تعلقي ٽنڊي الهيار ۾، عمر هڱورو (ويٺل ٻَنڀُو) هن پوئين ويجهي دور جي ملوڪ بيتاين مان هو. حسين فقير هڱوري جو همعصر هو، اٺ – ڏهه سال ٿيا جو گذاري ويو.

* هالا تعلقي جو مشهور شاعر ۽ بيتائي محمود شيخ (ويٺل ڳاهن جو لڳ ڳوٺ باقر نظاماڻي) هو، محمود شيخ ڪانيءَ تي مٿي بيت ڏيندو هو. سندس ٻالڪن مان سندس ڀاڻيجو يوسف شيخ ۽ جمعو شيدي (ڳوٺ باقر خان نظاماڻي) هالا واري تر ۾ ناميارا بيتائي ٿيا. راضي فقير چيو ته: ”اسان جمعي شيدي کي ڀٽائي صاحب جي ميلن ۽ جمعن تي بيت ڏيندي ٻڌو، ”ڀوري“ ۽ ”سيف الملوڪ“ جي سُرن مان محمود شيخ جي بيتن کي ڪچهرين ۾ لوليون ڏيئي ڇڏيندو هو. بيت کي اهڙي ته ٽٻي ڏيئي ڇڏيندو هو جو واه واه! ٻانهن کي مٿي اُڇل ڏيئي، وري هٿ کي ورائي اچي بيت کي لاهيندو هو ته بس ماري وجهندو هو.“

* هالا تعلقي جي سامهون درياءَ جي پار مانجهندن واري تر ۾، سالار فقير ورياڻي (مانجهندن جو) پاڻ شاعر توڙي بيتائي هو. احمد ماڇي (ويٺل ”ٻنڌ“ تعلقو هالا) مٺو بيتائي هو ۽ سڀ سر چوندو هو. اوڀاهيو مانجهند (ويٺل لڳ مانجهدن) شاعر حفيظ جي مومل – راڻي جي سُر جا بيت واه جا ڏيندو هو. ان کانپوءِ الله بچايو تَنگهياڻي ۽ الله واٽيو تنگهياڻي (ٻئي ويٺل لڳ مانجهند) بيتائي ٿيا. کانئن ننڍو ميهار مانجهند هو، جنهن سان 1949 – 1955ع واري عرصي ۾ اسان جون ڪچهريون  ٿيو. ميهار ”وچولي واري لئي“ ۾ مٿي ۽ تکا پر مٺا بيت ڏنا. سنه 1962ع ڌاري وفات ڪيائين.

* کپري تعلقي جو مشهور بيتائي بهار خان رونجهيو (ويٺل لڳ ڦهلڏيون) هو. ڪچهرين ۾ موريي جي چيل سسئي جا بيت ڏنائين ۽ واه جا ڏنائين. صوفي فقير صاحب، علي خان ڪورائي کي بهار خان رونجهي جي مقابلي لاءِ گهرائي گڏ بيت ڏياريا. پٿوري جي ميلي کي بهار خان رونجهي پنهنجو مرڪز بنايو، جتي سندس هاڪ ٻڌي ڪيترن ئي بيتائن هلي اچي ساڻس بيت ڏنا. کپري تعلقي ۾، موريو خاصخيلي (ويٺل لاکاٽي) مشهور بيتائي ۽ شاعر ٿيو، مٿي تکا بيت ڏنائين. سنه 1965ع ڌاري  گذاري ويو. سندس ٻالڪو علي دين خاصخيلي آهي. محمد هاشم پٽ مارو (مري بلوچ، ويٺل ڪَنڊير تعلقو سانگهڙ) پوئين ويجهي دور جي ملوڪ بيتاين مان آهي. هن وقت سندس عمر 58 سال کن آهي. کپري تعلقي جي شاعر مرحوم شادي مريءَ جو مکيه راوي آهي. وڏو خوشطبع ۽ ڪچهريءَ جو مور آهي. علي خان ڪورائي واري طرز جو مٿس اثر ٿيو. چيائين ته 35 – 1930ع ڌاري مون علي خان ڪورائيءَ کي بيت ڏيندو ٻڌو هو ۽ مون کي سندس ڏيڻي وڻي ويئي.

* تعلقي سانگهڙ مان هن پوئين ويجهي دور ۾ حسين فقير هڱورو (اصل ويٺل مکيءَ ۾ ”هرڻي واري ڀٽ“) ناليوارو ۽ مشهور بيتائي ٿيو. حسين فقير هڱورو حال حيات آهي ۽ سندس عمر 65 سال کن آهي، هو مولا بخش خاصخيلي جو مکيه راوي آهي پر سانوڻ جو به گهڻو گن ياد اٿس. پٿوري جي ميلي تي مشهور بيتائي بهار خان رونجهي سان بيتن ۾ سندس ڀيٽيون ٿيون. ٻنهي مر زي جمالي جي نڙ تي بيت ڏنا، ۽ بهار خان به حسين فقير کي مڃيو. هن پوئين پندرهن سالن واري دور ۾ آدم ۽ منگهي خاصخيلي جي نڙن تي حسين فقير بيت ڏئي ڏنا آهن. حسين فقير، آدم ۽ منگهي جي سنگت سان ئي اسان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ”نڙ بيتن جي پهرين ڪچهري“ شروع ڪرائي. حسين فقير جو آواز چٽو ۽ مٺو آهي ۽ سندس ڏيڻي نماڻي سهڻي آهي. تازو (آڪٽوبر 1970ع) حسين فقير، آدم ۽ منگهي جي سنگت سان ڪراچي مان پهريون ڀيرو ”ٽيليويزن پروگرام“ ۾ نڙ بيتن جي ڪچهري جي شروعات ٿي آهي: سانگهڙ تعلقي مان، حسين فقير هڱوري جا همعصر ۽ شاعر مولا بخش خاصخيلي جا ٻالڪا، مراد علي ڪيريو ۽ لونگ انڙ (ويٺل منگلي شاخ) ٻئي ملوڪ بيتائي جي گذاري ويا آهن.

* تعلقي نواب شاهه ۾ ڄام ڏاتار جي درگاهه ۽ ميلو نڙ – بيت جي ڪچهرين جا مرڪز رهيا. گذريل دور ۾ مصري وسطڙو (ويٺل ڄام ڏاتار) پنهنجي وقت جي وڏن بيتاين مان هو. شاعر حڪيم ڏاهريءَ جو هو خاص راوي هو.

* تعلقي شهدادپور جي آڳاٽن بيتاين مان دريا خان وساڻ هو. بيتائي عثمان ڀٽي اسان کي ٻڌايو ته: ”آئون ننڍو هوس جو دريا خان کي مون ڄام ڏاتار جي ميلي تي بيت ڏيندي ٻڌو. پاڻ شاعر هو. چوڻي سهڻي هئس ۽ بيت جي وراڻي واه جا ڏنائين.“ حسين فقير هڱوري ٻڌايو ته: دريا خان وساڻ ڳوٺ ”بيرڇن“ جو ويٺل هو. آءٌ عمر ۾ ڪچو هوس جو مون کيس (سنه 1915ع ڌاري) بيت ڏيندو ٻڌو. وڏو ملوڪ بيتائي هو. هيٺ ڪنڌ ڪري بيت ڏيندو هو، ۽ وراڻي تي جڏهن ڪنڌ مٿي کڻي آڻي بيت واريندو هو ته بس ماري وجهندو هو. ا. هه.

* ان کان پوءِ واري دور ۾ الله ڏني نوناري جو راوي عرس ماڪوڙاڻي (ٽنڊي آدم جو) پنهنجي وت جو مشهور بيتائي ٿيو. سندس ٻڌڻي واه جا هئي! سورهن – سترهن سال اڳ اسان کيس بيت ڏيندو ٻڌو. ان وقت سندس اڇي ڏاڙهي هئي پر آواز مٿي ۽ مٺو هوس. پنج – ڇهه سال ٿيا جو گذاري ويو. اسحاق هاليپوٽي ۽ عرس ماڪوڙاڻي جون بيتن جي ڪچهرين ۾ ڀيٽيون ٿيو. محمود شيخ، جمعي شيدي ۽ عرس ماڪوڙاڻي پڻ پاڻ ۾ بيتن جي ڪچهرين ۾ هڪ ٻئي سان چوٽون ڏنيون. ساڳئي وقت ”لُنڊي“ جي طرف جو ميان ڏتو زرداري ملوڪ بيتائي هو. گاجي شاهه جي ميلي تي بيتن جي ڪچهرين کي مچايائين ۽ اُٿي بيهي بيت ڏنائين. ڪچهريءَ ۾ اٿي بيهي بيت ڏيڻ جو رواج ميان ڏتي زرداري وڌو. نواب شاهه جي تر ۾ ۽ مٿي اتر طرف اڃا تائين اهو رواج آهي. ميان ڏتي جو ڀاءُ محمد زرداري موجوده دور جو مشهور بيتائي آهي. وٽس گن گهڻو آهي ۽ ڪچهريءَ جي لحاظ سان بيت ڏئي ٿو. گذريل دور جي سليمان پٽ ٻاجهوءَ جو ملاح (ويٺل ملدسي) چڱو شاعر ۽ ملوڪ بيتائي هو. محمود شيخ جو ٻالڪو هو. 1949 – 1955ع واري دور ۾ اسان جون ساڻس ڪچهريون ٿيون. سيد محمد شاهه سنائي جي مارجڻ تي پنهنجا بيت ٻڌائين، جي اسان کي نڙ جي لئي ته ٻڌايائين. شهدادپور تعلقي جو ٻيو مشهور بيتائي عمر ٻرڙو (ويٺل ڳوٺ وداداني) آهي، جنهن جي عمر هن وقت سٺ ورهيه کن آهي. گذريل سال (10 آگسٽ 1969ع اسان ڪچهريءَ ۾ سندس بيت ٻڌا ۽ واه جا بيت ڏنائين. موڙن مينڍن سان، مٺو ڪري ساهي سان بيت ڏيڻ جي کيس رمز ياد آهي.

* تعلقي سنجهوري ۾ اڳئين دور جي بيتائين مان عثمان ڀٽي (ويٺل منڍ جمڙئو) حال حيات آهي. عمر اسي سال کن اٿس پر اڃا به بيت ڏئي. صوفي فقير صاحب کيس ڪچهرين لاءِ سڏيندو هو ۽ ابو جبل طرف شڪار واري سفر ۾، کيس ساڻ ايندو هو. اڳين شاعرن مان حڪيم ڏاهري جو راوي آهي ۽ وٽس حڪيم جا مورڙيي جي قصي مان چيل بيت مڙيئي محفوظ آهن. پوئين دور ۾ هن بچائي رند جا بيت ڏنا ۽ سندس ٻالڪو سڏايائين. تعلقي سنجهوري ۾ ڏاڙهون جوڻيجو (عمر 65 سال، ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري) محمود شيخ جي ٻالڪن مان آهي. سندس ملوڪت اها جو مينڍن موڙن ۽ سهڻي وراڻي سان مٺو بيت ڏئي. پندرهن – ويهه سال اڳ جڏهن اسان سندس بيت ٻڌا تڏهن سندس چوڻي واه جا هئي. الله رکيو سينهڙو (اصل ويٺل جهول تعلقو سنجهورو) هن پوئين ويجهي دور ۾ حسين فقير جي صحبت مان بيتائي ٿيو ۽ ساڳي حسين فقير جي چوڻي سان بيت ڏئي ٿو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نڙ – بيت ڪچهرين ۾ سندس نالو داخل آهي.

نڙ – بيت جي ڪچهرين جو ذوق شوق

        گهڻي وقت کان وٺي ”هيٺين وچولي“ ۽ ”لاڙ“ جا ميلا نڙ – بيت جي ڪچهرين جا وڏا مرڪز پئي رهيا آهن، جن مڙني ۾ ڀٽائي صاحب جو ميلو مکيه ۽ مشهور مرڪز ٿي رهيو آهي. براج واهن جي نڪرڻ (1932ع) کان اڳ هَرلن ۽ نارن تي ڪچهرين جا منڊل متل هوندا هئا. درياءَ جي ڪنڌيءَ سان ۽ ناري جي پاسي جتي ٻه – چار ڀاڳيا ۽ ڀاڻ هوندا هئا ته اتي نڙ – بيت جون ڪچهريون لڳي وينديون هيون. سرند ماڻهن مان جيڪي نڙ – بيت جي ڪچهرين جا ڪوڏيا هئا ۽ جن ناري ۽ لاڙ طرف انهن ڪچهرين کي زور وٺايو تن مان هيٺين جا نالا مشهور آهن. حالانڪه اهڙا ذوق وارا ڪي گهڻا ٿي گذريا پر سندن نالا اسان کي معلوم نه آهن. فقير حاجي محمد صوفي (ڳوٺ صوفي، ڍورو نارو)، سهراب خان مري (ڀٽ ڀائٽي تعلقو کپرو)، اڪبر خان چانڊيو (ديهه ساڌڻو، تعلقو سانگهڙ)، وڏيرو عمر پهوڙ (ديهه جينائو تعلقو کپرو)، پير علي بخش شاهه ڀٽائي (ڀٽ شاهه)، پير ڏنل شاهه (ڊٺڙو – تعلقو شهدادپور)، مير عبدالله خان ٽالپر، هالاري وارو (پلنگو، تعلقو ميرپورخاص)، سيد علي بخش شاهه وهڻائي (ٽنڊو باگو – بدين)، ڄام ملوڪ ۽ رکيل خان مري نڙ – بيت جي ڪچهرين جا وڏا مربي هئا ۽ سفر ۾ به نڙن بيتن وارا پاڻ سان کنيو گهمندا هئا.

        ڀاڳين جي ڀاڻن، هرلن ۽ نارن، پيرن فقيرن جي درگاهن ۽ ڪن ذوق وارن زميندارن جي اوطاقن تي وقت بوقت نڙ – بيت جي ڪچهرين جي چهچٽن، ناڙين توڙي بيتائين کي همتايو  ۽ هنن پنهنجي هنرمنديءَ جا جوهر ڏيکاريا. سنڌ جي هر تعلقي ۾ ناڙي ۽ بيتائي ساماڻا جن ڪچهرين کي مچايو ۽ عام خاص کي وندرايو. غالباً ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته 1875ع کان 1960ع تائين اٽڪل مُني سئو سال وارو دور نڙ – بيت جي ڪچهرين جو سونهري دور هو، حالانڪه نڙ – بيت جون ڪچهريون اڃا تائين قائم آهن ۽ اميد ته سدائين قائم رهنديون.

ن.ب.

متن

 

نڙ جا بيت

 سانوڻ خاصخيلي

       

سانوڻ  فقير گهڻو ڪري سڄيءَ سنڌ جو سير ڪيو هو ۽ سڀني ميڙن ملاکڙن تي وڃي بيت چيائين. انهيءَ ڪري کيس تمام گهڻن ماڻهن ڏٺو ۽ ساڻس رهاڻيون ڪيون، جن مان اڄ به ڪيترائي حيات آهن. ان هوندي به سندس مڪمل سوانح معلوم نه ٿي سگهي آهي. فقط ڪن ٿورن رواين کان سندس سوانح  جا ڪي پهلو معلوم ٿي سگهيا آهن.

سانوڻ فقير، ذات خاصخيلي، اصل ۾ نندي شهر (تعلقو بدين) کان چار ميل اتر طرف ڳوٺ شهداد خاصخيلي جو ويٺل هو. * اندازً سنه 70-1875ع ڌاري ڄائو. سانوڻ مهيني ۾ ڄمڻ ڪري، سندس نالو ”سانوڻ“ رکيائون. پنهنجي ڳوٺ ۾ ”حافظ ڪبير“ وٽ قرآن شريف پڙهيو، ان بعد مال چارڻ لڳو.

ننڍي هوندي کان ئي ”نڙ – بيت“ جي ڪچهرين سان چاهه هئس، ڪيترن ئي مشهور شاعرن جا بيت ياد ڪيائين، جي پنهنجي منهن جهونگاريندو رهيو هو. هڪ روايت موجب علي خان ڪورائي جو پوءِ سانوڻ جا بيت چوڻ لڳو، تنهن شروع ۾ ”سانوڻ“ کي نڙ تي بيت چوڻ جو گس ڏنو. * اهڙيءَ طرح، سانوڻ ڏينهن جو مال چاريندو هو ۽ رات جو ڪچهرين ۾ ٻين شاعرن جا بيت چوندو هو پر اڃا پنهنجا بيت نه چيا هئائين. سانوڻ فقير جي شاعريءَ جي شروعات بابت پڻ مختلف روايتون رائج آهن، جن مان هڪڙين مطابق ويجهن عزيزن جي وفات جي غم سببان سانوڻ بيت چيا ۽ ٻين مطابق کيس مجاز جي مهميز آئي ۽ سندس شاعري شروع ٿي.

حاجي عمر چانڊيي چيو ته: مون تاجي خان چانڊيي کان ٻڌو ته سانوڻ فقير، ڇپني واري ڏڪار جي ٻئي سال (1857 سنبت ۾) مال چارڻ ڇڏي، جهڏي کان اٺ ميل ڏکڻ – اولهه طرف، ڳوٺ فضل خاصخيليءَ ۾ وڏيري کٻڙ اڍيجي وٽ ٻني ڪئي ۽ وڏي بيماريءَ (سنه 1918 واري وبا) واري وقت تائين اُتي ئي رهيو. هڪڙي ڀيري ڳوٺان آئي ڪجهه ڏينهن ٿيا هئا ته نياپو آيس: زال بيمار ٿي پئي اٿئي، منهن ڏسڻو هجئي ته سانجهيءَ آيو گهرجين. چيائين ته: صبح جو ويندس، وري صبح جو سج اُڀرئي ماڻهو آيس ته: ٻه ڀائر، ٽي زال وبا ۾ گذاري ويا. خبر ٻڌڻ شرط هوش خطا ٿي ويس، ڀائرن ۽ زال جي فراق ۾ اُتي جو اُتي بيت ڏنائين ته:

1-      سانوڻ تنهنجيءَ سڪ منجهان، آديسي آيو،

ٻائيءَ چيو ٻانهي کي، ويندل ورايو،

مومل توکي ميم ۾، آهي ساميءَ سڏايو،

تنهنجي ڏسڻ جو آهي، راڻي کي رايو،

آسٽيءَ آکايو، ستين ڏينهن صبح جو.

2-      ستين ڏينهن صبح جو، ڪڍي سج ڪني،

آيا مرد الله جا، کڻي سرڪ سنهي،

روندين رڙندين ڪيترو، اچي بندا توتي بني،

مون کان سڱ ڇني، لاهوتي لڏي ويا.

سندس شاعريءَ جي شروعات انهن بيتن سان ٿي.

        سانوڻ فقير جي شاعريءَ جي شروعات بابت ٻيون روايتون جي هيٺ ڏجن ٿيون، هن طرح آهن:

        (1) سندس سئوٽ گل محمد خاصخيلي جي روايت موجب: سانوڻ فقير ننڍي هوندي پيءُ کي ماني ڏيڻ ويو. موٽندي اها ٿالهي وڃائي آيو، جنهن ۾ ماني کڻي ويو. ٿالهي نئين هئي، تنهن ڪري ماڻس ”مرادي“ گهران تڙي ڪڍيس. ان موقعي تي بيت چيائين ته:

مرادي کنيو موچڙو، پئي ڪني ڪاهي،

سڄو ڏينهن سانوڻ کي، ٿي ڍنڍ ۾ ڊوڙائي،

الله ٿالهي لڀائي، نه ته ڪونهي آسرو سانوڻ جو.

۽ اهو پهريون بيت هو جو سانوڻ چيو:

(2) گل محمد خاصخيلي ۽ مبارڪ چانڊيي جي روايت موجب: سندس ڀاءُ وفات ڪئي، جنهن جي فراق ۾ پهريان بيت چيائين ته:

1-          لڏي ويا ڇڏي، ڪري آتڻ اولاڻو،

پيڙي دل پرزا ڪري، گهمائي ويا گهاڻو،

سورن ۾ سانوڻ چئي، وتان ويڳاڻو،

آيل اولاڻو، ڏيئي ويام ڏهاڳ جو.

2 –        سامونڊي سنبهيا، وجهي ڏيل ڏجي،

تکي سير سمونڊ جي، اڳيان وير وهي،

سڃيءَ جو سانوڻ چئي، نٿو روح رهي،

رکي سر ڳَهي، واريان تن وڻجارن کي.

3-  سامونڊي سنبهيا، ساوي وڃن جام،

ٻيڙا ٻڌائون ٻيٽ تي، غورابن گدام،

سودي ستيون سور جون، سفر سنبريام،

پکين پرڏيهين جا، ڪهڙا مڙهه مقام،

جتي ماريا، اُتي کاڌا، ٻيا کنڀن جا کرسام،

سڪان ٿي سانوڻ چئي، ويا هوت وٽام،

چئي ائين چڪام، اسان جو اچڻ ايترو.

        هيٺين روايتن مطابق سندس شاعري مجازي بيتن سان شروع ٿي:

هڪ روايت موجب، سانوڻ فقير جوان هو، ڳوٺ ڀائي خان جي ڀرسان سامين جي هڪ لڏي اچي ڊاٻو ڪيو. انهن ۾ هڪ سامياڻي مائي تمام سهڻي هئي ۽ سانوڻ مٿس عاشق ٿي پيو پر سامي لڏو کڻي هليا ويا ۽ سانوڻ فراق ۾ هي بيت چيا ته:

”سامي سفر هليا، آيا ڪي آڳنڌ – الخ“

---

”سامي سفر هليا ، ڏيئي سورن سور – الخ“

مگر زياده صحيح روايت هي آهي ته هڪ ڏيٿياڻي مائيءَ سان سندس نينهن لڳو ۽ محبت جي حجت سان پهريائين هي بيت چيائين ته *:

ڏاهي ٿي ڏيٿياڻي، توکي چڱا چون چار،

ڪالهه رکيامئين ڪيترا، بارانا ۽ بار،

سئو سئو ڀيرا سينڌ جا، تو وٺي ڏنا ٿي وار،

ارڏائي تو اسٽيءَ کي، ڪرڻ ناهي ڪار،

اسين هڪل ڪنداسون هيبت کي *،

جنهن جو ڏيهن ۾ ڏهڪار،

زالن جيڏي زال آهين، نڪا آهين ٻار،

دانهن پنهنجيءَ دل ۾، ويهي ڪر ويچار،

نه ته ساري سڀ ڄمار، ڳائيندوسئين ڳوٺ ۾.

سانوڻ شڪل جو ڪوجهو هو، ڪوڙي تي وڏو رم هئس، بدن تي وارن جا مچ هئس، اکيون ڳاڙهيون ۽ پاڻياٺيون هئس، قد جو بندرو ۽ ٿڪل هو، پر جوش جا جبل هئس. سانوڻ فقير کي عشق جي باهه اندر ۾ پئي ڀڙڪي. سياري توڙي اونهاري فقط صدري پائيندو هو. سا به بيتن ڏيڻ وقت بت تان لاهي ڇڏيندو هو. سخت سرديءَ ۾ به بيت چئي، مٿان پاڻيءَ جو گلاس پيئندو هو. اهڙيءَ طرح پڙيءَ تي ويٺي دلا پاڻيءَ جا پي ويندو هو، سندس بدن مان پگهر ريلا ڪري پيو نڪرندو هو. آخري عمر ۾ اندر جي باهه ڪافي وڌي ويئي هيس، جو پاڻيءَ سان گڏ مصري جو به اضافو ڪيو هئائين. مصريءَ جي ڳڙي کائي، مٿان پاڻيءَ جو گلاس پيئندو هو.

بيت چوڻ وقت گوڏا ڀڃي اُڀو ٿي ويهندو هو. پٺا سدائين اگهاڙا هوندا هئس، بيت ڏيئي يڪدم ڀرسان رکيل پاڻيءَ جو ڪوئنرو کڻي وات ۾ اوتيندو هو يا ڍڪ ڀريندو هو. يعضي ڪوئنرو هٿ ۾ جهلي پيو جهولندو هو ۽ سٿرن تي هٿ ويٺو هڻندو هو. بيت نهايت درد مان ڏيندو هو ۽ اشارن سان پوري تصوير آڻي اڳيان بيهاريندو هو. بيت چوڻ وقت ڪن ۾ هٿ وجهي ويهندو هو، جنهن ڪري ڪن ڇڪجي هيٺ لڙي پيا هئس.

        سانوڻ فقير، نماز جو پابند هو، سومهڻيءَ جي نماز کانپوءِ وظيفو پڙهندو هو. هڪ دفعي رمضان جي مهيني ۾ بيت پئي ڏنائين ۽ پاڻي به پيتائين. ان تي ڪنهن چيس ته: سانوڻ! تنهنجا بيت ته ڀلا ۽ نماز به پڙهين ٿو، پر روزو ڇو نٿو رکين؟ ان تي هٿ ٻڌي چيائين ته: سائين! آءٌ گنهگار آهيان ۽ هي بيت ڏنائين ته:

آءٌ گڊو، آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پِتو بي پاڙو،

من جي مرادن کي، آءٌ ڪريان ڪڄاڙو،

آهيان هٿين خالي، مون وٽ ڀَتو نڪي ڀاڙو،

ڏسي دور دنيا جا، مون کي سرس لڳو ساڙو،

هيءَ حد ڇڏي، هن حد ۾، مون ڌن ڏسي هنيو ڌاڙو،

صوفي جو ”سانوڻ“ چئي، لٿو من تان مونجهارو،

جڏهن ترندو تراڙو، تڏهن پوندي سڌ سچائيءَ جي.

سانوڻ فقير جي ڪچهرين بابت پڻ ڪيئي ڳالهيون هلنديون آهن. مثلاً.

(1) هڪ دفعي ڪرهيي ڀانڊريءَ جي ميڙي تي ”سمون شيخ“ به آيو. هو نڙ تي بيت ڏيندو هو ۽ ان تي فخر ڪندو هو. سانوڻ فقير به ان ڪچهريءَ ۾ آيو، جتي سمي شيخ بيت پئي ڏنا. هن سانوڻ کي بيتن ڏيڻ لاءِ چيو. فقير جي طبعيت ان وقت بيتن چوڻ جي نه هئي، تنهن چيو ته: آءٌ بيت ٻڌڻ آيو آهيان، آخر سمي شيخ جي هوڪارن تي فقير بيت ڏنا. سمي شيخ وٽ بيتن جو ڀانڊارو ڀريل هو، پر ان وقت ڄڻ ته سڀڪجهه وسري ويس. فقير جي سامهون سڄو بيت ڏيئي نه سگهيو. پوءِ پشيمان ٿي هن کان معافي ورتائين.

(2) سانوڻ فقير، پيرو لاشاريءَ جي ڀرسان شاهه گهريي جي ميلي ۾ ويٺي بيت ڏنا ته محمد ٽالپر به اچي ويٺو. سانوڻ فقير بيت ڏيئي مٿي نهاريو، ته ماڻهن مان ڪنهن رپيو ته ڪنهن آنو ڏنس. اها طمع واري ڳالهه محمد کي نه وڻي، جنهن تي چيائين ته: سانوڻ!

ٻڌي ٻي ٻولي، هليا هيٺ زمين،

رکيو دل دنيا سان، ٿو دعويٰ رکين دين،

ٻئي گدرا مٺ ۾، ڪنهن پر ايندا ڪين،

ٽيءَ ڳالهه جو ”ٽالپر“ چئي، ٿا لاهوتي ليکين،

ستين سمنڊ اورانگهيو، اٺين عرش اُڀين،

لاهيو ڪڙا ڪوٽ جا، ٿا پوريل در پٽين،

انهيءَ کان به پري ٿيا، ”محمد“ ملڪ مٽين،

ات  ٿا ورد وٽين، جت جماعت حضرت عشق جي.

اتي سانوڻ چيو ته:

داتا جي درٻار مان، هنيو کاهوڙين کاٽ،

کڻي خزانا خوش ٿيا، پيٽ ڪيائون پرڪاٽ،

هليا وڃن حضور ۾، ڳوڌا واريو ڳاٽ،

هليا وڃن حضور ۾، جوڳي جهليو جاٽ،

هليا وڃن حضور ۾، وچئون وٺيو واٽ،

مرد موڙيا ڪينڪي، ڪنهن دوزخ جي دونهاٽ،

لتاڙيائون لتن سان، لطيفاڻي لاٽ،

اها سڃاڻان نٿو، سانوڻ چئي، فقيراڻي فقراٽ،

سا ٻڪر ۽ ٻوساٽ، وئي ڦٻي فقيرن کي.

---

جسم منهنجي جان کي، لڳو ڄائي ڄمندي ڄيرو،

الست ارواحن تان، انهيءَ فيض ٻڌو ڦيرو،

ماڻهن ليکي آدمي، پر هئو ات لعل اڏيرو،

وڃي ويٺو وجود ۾، اتي دمائي ديرو،

شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت کان ٿيو مٽي مهنديرو،

لنگهي ويس لاهوت کان، دور اڏيم ديرو،

هن صوفيءَ تان، سانوڻ چئي، ڀڃي ويهم ڀيرو،

نينهن جو نبيرو، ميثاقان مهند هو.

---

سانوڻ فقير جي بيتن ۾ سوز هو، تنهن ڪري عام ۾ سندس بيت نهايت مقبول پيا. هو بيت ڏيندو هو ته ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا هئا، جيئن ته سڄيءَ سنڌ جو سير ڪيائين ۽ ميڙا ڀيٽيائين. تنهن ڪري سندس بيت به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا ۽ هن وقت تائين عام ڪچهرين ۾ چيا وڃن ٿا. سندس بيت گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني ڀاڱن ۾ ملن ٿا. البت مڪاني طور ۽ راوين جي ڪچائيءَ سببان انهن ۾ قدري اختلاف آهي.

سانوڻ فقير جي شاگردن مان مولا بخش خاصخيلي مشهور ٿيو، جنهن پوءِ پنهنجا بيت چيا. سانوڻ فقير جڏهن حضرت پير سائين پاڳاري، شاهه مردان شاهه ”ڪوٽ ڌڻي“ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته مولا بخش اُتي کيس مليو ۽ سندس شاگرد ٿيو. سندس ٻيو شاگرد صديق فقير، ويٺل ڳوٺ غلام حسين جمالي، تعلقي بدين جو هو، جو سنه 1951ع ۾ گذاري ويو. صديق فقير پڻ سانوڻ جي پيروي ڪندي بيتن ۾ اڪثر هيءَ چوڻي ڪم آندي آهي ته ”مون سڃيءَ جو صديق چئي.“ بچائي فقير رند تي به قدري سانوڻ جو اثر پيو: حالانڪه بچايو فقير پنهنجي سر هڪ نامور شاعر هو. توڏو فقير مري (ويٺل اڏيرو لال) سانوڻ جو خاص خدمت ڪندڙ ۽ سڪ وارو فقير هو. توڏي فقير آخر عمر ۾ پاڻ پنهنجا بيت پڻ چيا. علي خان ڪورائي، سانوڻ جي بيتن جو وڏو راوي هو: ٻه – ٽي سال ٿيا جو وفات ڪري ويو. هن وقت حسين فقير هڱوري ۽ ٻين گهڻن بيتن ڏيندڙن وٽ سانوڻ جا بيت آهن، جي هو ڪچهرين ۾ ڏين ٿا. تاجي خان چانڊيي جي زباني آهي ته: سانوڻ فقير سان بيتن ڏيڻ وقت ڪاني وڄائيندڙ سلسليوار هن طرح هئا:  (1) موسو خاصخيلي، ويٺل ڳوٺ ڪنڊڙي، لڳ راڄو نظاماڻي، تعلقو ٽنڊو باگو، (2) حسين خاصخيلي، ويٺل ڳوٺ ڪنڊڙي (3) کٻڙ خاصخيلي، جو اکين کان انڌو هو، ويٺل سينهاڻو، تعلقو ٽنڊو باگو. فقير گلو اوٺاري، ويٺل بدين، جو سانوڻ جو ساٿاري هو. ان جي روايت موجب سانوڻ فقير وفات کان اڳ يارن دوستن کي چيو ته: ادا! هاڻي ساري سنگت سائين کي پرتي آهي. هاڻي ڏينهن اچي ڀريا اٿم، ائين چئي، بيت ڏنائين ته:

”اڌي لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڳاٽي – الخ“

        سانوڻ فقير جو دستور هو ته ساڳيو بيت وري نه چوندو هو پر اهو بيت ورجائي مٿان چيائين ته:

سسئي سُکي شهر جي، تو چلا ڪاٽيا ڇو؟

توکي ننڊ نڀاڳ جي، گنگا کڻي ويئي گوءِ،

ساري رات ”سانوڻ“ چئي، هڪ هنگامو هوءِ،

پرهه ڦٽيءَ کانپوءِ، هاڙهو هوت هڻي ويا.

اها سندس موڪلاڻي هئي. ان بعد جلد ئي وفات ڪيائين.


*  حاجي عمر چانڊيو، ويٺل سانگي ڦرهو، لڳ خيرپور گنبو، تعلقو ٽنڊو باگو جي روايت، مولوي گل محمد خاصخيلي، ويٺل بدين جي روايت موجب، سانوڻ فقير، ڳوٺ ڀائي خان، ديهه کانڀرو، تپو مرزانپور، تعلقي بدين ۾ ڄائو، قاضي الهورائي، ويٺل تعلقي ماتلي جي روايت موجب، سانوڻ فقير، ماڻڪ واهه جي ڪاري ڦردي کان هڪ ميل اوڀر طرف ”ڪُتڪائي سيدن“ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ان بعد ”پنو حاجي عبدالله شاهه“ ۾ به وڃي رهيو، جنهن ڪري کيس ”سانوڻ پنائي“ به سڏيندا هئا.

*  تاجو خان چانڊيو، ويٺل سانگي ڦرهو، لڳ خيرپور گنبو، ذات کور، اصل ويٺل کورواهه، حال ٽنڊو قيصر جي روايت موجب سانوڻ فقير جا عزيز وبا ۾ مري ويا، ان بعد پراڙ ڪنهن دوست  وٽ ويو، اُتي عشق جي لئون لڳس. پهريون بيت چيائين:

”ماڙي چڙهي مارئي.... الخ“

* قاضي الهورائي نظاماڻي، هن قسم جا ٽي ٻيا مسلسل بيت ٻڌايا، پر قاضي الهورايو پاڻ سگهڙ شاعر آهي ۽ غالباً اهي بيت سندس اضافو ڪيل آهن. اصل واقعي وارو بيت اهو ئي هڪ آهي جو هيٺ ڏنو ويو آهي.

*  درويش هيبت فقير جمالي جي مزار نندي شهر کان ڏکڻ – اوڀر ۾ اٽڪل اڍائي ڪوهه پري ۽ پراڻ کان الهندي، اٽڪل هڪ ميل کن پنڌ تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org