سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :25

ليليٰ ۽ مجنون

106 – ساراهيان سچو ڌڻي، رضا ريڌو رام

مهند خلقيائين مصطفيٰ، جنهن کي ڏنائين ڏيهه انعام

مجنون شهر مڪّي ۾، جڏهن ڄائو ڄام

کاڌائين ڪونه خوشيءَ سان، ڪڏهن طلبي طعام

سُتي سک نه اچي، نه اکين کي آرام

محبت ري، محمود چئي، آهي حياتي حرام

پاڪيزي پيغام، اچي مليو شهر مصر جو.

107 – مجنون شهر مڪّي ۾، وڏو ٿيو وڌي

پڙهيائين پريت سان، سندو باب بندي

هو انصاري عقل جو، ٻولي ڳالهه ٻڌي

آهي قيس ڪهڙي ڪم جو، جنهن جي اڳيان وَهي نينهن ندِي

لاکڻي لڌِي، خاصي صورت خواب ۾.

108 – رات وهامي ڏينهن ٿ يو، اٿيو پرهه جو پاڻهي

چئي مڪّي جي ماڻهن کي ته ڪو اُٿي اُماڻي

تو ڪا ڏٺي ليليٰ لاڏڪي، لُڏي جيئن لاڻي

ڏيو وڃ حال مونکي هاڻي، ڪيڏانهن ڪاهيو وڃين  ٿو ڪرهو؟

109 – مڪّي جي ماڻهوءَ ڏي، کنيو وڃان  ٿو خط

هن حقيقت حال جي، مونکي ناهي اَت

آهيان پورهيت انهيءَ پار جو، جاني وڏو جَت

منهنجو ڪم قاضيءَ سان، آهي سدائين سنگت

ليليٰ لاکڻي گهڻي، جنهن جي رڳن ناهي رَت

هادي تنهن تي هٿ، رکيو آهي رحم جو.

110 – خبر ڏيئي خط جي، ڪڏهن ورندين وير؟

محبتي، محمود چئي، اچي نِئي ساهه سُڌير

موچارا ملڪ جا، مون پئي پوڄيا پِير

ڏيئي دلاسو دلگير، تو عاجز کي به اُٿاريو.

111 – خبر ڏيئي خط جي، ويل انهيءَ ورندو

لکيو لوح قلم ۾، ٽڪو نه ٽرندو

ميان! شهر مصر جا، چانگو وڻ چرندو

ڍول هلي ڍرندو، انهيءَ سج جو هوندو سوجهرو.

112 – خبر ڏيئي خط جي، انهيءَ ويل وريو

جنهن کي محبت من ۾، تنهن کي لوڪ چئي چريو

مڪراني، محمود چئي، وَڌِي پير ڀريو

اچي ڍول ڍريو، جتي قيس رهيو هو قرب ۾.

113 – حقيقت تنهن جي حال جي، سڀيئي ڳالهه سَليج

مڪّي جي ملڪ کان، پنهنجو پاڻ پَليج

محبت محبوبن جي، اندر روح رَليج

هڻي جهٽ جهَليج، جيڪي آهن ٽئونر ٽَپُرَ کي.

114 – پاند وٺي پوشاڪ جو، ٿيو هلڻ تي هوشيار

هن ڪرهو ڪاهيو ڪست مان، ٿيو بيحد دل بهار

ميان شهر مصر جو، ديکيو اچي ديدار

قلم هٿ ڪريم جي، ڪري جيئن قهار

هوندي شهر مصر ۾، پيو راز سان رهِي

رٿِي پنهنجي روح ۾، هئائين پر ۾ ڳالهه پهي

پيرا ٿين پرينءَ ڏانهن، جيلانهن آيس قاصد ساڻ ڪهي

جاءِ وڏي جامعھ هئي، سا بيهي ڪيائين سهِي

نيچي مٿو، اوچي پڳ، لٿي درد دُئي

ويئي رات وَهي، صبح اچي سرهو ٿيو.

116 – ڪٿي آ قاضي قربدار، جيڪو پرديسي ٿو پاڙهي

قسمت آڻي قيد ڪيوس، ڪنهن لحظي ۾ لاڙي

هينئون هاڻ هڄي ويو، جيئن ڌڻ لڳي ڌاڙي

ڀاءٌ بنان ڀاڙي، مونکي اوٺي وٺي آئيو.

117 – ڪاتب قمر قاضيءَ جو، هوم ڏوران ڏس پيو

قسمت آڻي قيد ڪيو، وس منهنجو ويو

”الف“ اکر هڪڙو، لکيو ”لام“ ڏيو

ٿورو مون تي ٿيو، آهي ڪيترو انهيءَ قاصد جو.

118 – ڪير آهين، ڪٿي رهين، ڪهڙو تنهنجو ملڪ ميان؟

جيسين تنهنجي جوءِ جو، آءٌ حال واقف ٿيان

”الف“ اکر هڪڙو، پوءِ لکي ”لام“ ڏيان

جيسين  ٿو جيان، تيسين پاڙهيان پرديسين کي.

119 – مڪّو مُلڪ اسان جو، ”قيس“ منهنجو نالو

ويٺو هوس ويچار ۾، ٿيس پڙهڻ کان پالهو

محبت لڳي من ۾، تڏهن طاق کليو تالو

سبق سُئالو، من ڪو پاڙهين پريت مان.

120 – لکي ”لُم يَڪُنّ“ جو، ڏينم سڄو سيپارو

قسمت قيد ڪيو هوس، آڻي اوڀارو

محبت ٿئي مصحف سان، پڙهان علم سونهارو

ٿيندو محشر موچارو، ڪرينم واقف واٽ جو.

121 – برڪت بسم الله سين، ڪيائين سبق سهي

پڙهڻ لاءِ پريت سين، جوڙي رکيائين جيءُ

قيس! پيالو ڪيف جو، پُر ڪري تون پيءُ

هت ورهائجي ٿو ويءُ (1)، اُتي عاشق ٿيندا ماڳ ۾.

122 – عاشق واريون اکيون، آهن سدا نيڻن نهال

خاصو خليفو هو، تنهن کي اچي ٿيو خوب خيال

ڪاتب قمر قاضيءَ سان، هيءُ ونڊيائين حال

ماڻهو شهر مڪّي جي، اچي تڪيو تنهنجو مال

جان جادو آهيس جان ۾، جان تو وٽ ڪيائين تال

وٺئون ڪيف ڪمال، ته پوءِ عالم اڇائي ٿئي.

123 – ليليٰ لاکيڻيءَ کان، ٿي پَر ۾ پڇيائين

چوري ڳالهه چپن سان، ڪا جا ڪُڇيائين

نياڻي! رهج نياز ۾، متان ڪُر نه لڄائين

مون ڪر ڪچائي ڪانه، تون ڇو پيو ڪاوڙ لَکائين

ڀولو جي ڀانئين، هي پنا پڙهه ته پروڙئين.

124 – پنج – چار پنا پڙهي، لُڙڪ لاڙيائين

آڻي آب اکين مان، ڳوڙها ڳاڙيائين

ڪيف وجهي منجهه ڪَڻَهِي، سو ڪَچو ڪاڙهيائين

ڪاٺيون اڙائي ڪست مان، سي سڪيون ساڙيائين

جيڪي ٿي پڪاپاڙهيائين، سي قاضي ڪوٺيا قرب سان.

125 – جيڪو مون طعام تيار ڪيو، سو ڪو کائيندو کڻي

محبت جي، محمود چئي، آهي جنهن کي حب گهڻي

جنهن کي ڏياري ڌڻي، هيءَ منڌ مِلڪَ آهي ان جي.

126 – جيڪو تو طعام تيار ڪيو، سو ڪير کڻي کِيندو

حياتيءَ تان هٿ کڻي، سو وڃڻ کي ويندو

ملڪ ڇڏي، محمود چئي، سو پري وڃي پِيندو

ڪير اها نياڻي نيندو، جنهن تي آهي هٿ حبيب جو.

127 – هاڻي ويسهه ڏيئي واندا ٿيا، مڙني موڪلائيو

وريا پنهنجي وطن تي، ڪشي هئائون ڪاهيو

اچي بيٺو ادب سان، پوءِ ڳَهڻي ڳالهايو

اهو طعام اسان ڏيو، جو قاضي آ ڪمائيو

برڪت بسم الله سين، ويو کاڄ مڙوئي کائيو

ڪيف ڪجهه نه ڪيو قيس کي، هئائين ڀور نه ڀائيو

پوءِ مجني مَچائيو، مَن تي مچ مجاز جو.

128 – قاضيءَ قلبُ ڪنبي ويو، ته ڏاڍو ڪيم ڏوهه

ڪيف گهرائي قيس کي،ڪوٺي ڏنم ڪوهه

ڏمريو ڏيهه ڌڻي، راجا ڪندو روهه

تڏهن ٿئي توهه، جڏهن وڃون ٻِي ولايت کي.

129 – ڇڏي ملڪ مصر جو، ڪنهن ٻيءَ ولايت ويو

قدري ڪوهه سوا جو، قاضيءَ پنڌ ڪيو

اتي مجني کي محبت جو، اچي پهه پيو

لاڙي پنهنجي لَڏ کي بيهي هُو رهيو

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، آهي مر ڪَست ڪيو

ان کي ڏڍ ڏيو، ته سڄڻ وڃون ٿا سانگ تي.

130 – محبت سان مجني کي، ليليٰ چوري چَپ چيو

ته سڄڻ وڃون ٿا سانگ تي، تنهنجو سولو ڪم ٿيو

تون رهي پئو انهيءَ راهه تي، تنهنجو سرهو سانگ ٿيو

ملڻ ڪو، محمود چئي، پنهنجو ٿيندو پوءِ

جيڪو سور ڪَنين ٿي سُئو، سو گوندر اچي گڏيو.

131 – ڇڏيائين حُجَ هلڻ جي، بيٺو مٿي بَر

آئي مند ملهار جي، ڪارا ٿيا ڪَڪَر

وُٺا ٿي وَڏ ڦڙا، ڪريو اوهيرا اَپر

وٿس وليون ڄائيون، ڏنائون ويچاري تي ور

اُڀو رهيو ارمان ۾، ثابت منجهه سفر

اُتي هلي آئيو، ڪو آدمي ساڻ اَمر

ڌڪ هنيائين هيڪڙو، هٿ کڻي هيڪر

متان ليليٰ آئِي، اچي قيس لڌائين ڪر

ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، ويا گذري منجهه گوندر

ڦري منجهه فڪر، آهي پورهيت موٽيو پوئتي

132 – پورهيت موٽيو پوئتي، جتي هوس ماڳ مڪان

ماڻهو  شهر مصر جا، تن سان ڪيائين بات بيان

بُنڊ ڏٺو هوم بَر ۾، ڪو نظاري نيشان

هنيم ڌڪ هٿن سان، اُتي ٿيم ارمان

تو ٿي ليليٰ لائق ڪيا، جو ڪشي هَنيئِي ڪان

ساڻ کڻي سامان، وري آيو هوس واٽ تان.

133 – اِها قيس سندي ڳالهڙي، اچي ليليٰ جي پئي ڪن

طلب نه آهي طعام جي، آرام نه اکين

ماڳ رهيو مجنون، مِرون سي مَرڪن

وري واهيرا ڪيا، پرچائي پکين

بيحد بَدُو بڇڙا، ٿا مٿي سڃ سُڄن

ادا! هل ته هلون اوڏهين، من ڪي سڄڻ سڃاڻن

مونکي تان پِرين، اچي ساعت منجهه سنڀاليو.

134 – ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلان، جو قيس ڏنم ڪهڪاءُ

هنيم ڌڪ هٿن سان، ان جي ثابت مٿي ساهه

محبت لڳي مجني، جنهن سڃ چکيو ساءُ

راتيان گڏ گلن سان، ڏينهان سج نه تاءُ

ماڳ منهنجي ماءُ! آهي واجب وڃڻ سڄڻين.

135 – ڪڏهن ڏٺو هئئي قيس کي، ڏي اها خبر چار

گهڻي سڪ سرير ۾، ٻيا نيڻين وهن نار

محبت ريءَ، محمود چئي، ڪير ڪندو پرين پچار

نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن کي!

136 – ڪالهه ڏٺو هوم قيس کي، نيڻن سان نروار

محبت لڳي مجني، جو ديکيائين ديدار

راتيان گڏ گلن سان، ڏينهان بوءِ بهار

پرور نه ڇڏي پانهنجو، غافل گنگهار

مير محمّد مصطفيٰ، آهي اڙين جو آڌار

صاحب ربّ ستار، ٿو عيبدار اڳتي ڪري.

137 – محبت لڳي مجني، تنهن کي ڪهاڙو هنيئي ڪيئن؟

نه ڪنهن جي اڱڻ آئيو، نه ڪنهن اوڏو سينئن (1)

قيس وَسايا ڪيترا، محبت سندا مينهن

اُڀو هو ارمان ۾، ٿي ڏکيا گذاريائين ڏينهن

مونکي تنهن جي ماريو، نيو نهوڙي نينهن

هوندو نه توکي هينئن، ڪي مون ڪيون ٿي منٿون.

138 – مونکي ڪرين منٿون، ته به ڪين هلندس هاڻ

قاضي ڪندو ڪاوڙون، جي سڻندو ڳالهه سڀاڻ

محبت گهڻي آهي مجني، ٻي توسان روح رهاڻ

تن کي ڪهڙي ڪاڻ، جن کي آهي نينهن نهوڙيو.

139 – محبت لڳي آهي مجني، رميو مٿي راهه

نڪي سڻي سڏ سڄڻ جو، نڪا ويجهي واهه

وُٺا وليون ڄائيون، ڪري قيس مٿي ڪاهه

اُڀو هو ارمان ۾، سانگو لاٿائين ساهه

اَجهو ريءَ الله، ڪنهن جو آهي ڪونه ڪو.

140 – ليليٰ ليلائي گهڻو، ماڻهن جي مَهندا

ماڳ رهيو جنهن مجنون، اوڏانهن هل ادا!

مالڪ لڳ، محمود چئي، منهنجي سڻج هيءَ صدا

لوچيندن لڌا، موتي تنهن مهراڻ جا.

141 – جنهن ماڳ رهيو مجنون، تيڏانهن ڏيانءِ ٿو ڏَس

پيرَن سان پنڌ ڪري، پاڻهي هلي پَس

ڪانه ڏٺيسون ڪڏهن، ريءَ جفا ڪنهن کي جس

قيس نه لڳي ڪَس، اٿئي اڳئين کان به اڳرو.

142 – پانڌي پريان جي پار جا، تو قيس ڏٺو ڪهڙو؟

بيهي رهيو هو بر ۾، ٻَڌي جيءَ مٿي جهيڙو

واءَ وڃايس جندڙي، ٻيو لُڪن ڪيس ليڙو

محبتي ميڙو، مون سان من ٿئي سڄڻين.

143 – پنج مهينا پيرن ڀر، ٿِي بر ۾ بيٺو بُنڊ

ولهيون ويڙهي ويون، هڻي جهولي ڪارڻ جهنڊ

سڪ وارن جو، شيخ چئي، مجنون آهي مُنڍ

ليليٰ اوڙهئي لُنڊ، تو ڪل نه لڌي قيس جي.

144 – پانڌي پريان جي پار جا، تو ڪو مجنون مست ڏٺو؟

خيال پيو هوس خواب ۾، تنهن تان ڪيائين ملڪ ڦٽو

قيس کائي ويو ڪيف کي، ڪري ماکيءَ جيئن مِٺو

جهڙو چوڏهينءَ چنڊ چٽو، تهڙي پيشاني پرينءَ جي.

145 – ڪالهه ڏٺو هوم قيس کي، بيٺو مٿي بَر

وليون ويڙهي ويون، وڪڙ ڏيئي وَر

عاشق تي ايڏي هئي، مٿي نيڪ نظر

هيس ڇڄهريون ڇانوَ جون، جيئن پکين مٿي پر

حال وڃي هيڪر، پسان پاڻ پرينءَ کي.

146 – محبت رکي مجني لاءِ، ٿي کنيائين وک وڏِي

سُڃ ۾ ماري، شيخ چئي، هئي عاشق جي اَڏِي

جيڪو مٿي بَر بَيران ٿيو، تڏهن وڃي گس گڏي

ڏسي حال حبيب جو، ٿي پئي جوءِ جَڏي

ولين ويڙهي جهلي، سا ڪا محب مَڏي

سَنڌ کان ڇڙڪي ڌار ٿي هئي جا هَڏ هڏِي

ٻي آهي ڪُل ڇڏي، آءُ وريس وَسهُن پنهنجي.

147 – ڪڇين پڇين ڪونه، توکي قيس ٿيو آهي ڪوهه؟

آءٌ پرين! وس نه پنهنجي، منهنجو ڪونهي ڏوهه

اِئين محبت من نمائيو، جيئن باهه نمائي لوهه

اهو اٿم اندوهه، تون مجنا! ڪهڙي موج ۾.

148 – محبت لڳي من ۾، جنهن ههڙا ڪيا آهن حال

قيس قبوليا ڪينڪي، مڏيون خزانا مال

اِهو در الله جي، ٿي ڪيم سدائين سوال

آڻيو آب اکين مان، ٿي جر وهايم جال

ليليٰ ٻائِي لال! منهنجو حرف نه توتي هڪڙو.

149 – محبت مجنا! تنهنجا آهن مون تي حرف هزار

آءٌ کڙي هيس، کوهه تي، تون ٿي ڦرئين منجهه نار

وچان وڇوڙو پيو، جنهن دم ڪياسون ڌار

ساري سڀ ڄمار، آهي سنگت سورن گڏي.

150 – وس ته ڪنهن جو ڪونهي، لکيو پيو لوڙيان

راهه پسيو ربّ جي، تنهن کان منهن نه موڙيان

سئو سئو جايون سپرين! تولاءِ اندر ۾ جوڙيان

ڏينهان ٿڌي ڇانوَ ٿي، راتيان گل روڙيان

ڇِني ڪيئن ڇوڙيان، مون سان ولهين ڪين وڃائيو.

151 – ولهين مون سان وَڙ ڪيا، ليليٰ ٿي لائق

بيهي رهيو هوس بَر ۾، سڄڻ تنهنجي سِڪ

وٺا مينهن مُندائتا، ٿي چوڌاري چڪ

قلم قضا نه ٿئي، لکئي منجهان لِک

محبت ۾، محمود چئي، آهن آرامي عاشق

لوڪان ڪريان لِڪ، هوم پورو ڏٺو پرينءَ کي.

152 – محبت منجهان مجنا! آهي هلي تنهنجي هاڪ

بيهي رهيو هُئين بر ۾، نڪا اَڏايئي اوطاق

وٺا مينهن مندائتا، ٻي مٿان پيئي ماڪ

ولهيون ويڙهي ويون، آهن چارئي پَلئو پاڪ

محبت اچي، محمود چئي، چوريا آهن چاڪ

ماري ٿي تنهنجي مذاق، جو حَقِي تنهنجو حرف ٿيو.

153 – لاڳاپا لاهي ڇڏيئي، سندا حرفن حق

بيهي رهيو هوس بر ۾، جڏهن پاڻ ڏني هُيئي پَڪ

وري اينداسون واٽ تان، ڀَلي سڄڻ لهنئي شڪ

لڳِي لُڪَ لڱن کي، ٿي جهٽوُن ڏنيون جهَڪ

وُٺا مينهن مندائتا، هي رازق رکي رک

وليون ويڙهي ويون آهن ٻهڳڻ هڻي ٻک

سچائي جي، شيخ چئي، پوندي پوءِ پرک

ليليٰ ڏٺم لک، مشاهدا، محبوب جا.

154 – مشاهدا محبوب جا، تو قيس ڏٺا آهن ڪيئن

ٿئي سيسراٽ سرير ۾، جانب پسجي جيئن

وليون ويڙهيون آهن، جيئن نوان ويڙهين نينهن

جيڪي گذاريئي ڏينهن، سي مونکي معاف رکجانءِ مجنا!

155 – سُکن ۽ سورن جي، ڳالهه پچارج ڪامَ

مون کي بيهاري بَر ۾، سنڀري هليو شام

ڪيا پارِيَوَ ڪينڪي، جي اچڻ جا انجام

ڪري آس الله ۾، هڻي رهيو هوس طعام

مون ڀانيو، محمود چئي، ري قريبن ٿيندي قيام

مير محمّد ڄام، آڻي اَٿئي سانگ سڻائو ڪيو.

156 – ليليٰ تو لائق لک ڪيا، راضي ٿئي رحمان

بيهي رهيو هوس بَر ۾، لاهي غير گمان

وڄون وسڻ آئيون، سُڀر ڪري سامان

پَهريا پاڻي پَٽن تي، ٿِيا عالم ۾ ايمان

موريا گاهه ملير ۾، ٿيا مال چَرِي مستان

روز مون وٽ ڪچهريون اچي ڪندا هئا حيوان

ڪن پچارون پاڻ ۾، اسان جا ارمان

هُن ٿي ڪم ڪَچا ڪيا، ظاهر منجهه زيان

ٻي ڪنڌِي هيم ڪانه، صاحب ٿو سَهنجايون ڪري.

157 – صاحب ربّ ستار، ڪنهن کي ڪين ڇڏي

ميڙي محمّد مير جي، غافل پاڻ گڏي

سڃين ماڙين، شيخ چئي، ٿو عاصين تي اڏي

هِت هميشھ هوندو ڪونه ڪو، ويندو لوڪ لَڏي

تُنهنجي ميڙَ تڏي، آءٌ ڪهڙي قيس! ڪري اچان.

158 – ميڙيُون ڪرين ٿي مونکي، جڏهن رهيو پڃري منجهه پساهه

ويو لهي ماس لڱن تان، ٿيو اُداسي ارواح

قيس اڳي ڪونه هو، ڀيڻ نه ڪو ڀاءُ

ملڪ وري، محمود چئي، وڃي منهن ڏيکاريان ماءُ

ڪنهن سانگي لڳي سپرين! تون اڱڻ اسان جي آءُ

اڳيان سير گُهرندان سچ جو، مون پورو نه کنيو پاءُ

اتي احمد عربي ڪندو، سوڙهيءَ منجهه سٽاءُ

هو ادب اڳي، هاڻي ويو حياءُ

ليليٰ سڀ لقاءُ، مون هو پسيو پرينءَ جو.

159 – پريت پراڻي نه ٿئي، ڏينهان ڏينهن نَئين

رضا ربّ ڪريم جي، تون ڇو ٿو وِڪَر بَهِين

پنهنجي مطلب لاءِ، محمود چئي، ڪندو سڀڪو ڳالهه سَنئِين

تون جي قيس اَچئِين، ته آءٌ وجهان هٿ ولين ۾.

160 – ڀلي آئين، جيءُ آئين، تو پرين! ڀَلايو پاڻ

وڃڻ ويل وريام کي، ڄولي ڪَيَئِي ڄاڻ (1)

بيهي رهيو هوس بَر ۾، ٿي مِرنُ جو مهماڻ

لڳِي لُڪَ لڱن کي، جڏو ٿيو جيڏاڻ (2)

ليليٰ اسان ساڻ، ولين ڪين وڃائيو.

161 – وڌائين هٿ ولين ۾، پٽڻ لاءِ پاڻهي

روئي ڏنائين رت ڦڙا، اکين مان آڻي

سچي راهه رسول جي، من ڪو صحي سڃاڻي

تنهن کي ڪڍي تار مان، تهتان سو تاڻي

جيڪي آهي جهان ۾، سو موجون ٿو ماڻي

هڪ ڄاڻندڙ ڄاڻي، ٻي ڪل ڪنهن کي ڪانه ڪا.

162 – قدرت ربّ ڪريم جي، ٻي ڪنهن کي ناهي ڪل

بيهي رهيو هوس بَر ۾، مون پاڻ ڪئي هئي پَل

مجنا! تنهنجي موج جو، آهي هنڌين ماڳين هُل

لڳيئي لُڪ لڱن کي، کامي ويئي هُيئِي کل

محبت تنهنجي، شيخ چئي، ٻاريا جيءَ مٿي جَل

جي مونکي ڏين موڪل، ته لاهيان ويڙهه ولين جو.

163 – ولين ويڙهي جهلي آهي، جان سڄي جوڙي

لڳِي لُڪ لڱن کي، ويئي عضوا الوڙي

رضا ربّ ڪريم جي، ليليٰ ٿي لوڙي

ويٺو سڄڻ منهن موڙي، جڏهن ڪين رهيو هو قيس ۾.

164 – ائين مَ چئجانءِ قيس! قابو ڪيس ڪَڙن

قاضيءَ وٽ ڪيترا، ٿا پرديسي پڙهن

ماڙيءَ پاسي ملڪ جي، لحظي ڪين لڙن

جن کي سِڪ سڄڻ جي، سي ترسيا ڪين تڙن

محبت بنان، محمود چئي، اکيون ڪيئن اڙن

جن جا سڄڻ سُڃ سڙن، تن کي ناهي طلب طعام جي.

165 – تون ٿي طلبين طعام کي، مون پيتو نه پاڻي

بيهي رهيو هوس بَر ۾، صاحب سڃاڻي

لڳِي لُڪَ لڱن کي، جڏِي ٿي جواڻي

ميلا جي مِرُن جا، سي ڏٺم ڏهاڻي

ڏکن ۽ ڏولاون جي، ڇو تند اٿئي تاڻي

موٽي وڃ مُلڪ ڏي، سگهي سياڻي!

پُنا دم پساهه جا، آهن روح گڏيا راڻي!

محبت سان، محمود چئي، ڪئي مجني موڪلاڻي

سُڻي حال حبيب جو، ٿي وينگس ويڳاڻي

روئي ڏنائين رت ڦـُـڙا، ان جي آڳ اُجهاڻي

ڀريو ڪلمون محمّد رسول تي، ان سان سيّد ٿيو ساڻي

هيءَ به هَڏِ وهاڻي، من ڪو ميڙائو ٿئي.

سيفل الملوڪ ۽ بديع الجمال

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن پيدا ڪيا پير 166 166–

مالڪ جوڙيا ملڪ ۾، واحد لک وزير

ٻيٽو هاشم شاهه جو، جنهن کي اندر منجهه اُڪير

سُجهي شهر ولايت ۾، پَرِي بديعل مير

هلي هن پار ڏي، ڪيون ساڌ وزير

جوڙيو جُنگ جهاز کي، ڪوڏ هڻايو ڪِيرَ

لڳي اُتر هير، سيفل سفر سنبهيو.

167 – سيفل سفر سنبهيو، رميو مٿي راهه

رکي محبت من ۾، ڪٿي ڪست منجهارون ڪاهه

درس پئي دس ديوَ جي، مٿي نيڪ نگاهه

امر ٿيس الله، ڦَرهو ڦُٽي وڃي هڪ رهيو.

168 – ڦرهو ڦٽي هڪ رهيو، جنهن ۾ رهيو جوانن جوڙو

تنهن وچون ڪرٽ وهي ويو، گهاتو ڪيو گهوڙو

پوءِ وجهي وينگس وڇوڙو، ساڌ لڙهي ويو سير ۾.

169 -  تُرهي تَري تڙ ڪيو، سيفل ورتي سُڪ

نڪا اُڃ عجيب کي، نڪا بانڪي بُک

سڄڻ ساريو، شيخ چوي، لڙيو پونس لڙڪ

ڏولاوا ۽ ڏک، ٿيا ڪامل سامهان ڪيترا.

170 – سڀئي سور سامهان ڪري، هليو دانهه دل لائي

ڪو وڻ اُڀريو برپٽ ۾، اَمر سان آهي

جنهن ۾ حاڪم وڌا هٿڙا، چڱا چتائي

اُڀو ورنهه واجهائي، ڪو صُفو ڏٺائين سُڃ ۾.

171 – صفو ڏٺائين سُڃ ۾، جنهن تي آيو وِير وَري

گهٽي نه ٿيس گهڙڻ جي، ٿيس ڳالهه ڳري

مُنڊي هئي ملوڪ وٽ، نازڪ نَوَ گهري

جنهن جي دهشت ساڻ دري، ڪامل ڪئي ڪوٽ کي.

172 – ڪامل ڪئي ڪوٽ کي، آيو دل جهلي داناء

سهڻي پَري سڦلي، پئي سالم کڻي ساهه

لاٿائين ڪپڙو منهن تون، ٿي ويس سرس شعاع

مورت هئي ملوڪ سا، تنهن جو ڪيائين تر ڀاءُ

صورت گهڻي سڦري، هيڏانهن تر گهڻو تجلاءُ

پوءِ ڄاڻي هڪ الله، جا پري ڏٺائين پَٽ ۾.

173 – پري ڏٺائين پَٽ ۾، هيءَ ڪيئن جاڳي جوءِ

سوني اکر ڦرهي مٿان حاڪم ڏٺي هوءِ

تنهن جا سالڪ سبق پڙهي ويو، عاقل اُٿلايوءِ

سا ننڊ مون جاڳي ڪامڻي، رت ورنو روءِ

پنهنجو نالو ڏَس ڪوءِ، منهنجو نالو اٿئي ملڪان پري.

174 – نالي ۽ ذات جي، توکي ڪهڙي سڌ سڻايان

ڀائٽِي تاج الملوڪ جي آءٌ سڳي آهيان

سوٽ بديع الجمال تو پلئو ڏيئي پرڻايان

ميندي پاڻ هٿن سين، تو لاڳ هلي لايان

هلي بديعل ڏيکاريان، ڪيان روح مقابل ڳالهڙيون.

175 – پنج سئو پرين جا، تڙ ٿي ڪيائون

تنهن کي بيٺي ڏٺائون، وچؤن واچوڙو آئيو..

176 – پئي هيس پناري پليت جي، مُٺِي منهن ڪاري

سيفل توکي سمڌي آهيان، تون مڙد وجهين ماري

اڳيئون سِير سمونڊ جي، آگو اُڪاري

پوءِ بديعل ڏيکاري، ڪيان روح مقابل ڳالهڙي.

177 – وٺي پڪ پريءَ کئون، وڃي ٿيو چوان جاءِ بجاءِ

آيو ديو دريءَ مئون، ٿيو پلڪ ۾ پيدا

ننڊ ۾ سُتي ڪامڻي، تنهن جو مان رکيو موليٰ

ڪري سچي ساهه جي، ديو لنگهيو درياءَ

مرد چيو ملڪان کي، ڪو ورتئي سُڌ سماءُ

چئي سليماني ڪپڙو، توسان ڀيڙو هجي ڀاءُ!

ڪر داخل منجهه درياءُ، سو کڻي وڃ خوشيءَ مئون.

178 -  ماريائون ملعون کي، اُت ديو ڪري دانهون

ملڪان چيو مرد کي، تنهنجي ملڪ آهيان آئون

مرادون پير پڄايون، جيڪي هيون روح ۾ رٿائون

موٽ پرين پاهون، هلون دلبر تنهنجي ديس ڏي.

179 – ملڪان توکي ٿو چوان، مون کي وِنگا آڇ مَ ويڻ

هلي تنهنجا اوڏهين، سڌر ٿيندا سيڻ

مون ڏي نياڻي کڻ نه نيڻ، ميريءَ دل، محمود چئي.

180 – سيفل توکي سمڌي آهيان، پنهنجو اچي پاڻ

آهين وينگس ڪنهن ولايت جو، سوڍا سرت سڄاڻ

هت ماڻهو اٿئي مهماڻ، ٻڌجئين ترهو تار جو.

181 – ٻَڌي ترهو تار جو، ات سيفل سينگاري

تنهن تي چڙهي منڌ ملڪان، وينگس ويچاري

ويٺا کائڻ مڇي، محمود چئي، ري پڪل کاري

ڪئي پرور پوئواري، وڃي پهتا ڪنهن ٻئي ٻيٽ تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org