314 – سامونڊي سنڀوڙا، منهنجا ويراڳي ويا
نڪا باهه بندر تي، نڪي ڏسجن ڏِيا
جاني جنهن جهاز ۾، سي ٻيڙائي ٻيا
ويري ڪنهن وِلات جا، هي سامونڊي نه سِيا (3)
نه مِٽ مون معذور جا، هي ٽياڪر ٽيا (4)
آيل عجيبن کي، ڪي ڏٺي ڏينهن ٿيا
ڀينر ڀُلي آهيان، ڏسي لوڏ ليا
جني ساڻ جيڏيون، مون ٿي ڪوڏ ڪيا
(1)ڇوڙي
۾ وڻجارن جا، ڪڙڪي ڪانَ پيا
ڪشتيءَ ۾ ڪارونڀار جي، نهوڙي نيا
سورن جا، سانوڻ چئي، اچي پلٽا مون پيا (2)
وٽان مون ويا، سوداگر سمونڊ جا.
315 – سامونڊي سنڀوڙا، گهڙيا گهوناگهون (3)
ماريو تن ملاحن کي، کارو ڪري خُون
ڪُن ڪارونڀار جا، جتي اونهان اُونِهه
جهجهي دهشت ددرياءَ ۾، اتي پڙلا پُون
وِهه انهيءَ جي وات ۾، ڪيا زهر زبون
سامونڊي، سانوڻ چئي، بيٺا منجهه باتون
حيف مون کي هونِ، اڃا پئي جيان جن لئي (4)
316 – سامونڊي سنڀوڙا، سي نڪري ٿيا نروار
منٿون ڪيم مهراڻ تي، پر بندر کنيائون بار
ڪٿي سانڀاهو سڄڻين، ڪٿي سِير اپار
ڪٿي سودو سونَ جو، ڪٿي ويا وڻجار
نڪا سڌ سامونڊين جي، نڪا خبرچار
ڪٿي نميا ناکئا، ڪئي اونڌي انڌوڪار
وريا ڪين وڻجارا، لهسيا ڪنهن لاچار
ٻڏي تن ٻيٽن ۾، غوراب ٿيا غار
ٻيڙو منهنجو ٻاجهه سين، الله تون اُڪار
مون سڃيءَ کي، سانوڻ چئي، تڙ مڙيئي تار (5)
متان ڦٽي ٿئي ڦار، تان هلاڪي هرج پوي (5).
317 – سامونڊي سنڀوڙا، ڪري اُتر اُور
چڙهيا چڱيءَ چال سان، گهوٽ ڪري گُهور
سوڌي سڙهه سنڀائيا، پرين ڀريان پور
ٻيڙا ڀري ٻاجهه جا، کڻي بار بهور (1)
سڄڻ هجن سامهان، دشمن هجن دور
ڪاڇي سنديءَ ڪنڊ تان، ڏائي هليا ڏور
ٻڌي ٻيڙياتي سان، دل ڪنهين دستور (2)
هنيون تن هوتن لاءِ، منهنجو کامي ٿيو کور
سڙي مران، سانوڻ چئي، مون سان ڪري ويا ڪلور
سامونڊين جا سور، مون پينگهي منجهه پرائيا.
318 – سامونڊي سنڀوڙا، وجهي ڏيل ڏهي
ٻيڙا ٻاون وير جا، ڇُٽا منجهه ڇُهي
تکي سير سمونڊ جي، ٻي ٿي وير وهي
نڪا سڌ سمونڊ جي، نڪو ڪنگ ڪَهي
کڻي بار بندر ويا، نڪا باهه بهي
”اذا جاء اجلها“ نٿو ساهه سهي
واريان وڻجارن کي، رکي سر ڳهي
سڙيءَ جو، سانوڻ چئي، نٿو روح رهي
ٻيو لوڪ ته لک لهي، پر جاني ناهه جهاز ۾.
319 – سامونڊي سنڀوڙا، منهنجا ٻوڙيا ڪهڙيءَ ٻوڏ
آيل عجيبن جي، لک سڃاڻان لوڏ
ڪڻڪيا ڪينجهر ڪنڌئين تڙن مٿي توڏ
منهنجي لڄ لاکي تي، آءٌ اگلي اوڏ
نڪا باهه بندر تي، نڪا ڪينجهر ڪوڏ
نڪي سڏ سامونڊين جا، نڪا رڙ سڄي روڏ
سورن مئيءَ سان، سانوڻ چئي، هاڻي ٻڌي هوڏ (3)
ٻڌي گوندر گوڏ، وينديس پار پرين جي.
320 – سامونڊي سنڀوڙا، ناننگ هڻي نارو (1)
وڻجارن وڃڻ جو، وري ٿيو وارو
ڏاڍو مون ڏکيءَ سين، مادر ڪيئون مارو
اَٺئي پهر اوڏانهين، آهيم اکين جو آرو
اَٺئي پهر اُداس ۾، آهيم من تي مونجهارو
مون سڃيءَ جو، سانوڻ چئي، وٺي ويا وڻجارو
ٻيو لوڪ آيو سارو، منهنجو جاني ناهه جهاز ۾.
321 – سامونڊي سنڀوڙا، وجهي دُنگيون منجهه درياهه
وٺي سِير سمونڊ جي، هو رميا انهيءَ راهه
نڪو نيشان ناتارين جو، نڪا بندر مٿي باهه
ناکئا ويا نڪري، نڪا سُڌ سماء
وڻجارن کي وڃڻ جي، آهي ڪاهوڪاهه
تار انهي طوفان مان، آڻيندن الله
عجيب ايندا اڱڻ تي، موٽي هت ملاح
تن سامونڊين تان، سانوڻ چئي، آءٌ صدقو ڪريان ساهه
اندر منهنجو ارواح، سڪي سامونڊين لئي.
322 – سامونڊي سنڀوڙا، ڪيائون سفر جا سعيا
گوها ڇڪي غوراب جا، اٿن سڙهه به سنڀايا
کڻي ننگر ناکئا، هُني ونجهه به ورايا
کڻي بار بندر تان، اٿن آڌيءَ اُٺايا
دُنگيون نيئي درياهه ۾، تن پڳهه پهرايا
اڄ نڪا تنوار تڙن تي، آءٌ ڀُڻي پتڻ پڇايا
وڻجارا ولايت ويا، منهنجي لالڻ ڏينهن لايا
جيجل جيءُ جلي ويو، منهنجا آيل ڪين آيا
ٽاڻا تن جا ٽري ويا، آهن دردن دود دکايا
پرين پرڏيهه ويا، مون جيڪي ننڍڙا نپايا
سور تني جا، سانوڻ چئي، مون کي سنجهي سامايا
آءٌ ويٺي واجهايان، واٽون تن وڻجارن جون.
323 – سامونڊي سنڀوڙا، جاڙ پيا جوڀن
پيا وڍ وڇوڙي جا، ماريس ملاحن
ناهي ننڊ نيڻن کي، اٿم اوجاڳا اکين
اڄ سڃا سامونڊي ري، ٿيا مَنَهن ماريچن
پلئو وڌم پير جا، ڪِري پيس قدمن
منهنجي رنڊئي ڪين رهيا، ساڙيس سامونڊين
هاڻي گس نهاريان غورابن جا، موٽي مانَ ملن
کٽي اچن خير سان، منهنجا وڻجارا وطن
”ڪُل شيءِ وَاِليھ ترجعون“ انهيءَ تڙ ترن
اهي سڏ، سانوڻ چئي، وڃي آگي وٽ اگهامن
هي جيءُ جياريو جن، سي سامونڊي سفر ويا.
324 – سامونڊي سنڀوڙا، ڇني ڪيئن ڇڳير
آيل عجيبن جو، پتو نڪو پير
نڪو سڏ سمونڊ ۾، نڪا وائي وير
نڪا ڪوڪ ڪينجهر ۾، نڪا غازين گير
نڪو هڳاءُ حُسن جو، نڪا ڇمڪي ڇير
نڪا ٻولي ٻاٻيهل، نڪا جهڳاءُ جهير (1)
نڪي چتونءَ چڻڪو، نڪو ڀڻڪوئي ڀير
غورابن گم وِڌا، شِد وجهي شير
نڪي نظر اچن ناکئا، نڪي اٿن پَٽ مٿي پير
دانهون ڪندي دلبر لاءِ، مون کي مس مٽي هئي مير
ڪهڙي ڪبوتر کي، دانھ لڳي دير
سڄڻ ساريم ڪينڪي، جي ماريا مرگهه مٿير
سورن جون، سانوڻ چئي، ڦُڙيون ويٺي ڦير (2)
هينئڙي مٿي هير، اچي گوندر لايا گسڙا.
325 – سامونڊي سنڀوڙا، آڌي کڻي اسباب
هليا سي هنگلاج ڏي، ڏيئي جنگ جواب
ڏسي سِير سمونڊ جي، مون اکين وهايا آب
سامونڊين جي سور ۾، آءٌ ڪُسي ٿيس ڪباب
”فهو في عيشتھ الرّاضيتھ“ آهن برهه منهنجي باب
سوداگر سمونڊ ويا، غار وجهي غوراب
چورنگيون چٽن سان، رسيون ڪيائون رباب
مادر ماري هليا، کڻي دنگيون منجهه دولاب
ڪڏهن ايندا ڪُنن مان، ڏسان کوها منجهان خواب
ملاح جي مهراڻ جا، شل سودو پوين ساب
سامونڊين جا، سانوڻ چئي، اٿم اندر منجهه عذاب
من جِني جا محراب، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
326 – سامونڊي سنڀوڙا، ويا گهايل کي گهائي
مادر ماري هليا، مون کي جيجل جلائي
ٻيڙا وجهي ٻار ۾، هليا لاڳاپا لاهي
وٺي سير سمونڊ جي، هليا آڌيءَ اُٺائي
ناتاريون کڻي ناکئا، هليا ڊونڊيون ڊوڙائي
کوها خوب خوشيءَ مان، ويا جنسون جوڙائي
وڻجارا ولايت ويا، سفر سنڀائي
منزلون مهراڻ جون، ويا ٻانڌيون ٻُرائي
جن جو سودو سمنڊ ۾، سي شل والي ورائي
موٽي اچن مان گهرين، ته وجهان عطر اوتائي
اهي سوال، سانوڻ چئي، من آگو اگهائي!
بندر برسائي، ايندم ٻيڙياتا ٻاجهه سين.
327 – سامونڊي سنڀوڙا، ڪيئون وڃڻ جي وائي
ٻيڙا وجهي ٻار ۾، رات ٿيا راهي
سڃا پَڊ سامونڊين ري، آهي آيل اونداهي
سوداگر سمنڊ جا، ويا ڪري جيئري جدائي
دنگيون نيائون درياهه ۾، مهراڻ موج لائي
مانَ اچن مان گهرين، ڪري سودو صفائي
کٽي اچن خير سان، ڪري ڪامل ڪمائي
سورن ۾، سانوڻ چئي، ويئي عمر اجائي
دردن دکائي، دلڙي مون دلگير جي.
328 – سامونڊي سنڀوڙا، کڻي مون اگهيءَ تان آهو
وڻجارن وڃڻ جو، ڪيو سانجهيءَ سانباهو
زاريون ڪيم زبان سين، پاتم ڳچيءَ ڳراهو
ناکئا نيٺ نه رهيا، ويا ٺيٺ ڀڃي ٺاهو
ڀينر! انهن ڀيڻين تي، اڄ پڻ اونداهو
پٺيان پرديسين جي، ڪير ٿئي ڪاهو (1)
ڏنم ڏهاين لاءِ، ڪوئي راتاهو (2)
سورن جو، سانوڻ چئي، اچي ڏنئون ڏيکاهو
هاڻي موٽي ميڙائو، وري ٿيندو ورهين تي (3).
329 – سامونڊي سنڀوڙا، وٺي ڪنڌي ڪنارو
کڻي بار بندر تان، ويا ڪري مٺيءَ سان مارو
وڻجارا ولايت ويا، ڪري اُتر امارو
اڄ نڪا باهه بندر تي، آهي آيل انڌارو
جيجل جيءُ جلي ويو، سامونڊين لاءِ سارو
آءٌ آسروندي آهيان، والي ڏيندم وارو
ٻيڙا وجهي ويا آهن ٻار ۾، سي کيلي ايندم کارو
هينئون ڏيان هنڌ ڪري، اکيون اوتارو
سڻي سڏ، سانوڻ جا، ڪيم محي الدين موچارو
اچي وطن وڻجارو، سڻي مان سرهي ٿيان.
330 – سامونڊي سنڀوڙا، هڻي نينهن نڙو
اڄ پڻ عجيبن کي، ٿيم ڏسڻ ڏاکڙو
ڪاهيائون ڪارونڀار ڏي، وڌائون پٽ پڙهو
سنبري هليا سودي تي، ڪوٺي ڪانڌڙو
جي سدا مسافر سپرين، تن جي چئي ڪيم چڙهو
ماٺ ڪريو مانَ اچن، روئو ڪين رڙو!
هن سڃيءَ جو، سانوڻ چئي، ويا ڪري جيءَ جڙو
منهنجو هو هڪڙو، سو به وڻجارا وٺي ويا.
331جتان گِهڙي گهل، اتان نمج ناکئا!
متان اچئي اوچتي، رکي آر اُٿل
تکي سِير سمونڊ جي، ڏئي آڌيءَ رات اُڇل
ڪشتيون ڪارونڀار ۾، ٽٻيو ٿين ٽل
ماري تن ملاحن جي، ٿو کارو لاهي کل
جتي هونگ، هوڪا، رڳو هلو هل
سامونڊي سمونڊ ۾، ڪئين ور ول
بابو تنهنجي بار ۾، آهن ڪي اَمُل
سامونڊي سانوڻ چئي، وڃي مک پنهنجا مل
اُتي پوندئي ڪل، جتي سودو آهي سون جو.
332 – جت ڪنڌي ناهي ڪشتين جي، اُت ٻڌ ناکئا نوڙ
نوان اولا عاج جا، نوان کوها کوڙ (1)
نوان اولا عاج جا، نوان پَٽ پنجوڙ
سينگاري سنئين ڪري، تون مکي مڪري موڙ
گوها جي غوراب جا، ٽڪ نڪي ٽوڙ
تنهنجو قرب ڪشتيءَ سان، تون مُرڪي مينڍا موڙ
ڪئين تُن تري ۾، ڪئين ڦوٽ ڦوڙ
ساري رات، سانوڻ چئي، ڊونڊيون وجهن ڊوڙ
جتي ٿيندي سوڙهه سڪوڙ، اُتي جو کو نه ٿئي جهاز کي.
333 – آيا مور ملاح، مٿي تڙ تلا
پڳا ڀرجهلا، ڪوڙا ٺاهه ٺلها
بيهاريائون بندر تي، ٺهڪائي ٺلا
هن سڃيءَ جي، سانوڻ چئي، ويندي بندر تي بلا
جتي الله هي الله، اتي وائي وڻجارن جي.
334 – متان هلاڪي هرج پوي، غوراب ٿين گم
هلئين پنهنجي هوڏ تي، آڌي ڪري اُم
تنهنجو سودو سون جو، تون گهڙي گهڙي پيو گهُم
ماڻڪ تنهنجي مال ۾، ٻيا رتا ڪي رُم
تون هلين هيڪلو، جهاجهه ڪري جُم
موتي جي مهراڻ جا، وڃي چارئي چُم
تون وڻجارو ويهائو، توکي مِڙ معلم
سورن جو، ساڻوڻ چئي، تون سک ڪين سُم
جتي دڙ ڌُم، اُتي ڪنڌي ناهي ڪشتين جي.
335 – لڏو لاٿائون بندر تي، ڪيائون آرو آر
اکيون انهين آسري، ٿيون روئن زارو زار
سامهان ڪانَ سرير مان، اندران آروپار
سرتين ساهيڙين جي، مون تي مارو مار
سدائين، سانوڻ چئي، تون ڪو سولو ڍاروڍار
اچن وارو وار، ته گڏجي گوندر لاهيان.
336 – سنجهي صلاحون ڪيائون، صبح ٻڌم سُر
چَليا چين بنگال، ڏي، چوريائون ايءَ چُر
اوڏا ٿيا الف کي، ڌڪي ويڙا ڌر
ڪاهي پيا ڪين ۾، جتي کُپي نه کُر
ماڻڪن ۽ موتين جي، ڦولهي ڪيائون ڦر
سامونڊي، سانوڻ چئي، آيا لُٽي لقاپُر
جيڪي گهرڻو هجئي سو گُهر، مهندا ملندئي مان سان.
رامڪلي
337 لاهوتي لڏي ويا، منهنجا جاني ويا جاتي
ويا نصيبئون نڪري، وريا نه ولاتي
عاشق ڏي اچڻ کان، ڪيائون بنهه بلاتي
ڏکن ڏاري آهيان، تن جي سورن سڃاتي
قاصد آيو ڪونه ڪو، خط کڻي خاطي
وڇوڙي جي وجود ۾، پاکر مون پاتي (1)
جوڳي ويا هن جڏيءَ کي، هڻي قرب جي ڪاتي (2)
هئي هئي تن جي هجر ۾، ماڻيم مماتي (3)
سگهي ورندم، سانوڻ چئي، جي هوندن حياتي
ڀوريءَ جا ڀاتِي، خالق آڻيندن خير سان.
338 – لاهوتي لڏي ويا، منهنجا ڪاپڙي ويا ڪِيئن
پرين وڃي پرديس ۾، ڏاڍا ليا، ڏينهن
ورهه وڪوڙي آهيان، حسن وڃايم هيئن
آئي مند ملڻ جي، وُٺا ميڙائي جا مينهن
ڪڏهن روح راڳن ۾، ڪڏهن آهيان ڪيئن
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن
سورن جو، سانوڻ چئي، مون ناحق اڙايو نينهن
پوءِ اوٺي ايندي ائين، توکي ڪنهن پاڙيچي پڪو ڪيو.
339 – لاهوتي لڏي هليا، ڪنڊن منجهان ڪال،
ڪن ڌوتا پئي ڪپڙا، ڪن رڱيا پئي رومال
مڙهين ۾ ماتام ٿيو، مون کي سڪندي ٿيا سال
سامي سفر هليا، آءٌ جر وهايان جال
آءٌ ڏکي ڪنهن سان ڏوريان، ڳجهه اندر جي ڳالهه
سورن ۾، سانوڻ چئي، منهنجا هيڻا ٿيا آهن حال
لهي سڌ سنڀال، ايندا ويراڳي وطن تي.
340لاهوتي لڏي ويا، خيما سڀ کڻي
ڌاڳا ڌوپ واسيا، ڇتا پين ڇڻي
توڪل توشو جن جو، تن کان ناهي ڌار ڌڻي
لڳي ويئي لاهوتين کي، عشق جي آڻي
طالب ٿي تحقيق ۾، هنيائون گُهت گهڻي
اها رمز رندن جي، ويئي واحد کي وڻي
سورن جي، سانوڻ چئي، مون ويٺي ڳالهه ڳڻي
پورب ڪري پڻي، لاهوتي لڏي هليا.
341 – لاهوتي لڏي هليا، ڇوٽائي ڇوڙي
ڏيو وراڪا ويڙهه ۾، هي ڊيل پيئي ڊوڙي
چوٽا وٽيو چاهه مان، جانب لاءِ جوڙي
مڙهين ۾ ماتام هو، ڀلي لالڻ پئي لوڙي
تيل مکيو، تار ڪريو، پئي ٻانهياري ٻوڙي
سنياسين جي سور ۾، وندر پيئي ووڙي
من اچي مڙهين ۾، پنهنجا خيما ئي کوڙي
سينگار سڀئي، سانوڻ چئي، راڻي پيئي روڙي
ڇو ڇڏيائين منهن موڙي، نظر اسان جي نينهن تان.
|