381 – اڄوڪن عابدن عارفن مان، ٿيس الف اگهاڙو
جتي اميد ۽ آسرو، اتي لڙي ڪيم لاڙو
شريعت ۽ طريقت سين، مونکي سرس لڳو ساڙو
معرفت ۽ حقيقت ۾، مون سان ٻول مَ ٻاڙو
آءٌ صوفي، سانوڻ چئي، مون وٽ خرچ نه کاٻاڙو
بي پِتو، بي پاڙو، گڊو گولاڙو
من جي مرادن ري ڪريان ڪڄاڙو
حد لنگهي لاحد ۾، ڏسي ڌن هنيم ڌاڙو
ڪاهي قطاري ڪلمي سين، ڪيم ساٿ سماهڙو
جتي ترندو تراڙو، اُتي پوندي سُڌ سچائي جي.
382 – ماريس مسئلي محبت جي، مڃان ڪيئن مصاب (1)
شرع ۽ شريعت مان، وريو ڪين وٽاب
پرين مونکي پاڙهيو آهي برهه سندو باب
ماڻهن ليکي مهڻو، آهي، ڪفر جو ڪتاب
علم ۽ عقل کان، آهيس عشق عجاب
لڳيس ته لعلڪريس، نه ته وڃائيس عزت و آب
مون سُڃيءَ نان، سانوڻ چئي، لٿا حرف حساب
ڪاڻ نه ڪڍان ڪا به، مُلان! اوهان جي مسئلن جي.
383- خود پنهنجي خدا سان، آءٌ حاصل ٿيس هاڻ
دوزخ ۽ بهشت جي، مون کي ڪانهي ڪاڻ
حَسن مير حُسين جا، مون آهن ڏنا اهڃاڻ
سي سک پسي، سانوڻ چئي، ڪندا پورائي پاڻ
تن مٺن ماڻهن ساڻ، مون ريجهي رهاڻيون ڪيون.
384 – نڪو علم، نڪو عقل، نڪا اکر سنديءَ اوٽ
اولانڀي عشق جي، چاڙهي آهيان چوٽ
هنيون وريو حق ڏي، من کائي موٽ
امر ساڻ الله جي، ڪين جهليندا ڪوٽ
حَسن مير حُسين کي، مون روئي ڪئي رپوٽ
سرهي ڪندو، سانوڻ چئي، مٺو محمّد گهوٽ
ڄارين جا ڄاموٽ، مٺيءَ سڀ ملهايا.
385 – ڀلي آئين ڀاءَ، تون قاصد آئين ڪيئن
مون ڀانيو مري وئين، تو ڏاڍا لايا ڏينهن
آئي مند ملڻ جي، مٿان وٺا مينهن
ڪڏهن روح راڳن ۾، ڪڏهن آهي ڪيئن
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن
ڪڏهن ڦريو فقير ٿئين، ڪڏهن جوڳين جيئن
سورن جو، سانوڻ چئي، تو ناحق اڙايو نينهن
سرتيون سارو ڏينهن، هينئون هنڌ نه هيڪڙي.
386 – ڀلي آئين ڀاءٌ، منهنجي ماڳ مڙهي
قاصدا، قربان ٿيان، ويهه چشمن تي چڙهي
لک ڀَلايون تنهنجون، جو لائق آئين لڙي
ويهه ته ڪريون ڳالهڙيون، دوستن دم گهڙي
هن جڏي جان وڃائي، انهي رهلي لاءِ رڙي
لڳم نالو نينهن جو، ڇڄي ٿيس ڇَڙي
ڏينديس ساه، سانوڻ چئي، ساڻيهه منجهه سڙي
ويو انگ اڙي، ڪو پرديسي پرين سان.
387 – ڪئين تان گُل گُذاري ويا، پرو ڪيئون پر
سوين هئا سومرا، ڪاڪ مٿي ڪر
سَت ڀتيرو، سانوڻ چئي، نالي هو ننگر
پٽ هڪڙي پيءُ جا، ٻيو ڀاءُ ڀونگر
آڻيو ڏي ادل کي، ڀاءُ ڀريو ڀونگر
پيڙيو پنهنجي پر ۾، ٿي گنوايا گُجر
دودي جي درٻار ۾، ڪانه پئي ٿي ڪر
ڪئين ويرمل وزير هئا، ڪئين ڪاتب ڪَويسر
ڦِري انهن ڦيرين تي، ويا سوين سڪندر
جني پڏايو پاڻ کي، ويا تنت ڇڏي تونگر
آين اجل اوچتو، ڀڄن ڪهڙي ڀر
ماري موت فنا ڪيا، ويا کپي خاڪ اندر
رهندو منهنجي رب جو، وڃي نالو نشانبر
بادشاهي الله جي، بنرا ايندئي بر
هرڪو ايندو، حافظ چئي، ڇڏي ماڙيون مسافر
سوين تنهنجي سانڀر، لاکيڻا لڏي ويا.
388تون امن، تون سمن، تون آهين مرد ميثاقي
تنهنجي موج مجاز مان، زهر پيتم ذاتي
تنهنجي موج مجاز مان، بحر ڇڏيم باقي
اهو نقطو نيل نهر جو آهي عميق عراقي
جن پيتو سي پُر ٿيا، آهن فائق فراقي
لاهوتين کي لامڪان تي، لڳي لهر لولاڪي
”موتوا قبل انت موتوا“ اها منزل مشتاقي
ذاتي صفاتي گڏيا ذوق مان، اتي هينئون ٿيم هشناڪي
سدائين، سانوڻ چئي، آءٌ آهيان خطادار خاڪي
پوءِ اڱڻ اوطاقي، ٿيون گڏ پريان جي گام ۾.
389 – منهنجي جان جسم کي، لڳو ڄاپندي ڄيرو
الست ارواحن کان، اچي فيض ٻڌو ڦيرو
ارڙهن راتيون ان کان، ٿيم جوش به جهجهيرو
سو وڃي ويٺم وجود ۾، دکائي ديرو
ماڻهن ليکي ماڻهو، پر هو لعل اڏيرو
شريعت، طريقت، معرفت کان، مَٽي ويس مهنديرو
لنگهي مون لاهوت ۾، وڃي ڏور اڏيو ڏيرو
اتي نڪي عاشق، نڪي عابد، نڪي عارف، جن جو پڳ ڏسان پيرو
مون صوفيءَ تان، سانوڻ چئي، ڀڃج مَ ڀيرو
اهو پنهنجو نبيرو، ميثاق کان مهمند هو.
390 ڪلر مان ٿئي ڪينڪي، توڙي جال وهائين جر
ڪمينو اشراف نه ٿئي، توڙي دوست سندو دلبر
پرايو پنهنجو نه ٿئي، توڙي لٽي کارائيني گهر
ڪانهن ڪمند نه ٿئي، توڙي ڳٽلين چاڙهي ڳر
اَڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦٽي جهلي ڦر
ٽوهه گدرو نه ٿئي، توڙي ڳاڙهي ڪر ڳر
نانگ ناڙو نه ٿئي، ٻڪر وَهي نه هر
مرون پلجي مينهن تي، ته به ساڳي ذات سوئر
شيدي گورو نه ٿئي، توڙي مهٽي لاهجيس مر
تن سورن جي، سانوڻ چئي،مونکي پئي آ پوءِ خبر
اها خان خبر، وڃي ڏج نياپو ”نوناري“ کي.
391- عجب رنگ الله جا، ٿا ڏهاڙي ڏسجن،
دونهان منهنجيءَ دل تي، دکايا به دوستن
پاڙهيس وڏيءَ پرت مان، هي اکر استادن
سڌو ڪري سير جون، جتي واهڙئي وهن
لاهي وڌو ليلان کي، تخت تان لڇڻن
اهو سور، سانوڻ چئي، مونکي ورهين نه وسرن،
پوءِ تپائِي تارُن، ٻيجل جي ٻيءَ رات جو.
392 – هَٿ کڻيو هڪلون ڪريان، من سڻي ربّ ستار
برهمڻ ڇڏي ويا بر ۾، جنهن ۾ ڏٺائون عيب اپار
ڪونر ڪچهريون ٿي ڪيون، بوبنا سان جرار
سک سورٺ جو ڦٽو، ٻڌي تندن جي تنوار
مير سوالي منگتو، ٻيجل ڪئي ٻاڪار
راجا اتي راضي ٿيو، ترت ٿيو ئي تيار
لک گهوڙا لشڪر هو، مٿي شوق شڪار
پرزا ڪري پسونءَ کي، وڃي پهتو دارمدار
جمجما سلطان کان، ورتائين سڀ وهنوار
سرنگهه هڻايائين سر کي، منجهان نڪ نروار
ڌڙ ڇڏئين ڌوڙ ۾، اڇلي ٻاهر ڪپار
مٿي جنهن جي مال جي، ٿي کرن جي کرڪار
سهڻي گهڙي هئي سير ۾، جا لُڙهي ٿي لهوار
نڪو سڱ ساهڙ سان، نڪو اعتبار
راڻي ڀڳا مومل جا، ڪئين وٽ ويچار
سُتي هئي سومل سان، ٿي غافل گنگهار
مينڌرا کڻي معافي ڏي، منهنجا نيڻ وهن ٿا نار
ليلان مَٽيو داسڙو، هِرکِي پاتائين هار
چي: لڏي وڃ لهور مان، اها ڪچي تنهنجي ڪار
آءٌ آهيان ڪانڌ! ڪميڻي، مونکي بخش ڀتار
ڪانڌ! تو ۾ ڪونرو آهي حب سندي حقدار
مجني کي مستيءَ ۾، ٿيو عشق جو آڌار
هير خاطر رانجهي ڪيا بيک بهار
سور گهڻا هئا سيفل کي، بديعل بيشمار
منصور کي مروان ڪيو، خلق منجهه خوار
هن کي هئي حب ڌڻيءَ جي، پهتو وڃي پار
هِت مُلان ڪن ٻيا مسئلا، هُت جيڪي ڪندو ڪلتار
مارئي جي ملڪ تي ، سانوڻ ٿيا سڪار
هئي مند مينهن جي، ٿيا ڪڪر ڪارونڀار
وڄون وسڻ آيون، وُٺا سڀ ولهار
حَسن مير حُسين هئا ٻالڪ ننڍا ٻار
ڏهٽا پاڪ رسول جا، هئا نازڪ نيڻ ٺار
جگر خاتون جنت جا، هئا علي پٽ آڌار
ٿيو قضيو ڪربلا ۾، جِت حورن ڇنا هار
چنيسر چريو ٿيو، جنهن ڇڏي پڳ پچار
ڀائر مڙئي ڀيڙا ٿي، آيا دودي جي درٻار
پڳ ٻڌائون دودي کي، ٿيا ڀيڙن جا ڀڀڪار
دودو ويهندو هو دلين ۾، دانهه وڏي ڌڌڪار
ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، هو مڇ وڏو متار
ڪئين ڳهي ڇڏيائين ڪُن ۾، مانجهي مڻيادار
اهي سوڀون، سانوڻ چئي، آهن ڏيڻ وس ڏاتار
اونڌا شل آچار، ڪانڌ ڪنهن سان نه ڪري.
هيون هير رانجهي لاءِ، سرهاڻيون ڇٽيون393 –
مومل محل اَڏائيا، جوڙي هنڌ هٽيون
راڻو آيو ڪونه ڪو، پهاڄيون پلٽيون
سورٺ مڱڻهار لاءِ، ڏئي موٽڻ جون متيون
سسئي پنهنجي پنهون لاءِ، ڪڍي پنڌ پٽيون
سهڻي سا ميهار لاءِ، ڏسي گهيڙ گهٽيون
ليلى خاطر مجني، پيتيون وِهه وٽيون
مارئي بندياڻي بند ۾، جنهن جو روپ رتيون
سورن ۾، سانوڻ چئي، اهڙا ڪيف ڪٽيون
ڏيرون ڏير مَٽيون، چوريءَ رات چاڙهي ويا.
جمجما سلطان
394 – ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي باري بيپرواهه
قادر جي قدرت جي، ڪمي مور نه ڪا
خليفو ڪري خلقيائين، مير محمّد شاهه
الله جل جلالھُ، آهي نرمل جنهن جو نانءُ
اول خلقيائين آدم کي، پوءِ خلقيائين ٻيا
ڪري ويٺو قدرت مان، ڇا منجهان ڇا
تنهن پاڪ جي پيٽ مان، لکين لک ٿيا
ويهاريائين وجود ۾، جوڙي جابجا
ٻانهي کي ٻاجهه مان ٿو رازق روز رساءِ
وصف تنهن واحد جي، ڪري نه سگهان ڪاءِ
ساري دنيا، سانوڻ چئي، خلقي پاڻ خدا
پهرين وجهي پساهه، پوءِ ٿو ماري موت سان.
395 – پوءِ ٿو ماري موت سان، ڏس رازق سندا رنگ
قادر پنهنجي قدرت سان، خلقيا خان ختنگ
ڪئين خان کپي ويا، واري اندر ونگ
عيسى نبي الله جو، آيو جهولئون وٺيو جهنگ
سسو ڀر سمونڊ جي، ڏٺائين هڏ هتنگ
مٿو تنهن ماڻهوءَ جو، وڏو آهي وتنگ
ٿو بَکائي بر ۾، درياءَ پاس ڌڌنگ
سڃو پيو هو، سانوڻ چئي، جنهن جا روءِ ڦريا هئا رنگ
ساهه بنا هيءُ سنگ، آهي ڪن ايامن جو.
396 – آهي ڪن ايامن جو، تنهن جي سڻ بات بري
سسو ڀر سمونڊ جي، جهونو ٿيو جهري
کپي سو خاڪ ۾، ڀڄي ويو ڀري
مٿي جي مال ڇڏي، پڄائي پُري
ايندي ويندي ان کي، ڪيائون کُرن سان کُري
منجهس ماڪوڙين جا، ويا ڍڳ ڍري
نڪتا ٿي نيشن مان، سانگيئڙا سُري
لڳس ٿي لٽ جي، مٿي لُوهه لُري
واري تنهن جي وات جا، ڇنڊيندي ڇري
سسو ڏسي، سانوڻ چئي، چهڪ پيا چري
ويا آهن ڏينهن گذري، پارس کي پٽ ۾.
397 – پارس کي پٽ ۾، ٿيا جڳ جي ئي
رکيو هو راءِ جو، مارڳ مٿي ئي
کڻي آيس کرن سان، ڌڻ به ڌڪي ئي
ڀڃي تنهن ڀڳل کي، ڪيئون لتاڙي لئي
عيسى پيو عجب ۾، ڏسي حال به هڏي اِي
سسي ڀر، سانوڻ چئي، وير رهيو ويهي
پوءِ پرور کي پيئي، ڪا ڪهل هن ڪفيل تي.
398 – ڪهل تنهن ڪفيل تي، پيئي پيغمبر
مٿو تنهن ماڻهوءَ جو، ٿو بکائي منجهه بر
نڪو پير پٽ ۾، نڪو بت ڀَڀَر
نڪي هٿ حبيب جا، نڪو ٻانهن ٻر
نڪا نيشاني نڪ جي، نڪو ڪن ڪوبر
نڪا ڄڀ ڄاڙي تنهن جي، نڪو ماس نه مر
نڪا ڇٽ تنهن ڇڳير ۾، نڪو ڳڀ نه ڳر
نڪا لوئي لڱن تي، نڪو سينو سپر
عاشق جي اکين جا، ڇڻي پيا ڇپر
ڏند ڏاڙهون تنهن جا، ڄراٽي ويئي ڄر
سوگهو پيو هو، سانوڻ چئي، قابو منجهه ڪلر
مرسل ڏٺا ماڪوڙين جا، منجهس وير ولر
سُريو تنهن سسي تان، هليو ڪن هلر
عيسى پيو عجب ۾، ڇانگئون ڏسي ڇر
پيو فائق منجهه فڪر، حضرت پسي هڏي کي.
399 – ڏسي حال هڏي جو، ٿيو دانهه کي دليل
مٿو آهي ماڻهوءَ جو، آهي ڪو اصيل
بيهي رهيو بر ۾، ڪري قول ڪفيل
هادي کنيا هٿڙا، وارث! ڏي وصيل
پرتئون سو پڙهڻ لڳو، عيسائي انجيل
پڙهيو تنهن فقير تي، ڦيڻا وجهي فيل
اُڀئون اُلهي آئيو، جودئون جبرئيل
جنهن اچي روح روان ڪيو، واحد جي وڪيل
پيو ساهه سسي ۾، هن کي جياريو جليل
خبر پڇي خليل، سا حقيقت هڏي کان.
400 – حقيقت هڏي کان، پڇي پاڻ پرين
سچي ڪر، سانوڻ چئي، جيڪا هوءِ محب تنهنجي من
ڪِ مرد مڻيادار هئين، ڪِ منجهان عورتن
ڪِ تون پريو مڙس آهين، ڪِ منجهان جوانن
ڪِ اُمتي اهين البيلو، ڪِ منجهان نبين
ڪِ بادشاهه آهين ملڪ جو، ڪِ منجهان وزيرن
ڪِ فقير آهين آدمي، ڪِ منجهان وزيرن
ڪِ فقير آهين آدمي، ڪِ منجهان پينارن
ڪِ رئيس آهين ڪنهن راڄ جو، ڪِ منجهان سخين
ڪِ تون بدبخت آهين ٻانهون، ڪِ منجهان بخيلن
ڪِ تون پڙهيل آهين آدمي، ڪِ ملو مسيتن
ڇا آهي نالو تنهنجو، هتي ڪهڙي آئين ڪمن
ويٺل آهين ڪهڙي گام جو، ڪهڙي ولايتن
ڪهڙو توسان ويل ٿيو، پئين ڪهڙن منجهه ڏکن
هڏا! انهيءَ حالن، ڇو پيو آهين پٽ ۾.
401 – ڇو پيو آهين پٽ ۾، بيڪس ٿيو بيران
عيسى پيو عجب ۾، حال ڏسي ٿيو حيران
مٿو جنهن ماڻهوءَ جو، سو آهي ڪو انسان
حڪم ٿيو هڏي کي، جاڳي اُٿيو جوان
پيو ساهه سسي ۾، هن تي راضي ٿيو رحمان
مهندان اُٿي مرسل جي، بيهي ڪيائين بيان:
عيسى! اڳئين واري جو، آءٌ آهيان انسان
جاني! مون کي جڳ ٿيا، ڇڏئي هي جهان
ڪهڙيون ڪريان ڳالهڙيون، خبرون اٿئي خان:
نالو منهنجو اٿئي پڌرو جمجما سلطان
رهندو هئس روم ۾، هو مصر منهنجو مڪان
ايڏا منهنجا حڪم هئا، ايڏا هئا ايمان
هيڏا منهنجا لشڪر هئا، هيڏا منهنجا سامان
دانهه توسان ڪڏهن ڪوڙي ڪندس ڪانه
حقي ڳالهه حقان، عيسى! اٿئي ايتري.
402 – پهريون مذڪور منهنجو، سُڻ خاوند! تون کمي
تون خليل آهين خدا جو، عيسى آدمي
پلٽي پيا پرين تي، ڳوڙها سر ڳَمِي
وهيو آب اکين مان، ريلا رت رمي
دنيا دولت جي، مون وٽ هئي ڪانه ڪمي
مشرق مغرب وچ ۾، هئم حڪم حاڪمي
مون جهڙو ٻيو ڪونه ٿيو، بادشاهه غني
سورن ۾، سانوڻ چئي، مون لاءِ اها راهه رمي
سائين! هئو سڀني، حڪم منهنجي هٿ ۾.
403 – ٻيو مذڪور منهنجو، سڻ تون نيڪ نبي!
لهندا انهيءَ پٽ ۾، ڪئين لعل لڀي
مون جهڙو ملڪ ۾، هوندو ڪونه ڪڀي
جهڙي سونهن سچ جي، تهڙو شان شبي
عيسى! اڇيءَ دل سان، مون جهڙو نه هو ٻيو مومن مذهبي
نَوَ لک ناڻي مال جا، ڏهاڻي ڏيندو هوس في سبي
سائين جي صاحبي جي، ڪهڙي رنگ ربي
ڪئين مير مرسل هئا، ڪئين نيڪ نبي
ڪئين ڪامل ڪويسر هئا، ڪئين تفنگ طالبي
ساڻ نه هلندي، سانوڻ چئي، سدا جڳ صاحبي
هتان هرڪو چاس چٻي، هلندو هن دنيا مان.
404 – حضرت عيسيٰ! ٽيو مذڪور، سڻ شاهن جا شاهه
خدا ڏاڍو بادشاهه باري بيپرواهه
هي دنيا عيسيٰ نبي! ڪنهن کي ٿيندي ڪانه نيباهه
نرمل! ويندو نڪري، هي پرائو پساهه
ڪامل! ڪبو ڪهڙو، ساهه تي ويساهه
ڪئين مير مرسل هئا، ڪئين اصلي گمراهه
هرڪو ويندو حڪم ڇڏي، وٺي رباني راهه
رهندو نالو الله جو، ٿيندو سارو جڳ فنا
سنئينءَ لڳندا، سانوڻ چئي، جيڪي ڪندا ڪاهوڪاهه
دور وڏي دانا، هئس تالابين تخت تي.
405 – چوٿون مذڪور منهنجو، ٻڌ ڪامل! ڏيئي ڪن
ته لک حڪيمن جو هو، جي دوا دارون ڪن
ٻه لک سئيسن جا هئا، جي بيٺا فرمائشون ڪن
ٽي لک مودين جا هئا، جي بازرون بنائين
لک پخالين جو هو، جي پاڻي پهچائين
ڪئين اوٺا، ڪئين انڙ، هئا ٿورا منجهه ٿرن
هئي مهر مٿي ملڪن، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.
406 – پهرين رات پيڙي، مون ۾ طاقت ڇڏيئين ڪونه
عيسيٰ آب اکين مان، پڌر پلٽيو پون
مِٽ مائٽ منهنجا، ات بيٺا رت روئن
اٺئي پهر الله کي بيٺا ائين چون:
ته جمجما سلطان جا هڏ حياتي هئن
اهو سور مڙيوئي سون، جنهن پٺيان خاوند خير ٿئي.
407 – ٻيجيءَ رات ٻيڻو ٿيو، ڏنو درد ڏنجهه
عيسيٰ آب اکين مان، هليو پئي هنجهه
لڳي سوڙهه ساهه کي، ٿيس مرڻ منجهه
هادي! انهيءَ هنڌ تي، پهر لڳا پنج
راڻيون روئن راءِ جون، ڏک ڏسيو ڏنجهه
اهو رباني رنج، ٿيو جمجما سلطان تي.
408 – ٽيجي رات ٽيڻو ٿيو، سور نه ڏئي ساهي
ڦري ويٺا فوجون ڪري، صوبا سپاهي
لڳي مُهر زبان تي، آئي اکين اونداهي
جمجما سلطان جي، اڄ ساٿ ڪئي سنڀاهي
عيسيٰ! امر الاهي، مڃيو مون مٿي تي.
409 – چوٿينءَ رات چڪي پيا، ڪيم واڪا ۽ وس
قدرت سان قادر جي، وڌي ٿيو سور سرس
خدا ڏاڍو بادشاهه، جنهن کي پئي ڪونه ترس
ڏکن منهنجي ڏيل تي، غازي! ڪيا ٿي گس
تڏهن بچڻ جو بس، لٿو آسرو انهن کي.
410 – پنجينءَ رات پاٿاري تي، هوس پاسي ڀر پيو
مرسل! سور مٿي جي، مون کي نهوڙي نيو
کاڌو پيتو خود مان، وسري سڀ ويو
ڪريو دانهن درد مان، پوان اٿليو
طبيب حڪيم حڪومت جا، پڇان سڀ ڪوٺيو
تن ڏاهن جي ڏس کان، پتو ڪونه پيو
ڀلا ڀاڳ منهنجو، عيسيٰ! اچي الٽيو
قسمت ڪم ڪيو، اڄ جمجما سلطان سان.
|