سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :6

- سسئي شهر سيوهڻ ۾، جڏهن ٿي ڄائي

پيءَ پنهنجي ڌيءَ لاءِ، وڃي پوٿي پٽائي

پوٿي پٽي برهمڻ، ساري ڳالهه سڻائي

ته لکيو انگ مسلمان سان، جتن سان جائي

تڏهن پيءَ پنهنجي ڌيءَ لاءِ، صندوق سنبرائي

ٻانڀڻ ٻيٽي پنهنجي، وڃي لُڙ ۾ لوڙهائي

سورهن ڏينهن سمونڊ ۾، اهٽندي آئي

ڌوٻي ڌوئيندي ڪپڙا، کڻي کڻائي

اڄ ننڍي، سڀان وڏي، اچي سسئي سامائي

خبر خان پنهل کي، وڃي ٻاٻيهل ٻڌائي

سورن ۾، سانوڻ چئي، ننڍي نپائي

ڪئي ڪيچين ڪچائي، بر ۾ برهمڻ سان

 

سرتيون پرتيون ربّ کي، ڪيچ هلي ڪام19 19–

ٻاروچل ٻڌايم، ڪو عشق جو احرام

آءٌ هندواڻي هوت جي، هو ربّ منهنجو رام

وينديس پٺيءَ پنهون جي، وٺي نانڪ نام

ڪنديس ڪيچ ڌڻين کي، آءٌ هتان ئي هرنام

آءٌ ٻانهي باروچن جي، گولي آهيام غلام (1)

”تبارڪ الذي بيده الملڪ وهو على ڪل شي قدير“ آءٌ سنجهي صبح ڪنديس سلام (1)

جي ڪندينءَ سڏ، سانوڻ چئي، ته ڏوران ايندائي ڏام (2)

(1)آءٌ برهمڻ بڇڙي، هو وندر جا وريام

جي ڪندا مهر مٿام، ته ڪر سڱ نه ڇنو سڄڻين (2)

 

سرتيون پرتيون ربّ کي، وڃو جان وڙڪو 20 20–

مون کان اُٺ اُٿي ويا، ڀينر ڏيئي ڀڙڪو

ڪين ٻڌم ڪو ڪرهن جي ڪر ڳل جو ڪڙڪو

سور مون سڙيءَ کي، اوهين ٻيون ڇو ٻڙڪو

هن سُڃيءَ جو، سانوڻ چئي، ويا ڦٽائي ڦڙڪو

ڌارينءَ کي دڙڪو، هو اَصل آريءَ ڄام جو.

 

21 – سرتيون پرتيون ربّ کي، وڃو مِڙ موٽي

ڇو ٿيون ڪريو ڇپر ۾، هن کاڻيءَ کي کوٽي

آءٌ اوهان ۾ آهيان، ٽنهين ۾ ٽوٽي

ڪنهن سان ڀري ڪينڪي، ٻانڀڻ جي ٻوٽي (3)

چڙهي ڏونگر ڏاڪئين، جهلي چاهه منجهان چوٽي (4)

مران ته ملوڪ ٿيان، ڏونگر تان ڏوٽي (4)

سورن سان، سانوڻ چئي، مون جنگ اچي جوٽي

ڏير ڏاڏي پوٽي، وڃي پرڻائيندا پنهونءَ کي.

 

22 سرتيون پرتيون ربّ کي، منهنجي اٿو جيئري جدائي

آئين موڪلائي موٽي وڃو، ڪريو ورڻ جي وائي

آءٌ پير کڻان ٿي پنهل جو، جنهن سان لنئون اٿم لائي

دردن منهنجي دل تي آهي دونهين دُکائي

برهه باهون، ڪريان دانهون، جن اٿم جان جلائي

وٺي گس، ڪنديس وس، ڪر توڪل توائي

پنهل ڳورينديس، سر گهورينديس، من بخشي خاوند خطائي

پنهون پڇنديس، ڪيچي لاءِ ڪُسنديس وجهي ويا فڪر جي ڦاهي

ڌار ڪري ڌڪي ويا، آءٌ هيس ڪن ڄامن جي ڄائي

تڏهن روئندي وتان رندن تي، ڪندي گسن تي گدائي

هي روئندي وتي رندن تي، اڄ ٻانڀڻ ڌيءَ ٻائي

سورن ۾، سانوڻ چئي، آهي سسئي سامائي

انهيءَ ننگ به نمائي، کڻي ٻانڀڻ هوت ٻروچ سان.

 

23 – سرتيون پرتيون ربّ کي، اديون الله توهار

سُڃ ڪري ويا سسئي سان، وٺي ڀوريءَ جو ڀتار

ويهڻ مئيءَ جو وهه ٿيو، ڌڪي ڪيائون ڌار

هاڻي گهوري ٿيان ٿي گهوٽ جي، ڪڍي پنهل جا پار

ڏاتر ڏيکاري مُئيءَ کي، من ڪيچين جي قطار

پٿون ڪنديس پاڻ کي، ٿينديس گس انهيءَ تي گار

توڪل ٻڌي ترهو، وڃان پئي آريءَ جي آڌار

مان قبولي ڪيچ ڌڻي، لاهي اندر جو آزار

مان قبولي ڪيچ ڌڻي، مديني جو مهندار

جهلي داون دستگير جي، آزيون ڪنديس اپار

وڻ ڏيکاريا وندر جا، مون کي لکئي جي لاچار

سوڙهي ۾، سانوڻ چئي، اچي سيّد لهندم سار

نرمل ڪري نهار، اچي هوت رکندم هٿڙا.

 

24- سرتيون پرتيون ربّ کي، مون کي تل نه ترسايو

ڏهاڳ مون ڏکيءَ کي، اهو اوچتو آيو

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪري سسسئي جو سعيو

هيءَ نڀاڳي ڇڏي ننڊ ۾، ويا ڪرها هتان ڪاهيو

ڏکن سندم ڏيل تي، آهي دونهون دکايو

سورن مون سڙيءَ تي، آهي ماتم مچايو

تڏهن ڪڍيو پار پنهل جا، وڃان لڪن مان ليلهايو

اهو قلم منهنجي قسمت ۾، آهي واحد وهايو

باهه لڳيم تڏهن برهه جي، جنهن کوري منجهه کايو

دردن منهجي دل تي، آهي ديرو دکايو

سورن جو، سانوڻ چئي، مون پيچ پنهل سان پايو

تڏهن ڏکن ڏکايو، جگر مون جڏيءَ جو.

 

25 – سرتيون پرتيون ربّ کي، ٿي درد منجهان دانهي ڙي

پاند ته منهنجو پنهونءَ سان، اديون! اٽڪيو آهي ڙي

حُب حبيب هوت جي، رنگ ڇڏيو راهي ڙي

سور ته سڄڻ يار جي، گهور وڌو آهي گهائي ڙي

سمهڻ منهنجو سيج تي، پوءِ نينهن ته ناهي ڙي

ڀنيءَ رات ڀڄي ويو، لئون ٻاروچو لائي ڙي

گهمي ڏس گهوٽ کي، جبل ڏي تون جائڙي

ڪڍيو پار پنهون لاءِ، هي ٻانڀڻ ڌيءَ ٻاهي ڙي

ڪري ويم ڪيچ ڌڻي، وندر منجهه وائڙي

جنهن جي سڪ اٿم، سانوڻ چئي، سو شل محي الدين ملائي ڙي

آري ڄام آئي ڙي، ڏٺي لهندم ڏکڙا.

 

26 – سرتيون پرتيون ربّ کي، نه ڏيو موٽڻ سندي مت

ڏيئي ويا ڏهاڳ ڏکيءَ کي، تڏهن روئان ويٺي رت

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، اهو جاني منهنجو جت

چوريءَ رات چڙهي ويا، مون سان ڪيچين ڪئي ڪپت

”ثم لايموت فيها ولا يحى“ قهر ڪيو قسمت

هاڻي ڪنديس ڪشالا ڪيچ جا، پهڻ لتاڙي پربت

منزل ڪندي مري وڃان، شل پري پنهل سان پت

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، شيرين پياري شربت

پاڙي جي پورهيت، من ڪامل ڪري ڪيچ ڌڻي.

 

27- سرتيون پرتيون ربّ کي، هاڙهي ڪيم هلو

پاڙهي ڄام پنهون ويو، مون کي عشق جو الو

ڏاگهن ۽ ڏيرن لاءِ، ڏنم وندر منجهه ولو

مون نڀاڳيءَ جي نصيب ۾، اچي ٻريو جرجلو

سورن جو، سانوڻ چئي، ڪاهي ويا قافلو

منهنجا ڪم قادر تي، ڪندو ڀلون پير ڀلو

ڀينر ڀرجهلو، آري ٿيندم اڳ جو.

 

28 – سرتيون پرتيون ربّ کي، هتي منهنجو ڪڄاڙو

آڌي اُٺ اُٿاري ويا، هڻي ڌوٻڻ کي ڌاڙو

اوٺي اُٺ اُٿاري ويا، طاق ڀڃي تاڙو

گولي گهگهيري، ڇني ڇوري، ڏنئون سورن جو ساڙو

وندر وينديس، ڪين وهنديس، ڏسنديس پنهل جو پاڙو

آءٌ ٻانهي هيس ٻاروچل جي، ٻوليم ڪونه ٻاڙو

پر سنبهي صلاحون، ڪري ڪاهون، هوت لنگهيا هاڙ هو

ڪيچي قطاري، مُٺي ماري، ڪيائون لڪن تي لاڙو

هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻيو ڪيچين جو ڪاڙهو

ڇڄي پير ڇوتا ٿيم، اٿم مٿو اگهاڙو

پيرين پيادي پنڌ نه ٿئي، هاڻي ڪريان ڪڄاڙو

جبل جاڙون، ڪري ڪارون، چُڪم اچي چاڙهو

سورن مُئي تي، سانوڻ چئي، اچي اَڏيو اوتارو

روڄ ڪري راڙهو، ڇُلي پيس ڇپرين.

 

29 – 29هٿ کڻيو هڪلون ڪري، ڏي آيل اُڇنگارون

سڀ مڙهايان سون مان، ڏونگر تنهنجون ڏارون

تائب لنگهيا تو وٽان، ڪري ڪيچي قطارون

سُيم ڪين ساٿيڙن جون هڪلون هونگارون

هلندي هوت پنهونء جون، مون کي مارين ميارون

ڪڍيو پار پنهون جا، ڪري ٻانڀڻ ٻاڪارون

”اولائڪ الذين حبطت اعمالهم في الدنياوه الاّخره“ ڏيندو درد سندو دارون

منهنجا ڪم ڪريم تي، لهندو سوڙهيءَ ۾ سنڀارون

سورن ۾، سانوڻ چئي، ڏيندو عاشق اوتارون

ڌوٻڻ تو ڌارئون، آءٌ ڇلي پيس ڇپرين.

 

هٿ کڻيو هلڪون ڪري، ڏسي پنهون جا پيرا 3030– 

ڇو ڇڏي ويا ڇپر ۾، مون کي ساٿي سويرا

حال مون هيڻيءَ جو، ڏسو اوهين ڏيرا

آءٌ اوهان جي آهيان، گولي گهيگهيرا

مون ڏکيءَ تي ڏمريا، وڏپڻ جا ويرا

مون کان پيريءَ ۾ پنڌ نه ٿئي، ڇو ڇپر ڏيو ڇيرا

روئي ويٺي رندن تي، اڄ پٻ ڏسيو پيرا

مون سڃيءَ کي، سانوڻ چئي، ڏنا ڄام پنهون ڄيرا

ٻانڀڻ جا ٻيرا، شل ڪانگ کائين ڪيچ جا.

 

31 – هٿ کڻيو هڪلون ڪري، سڻ صاحب ربّ ستار

لطف سان لڀائيين ڪيچاڻي قطار

وندر پاس وڃائيا، مون ميا اُٺ متار

ڇڏي ويا ڇپر ۾، گونگا اُٺ گينوار (1)

چوري رات چڙهي ويا، سي ڏاگها مون ڏيکار (2)

مون پيادي کان پنڌ نه ٿئي، آهيان برهمڻ بيڪار (2)

مون ولهيءَ کان وک نه پوي، آءٌ آهيان عيبدار

ڪڏهن ملندم ڪيچ ڌڻي، ساٿ پنهون سردار (2)

ڪَنين ٻڌم ڪانه ڪا، تن گونگن جي گفتار (2)

مون سڃيءَ تان، سانوڻ چئي، لاهي ڏک ڏاتار

منهنجي ڀاڳ ڀتار، ويجهو ٿيندو ولهو.

هٿ کڻيو هڪلون ڪري، وڻ ڏسيو ٿي ويڙ32  32- 

ڏونگر ڏکوين جي، ڇپر ڇڏ تون ڇيڙ (1)

منزل ماري، بربادي، گس نه ڪوئي گهيڙ (2)

آڌي ڏئي اٿي ويا، پيو ڏاگهن منجهه ڏڦيڙ (3)

لتاڙي لڪ چڙهيا، ميا، اُٺ مويڙ (4)

هل ته پرچايون پنهون، ماڻهو وٺي ميڙ (5)

هن سڃيءَ جو سانوڻ چئي، هت ڪڙم نڪو ڪيڙ

هوندو ٻاروچاڻو ٻيڙ، توکي ڪوٺي نيندو ڪيچ ڏي.


(19  ) ظ ۽ ل. (1) ظ (2) ظ: سورن ۾، سانوڻ چئي ڏيهي ملندم ڏام.

1  ل. (2) ظ: پوءِ ڪندو مهر مٿام، سو ڪامل ڌڻي ڪيچ جو.

20  ظ، ل ۽ صالح محمّد سمون (ڪراچي، (21) ظ ۽ ل. (3) ظ: ڪتا کين مرڪيچ جا، مون ٻانڀڻ جي ٻوٽي. (4) ظ.

  (29) ظ ۽ ل.

(32) ۽ (33) ظ ۽ ل. (34) ظ، ل ۽ صالح محمد سمون (ڪراچي).

 (1) ل: جبل منهنجي جان سان – الخ. (2) ظ. (3) ل. (4) ل: وندر پاس، وڃائيا، مون – الخ. (5) ظ: ڪيئن پرچائيان پنهونءَ کي. آءٌ مهندان وٺي ميڙ. (6) ظ. (7) ل:

مون سڃيءَ تي، سانوڻ چئي، رک هادي پنهنجو هٿ

هن سڃيءَ جي سٿ، ويجهو ٿي وڻڪار ۾

(8) ظ: سرتيون پرتيون ربّ کي - الخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org