مهاڳ
سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955ع ۾
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع
ڪيو ويو: انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت
آفيس“ سان گڏ ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي
ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف
ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن مان گُهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽ بنده
ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. ان سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب
مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي
جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي
ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت ائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽
مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينھ، ”فوڪ
لور“ (Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي
زندگي ۽ تمدن، يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي
آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ”لوڪ ادب ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري سگهجي ٿي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي؛ ان سڄي کي سهيڙڻ ڄڻ سمنڊ سوجهي مڙي موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر ٿيندو،
جو ناممڪن آهي. البت جو ڪجهه مواد گڏ ٿي سگهيو آهي. سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل
ڪتاب اُميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
لوڪ ادب تجويز جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي مگر ان جي عملي
سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور
ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ ۽ صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن
ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو
آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهري ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.
مجموعي طور سان هيءُ ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو اوڻيهون ڪتاب
آهي. ان جو بنيادي مواد ڊسمبر 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي ترتيب ڏيئي، جون 1962ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار
ڪيو ويو ۽ جنوري 1963ع ۾ مسوده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
ڪتاب جي ڇپائيءَ ڪافي وقت ورتو، پر ان هوندي به هن کان گهڻو
اڳ ان کي شايع ڪرڻ جو انتظام ڪيل هو، مگر بدقسمتيءَ سان لوڪ ادب تجويز کي پوري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پئجي ويئي ۽ هن ڪتاب جي اشاعت پڻ رڪجي ويئي. 25
اپريل 1968ع تي سنڌي ادبي بورڊ جي صدر جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب (تمغھء پاڪستان) جي سفارش تي سنڌي ادبي بورڊ وري لوڪ ادب
تجويز کي پايھء تڪميل تي پهچائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ اها ذميواري بنده کي سونپي.
جون 1968ع کان ڪم شروع ڪيو ويو، پر چئن مهينن بعد وري بورڊ
طرفان ڪم بند ڪرڻ جو اطلاع مليو. 18 جون 1969ع تي بورڊ لوڪ ادب تجويز کي عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جناب مخدوم صاحب جن کان خط پهتو ته
دوباره ڪم شروع ڪيو وڃي. باوجود انهن تڪليفن جي جيڪي هڪ مخلص ڪارڪن کي پهچن ٿيون ۽ جيڪي راقم کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي خدمت ڪندي سهڻيون پيون
آهن. بنده هي ڳرو بار ٽيون ڀيرو پنهنجن ضعيف ڪُلهن تي کنيو. انهيءَ لاءِ ته سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي سهيڙي ان کي ضايع ٿيڻ کان
بچائجي ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ ادب“ جي چاليهن جلدن کي پورو ڪجي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد بچل هن
ڪتاب جي مواد کي اُتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو ۽ محترم محمد اسماعيل شيخ ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽
ڪتاب جي مسوده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءَ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.
سنڌ يونيورسٽي، خادم العلم
حيدرآباد سنڌ نبي بخش
02 جولاءِ 1970ع
باسمہ تعاليٰ
اُم للانسان ماتَمنَّيٰ فـللّٰہ
الا
خرة والاوليٰ
مقدمہ
ي ڊگهو ڪرڻو پيو ، جيئن ته:
ڪي هَلئا ”هرمج“ ڏونھ، ڪي ”پُرتڪال“ پُرَن
ڪَنِي ڪوڏُ ”کنڀات“ جو، ڪي مٿي گنگا گجن
ڪي وَهئا ”ونڪ وٽ“ ڏونھ، ڪي ”لنڪا“ سِر لِمَنَ
ڪي ”گوئي“ گنگا ڌري، ڪي ”گواس“ وڃن
ڪَنِي ”اَڏمَرَ“ ڪاپڙيين، ڪي بازارين و هن
ڪَن ڌارئا ڏنڊَ ڪينرا، ڪي واسِليين وندرن
آءٌ گهورئو مٿان تن، جي پيهي وئا پاڻَ ۾.
اهڙيءَ طرح يارهين صدي هجري جي آخر ڌاري هڪ طرف صوفي سالڪن، درويشن ۽ عالمن، توحيد ۽ طريقت، اخلاق ۽ شريعت جي بنيادي اصولن ۽ بابن کي ”بيتن“ ۾ پئي وهڃايو ورجايو، ته ٻئي
طرف قديم روايت موجب عوامي شاعرن (مڱڻهارن، ڀانن، چارڻن، سگهڙن) عام قصن ۽ ڪهاڻين، جنگين ۽ واقعن کي ”ڳاهن“ ۾ پئي ڳايو. ميون شاهه عنات
(1030/ 1035 – 1120/ 1125هه) پهريون سالڪ شاعر هو، جنهن پنهنجن بيتن ۾ انهن ٻنهي روايتن کي ڳنڍيو ۽ ملايو ۽ سلوڪ جي نڪتن بيان ڪرڻ لاءِ عام
قصن ڪهاڻين کي قالب بنايو (1).
سنڌ جي مشهور داستانن ۽ سلوڪ ۽ طريقت جي عنوانن بابت ميين شاهه عنات جي چيل بيتن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا ”بياني“ جن ۾ قصي يا داستان واري ڳالهه جو بيان آهي
۽ ٻيا ”سلوڪي ۽ پيغامي“ جن ۾ راه طريقت ۽ اخلاقي قدرن بابت سمجهاڻي ڏنل آهي. ميين شاهه عنات سنڌي لغت جي وسعت کان ڪم ورتو ۽ ”وصف ۽ بيان“
جي رواني سان بيتن جي ڊيگهه ۾ اضافو ڪيو. ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ ڇهن ۽ ستن سٽن وارن بيتن کان سواءِ چار بيت اٺن سٽن وارا (2) ۽ هڪ بيت ڏهن سٽن وارو ملي ٿو. (3)،
جي اڳين مڙني شاعرن جي بيتن کان ڊيگهه ۾ سوايا آهن. مثال خاطر هيٺيان ٻه بيت توجهه طلب آهن:
کِههَ، ڪُوڙي، ڊِههَ مَکڻي، جت ڳاڱيون ڳم ڳنڍيرَ
ڀيريو، ڀُرٽَ، ڀچٽي، ميڙينِ منجهه مليرَ
هُلرو، لُلرو، لَنب، لاڻي، هنجن واڇوٽو وير
دبٻي، ڍامڻُ، ڍَڪڻي، ڪانُو، ڪِرٽو، ڪَرير
سڻَ، سِيارڇ، ساڏوهيون، ساريان منجهه سريرَ
تن کي واحد مِيهَن وسائيا، ٿا هَرئِا ٿر ڌِيرَ
سّيد چئي، ساڻيهه جي کهر کٿرين کر
ثابت رکي سِيرَ، پرچي اوءِ پهنوار سين.
____
سوداگر سمونڊ جا لاڄو لال وَٽيج،
اڇا اولا عاج جا، چڱا چٽائيجِ
سڙهه سڀيئي سقلات جا کوها خوب کڻيجِ
سَت سکاڻ سر ڪري، ڇهه ڇڄڙيون اڏيجِ
ٻارهن، تيرهن، پنڌرهن، سترهن سينگاريِج
ساري سُٽ، سيد چئي، پوري پُڄائيجِ
ملاح معلم خبرون، پڇي پروڙيجِ
”وسقــهٰم ربهم شراباً طهوراً“، پاڻي پاڪ پئيجِ
جنهن کي سڪي سڀڪو، پرين سو پسيجِ
لڙ ۾ ڪين لُڏيج، ته سُتڙ سامونڊي ٿئين.
حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۾ ڇهن سٽن وارا بيت عام ملن ٿا. ستن سٽن وارا بيت اڌ درجن کن موجود آهن، هڪ بيت اٺن سٽن وارو (1)
۽ ٻه يارهن سٽن وارا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا، جن مان هڪ ۾ الله لوڪ درويشن جون صفتون بيان ڪيل آهن ته ٻئي ۾ سارنگ جي مُلڪان مُلڪ وسڻ جا اهڃاڻ
ڏنل آهن؛ اهي ٻئي ڊگها بيت وصف ۽ بيان جي ضرورت پوري ڪرڻ خاطر سٽيل آهن:
مونا طـُـورِ سِينا، سندا سناسِينِ
سجدي ۾، سيد چئي، گوڏا گودڙينِ
”الله وليّ الذين آمنو يُخر جهم من الظمات
اِلى النور، اهڙي پر پُرن
”خَرّ موسيٰ صَعِقاّ، جوڳي جُنگَ جلن
”مازاغ اَلبَصر و ماطغى“ اهڙي رَوش رَون
”ڪُلُّ مَن عَليها فان“ باقي ڪين بچن
”فَڪانَ قاب قَوسَين اَو اَدنى“ ٿا نانگا ايئن نمن
مشاهدو محبوب جو، اُتي آديسين
”بي يُبصر و بي يَسمعُ“ بي وصال وهن
”بي يمشِي بي يَنطقُ“ اهڙي چال چلن
سيد چئي سندين، ڪَلَ پُين تون ڪهڙي!
---
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار
وڄون وسڻ آئيون، چڱيءَ ڀَتِ چوڌار
ڪي اُٿيون اِستنبول تي، ڪي مَڻيون مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقند سار
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گُڙن مٿي گرنار
ڪن جنبي جيسلمير کان ڏنا بيڪانير بڪار
ڪنهين ڀُڄُ ڀِڄائيو، ڪي ڍٽ مٿي ڪن ڍار
ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار
سائين! سدائين ڪريم مٿي سنڌ سُڪار
دوست! مٺا دلدارَ! عالم سڀ آباد ڪرين.
ميين شاهه عنات واري دور ۾، اندازاً يارهين صدي هجري جي بلڪل پڇاڙي ۽ ٻارهين صديءَ جي شروع ڌاري، هڪ اهم علمي ۽ درسي تحريڪ شروع ٿي، جنهن جي زير اثر ”بيت“ جي منظوم
مصراعن ۾ ويتر وڌيڪ اضافو ٿيو. سنڌ جي عالمن فاضلن، علمي ۽ فقهي مسئلن کي آسانيءَ سان سکڻ ۽ سيکارڻ خاطر پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ منظوم
ڪري ”درسي ادب“ جو بنياد وڌو. انهيءَ نئين علمي تحريڪ جي بنياد جو سهرو ٺٽي جي روشن دماغ عالم ابوالحسن بن عبدالعزيز جي سر تي آهي.
ٿي سگهي ٿو ته اهو سلسلو اڳ شروع ٿيو هجي، پر نماز جي مسئلن بابت علامھ ابوالحسن جو ڪتاب ”مقدمھ اَلُصلواةُ“ سنڌي زبان ۾ پهرئين قسم جي تصنيف هو، جو ”درسي ڪتاب“ طور
پڙهايو ويو ۽ انهيءَ ڪري ئي ”ابوالحسن جي سنڌي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هيءُ ڪتاب جيڪو علامھ ابوالحسن غالباً ٻارهين صدي هجري جي بلڪل شروع
۾ تصنيف ڪيو (1)،
سنڌي علم ادب ۽ تعليم جي تاريخ ۾ هڪ خاص حيٿيت رکي ٿو. نماز بابت فقهي مسائل ۾ هيءُ ”رسالو“ هڪ مختصر مگر جامع ۽ اعلى علمي پايي جو آهي؛
سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي شروعات ئي هن ڪتاب سان ٿي ۽ سنڌي نظم جي تاريخ ۾ پڻ هي منظوم سنڌي ڪتاب هڪ خاص اهميت رکي ٿو. علامھ ابوالحسن پنهنجي
نظم جي شروعات ”ن“ جي قافيي سان ڪئي ۽ قافين جي مٽ سٽ سان هن پنهنجي نظم ۾ تنوع ۽ شاعرانه رنگ پيدا ڪيو. هيئت جي لحاظ سان، علامھ ابوالحسن
هن ”منظوم سنڌي“ ۾ کانئس اڳ واري روايت موجب، ”دوهي“ مثل ٻن هم قافيي مصراعن وارا بند توڙي ننڍا بيت استعمال ڪيا؛ سندس ڪتاب جو وڏو حصو ٻن
مصراعن وارن بندن تي ئي مشتمل آهي مگر مسئلن جي ”بيان ۽ سمجهاڻي“ جي تقاضا کي پوري ڪرڻ لاءِ علامھ ابوالحسن مصراعن جي عدد کي وڌائي سنڌي
نظم ۾ ”ڊگهي بند“ جو پايو وڌو، هيٺين بند ۾ مصراعن جو عدد چئن – پنجن کان وڌي ڏهن مصراعن تي پهچي ٿو.
پُنو پَهرو بابُ اي، جو وضوءَ ۽ غسل جو
هاڻي پڙهه نماز جو ٻهگڻ ! باب ٻئو
ته ِلي نوَر نماز جي اندر سَهائو
تِنهن سَهائي راههَ لهين پسين پيريان لوءِ
جني نيهُن نمازَ سين هنيا هيجُ ٿئو
مُنهن تَن جو مولو ڪندو چوڏهينءَ چنڊر جهو
ڪرئو نيهن نماز سين ڪاهلَ ڪيم ٿيو
طلب ۾ توفيق سين اُڀائي اَهيو
پوري ڪندو پاتشاه، آسون مَ لاهيو
شال ڇُٽندا مومن مِڙئِي، ڪلمون جَن چيو.
هيٺين بند ۾، ،جنهن جو قافيو به قدري انوکو آهي، سڄيون ساريون چوويهه مصراعون آهن:
مَٿي مُونن هٿڙا نِئي نرتا ڏيج
ڪري ڪُشاديون آڱريون مَحڪُم پَر پُڄيج
پر آڱريون عوراتن کي تِيئن مَ اپٽائيج
رکن مَر لَڳ ڪري، ساري سيکاريج
ٻانهون ساري ٻئي سي، مونا مَ موڙيج
پورو مٿو پُٺ سِين، جوڙا جوڙ ڪريج
مَ اُچو جهَلجُ اُٺ جيئن، مَ رِڍَ جيئن لاڙيج
جيئن رَکئِو پاڻي نه رڙهي، اِن پر پُٽ جهليج
پَر پٺيون عوراتُن کي ائين مَ اَڏائيج
مَر نائين ٿورڙو، ساري سمجهائيج
ٽري ڀيرا تسبيح کي ڳُجهو ۾ ڳڻيج
پنجون پُٺيون پيرن جون، نظرُ نِهاريج
تان ٻي ڳِريا تَن جا ريڙهي ٻَئِي لائيج
اِيَ پُڻ آهي اڳري، سُنت سا ڄاڻيج
پر صحيح قول ڪتابَ ۾، هِنَ پَر پروڙيج
جيئن لائڻ ڳِر يا پاڻ ۾، ڪراهت سَمجهيج
سي ٻَئي حال رڪوعَ جي مُورامَ جوڙيج
چَئين آڱرين جو فاصلو ٻنهي وِچ رکيج
ڇهون اکيون پڌَ ريون، سَتيئن قومَ ڪريج
پَرَ قوما مان ٿِي سجود ڏانهن سَئين پٺيءَ وڄج 1
متان رڪوعُ ٻئو ٿيي، نائي پُٺ مَ نيج
جيڪِين ذڪر جِتَهين، سو تِتَهين پُڄائيج
هيڪَڙي جو هَنڌِ ٻي، نيئي مَ رسائيج
علامھ ابو الحسن جي منظوم سنڌي ڪتاب ”مقدمھ الصوات“ بعد ٻين عالمن پڻ علمي، تاريخي، فقهي موضوعن بابت پنهنجا ڪتاب سنڌي ۾ منظوم ڪيا، ۽ انهن ۾ ”ڊگها بند“ عام طور
استعمال ڪيا. ”مخدوم ضياء الدين جي سنڌي“ ۽ مخدوم محمد هاشم جي متعدد تصنيفن هن ”منظوم سنڌي“ صنف کي عام مروج ڪيو ۽ مختلف قافين جي استعمال
سان ان ۾ قدري شاعرانه رنگ پيدا ڪيو. کانئن پوءِ ڪيترن ئي مصنفن ”منظوم سنڌي“ صنف ۾ ڪتاب لکيا؛ جن کي ”قافيي“ تي البت گهٽ دسترس هئي تن
”الف اشباع“ جي آسان قافيي جي استعمال سان مختلف موضوعن يا عنوانن تي پنهنجو پوريون تفنيفون منظوم ڪيون. ڪَڇ جي عالم مولانا عبدالله ۽ ٻين
بزرگن جيڪي ڪتاب تصنيف ڪيا، سي سڀ هن صنف جي ”ڊگهن بندن“ ۾ چيل آهن. بالاخر هن ”منظوم سنڌي“ صنف جو ڪمال مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي منظومات
۾ نظر اچي ٿو، جن جي مجموعي کي ”سنڌي اَساس الفرائض“ يا عرف عام ۾ ”گرهوڙي صاحب جي سنڌي“ سڏيو ويو. ڪم از ڪم ڏهن مختلف موضوعن ۽ عنوانن (1)
کي گرهوڙي صاحب هن ”منظوم سنڌي“ صنف ۾ ورجايو. ”حقيقت محمدي“ بابت سنڌي نظم ”الف اشباع“ جي قافيي تي هڪ ”ڊگهي بند“ جي صورت ۾ رچيل آهي.
جنهن ۾ 276 سٽون آهن؛ ”بسم الله ۽ سورت فاتحھ“ بابت سندس ”منظوم بند“ ”ن“ جي قافيي تي چيل آهي، جنهن ۾ 467 سٽون آهن؛ ”ڪلمھ طيبھ“ جي
سمجهائڻي بابت ”واو“ جي قافيي تي چيل بند ۾ 81 سِٽون سمايل آهن. (1)
جدا جدا قافين تي گرهوڙي صاحب جا چيل ”منظوم بند“ نه صرف ڊيگهه ۾ وڌيا پر شاعرانه خوبين سان پڻ مالا مال ٿيا. ”حقيقت محمدي“ وارو موضوع خصوصاً ”مداح“ طور مخصوص لئي ۾
آلاپجڻ لڳو ۽ مولوين جي شغل جو جُز بڻيو. اهي ڊگها منظوم بند ۽ شُغلن ۾ انهن جو مداح طور لئي سان پڙهجڻ جو رواج، اڳتي هلي ڊگهن سنڌي بيتن ۽
ڪچهرين ۾ انهن جي سُر سان آلاپجڻ جي رواج لاءِ پيش خيمو بنيا.
ميين عبدالرحيم گرهوڙي سنه 1197 هه/ 1778ع ۾ وفات ڪئي. لسٻيلي جو شاعر شيخ حمر سندس همعصر هو، جنهن جا چيل بيت ڊيگهه ۾ ارڙهن سٽن تائين پهتا ۽ پڻ مارڪن ۾ آلپجڻ لڳا.
مثلاً:
من ملاقت سپرين، آهن محب منهينجي من
راتو ڏينهان روح ۾ ٿا اچيو گهٽ گهڙن
هل انهيءَ پار جي، ڇڏيا تان نه ڇَن
سونهن سِڄائين اڳري، آهي ويتر کان وڄن
اهڙو آب اکين ۾ جنهور جيئن جهرڪن
جَر ٿَر ڏِيا جهپيا، ڪاجا پيانِ ڪن
صورت ڀريا سپرين ٿا منهن جهليو مرڪن
موتي ڪونه مٽ ٿيو سندي ڏت ڏندن
پير پٽائين اڳرا جيئن تجلو ڪيو تارن
عجب جهڙيون آڱريون ٿو ٽمي نور ننهن
سرهو ڳالهاءُ سڄڻين ٿا کٿوريءَ کِلن
تن کي پريون پسڻ آئيون، ٿيون وَءَ پيو واجهن
حورون حيرت ۾ پيون پسي سونهن سندين
عجب انهيءَ ڳالهه جو ڪيو مجرو ملوڪن
عبوسان ئي اڳرو آهي ڀنڀو ڀير ڀرن
سنهي ليڪ سيني تان ٿي سونهي سپرين
ڌريو لَڪ نراڙ ۾ ٿا چتونءَ چهنب چون
جا پيشاني پرين، تنهن ٻيو مڙوئي مات ڪيو
|