سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :21

65 – کاهڙ منجهه خوشيءَ مان، اٿئي اباڻا اڙٻنگ

ويٺا آهن ويڙهين ۾، منهنجا لاکيڻا للهنگ

من ۾ ماروئڙن جا، اٿئي ويڙهيچن جا وَنگ

الله جيڏو آسرو، اٿئي نرمل مٿي ننگ

تو پيءُ لڄايو پنهنجو، تو سومرا! ڪڍيو سنگ

وڇڙي آءُ وڳر مان، رويو ڪريان پئي رنگ

تون هيڏيون هلائون ڪرين، رڙندئي ڪوٽن مٿي ڪنگ

سي به ريهون راوَ ڪندا ويا، پالها ڪيو پلنگ

وُٺا مينهن ملير ۾، تڙ ڀريا آهن تنگ

وُٺا مينهن ملير ۾، ڏهر ڀريا آهن ڏنگ

وُٺا مينهن ملير ۾، چوپڙيون وڄائين چنگ

وُٺا مينهن ملير ۾، ربّ جا ٿيا آهن رنگ

ڏسان ڪنواريون ڪَس ۾، جيڪي ماٽ ولوڙين منگهه

جن جا جهوپا پاس جهنگ، تن جو اٿئي روز رسول تي.

66 – جن جو روز رسول تي، تن کي ڏهاڙي ڏيندو ڏاتار

عالم جن جي آسري، سو مڙني جو مهندار

اچي مدايون ميٽيندو، سونهارو سردار

محبت جا مونکي مارئي! اٿئي ڪنڍا منجهه ڪاپار

لڏائي اچان لاکيڻن کي، جيڪي ڌڻ واهي ڌنار

لڏائي اچان لاکيڻن کي، جيڪي ڳاڙها آهن ڳوار

آڻي ويهاريان اوڏڙا، جيڪي تنهنجا ڀِٽن ڀار (1)

وٺي اچان وطن مان، ساڻيهه منجهه سنگهار

محل ۽ ماڙين جا تون درس ڪر ديدار

لُڏج لال هندورن ۾، هيرا پائي هار

ملير وسارج مارئي! سهجان ڪر سينگار

جيڪي ويڙهيچا ولهار، سي مارو ملڪ مَٽي ويا.

67 – چئي: موٽي سي ملير مان، اُميد اٿم ايندا

ماروئڙا مون کي هتان وٺي سي ويندا

عمر ادا! تو وٽ ڇوري ڪين ڇڏيندا

ڪڍي ڪنگالڻ ڪوٽن مان، ننگ پنهنجو نيندا

وري وڃي وڳر سان، هُت گولي گڏيندا

مبارڪون ماڙ ۾، سي ڏوٿيڙا ڏيندا

کنڊون کير کاهڙ ۾ پنهوار پيئندا

تن پراڻن پڊن مان، لاکيڻا لڏيندا

پکا پيهيون پنهنجون، اوڏانهين اڏيندا

ڪوٺيندا ڪينجهر ڪنڌئين، مونکي سانگي سڏيندا

ويڙهه وٺي ويندا، مونکي ماروئڙا ملير ڏي.

68 – وري وڃ وطن ڏي، تون ڀيڻ، آءٌ ڀاءُ

وٺي وڃ ويڙهه ڏي، مارئي! منهنجي مااءُ

لڳو پِرين پار جو، ڪو وطن سندو واءُ

غم لهي گوندر ويا، جڏهن ويٺو اندر ۾ الله

وٺي ڏيان ويڙهيچن کي، جي هجي پنهنجي وس پساءَ

لاهيندو اچي لطف سان، جيڪي ڪيا اٿم غير گناهه

وڃي ڀڙي ٿي ڀِٽن ۾، تنهنجو شرم رکيو شاهه

جيڪي ميرا مون وٽ ٿيئي، سي لاکيڻا وڃي لاهه

سي ڌوئندا ڌڻار اُت، جيڪي سڄڻ سانگ ٿيا

وڃي ڏس سڳر سنگهارن جا، جيڪي مارو ٿر ٿيا

ڪيون پڪارون پنهوارن، سي مون سانگين سڏ سُڻا

مون تي هنگاما هئا، ڪي مارن جا ملير ۾.

69 – موٽي وڃان ماڙ ڏي، مون کي ڪلَهن سڏ ڪيا

منهنجا مِٽ ملير ۾، اٿئي ڏوٿيڙا ڏهيا

تون سڄڻ وٺي سانگ وئين، هِتي رَتا راڄ رهيا

گام وٺي گس ويا، ڪيئن وڳر ٿي وهيا

وَٺي ڀَريون ڀِٽن جون، ڪيئن لاکيڻا لهيا

ڇانگن مان ڇني آئي، تڏهن مون ٿي حاڪم هٿ هنيا

تن کي ساريندي سج ويا، جيڪي پئي تڙن تي تئيا

سي موٽي ايندم ملير ۾، ماروئڙا ۽ ميا

ويرين وڪوڙي جهليا، جيڪي ريلن ۾ رهيا

منهنجا سفر ويا اٿئي سانگي، سي ملندا ڇو نه ميان!

نڪي آيا پرونا پرين جا، هو الائجي ڪهڙي ڳالهه ڳَهيا

سرتيون سور سَهيا، مون ونهين ويڙهيچن جا.

70 – ونهين ويڙهيچن جا، اٿم اندر منجهه الهوٽ

سڪي ڏٺم سانگيڙا، تڏهن پيم وطن منجهه ولهوٽ

آءٌ اُڏامي هتي آيس، چڙهي مٿان چوٽ

اچي سکيا ڏٺم ساڻيهه ۾، گهونن پاسي گهوٽ

سي کاهڙ کيرائيون موڪليون، روئي ورهائيون روٽ

منهنجا پساهه پنهوارن سان، سي ڏٺم ڏوٿي رائو ڏهوٽ

آءٌ مليس تن سان، مولا بخش، نه ڪي قبوليم ڪوٽ

وَس چَري وريا، سي مارو کائي موٽ

ڄارين جا ڄاموٽ، سي مون ڏٺا اڄ ملير ۾.

71 – سورج شاخون ڪڍيون، ٿي راڻا هوءِ ۾ رهٽ

وُٺا مينهن ملير ۾، چَرن چوپيريون چَٽ

آءٌ ڇڇڪاريندي آيس ڇيلن کي، پڌرو وٺيو پَٽ

اتي وارو ورايم تڙ تي، ٿِي جهنگل منجهان جهٽ

ويئي ورت هٿن مان، لُڙ چڙهي ويا لٽ

ڏسي ڏيل عمر جو، ساهه کي آيم سَٽ

هو کنڀي هليو کوهه تان، نخرا ڪري نٽ

ڪوٽ به ڪارونڀار جا، اتي ڪارا ڏٺم ڪِٽ

ٿيم سنڀارون ساڻيهه جون، ڪيم ڦوڙائي ڦٽ

ڪيم آزيون عمر ڄام کي، تنهن ڍڪي موڪلي آهيان ڍٽ

اتي ڪن ڪچهريون ڪيچ ۾، مارو منهنجا مِٽ

عمر آندي مارئي، ٻيل کڻي ٻڪرار

سهسين ڪيائين سيگهه مان، ڪارڻ ڪوڏ ڪنوار

اچڻ سان ارزان ڪيئين، ٿيا تهتا طعام تيار

کٽون خوب خوشيءَ مان، هڱوريون هزار

طول وهاڻا تن تي، هئا سيج بندن سينگار

سهسين وڇائيون سوڙيون، بوين سان بسيار

ارزان ات عنبير ڪيا، هنڌن تي هٻڪار

ڪپڙا آندئون قيمتي، ٻيون ذاتيون زريدار

پٽ پٽيهر بافتا، سِر سالون ٻيا سينگار(1)

روا ڀيريئين روح تي، ٻيا سوئا ۽ سالار (1)

ڪچ ٻانڌڻو، ڪان پيرو، اکر ڪي ڪاروڪار

مينهن ٻڙ، مورپک، منجهن ٻگهه پسي سوڌار

اڪ ڦلڙي آورنگي، رنگ ڪمانگر ڪار

پاٽويا اکر مٿي، چنڊوليون چؤڌار

راس رتيون هيون ريٽيون، آهن هالاريون هزار

خاصي اکر کينهوڙو، اکر ڪار ڪي ڪار

پوشيدا پنج گُلا، سنجهي ٻڌ سينگار

ٻڌ ٻهون ٻيا ٻانڌڻا، آهن گج به گلزار

هڪڙا گل گلابي پٽ جا، ٻيا اڇا ڪاٺا ڪار

ڦڪا، نيلا پڌرا، آهن ساوا سال سينگار

سيو سبڻ واريون، ملوڪليون موچار

ڪوڏ ڀريائون ڪنجرا، ٻيون چوليون چهريدار

سائيون، ڳاڙهيون، سڦريون، ڇيٽون ڇڳيدار

صوفن سونهن سامان ڪيا، ڌڻيئون ڌونرسار (2)

زوري هن کي زربفت ڳڻايا، آئي عمر اپار

هڪڙو ڳاڻيٽو ڳهن جو، ٻيو ليکو ناهي شمار

زيور ذات ڀتيلا، آهن واهه گهڙيا وينجهار

هسيون، دهريون درس هيون، ٻيا چوڪا چندن هار

ڪٺالون سندن قيمتي، ٻيا تائٿ تنهين کان ڌار

نٿ، بولو، بي بهار، ڍولڻ چڱي ڍار

لُڙڪا دُهلا، دُرٻچا، ٻيون نسبيون ٿيون نروار

واهه جي والا گهڙيا، جهومڪ ۽ جهالار

سونيون سنگهرون سينڌڦل، ٻي ڇلن جي ڇمڪار

هٿين مُنڊيون حڪمتي، ڪنگڻ منگليون موچار

چوڙو آندو چوڙوي، ويڙهه واڍولا ڌار

سڳيون آيون سهج مان، ٻي پوپٽن جي پچار

ٻانهين آندئون ٻانهن رکي، ٻيا ڪتريا ڪهڙي ڪار

بيشڪ آهن بازو بند، ٻيا چوٽيءَ ڦل چوڌار

اڻوٽ آڱوٺيون هيون، ٻيا نُورا، ڪڙيون ڪار

مور نه پائي مارئي، توڙي هون ٽول هزار

سي هنڌ پَسيو حيران ٿئي، جنهين جو وڻن سان واپار

قيد نه ٿئي ڪنهن جو، ٻيهر شل ڪو ٻار

اوڍيندڙ انهين جا، ساٿيون سڀ ڄمار

سا ٿي آزيون ڪري عمر کي، رويو زارو زار

مونکي سندي مارئين، آهي تن ۾ تات تنوار(1)

تون ڪر ڪو خوف خدا جو، جو رازق رب جبار (1)

تون حاڪم آهين انهيءَ هنڌ تي، دنيا ديريدار

راجا تنهنجي روح ۾، ڪا آهي پرڻي پهه پچار

توکي سوين آهن، سانوڻ چئي، سوڍيون منجهه سينگار

بخشيندو بخشڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.

246 – جيم ئون پڙهي جاڳيا، سُتا ڪين سنگهار

ونهين ويڙهيچن کي، سنجهي نه ٿي سار

ڏوٿي هليا ڏٿ تي، وڏي ڪنهن ويچار

قسمت آنديس قيد ۾، آءٌ نماڻي نار

قسمت آنديس قيد ۾، مونکي تون نه مار

قسمت آنديس قيد ۾، واڳ منهنجي وار

مڙئي مون تان معاف ڪرين، بند بوجا سڀ بار (1)

آءٌ انهن جي آهيان، هو پنجئي منهنجي پار

حسن مير حسين جي، مون کي پلپل آهي پچار (2)

مديني جي مير جا، آيا ڪي اخبار

کڻنديس سنهن ساڻيهه ۾، ترت پڙهي تيار

ڏينديس ڏوٿيڙن کي، اهو وڃي اعتبار

ته عمر منهنجو ڀاءُ ٿئي، سائين لڳ ستار (3)

وڳر ۽ ولر کان، لنگهي پونديس پار (3)

هن سڃيءَ تي سانوڻ چئي، کڻي ڀرم ڪندا ڀار

ويچارا پنهنوار، عمر منهنجي آسري.

247 – ماروئڙن جا من ۾، حي ئون ٿيم هنبس

آءٌ ڪُسان پيئي قيد ۾، هت ويڙهيچن تي وس

باهه ڏيان تنهنجي بنگلن کي، مون کي اچي چڀڙن چس

مارن ۾ ماتام ٿيو، ڏسي ڪڪرن جا ڪس

هو نبي سر جون نامڪٺيون، جن گجرين ٻڌا گس

ڪڍ بندياڻي بند مان، تون رسول اچي رس

”جف القلم بما هو ڪائِن“ مالڪ ميٽيندو مس

تن سنگهارن وٽ سانوڻ چئي، لُلُر پڪا لس

اهو ڏاڏاڻن جو ڏس، مونکي سهڻي ۾ مليو سومرا.

248 – خي ئون نالو خدا جو، ادا ڙي عمر!

منهنجا ڪم ڪريم تي، ڪندو ڀيڻي ڀر

اکيون تن عجيبن لاءِ، ٿيون جال وهائين جر

ساڻيهه ۾ سُڪار ٿيا، وُٺا ڪي وِڏُر

ميگهن ۽ مينهن جا، آهن اوهيرا اَپر

”يٰايّها الذين آمنو و عمل الصّٰلحٰت“ سوين سجهن ٿا سر

ملڪ مارو مير جو، ٿورو نه ڀانيان ٿر

ملڪ مارو مير جو، وسيو ڪل وڳر (1)

ملڪ مارو مير جو، پڪو جهنگ جهر

ملڪ مارو مير جو، پڪو پارڪر

آڻين چاڙهين سومرا، منهنجا ميڙيو مَڪَ مَڃَر

آڻين چاڙهين سومرا، منهنجا بدون وٺي بر

آڻين چاڙهين سومرا، سائو ساڳ سڱر

آڻين چاڙهين سومرا، اها پنهوارن جي پر

ڪٿي ٿيون محل ماڙيون، ڪٿي ٿيا ڪينجهر

ڪٿي آئي آهيان ڪوٽن ۾، گهوڙن سندا گهر

توبھ توبھ ٿي ڪريان، منهنجي توبھ تنهنجي در

سنگهارن تان، سانوڻ چئي، آيو ڪو اوسر

آءٌ مران مر، شل ڏوٿين تان ڏڪار لهي!

249 – دال ئون درد دل ۾، مونکي اباڻن جو آهي

سوال ڪريئين ٿي سومرا، سو سڻي عمر اُنائي

ڪڍ بندياڻي بند مان، هي لوهه ڇڏ لاهي

آءٌ پلئو وجهئين ٿي پير جو، مونکي ڇڏ وطن ورائي

”ولا يحض على طعام المسڪين“ اهي کاڄ سڀئي کائي

وُٺا مينهن مارن تي، ڇڏيائين پلر پلٽائي

مارو رهن ملير ۾، هتي منهنجو ڇاهي

ڪڍ نماڻي نِيَرن مان، وڃي ڳڻ تنهنجا ڳائي

ڇيلا پاس ڇنن ۾، وڃي ولر ورائي

سوال منهنجو، سانوڻ چئي، من آگو اگهائي

آءٌ ملير ملهائي، ثابت ويندسئين سومرا!

250 – ذال ئون پنهنجي ذات جو، ظاهر ڪريان ذهن

ننگ ڇڏيائون نِيَرين، من ڪا ٻاجهه پئين

ڪربلا جي پڙ ۾، مون رات ڏٺي جا رئين

ڪربلا جي پڙ ۾، هئا حسن ۽ حسين

ڀيڙو تن ڀلارن سان، هو آڌر علي عين

چوٿون محمّد مصطفيٰ، آهي نوري سندس نين

مون سڃيءَ کي، سانوڻ چئي، ڦٽي ويا فين

پڙهي حج حرمين، آءٌ عيبن کان آجي ٿيان.

251 – ري ئون پنهنجي ربّ کي، آءٌ سڪيو ڪريان سوال

ته ڪڍ بندياڻي بند مان، جا جر وهائي جال

ساريو تن سنگهارن کي، پئي لڙڪ وهائي لال

آءٌ بندياڻي بند ۾، هت مارو چارين مال

سڱر سيڪيو سرتيون، ڪن ڳاڱين سندي  ڳال

ساري عمر، سانوڻ چئي، چوکي چوڙيلين جي چال

مارن وٽ مقال، منهنجي سدائين اٿئي سومرا!

252 – زي ئون ضد نه ڪر، آءٌ ٿي زاري ڪريان ساڻ زبان

موڪل ڏي ته ملير وڃان، رک مارئي جو مان

ڪڍ بندياڻي بند مان، ادا عمر! ڪر احسان

کڻي آئين کوهه تان، ڪري ٻانهياري ٻانَ

ساڻيهه سونهنديس، وطن وينديس، هت ڪڏهن ويهنديس ڪانه

ڪين وڻن ٿا ڪوٽن ۾، ري پهنوارن پڪوان

سرتين جي سور ۾، منهنجي جلي ويئي جان

ڪر ڪو خوف خدا جو، اڳيان اٿئي محشر جو مڪان

”ومن يعمل مثقال ذرتھ شريره“ اهو فائق جو فرمان

جت ڪورٺ ٿيندي ڪريم جي، اهو تل نه ڇڏيندو تان

مهابي محمّد مير جي، ڇٽندو جڳ جهان

پڙهي ڏس پرت مان، اهو ”فاذڪروني“ فرقان

سوڙهي ۾ سانوڻ چئي، شرم رهي شان

ٿي ميان مهربان، ته ملڪ پهچي مارئي.

253 – سين ئون سنگهارن جا، اٿم سيني منجهه سيل

کڻي آئين کوهه تان، ڪري ٻانهياري ٻيل

باندي وڌئي بند ۾، سا ڊوڙي پيئي ڊيل

مون ڪُٺيءَ ڪين قبوليا، جيئري تنهنجا جيل

هت وُٺا مينهن ملير ۾، کنوڻن لايا کيل

پلر پالوٽون ڪيون، وُٺو وچينءَ ويل

ويڙهيچن تي وسون ٿيون، گولاڙن ڪئي گيل

پيرون آڻين پاند ۾، ٻڌيو چوڙيليون چيل

سي ڪريو ويس وڏاندرا، طرح مکين تيل

تن سنگهارن سان، سانوڻ چئي، محمّد ڪندو ميل

هت ڦند ڪرين جي فعل، سي سڀ ڇڏيندين سڃ ۾.

254 – شين ئون شرم بچاءِ، ته شڪر ڪريان شادي

ڇني آئين ڇانگ مان، مون بند ڪيئي باندي

موڪل ڏي ملير وڃان، تون بادشاهه بنيادي

اٿم سڪ سنگهارن جي، آهيان مارن لئي ماندي

ستي رات سهڻي ۾، آيو پهنوارن پانڌي

خبر تنهن کاهڙ مان اباڻن جي آندي

ته وٺا مينهن ملير ۾، ٿي عمر آزادي

ڪر بندياڻي بند مان، تون حيدر پير هادي

آءٌ مران وڃي مارن وٽ، قريب ٿين ڪانڌي

پاڙي پاڪ رسول جي، وڃي پوان پيراندي

سڻي سڏ، سانوڻ جا، والي ڪندو واندي

ٿيان هُتي هيڪاندي، وڃي مارن وٽ ملير ۾.

255 – سڻ صادئون صدائون، تون صاحب سَگهيرو

موڪل ڏي ته ملير وڃان، هت دردن ڪيو ديرو

موڪل ڏي ته ملير وڃان، هت جلي ويو اٿم جيرو

مارن ۾ ماتام هو، ڪو صبح سويرو

سانگي منهنجا سنمک سهڻا، ڏين ڦڙيءَ مٿي ڦيرو

کِلندم کاهڙ واريون، هتي منهن ٿيم ميرو

سورن مئيءَ تي، سانوڻ چئي، اڏيو آهي آکيرو

ڀرم سندو ڀيرو، ڏوٿي ڪندم ڏيهه ۾.

256 – ضادئون مونکي دل ۾، آءٌ وڃان شال وطن!

قيد مونکي ڪنبايو، آءٌ وڃان ويڙهيچن

سڪ به اٿم سومرا، مونکي ساريو سنگهارن

وُٺا مينهن ملير ۾، ٿيا پلر پهنوارن

ٿي ساوڪ ساڻيهه ۾، کڙيا کاٽونبن

پڪا ڏونرا ڏيهه ۾، ٿيو ڏٿ به ڏاڏاڻن

ملڪ مڙيئي مڃر ٿيو، ڪڍيا گل به گولاڙن

”اِن الذين ڪفرو بعد ايمانهم“ اهو توڻ توشوڪن

ٻي ملڪيت ناهي مارن وٽ، اهو روز به رفيقن

قادر منهنجي قسمت ڪر، الله اباڻن

روضو پاڪ رسول جو، آءٌ چُمان ساڻ چشمن

سچي سڪ، سانوڻ چئي، وڃي ٿيان اوڏي عجيبن

ڍوليا ڍڪ ڏين، مرڻ ويل ملير ۾.

257 –عمر عين اڪير، اٿم ونهين ويڙهيچن جي

وينديس ويڙهيچن ڏي، ڀڃي ڪوٽ ڪبير

برهه جي بوندن جي، هينئڙي لڳم هِير

لوهن لوڏي آهيان، واءُ چڙهي جيئن وِير

ڪوٽ جهليندم ڪينڪي، تنهنجا زيل زنجير

نِيرَ ويندا ناس ٿي، ڪندو محي الدين مير

سُڄي ٿو ساڻيهه ۾، پنهوارن جو پير

ملنديس ماروئڙن کي، ميان! منجهه ملير

ڏيندو سوڀ، سانوڻ چئي، مون کي فتح ساڻ فقير

مونکي حب حمير، آهي مديني جي مير جي.

258 – غين ئون مون کي غمن، آهي مارن جي ماريو

جن سان هيج پائي هليس، سرتين تن ساريو

ڇيلا پاس ڇَنن ۾، اچن ولرڙا واريو

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، اچن چوڙيليون چاريو

موهر ملڪ مارن جو، اٿئي نماڻي نهاريو

روئان ويٺي رت ڦڙا، هَنجهون هِت هاريو

قيدن منهنجي قلب ۾، ٻارڻ آهي ٻاريو

ڏوٿين ڏٺي ڏينهن ٿيا، هت گهنگهر مون گهاريو

سورن مونکي، سانوڻ چئي، آهي سبق سيکاريو

مونکي ڏاتر ڏيکاريو، روضو پاڪ رسول جو.

259 – في پئي فڪر ۾، مون ماري ڇڏيو ماس

مارن جي ملڻ جي، مونکي اندر منجهه اداس

لاهيان ڪيئن لڱن تان، لوئيءَ جو لباس

ويڙهيچا وطن ۾، وٺن وڻن جو واس

انّ جي انهن کي، بوءِ نه وڻي باس

جهڻ پين، جهنگل رهن، جن وٽ مڏي ناهي ميراث

جڙي تن لاءِ جنت ۾، روضو ٿيو راس

قادر ڀڃندو ڪوٽ ڪڙا، تن جا نير ٿيندا ناس

مون سڙيءَ جو سانوڻ چئي، تو ڪيو ڪونه قياس

اٿم تانگهه تلاس، وطن جي وڃڻ جي.

260 – قاف ئون هت قيدن ۾، آءٌ ڪڙهي ٿيس ڪاري

ڦٽو نصيب مون نڀاڳيءَ جو، تڏهن بند پيم باري

عطر کان اُچي ڀانئيان، آءٌ وطن جي واري

ٿڌا ريٽ ٿرن جا، هت تنهنجي بنگلن باهه ٻاري

وڻن ڪين وجود کي، تنهنجا هنڌ هٻڪاري

بيگناهه بنگلن ۾، هيءَ مسڪين اٿئي ماري

هُت وُٺا مينهن مارن تي، ڪئي بادل بهاري

ساڻيهه ۾ سڪار ٿيا، ڪئي مينهن ملاري

ڏونرا پڪا ڏيهه ۾، ڪئي گلن گلزاري

موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڪر صاحب سرداري

ڇيلا پاس ڇَنن ۾، ٿا چَرن چوڌاري

”فمن يجادل الله عنهم يوم القيٰمتھ“ ڪر ترت تياري

ڪر ڪو خوف خدا جو، ظالم ڪر زاري

جت ٿيندي ڪورٺ ڪريم جي، ايندا سمن سرڪاري

خزانا ويندئي خاڪ ۾، اهي ڪوٽ ڪفاري

سڪ اٿم، سانوڻ چئي، ڪندو محمّد موچاري

سڀ هيرا هزاري، سڙي ويندئي سومرا!

261 – لام سڻي لُولَهٽ، ڪر مون بنديءَ جو بِلو

قبر ڪاري، آهي انڌاري، اتي هلندين هيڪلو

اها آهي راهه رباني، جت هلو ڙي هلو

ڌن ڇڏيندين ڌوڙ ۾، جنهن جو اٿئي ٺاٺ ٺلو

”المال والبنون زينتھ الحيات الدنّيا“ ڪم نه ايندئي ڪوٽ قلعو

سورن جو، سانوڻ چئي، جت ٿيندو زلزلو

جهانگي ٿيندم جهلو، اچي ساڻيهه منجهه سومرا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org