151 – ماڻهن اچي مارئي کي، چٽي ڳالهه چئي
ڇو ٿي وِجهلين ويڙهيچن لاءِ، رهه ماٺ ڪري ويهي
هي مال خزانا تنهنجا، اٿئي ماڙيون مڙيئي
ٻانهيون توکي، ٻروچ چئي، ڏيان سومريون سڀيئي
پرچائي اچان پلاندن سان، مارو مڙيئي
اچي ويهن اوڏڙا، توکي سانگي سڀيئي
اُهي مرضيون مڙيئي، تنهنجو سڀ رکندو سومرو.
152 – سڀ رکندو سومرو، تون منهنجي سڻ خبر
جنهن جا مِٽ ملير ۾، ٿاريلا ٿيا ٿر
تنهن کي سک نه اچي سومرا! هنن ريءَ هيڪر
مون ڏٺا ڏاڏاڻن ڏي، ڪالهونڪر ڪڪر
اُٺا آهن مِينهن ملير تي، مونکي ڏني آهي کنوڻ خبر
هاڻي ڇوڙ ته ڇيلا چاريان، ڦوڳن پاسي ڦر
اٿئي نانءُ الله جو، پلئو اٿئي پرور
ايندئي ملڪ الله جا، پڇندئي سڌ خبر
پڙهي ڏس پنهنجا، داناءُ تون دفتر
تڏهن حڪم هلندئي ڪونه ڪو، ويندو وٽ ڇڏي سڀ ور
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، سڻي سڏ سڌر
وڇڙيو منجهان وڳر، تن کي سک نه اچي سرتين ري.
153 – مڃ مارئي! منٿ منهنجي، تون پير پلنگن پاءِ
سلامت تنهنجا سپرين، آڻي ڏيندئي الله
راضي ٿي، رند چئي، مونکي ڪين رنجاءِ
ڳوڙها ڳل نه پاءِ، ويهه ماٺ ڪري ماڙين ۾
154 – ماٺ ڪري ماڙين ۾، ڪيئن وڇوڙيون ويهن
رمز ڪنهن سان، رند چئي، ٿيون ستيون سِل رکن
جن جي مهڙ ملير ڏي، سي ڀلي وت وڃن
ڪين ٻڌيون سون ڪڏهن، ڪڙيون ساڻ ڪَنن
آمر کڻي آندي آهيان، قضا اتي ڪوٽن
بدين جا، بچايو چئي، مهڻا مُڪا مارن
سامون رکن ٿا سومرا، سي حاڪم هيئن نه ڪن
تون جهنگئون جهلي آئين، ائين نه اشرافن
جنهن جو پهت پَکن سان، تنهن کي ڪوٽ ڪڄاڙو ڪن
نيئرن ۾ نماڻيءَ کي، ڪوهه وڌئي قيدن
تون راجا، اسين رعيت، ائين ڪين ڪجن
ڪڏهن ٻڌيون سين ڪينڪي، ههڙيون حاڪمن
سا مون سردارن، سڀيئي پرَتئي سومرا!
155 – ماندي ٿي نه مارئي! هيڻو ڪر نه حال
وري ايندئي ويڙهه کان، مارو ڪاهي مال
اٿئي نام الله جو، سُڻج منهنجو سوال
آءٌ به تنهنجي حسن تي حيران ٿيس، نه ته ڪونه ٻيو هو ڪال
هار پائي حال، تون راضي ٿي رضا ڏي.
156 – راضي ٿي رضا ڏيڻ، اهو وڙ نه ويڙهيچن
ڪيئن وساريان ويڙهيون، سڱر ساهيڙين
پيتُم پِس جنهن سان، چِڪن منجهه چُرن
سي دم نه لهن ٿا دل تان، جهوپا جهانگيڙن
ڏني ڏاڏاڻن، سا لوئي لاهينديس ڪينڪي.
157 – عمر اوٺي آئيو، جنهن ڏني خوب خبر
ته چارين ٿيون چوڙيليون، ڦوڳن پاسي ڦر
ولا ڏيو ويڙهه تي، ڏين ڀٽن مٿي ڀر
سور تن سانگين جا، مونکي هيئين منجهه حشر
وڻن ڪين وجود کي، توڙي هجن ڪوٽ قصر
لاهين بند، بچايو چئي، پرچائيان پنهور
هتان ڇڏين هيڪر، ته وري وڃان ويڙهه کي.
158 – وري وڃان ويڙهه کي، سدا وسن سنگهار
اُٿارين آڌيءَ جو، مينهون اچي ميهار
اُٿارين اَسُر جو، ڳئون اچي ڳنوار
پهرائين پرهه جو، ٻڪريون اچي ٻڪرار
اُڀرئي سج اُٿارين، رڍون اچيون ريڍار
انهيءَ ريت، رند چئي، منهنجا سرها آهن سنگهار
ويچاريءَ جا وار، مارن ريءَ موڙهه ٿيا.
159 – عمر! اوٺي آئيو، منهنجو کاهڙ مان خاطي
محبت انهن مارن مان، لاهوتين لاتي
لڏي هو ڇڏي ويا، شل هجين حياتي
مونکي سُڌ سنگهارن جي، سڀئي ڏي ساٿي
وري ايندم ويڙهه ۾، ڪي ٿيا مڙيئي مماتي
مِلي هن ملير کان، سا هئي پنهوارن پاتي
بدن تان بچايو چئي، هنن لوئي ڪين لاٿي
خط کڻي خاطي، منهنجو پهچائج پنهوارن کي.
160 - عمر! اسان جي ڏيهه تي، سانئان ساماڻا
ٿيو ڏٿ ڏوٿين لاءِ، مکڻيون مانڌاڻا
چونڊيو اچن چوڙيليون، ڪانبي منجهه ڪَٺا
سور تِني جا سومرا، مونکي سڀئي ساماڻا
لاهج بند، بچايو چئي، وڃي ڏسان ڏاڏاڻا
جن سان منڊل مانڊاڻا، سي ڏوٿي مون کي ڏور ٿيا.
161 – رات ڏٺو اٿم خواب مون، سومرا! سُهڻو
ٻُڌان ٻڪرارن جو،ن ٿِي تڙ تي تنوارون
سُڻان سانگيڙن جون، ڪَنين ڪوڪارون
بَرن ۾، بچايو چئي، ٿيون چَهڪارين چَڙيون
جن سان جيءَ جڙيون، سي رات ڏٺا اٿم، رند چئي.
162 – رات ڏٺا اٿم، رند چئي، جن لاءِ سڪي ساهه پساهه
حاڪم ٿو هلائون ڪرين، عمر! ڀانيائين ڀاءُ
پيءُ پنهنجو هڪڙو، هئي ماٽيجي ماءُ
ورهيه لنگهيا آهن ڪيترا، ٻيا سوين سن لنگهيا
ڪونه ٻڌوسون ڪڏهن، ڪو ڀيڻ پرڻيو ڀاءُ
خوف نه ڪرين خالق جو، جنهن جوڙيو جڳ خدا
خلقيائين ساري خلق لاءِ، مٺو مصطفيٰ
ٿيندو ڏينهن قيام جو، ماڻهو جتي مِڙندا
ڇڏائيندو ڇيهن کان، اچي احمد شاهه
حڪم نه هلندو حاڪم جو، توڙي هجي بادشاهه
توڙي قاضي هجي قضا تي، توڙي هجي دنيا ۾ دارا
ته به بات نه هلندي، بچايو چئي، توڙي هجي سڪندر شاهه
رکي مراڙي من ۾، توريندا تورا
ٿيندو سڏ صباح، اتي ڪندي سانءِ ڪانهرو قيام جو.
163 – وَنهين ويڙهيچن جي، محبت ٿي ماري
وَنهين ويڙهيچن جي پيئي آهيان پناري
مونکي سِڪ سنگهارن جي، آرهڙ اونهاري
چوکا چاڙهين ڪينڪي، جيڪي آڻين اُڌاري
قابو ٿيس ڪوٽن ۾، تڏهن ويٺم وساري
ڪڍيو مُنهن ماڙيءَ مان، پيئي ٻَڌل ٻيڪاري
مون بندياڻيءَ کي، بچايو چئي، من پنهوار پُڪاري
سرتيون سينگاري، مَن مونکي نِينَ ملير ڏي.
164 – وِنهين ويڙهيچن جا، مون کي پهه پيا
وَنهين ويڙهيچن جا، مون پئي سڏ سُئا
ڪين ويهنديس ڪوٽن ۾، پائي ويس وڳا
پائينديس پنهوارن سان، ساڻيهه منجهه سڳا
ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، عمر ڙي ادا!
تون سان سڱ سومرا! ڪڏهن ڪين ڪندا
راضي ٿي، رند چئي، سائين! سُڻ صدا
لاهوتي لڏا، کاهڙ ڏي کڻي ويا.
165 – وَنهين ويڙهيچن جا، مونکي پَهه پيا
ڪالهه ويٺي هيس ڪوٽ تي، مون پئي ڏوٿڙا ڏٺا
لَڏيو، هُو ڇڏيو، ويا روئندا، ويا رُٺا
تڏهن مونکي به ماٺ نٿي اچي ماڙين ۾، جو ناهي منهنجي ڪوٽن منجهه ڪَٽا
چونڊيو اچن چوُڙيليون، ڪيو سِڱرن سندا سَٿا
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، حضرت پير! هِتان
پنهوارن پکا، ماڳهين اڏيا ملير ڏي.
166 – وَنهين ويڙهيچن جا، مونکي پون ڏهاڙي ڏس
وَنهين ويڙهيچن جا، مٿان گوندر گس
ونهين ويڙهيچن جا، وَڳ چَرن پيا وَس
سونهن سنگهارن کي، هيئين مٿي هَس
ڪين ويهنديس ڪوٽن ۾، جيئري هونديس جيڪس
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، هي نماڻي ناقص
ڪلهونڪو ڪَس، مون ڏٺا پنهنجي ڏيهه ڏي.
167 – وَنهين ويڙهيچن جا، اٿئي ڀٽن تي ڀاڻا
وَنهين ويڙهيچن جا، اٿئي ٿَر مٿي ٿاڻا
ڪين جَٽينديس ڪوٽن ۾، اٿم سانگي سِيباڻا
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، لاهي نيئر نماڻا
پنهوارن پاڻان، مون ڏي ماڻهو موڪليو.
168 – ڏٺا پنهنجي ڏيهه ڏي، مون سانگي سينوڙا
مارُن جي مٿي تي، اٿئي مُرٽ جا موڙا
ڪاهي آيا ڪوٽ ۾، قولين ٿيا ڪوڙا
ٻانهياريون ٻانهن ۾، وجهن پيون چوڙيليون چوڙا
اُهي ڇُڙي ڇَتن مان، ننڍي جا نورا
سڀئي راضپا رند چئي، ڪيا پنهوارن پورا
ماڙيچن مورا، ڪوٽ قبوليا ڪينڪي.
169 – ٻڌان شل ٻڪرار جي، ڪَنن سان ڪوُڪار
اَڌ لوئي انگ تي، اَڌ ۾ ڏونرن ڏار
پهرائين پَٽن تي، اُٿيو ڌڻ ڌنار
ويهن ڪين ڪوٽن ۾، جي ويهن پَکن ۾ پهنوار
منهنجي باب، بچايو چئي، ڪو لکيو لکڻهار
سنگهارن سنڀار، منهنجي ڪوٽن ۾ ڪانه لڌي.
170 – اَڌ لوئي انگ تي، اڌ ۾ ڌوڙ ڌڌل
ڏوٿي وڃن ٿا ڏٿ تي، اٿيو ان مهل
ميڙيو اچن مَلڪ ملير مان، آڻين ڪنهن اٽڪل
سرتين ڌاران سومرا! منهنجو اندر ڪري اُڇل
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، جهليئي ڪهڙي جهل
هيڏا خان خلل، تون راجا! ڪر نه رعيت سان.
171 – آڻين چاڙهين سومرا، ماروئڙن جو ماڳ
آڻين چاڙهين سومرا، سرتيون ڪن سهاڳ
آڻين چاڙهين سومرا، سڱر پٽيو ساڳ
بي ڏوهياڻي، بچايو چئي، ڏنئي ڪوهه ڏهاڳ
جت محشر ٿيندو ماڳ، تِت سڌيون پُڇندئي سومرا!
172 – آڻين چاڙهين سومرا، سانگي ڪن سِٽا
آڻين چاڙهين سومرا، ڪوري جن ڪٽا
آڻين چاڙهين سومرا، ڪن چانورن جا چَسڪا
پَٽيون اچن، بچايو چئي، کاٽونبا کٽَا
جن جي ڪرڙن تي ڪٽا، سي چانور چکين ڪينڪي.
173 – آڻڻ چاڙهڻ سومرا، ماروئڙن جو مَرڪ
”الف“ جني جي انگ ۾، سي وارين ڪين ورق
پڙهي باب، بچايو چئي، لاهج سڀئي شڪ
هميرن حرف، اصل پڙهيو الف جو.
174 – راجا! رعيت سان ڪرين، تون هيڏا هُل حشر
مڙيئي ويا هئا مال سين، پهري هوُ پنهور
نه ته مارينئي ها مُڪن سان، ٻروچ چئي ٻيهر
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، تون سومرا سڌر
جنهن جو قوت ڪرڙ، تنهن کي ڪوهه وڌو اٿئي ڪوٽ ۾.
175 – مون ڏي ماڻهو موڪليو، قاصد ڪالهونڪر
ڇيلا رات ڇُڙي ويا، ڦوڳن پاسي ڦر
رهجي ويو آهي روح ۾، ڪو ڏوتين کي ڏمر
هُو به لَڙي ويو لَڪن ۾، منهنجو لاکيڻو لَٻر
قيدن ڪئي آهي ڪاهلي، ٻيا پاسن ۾ پٿر
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، هيءَ پلئو اٿئي پرور!
ڏاڍي ساڻ ڏمر، حاڪم هلندي ڪونه ڪو. |