سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :11

 هو ملير آءٌ ماڙئين، مون کي ڄاڻ نه ڪيائون ڄاڻي 190

پيئي آهيان پرديس ۾، آءٌ غريب غيباڻي

وساري ويهي رهيا، مون ناحق نماڻي

آءٌ ته هيس انهن جي اِيل ۾، پر نه آيا سِيل سڃاڻي

ماڙيون ڏسي ڪيئن مَٽيان، آهي پريت پراڻي (1)

عمر! تنهنجي اڱڻ جو، آءٌ پيان نه پاڻي

ڪيئن آندئي قيد ۾، ڪوٺي ڪڙمياڻي

ناحق آڻي نيئر ۾، ڪيئي قيدياڻي (2)

تنهنجي بادشاهيءَ کي باهه ڏيان، جا ناهي مون ماڻي

منهنجا ڪم ڪريم تي، ٿيندم سوڙهيءَ ۾ ساڻي

سڻج سڏ، سانوڻ جو، سچا سهواڻي!

سرور! سانگ رسائيين، آهيان ڇانگئون ڇناڻي

مون کي سِڪ سومرا! اڄ ڪا آهي اباڻي

منهنجو سڱ سنگهارن سان، آءٌ مارو مِٽياڻي

وري وينديس ويڙهه ڏي، اها پهري پراڻي

ونهين ويڙهيچن جي، اٿم سِر تي سُهڃاڻي

هُتي حرفياڻي، متان ٿيان ماروئڙن سين.

 

191 – هو ملير آءٌ ماڙئين، ڏس مون ڀُليءَ سندو ڀاڳ

قضا آنديس ڪوٽ ۾، نهوڙي نڀاڳ

قضا آنديس ڪوٽ ۾، ملڪ ڇڏي ۽ ماڳ

مارن تي مينهن وُٺا، مون ڏکيءَ ڏينهن ڏهاڳ

ويڙهيچن تي وَسون ٿيون، ٿيو سَت ڀَتيرو ساڳ

لُلر لاڻي، پَلر پاڻي، ڪڍيو مربڙي مُهاڳ

رڌين ڏاڍيءَ ريت سين، ڏيو دوديريون داڳ

ماکيان مٺو ڀائنيان، سو لوڻڪ سندو لاڳ

رويو رفيقن جا آءُ مال ڏسان ميهاڳ

سڻي سڏ سانوڻ جا، جيلاني! تون جاڳ

گيلاني! تون غور ڪر، توتي ڪُل پيرن جي پاڳ

منهنجا ڪم ڪريم تي، من وطن واري واڳ

مون نماڻي نصيب ٿئي، موٽي مديني جو ماڳ

روضي اڳيان رسول جي، آءٌ چُمي ڪريان چاڳ

سَتيءَ کي سهاڳ، ملندو ڏينهن محشر جي.

 

192 – هو ملير آءُ ماڙئين، منهنجي ڪل لڌايون ڪين

پيئي آهيان پرديس ۾، مسافر مسڪين

مِٺِي مَڪَ ملير جي، چوڙيليون چونڊين

 (1)مون جيڏيون ملير ۾، پيون ڦوڳن هيٺ ڦَڪين

ونڊين ورڇين پاڻ ۾، مون ڏي مُٺ نه موڪلين

آڻيو آسروند کي، ڏوٿي نٿا ڏين

اهي حرف حساب جا، تن ٿاريلين تي ٿين

بند بندي آهيان، ٻي ڪنڌ ساريان ڪين (2)

ڀڃ ڪڙولا ڪوٽ جا، تون ڀلا بهاء الدين!

اٿم سچي سڪ، سانوڻ چئي، توڏانهن يار يقين

ميران محي الدين! مون کي ڀلا ميلج ڀرم سان.

 

هو ملير، آءُ ماڙئين، اڄ لاڳاپا لٿا (1)193 -

قسمت آنديس ڪوٽ ۾، پنهوارن پٿا

ڏوٿي هليا ڏٿ تي، کڻي کرڙ کٿا

پُڳا پاڙيچين جا، ڏهرن منجهه ڏٿا (2)

وُٺا مينهن ملير ۾، ٿيا ساڻيهه منجهه سَٿا

مٽو اَنّ سوهر جو، ڳاهيو ڪن گٿا

آءٌ سڪان ٿي ري سومرا! مون کي مارو نين نٿا

سُرهي ٿيندي سانوڻ چئي، حاڪم تو هٿان

آئي مُند مٿان، مارن جي موٽن جي (3)

 

194 – هو ملير آءٌ ماڙئين، مون کي اچي نٿو آرام

مٺن ماروئڙن جي، هئين لهي نه هام

ڏوٿين ڏٺي ڏينهن ٿيا، ڪي ورهيه پيا وچام

سرتين ساهيڙين لئي، هينئڙو مست مدام

هُت ڏونرا پڪا ڏيهه ۾، گُجرين ڪيا گدام

وڻن ڪين وجود کي، تائب تنهنجا طعام

قسمت آنديس ڪوٽ ۾، اچي سرڻ پيس سام

قسمت آنديس ڪوٽ ۾ پنهنجا گهر ڇڏي گام

آءٌ انهن جي آهيان، ڪوٺي ڪوهه ڪندام

آءٌ انهن جي آهيان، هو سڳا سيڻ سندام

آءٌ انهن جي آهيان، سي ڏوري اچي ڏسندام

آءٌ انهن جي هٿن جي، ڪا ڄاول هيس ڄام

حَسن مير حُسين جي، آءٌ داوَن پيس دام

سدائين سانوڻ چئي، جيڏيون سارين حام

منهنجو مڙهه مقام، اُتي سَتين پُرئين اٿئي سومرا!

 

هو ملير آءٌ ماڙئين، ڏس آگي جي عبرت 195

مُند ڏسيو مارئي، روئي ويٺي رت

نڪو اوٺي آئيو، نڪا خبر خط

نڪو اوٺي آئيو، نڪا ڪوٺ قرابت

نڪو اوٺي آئيو، نڪا عدالت

نڪو اوٺي آئيو، نڪا ميڙ منٿ (1)

ونهين ويڙهيچن کي، سڱ نه ننگاوت

ونهين ويڙهيچن کي، سڱ نه سڱاوت

انهي مرم ماري آهيان، مهڻن ملامت

سام پرتئي، سانوڻ چئي، هي پاڙي جي پورهيت

سومرا! سَنَتَ، شايد منهنجي ناهي مارن تي.

 

196 – هو ملير آءٌ ماڙئين، کڻي الله ڪيس اِيئن (2)

هو ڀيرا ڏين ڀِتن، مون حال وڃايا هيئن

نڪو آيو پيغام پرين جو، نڪو نياپو نينهن

نڪو سلام، نڪا سوکڙي، نڪا سوپاري سِنيهَنَ

مارو مال ڪاهي ويا، شل خير هجين کيئن

تن ونهين ويڙهيچن تي، وُٺا ميڙائي جا مينهن

اُهي ته اوکيءَ ويل ايندام، اڻ ڪوٺيا اِيئن

منهنجي دل مارن ڏي، مَن ڪو ڀيرو ڪن ڀيئَن

عمر! منهنجو ڀاءُ ٿئين، تون هاڃا ڪر نه هيئن

ڏوٿي منهنجا ڏور ٿيا، سانگي ويا سيئن

هو ڪالهوڪا ڪاهي ويا، ڀاڳيا ڇڏي ڀيئن

مون سُڃيءَ سان سانوڻ چئي، تو ڪلفت وڌي ڪيئن

ڳڻيان ويٺي ڏينهن، مارن جي ملڻ جا.

 

هو ملير آءٌ ماڙئين، قادر! ڀڃ ڪڙيون197

وڃي کايان کٿيرين سان، ڳاڱين جون ڳڙيون

پوڃاڙيءَ جو پَٽن تي، چينگهاڙين چڙيون

 ساريو سانگيڙن کي، منهنجو ڪري روح رڙيون

سدا سنگهارن جون وسن ماڳ مڙهيون

سدا سنگهارن جون وسن وانڍڙيون

سرتين سان سانوڻ چئي، پنهنجون ڳجهيون ڳالهڙيون

گهاريندي گهڙيون، ويئي وهامي راتڙي.

 

198 – هو ملير آءٌ ماڙئين،  ڪريان زبانان زاريون

ستئي پيڙهيون سومرا! منهنجو ڪجا نا ڪاريون

آءٌ بي وسيلي بند ۾، هو وسيلن واريون

سونهن مارو ملير ۾، پکي پنهواريون

ڪالهونڪر ڪوٽن ۾، ڪريان ڪوڪاريون

سڏ منهنجا سانوڻ چئي، من ٻڌن ٻانهياريون

ساريندي سنگهاريون، مري وينديس ماڙئين.

 

199 – هو ملير آءٌ ماڙئين، ڪهڙو ڏٺئي ڏوهه ڪلام

پرين ڌاران پرديس ۾، اچي نه آرام

ٻڌنديئي ٻول ٻري ويا، ڪئين مچ مٿام

سوز ساڙي، آهيان ماري، دل تي داغ دکيام

چهڪ چوري، هليا پوري، کوري اندر کام

ڏوٿين جي ڏوراپي کان، موڪل ڏي پنهنجي مام

هي جا ڪُٺي، پيئي مُٺي، اچي سومرا! تنهنجي سام

سونهن ڪين سنگهارن سان، منهنجا رنج رسام

نبي سر جون نام ڪٺيون، دائيون سُجهن دام

”انعمت عليڪم و اني فضلکم علي العٰلمين“ ڪندو مهر مٿام

سڻج سڏ، سانوڻ جا، تون علي شير امام!

متان محشر مَٽئين، آءٌ لڳيس تنهنجي لام

مون کي محمّد ڄام! ڪَلمي سان ڪوٺائين.

 

200 – هو ملير آءٌ ماڙئين، ڪير ٿيندم ڪانڌي

عمر اوٺي آئيو، اڄ پرين جو پانڌي

ڪَل اباڻي پار جي، اصل تنهن آندي

ٿيم تانگهه تن ۾، آهيان مارن لاءِ ماندي

لاهي نير مون نماڻي تان، والي! ڪَر واندي

ميندي جا ملير جي، مون هٿن تي آندي

سا ٻوڙيان ڪيئن ٻوڙ ۾، لهي جا ويندي

اٿم آس الله ۾، ته وطن آءٌ ويندي

کاٽونبا کاهڙ جا، کلي سان کِيندي

وڃي پاڙي پاڪ رسول جي، پيراندي پوندي

”فقال لهم رسول الله ناقتھ الله“ وڃي چوڙيلين چوندي

سڄو هٿ، سانوڻ چئي، وڃي ڏاڏڻن ڏيندي

سا هِت ڪيئن ڪٽيندي، جنهن کاهڙ ۾ کيٽ پڪا.

 

  اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ خان کڙيو201

ونهين ويڙهيچن سان، منهنجو آلاڪو اڙيو

ونهين ويڙهيچن سان، منهنجو جيءُ جڙيو

مُرٽ، مانڌاڻا، مکڻيون، آڻين چوڙيليون چڙهيو (1)

ڏوٿي آڻين ڏٿ کي، ڇنڊيو ۽ ڇڙيو

ڏسيو ڏيهاين کي، ڳوڙها پون ڳڙيو (1)

ويٺي آهيان وجود ۾، اهو گهاٽ گهڙيو

سانگين ۽ سنگهارن لاءِ، آءٌ روئان رت رڙيو (2)

تن سنگهارن مان، سانوڻ چئي، لنگهندي ڪو نه لڙيو (1)

پنهوارن پڙهيو، مون کاڻيءَ سندو ختمو.

 

 اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڳچيءَ ڳاٽي202 202–

ڪلهي ڦاٽو ڪنجهرو، ڦوندا ٿيو ڦاٽي

آڻين چاڙهين سومرا، ڍٽ منجهان ڍاٽي

آڻين چاڙهين سومرا، ٻاجهه ڀري ٻاٽي

آڻين چاڙهين سومرا، لُلر ۽ لاٽي (7)

آڻين چاڙهين سومرا، پاڇي نه ڪن پاٽي

آڻين چاڙهين سومرا، جهڻ پين گهاٽي

 (1)آڻين چاڙهين سومرا، ڪَن چوئي چپاٽي

جهانگي رهن جهڻ تي، آءٌ آهيان سورن سوراٽي

تن سنگهارن جي، سانوڻ چئي، هڪ منڌي ٻي ماٽي

آئي آڳاٽي، ڪا تار انهيءَ جي تڙ تان (2)

 

204 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڪن ڀُرٽ ڀڙو

ڏٺم ڏوٿيڙن جو، مُرٽ مٿي ميڙو

ڇا مُلهه، ڇا محنت، ڇا پنڌ، ڇا پانڌيڙو

قيدن ڪٺي آهيان، ڪيو سورن سانگهيڙو

قيدن ڪٺي آهيان، لهي بند بکيڙو

قيدن ڪٺي آهيان، وڌو اٿم ويرين وڇوڙو

ڪسي هن ڪوٽن ۾، منهنجو حال ٿيو ههڙو

سنگهارن جو، سانوڻ چئي، ڇُٽي من ڇيڙو

جهانگين سان جهيڙو، وڃي ڪنديس ويڙهه ۾.

 

205 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ ڳچي ڪن ڳاني

موڪل ڏي ملير وڃان، جتي منهنجا جاني

ونهين ويڙهيچن لاءِ، آهيان ارماني

ونهين ويڙهيچن جي، ٿي موڪ هلي ماني

ونهين ويڙهيچن جي، مون کي قرب هنئي ڪاني

ونهين ويڙهيچن جي، آهيم سِر تي سهڃاني

ونهين ويڙهيچن مان، آندئي ٻانَ ڪري ٻانهي

ونهين ويڙهيچن جو، آهي حرف حقاني

آءٌ انهن جي آهيان، هو منهنجا شريڪ شاني

آءٌ انهن جي آهيان، هو منهنجا جگر جاني

مون ڪٺيءَ ڪين قبوليا، تنهنجا کهنبا خزاني (3)

مون ڪٺي ڪين قبوليا، تنهجا مڻيا مرجاني

مون ڪٺي ڪين قبوليا، تنهنجا ڪوٽ ڪفراني

سڻي سڏ، سانوڻ جا، تون جاڳج جيلاني!

تون آهين گيلاني، مون کي جيئري گڏين جيڏئين.

 

206 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ گوڏ غريبت

جهڻ پين، جهنگل رهن، ڪن گلا نه غيبت

سچي اٿن سومرا! پنهنجي نبيءَ ڏي نيت

ڪين اچي ٿي ڪوٽن ۾، منهنجي جيءَ کي جميعت

ساهه منهنجو ساڻيهه ۾، هتي مڙهه ميت

ڏوٿي منهنجا ڏهيرا، هلن حال حليمت

پيئي آهيان پرديس ۾، تون ڏي والي وسعيت

سام پرتئي، سانوڻ چئي، ڏس شرع شريعت

تون راجا، اسين رعيت، اهو سڱ نه سونهي سومرا!

 

207 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، سي کاٽونبا کين

اٿيو آڌيءَ رات جو، مون کي سرتيون ئي سڏين

آءٌ ستي آهيان ڪينڪي، ستي سڏايان ڪين

آءٌ ستي ناهيان سومرا! ستي ناهي زمين

آءٌ ستي ناهيان سومرا! مون کي نال نٿا نين

ماروئڙا ملير ۾، مون کي ڌاري ڪيو ڌڪين

مارو مون کي ملير ۾، ڇوري ڪيو ڇنين

مارو مون کي ملير ۾، لَنڊي ڪريو ليکين

(1)ماروئڙا ملير ۾، مون کي ڪٽي ڪيو ڪوٺين

ماروئڙا ملير ۾، مون کي ڏک ڏوراپا ڏين (1)

آءٌ به آهيان انهن جي، مون کي ڇڏيندائي ڪين

”لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم“ من سڱ نه سڃاڻين

 (1)محابي ماروءَ جي، مون کي مانَ مرهين

سورن جا، سانوڻ چئي، مون تي عيب اوڍين (2)

اوءِ ننگ ڀريون ٿا نين، آءٌ بي ننگي آهيان بند ۾.

 

208 – اڌ لوئي جو انگ تي، اڌ مولهاٽو مٿي

آڻين چاڙهين سومرا، ويهن کرڙ کٿي

ڏوٿي وڃن ڏٿ تي، اچن آڌي اُلٿي

ڪُل وڌائون ڪانبن ۾، سائو سڱر سٿي

مارئي لاءِ ماتام هو، سانجهيءَ سج لٿي

کڻي آئين کوهه تان، راجا تون رٿي

وَٿ پرائي ڏيهه جي، ايندئي ڪم ڪِٿي

ڇڏ ته ڇيلا چاريان، منهنجو جيءُ جٿي

سام پرتئي، سانوڻ چئي، منهنجي لڄ مٿئي

لوئي پانڌ لٿي، متان ٿيان ڪاڻياري ڪوٽ ۾.

 

209 – اڌ لوئيءَ جو انگ تي، اڌ ۾ آ ڪاهه

آڻين چاڙهين سومرا! سِيل وڏي ساڃاهه (3)

ونهين ويڙهيچن جو، آهي ويس مٿي ويساهه

ونهين ويڙهيچن جو، آهي پوش پناهه

ڏوٿين کان جا ڏيج ملي، سا لوئي تون مَ لاهه

ڏوٿين کان جا ڏيج ملي، سان سانگي ڏيندم ساهه (4)

کٿيءَ جو، خاصخيلي چئي، شرم رکندو شاهه

عمر! ڀايان اکين تي، مون کي مارن ڪئي مباح

سوڙهي ۾ سانوڻ چئي، ٿيندو حامي حضرت شاهه

جنهن جو پکن منجهه پساهه، سا ڪين ويهندي ڪوٽ ۾.

 

210 – اڌ لوئي جو انگ تي، اڌ ۾ ڪانبا ڪيائون

سانگي منهنجا سکيا ٿيا، مڃر ميڙيائون

ڀِني رات ڀٽن تان، ڇيلا ڇوڙيائون

سنت پاڪ رسول جي، پڙهي پاريائون

حسن مير حسين کي، سنجهي ساريائون

ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ولر واريائون

ڏوٿين ڏاڍا ڏينهن لاٿا، مون کي ماريائون

سڙي مران، سانوڻ چئي، سِگهي نه ساريائون

ڪُنن ڪاڙهيائون، هُو پتيون ورهائين پاڻ ۾.


(190) کان (192)ظ، ل، هه ۽ بچو کور (تعلقو حيدرآباد). (1) ر: ماڙيون ڏسي موٽي ويا، ڪئي پرين پڄاڻي (2) ر.

(195) ظ، ل ۽ صالح محمد سمون (ڪراچي) ۽ عبدالرزاق (تعلقو روهڙي). (1) ر.

(196) ظ، هه، بچو کور (تعلقو حيدرآباد) ۽ قاضي نور محمد (تعلقو هالا). (2) هه: هو ملير آءءٌ ماڙئين، مون سان الله ڪيو ايئن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org