سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :8

 60ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، ميا منزل ڪن

جبل ٿو جاڙون ڪرين، آءٌ ڏَڌي ساڻ ڏکن

پهڻن پير پٿون ڪيا، ريلا ڪيا رتن

ناحق مون نڀاڳيءَ سان، ڪئي جاڙ جتن

سڃ ڪري ويا سسئي سان، هئي ٻانهي ٻاروچن

تڏهن روئندي وتي رندن تي، گولي منجهه گسن

هيس جوڳياڻي جن لاءِ، ماريس محبوبن

ڪِٿ ڄائي، ڪِٿ نپائي، ڪِٿ رُلي منجهه رڻن

اها برائي بخت جي، ڪونهي ڏوهه ڏيرن

پنڌ ڪندي پساهه ڏيان، آءٌ اڳيان عجيبن

”من الذين آمنوا سبيلا“ من سڱ به سڃاڻن!

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، هوت به هٿ رکن

سي ڪيئن سک سمهن، جيڪي گهوريون گهوٽ پنهونءَ جون.

 

61 – ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، ٻيا واٽن ۾ ئي ور

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڪري سانگ سفر

هِت ڇوري ڇڏي، گوندر گڏي، ويا ڪري ڏير ڏمر

هاڻي ڪيئن پهچان پنهونءَ کي، اڳيان باري سجهن بر

هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻيا ڇوتا ڪندو ڇپر

ڪنديس ڪشالا ڪيچ جا، گهوري پنهل تان گهر

آءٌ پٿون ڪنديس پاڻ کي، مون سان ساٿي ناهي ثمر

جبل ٿو جاڙون ڪرين، تون ڪهڙي انگ اکر

مون کي ناهي سانگو ساهه جو، وينديس دوست پنهونءَ جي در

ڏونگر ڪير ڏوري، پر آيو اِلاهي امر

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، لهندم خان پنهون خبر

ڦوڙائو فڪر، ڏيئي ويا اٿم ڏيج ۾.

 

62 ستي خواب خيال ۾، آڌيءَ جو آيو

پساهه پرين پيٽ ۾، ساهه ڪيو سعيو

لڳي ڪنجي قلب کي، ٿيو روح سندو رايو

اڄ به عجيبن جو، نياپو نه آيو

مديني جي مير کي، مون اکين اکايو

مديني جي مير ڏي، مون کي هادي هلايو

مديني جي مير جي، مون کي چانئٺ چمايو

پاڙي پاڪ رسول جي، مون کي پانڌي پهچايو

ويهي ڪيئن وڃايان، هتي عمر اجايو

پاڙي واريون پاڻ کي، مور نه لڄايو

عاشق منهنجي اچڻ لئي، قاصد ڀڄايو

سوال منهنجو، سانوڻ چئي، ڪيو سائين سجايو

واڄٽ وڄايو، پنهون جي پرڻي جو.

 

63 – پنهون توکي پرتي آهيان، هوت! تو ۾ حقدار

ڪامل ڌڻي ڪيچ جو، تون آهين دنگ به دنيادار

پنهون تنهنجي پاڙي ۾، پورهيا ڪنديس پار

پنهون تنهنجي پاڙي ۾، ٿينديس ٻانهي ٻهاريدار

ڏيئي بک ڀنڀور ۾، مون مٺيءَ کي نه مار

تو وٽ خزانا خير جا، تون سدا شاهوڪار

تو وٽ خزانا خير جا، تون اڙين جو آڌار

تون وٽ خزانا خير جا، تون ڏيهن جو ڏاتار

تو وٽ خزانا خير جا، صوبو تون سردار

تو وٽ خزانا خير جا، آهين سخي تون سالار

هاڙهي وندر وچ ۾، تنهنجا وڻج هلن واپار

سون رُپي جي، سانوڻ چئي، تو وٽ پُرس! وهي ٿي پار

مون اگلي کي اُجار، نيئي پاڙي ڇڏ پانهنجي (1)

 

 64 محبت جي مرض جي، ٻيلي ناهي ٻُڪي

سورن سانگهيڙا ڪيا، هيئين تي هَٽڪي

هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻيو چوڻو پيم چُڪي

جانب ڏني جان تي، بُک سندي بجڪي

داڻا هن درد جا، مليا متقي

هول جي هيئين جا، سي اُٿيا اُڌڪي

هاڙهي وندر وچ ۾، لڳي پئي لُڪي

سورن ۾، سانوڻ چئي، ويو ساهه سُڪي

محبوبن مُڪي، ڪا مهماني موت جي.

 

65 – سنجهي ساٿ لڏيائون، مون ڏاگها ڪين ڏٺا (1)

مون ڀيري ماٺ ٿيا، هو ڪڻڪيا ڪين ڪُٺا

لڏينندي ليڙن کي، پيا بَرن منجهه بَٺا

هٿئون جنين هوت ويا، سي ڀلي پٽين منهن مٿا

مون تي سور، سانوڻ چئي، آهن وهاڻيءَ وُٺا

اديون! اڻ ڏٺا، مون ستي سور پرائيا.

 

66 -  سنجهي ساٿ لڏيائون، ڀينر! ڏيئي ڀيرو

آڌيءَ اُٺ اٿي ويا، ڏيئي فڪر جو ڦيرو

هينئون منهنجو هن لاءِ، کامي ٿيو کيرو

ويو ڊاهي هوت هٿن سان، مون ڏکيءَ جو ڏيرو

هاڙهي وندر وچ ۾، ڏسان پنهونءَ جو پيرو

سڙان ٿي، سانوڻ چئي، منهنجو جلي ٿو جيرو

سو ساجن سويرو، مون کي هوت ملندو حب ۾.

 

67 – سنجهي ساٿ کڻي ويا، هو لنگهي وئڙا لَڪ

سسئيءَ کي سڃ ۾ ٿيا ٻه – ٽي ٽاڻا ٽَڪ

عشق منهنجو آب وڃايو، هئم ويران: وير وڌڪ

پسان پاڙي وارين کان، ڌڪن مٿي ڌڪ

هيڏي هوت ڪري ويا، هاڃي هڻي حق

هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻي اندر ۾ اُڊڪ

 هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻي آءٌ نماڻي ننڌڪ (1)

هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻي جا ڊوڙ ڊڪ

ساهه تي، سانوڻ چئي، پوري ناهي پڪ

ڦوڙائي جا ڦڪ، ڏيئي ويو هوت هٿن سان

 

68 – سنجهي ساٿ کڻي ويا، هو پهر نه جاڳيا پل

هلندي ڪا هوت پٺيان، جهاڳي جر جبل

سورن جون، سانوڻ چئي، تون هاڙهي سامهين هل

ڪيچين جا ڪر ڳل، سسئي تنهنجي سر تي.

 

69 – هئي هئي هيئن نه ڄاتم، ته ههڙي ڪندا هت

ڇڏيندا ڇپر ۾، سمهڻ جي ساعت

ماري مونجهه من کي ٿي عشق جي البت

ويهڻ منهنجو وِهه ٿيو، اُٿڻ نه آٿت

ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، پُران ڪهڙيءَ پت

سورن جو، سانوڻ چئي، ايڏو نه هئم اَت

هاڻ برهه جي برڪت،ملان مانَ محبوب کي.

 

70 – پنهونءَ جي پرڻي جا، آيا خلاصا خط

پنهون جي پرڻي لاءِ، روئي ويٺي رت

جادو جنهن جي جان ۾، جڙ هڻي ويو جت

سسئيءَ کي، سانوڻ چئي، ٿيا سورهن ڏينهن ست

وڃڻ وائي وات ۾، ٻي ڳالهه نڪا ڳت

مديني جي مير ڏي، منهنجي قادر ڪر قسمت

پٺيان وينديس پنهونءَ جي، اجاري امت (1)

جنهن جو نينهن نبيءَ سان، سچي سيل سنگت

اهو ساٿ سلامت، قادر ڪيچ رسائيين.

 

 71 ڪيچئون آيا ڪيچ ڌڻي، جت زوراور ذات ميان

ٻي پڇائي، آيا ڪاهي، ويا چوري ڪري چات ميان

ٽي نه پروڙيم ٻولي، سندن بلوچي برو ”ڦازان“ بات ميان

چوٿين چوري، ويا زوري، ساٿي ڏوري ڪيچين لاءِ قلات ميان

پنجين رويو رند نهاري، هنڌ پسي پرڀات ميان

ڇهين ڇلي، ڇپر هلي، جنهن کي رڻ پئي رات ميان

ستين سور، سُڃَ ۾ روح، پسي ورونهه، ڏير ڏيئي ويس ڏات ميان

اَٺين اوري، ڏٺئين ڏوري، ساٿي ووڙي، ڪيچين لاءِ ڪريو رات ميان

نائين نهاري، هنجهون هاري، ووءِ ووءِ ڪري وات ميان

ڏهين ڏکوئي، محبت موهي، جنهن من ماري ڪيو مات ميان

ڪارهين ڪَهي، سا ڪيئن رهي، جنهن کي ساڻيهه ٿيو سوالات ميان

ٻارهين ٻاروچا، ڳوليئين پنهنجا، آهن اَهنجا، لڪ لڪيون لڪات ميان

تيرهين تاڻي، هلي نه ڄاڻي، جنهن کي ڪيچي چاڙهي ويا ڪات ميان

چوڏهين چاڙڪا، ڏنئين آڙيڪا، سڀ سريڪا، سڏ ڪري سڪرات ميان

پنڌرهين هوت گڏيس بلوچ، جنهن نگ سڃاتس ناته ميان

پلئو هيس پاڪ ميان، سورهينءَ جو، سانوڻ چئي.

 

 72هت نه ڳول هوت کي، مُٺي نه وڃ مهند

تو بري بنائيو، ڇپر ڏسي ڇند

پڇيائين پئي پنهون جا، ڪهڙا پار پنڌ

پوري رک پرينءَ سان، سندي طلب تند

تو ۾ ديرو دوست جو، توکي خلقيو خاوند

سچائيءَ کي، سانوڻ چئي، پري ناهي پنڌ

ڪڍي غير گند، پوءِ پڇاءِ پنڌ پرين جو.

 

73- پنهون مون کي پرڻجي، لاٿي جت جُکي

مهند هيس مائٽن ۾، سورن کان سکي

ڪا ڪيئون ڪونه پرايم، آهيان ڏينهون ڏينهن ڏکي

ڪانڌ بنان ڪافن ۾، آءٌ رلي ٿيس رُکي

حيف منهنجي حال کي، ڏيرن آءٌ نه ڏکي

سورن ۾، سانوڻ چئي، پيا داڳ دکي

ڀنڀوران بُکي، شل ڪيچ ڏي ڪامَ وڃي!

 

74 – بولو هوند ڀڃان، مون کي ڏانوڻ نٿا ڏين،

هاڃي ۾ هڻيو ٿا پارس پنهون نين

ڪيچين گڏيس ڪينڪي، من گهگهيريون گڏين

هن سڃيءَ کي، سانوڻ چئي، ٿا وهاڻيءَ وڍين

اوڏا مان اڏين، ته اڱڻ ڏسان انهن جا

 

75 – بولو هوند ڀڃان، مون کي جهالر ٿي جهوري

ڳهه پائينديس ڪينڪي، آريچن کان اوري

دعا ڪريو ڙي جيڏيون، ته ڏونگر ڏسان ڏوري

سر به صدقو، سانوڻ چئي، گهوٽ مٿان گهوري

گهڻين ڏينهن  ٿوري، لڏي وڃان ڏيهه تن جي.

 

76 – بولو هوند ڀڃان، ڪاوي منجهه کڻي

ويا ميخ محبت جي، اڄ هينئڙي منجهه هڻي

ڀنڀا وار ڪلهن تي، اڄ چوٽا پيم ڇڻي

ٻارينديس ٻاروچل لئي، برکؤن باهه کڻي

تن سنگهارن جي، سانوڻ چئي، مون ويهي ڳالهه ڳڻي

ٻه ٽي پير کڻي، مان تڏي وڃان تن جي.

 

 77بولو هوند ڀڃان، ڪريان ڳهه ڳارا

هڪڙي آڳ اندر ۾، ٻي ٻري ٻاهرا

خاطر پڙهڻ ختما، قرآن سيپارا

سڀ رڱايم، سانوڻ چئي، ڪيچين لئي ڪارا

هاڻي اوٺي اوڀارا، رات نه رهن هڪڙي.

 

78 – بولو هوند ڀڃان، ڏيان موتيءَ ڏند

ٻانهيون ٻيڙا ٻاريان، ڇنان بازو بند

انهيءَ ساهه“ سانوڻ چئي، رويو پڇان رند

پري ڪري پنڌ، هاڃو هوت هڻي ويا.

 

79 – اٺئي پهر اُداس ۾، دل سڪي ۽ ساري

تازا پير پنهونءَ جا نڪريو نهاري

سوڙها لڪ، سانوڻ چئي، مون کي آري اُڪاري

مديني ماري، پيراندي پرين جي.

 

80 -  اٺئي پهر اُداس ۾، جئي جت لاءِ جلي

ڏينهن تتو ڏونگرين، هيڻي ٿيو هلي

اهي سور، سانوڻ چئي، ڪنهن سان ڪين سلي

ملي سا ملي، ڀوري بلوچن کي.

 

81 – اٺينءَ رات اُٿي ويا، ڪئي ڏيرن ڏنگائي

ڪين مٺيءَ جي ڪن پئي، تن جي وڃڻ جي وائي

جيڪا سِٽ سٽي آيا، ڪيئون پوري سڀ سائي

مون سڙيءَ کي، سانوڻ چئي، ماري جدائي

جيڪا سِر آئي، سان مِٺي ڪري مان ڀانيان.

 

82عشق منهنجو آب وڃايو، هئس اڳي البيتي

ڪانڌ ڇڏي ڪانه ڪا، مون ۾ سرت سُچيتي

مروٽي محبت، ڪيس نينهن نبيتي

مون کاڻيءَ کان کيتي، ڪهڙي ٿيندي ڪيچ ۾.

 

83 – سسئي جي سر جا ٿيا، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي

عيبن کان آجي ٿي، وهمن کئون واندي

پسڻ خاطر پِر ڏي، منڌ گهڻي ماندي

سورن ۾ سانوڻ چئي، هيءَ ايرادي آندي

پنهل پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿئي.

 

84 – هئي هئي هيئن نه ڄاتم، ته هيڏي هوت ڪندا

ڪري قصد ڪمينيءَ کان ليڙا لڏيندا

اُٺن جهُلون لاک جون، ويا ٽئونرن ساڻ ٽلندا

سار نه ٿي سسئيءَ کي، ويا جڳ کي جاڳائيندا

تاڙون تن توڏن جون، ويا ڇپر ۾ ڇُلندا

ٻيهر ٻاروچا اچي کٽياڻي کڻندا

پاڻ اچي پڙهندا، جل سين جَت سسئي تي.

 

85 – الف اکر هڪڙو، سسئيءَ ڪيو ثمر

ٿي گهوري گهوٽ جي، ڪشي ٻڌائين ڪمر

پيرين اگهاڙي پنڌ گهڻو، ٻيو سٽاڻو سفر

روئندي رتيون رت جون، ڪندي ويئي هل حشر

محبت هيس من ۾، ڪين ڇڏيائين پنهون جي پچر

”و هو خير الحٰاڪمين“ اهو آگي جو اَمر

سورن جا، سانوڻ چئي، هئس دل مٿي دفتر

ڪندي ڏيرن تي ڏمر، وئي پٺيان ڄام پنهونءَ جي.

 

86 – بي ئون بلوچ ويا، مون سان ڪئي برائي بخت

ور وٺي ويا ولهيءَ کان، تاج منهنجو تخت

چوريءَ رات چڙهي مون کان، ويا ڪهڙي وقت

ڪيچي قطاري هليا، ڪرها منجهان ڪست

سڌ پوي ها سور جي، ته ڪريان ها بندوبست

لکيو هو لوح محفوظ ۾، اِهو انگ الست

عشق آريءَ ڄام جي، مون کي ڪيو مست

سورن جا، سانوڻ چئي، چڪيا چهڪ چست

هي دڙا ۽ دشت، مون کي بخت کڻي ڀيٽائيا.

 

87 – تي ئون هليا تڪڙا، توڏا تنواري

سسئي ڇڏي سڃ ۾، ويا مٺيءَ کي ماري

بغدي اٺ بلوچن جا، ويا ڪرها قطاري

محبت مچ مجاز جا، ٻارڻ ويا ٻاري

هڻي نائڪ نينهن جي، ويا ڏکن ۾ ڏاري

گس پڇيو گولي، پيئي ٻانڀڻ ٻاڪاري

نڪا واٽ وندر جي، هنجهون روز هاري

”والله عليهم بذات الصدور“ تُرهي انهيءَ تاري

حسن مير حسين جي، آءٌ پونديس پناري

واعدو ”والسَوف“ جو، من پنهل پنهنجو پاري

سوڙهي ۾، سانوڻ چئي، ايندو ننگ به نهاري

هيءُ گوندر گذاري، ٿيندي هيڪاندي هوت سان.

 

88 – ثي ئون تنهن سسئيءَ کي، سنجهي ٿيا آهن سور

ڪيچي اُٺ ڪاهي هليا، ماري ويا معذور

آڌيءَ اٺ اٿاري ويا، مون کي پلٽي پيا آهن پور

پنهل وٺي ويا پاڻ سان، ڌُران ڪيائون دور

هاڻي ڪيئن پهچان پنهل کي، ٿيو ڏسڻ کان ئي ڏور

مون پياديءَ کان پنڌ نه ٿئي، آءٌ چڪي ٿينديس چور

پهڻن پير پٿون ڪيا، ڪيچين ڪيو ڪلور

سورن جا، سانوڻ چئي، مون کي اندر منجهه انبور

هوتاڻو حضور، ڪامل ڏسان ڪيچ ڌڻي.

 

89 – جيم ئون تن جتن لاءِ، ڪريان هُل حشر

پنهون نيائون پاڻ سان، ڪهڙي سانگ سفر

ڇوري ڪري ڇڏي ويا، هو آڌيءَ رات اسر

هاڻي پيرين پيادي پنڌ گهڻو، ڏسڻا پيا ڏونگر

واقف نه آهيان، ڪيئن وڃان، آيو مون تي اَمر

مون نڀاڳيءَ جي نصيب ۾، لکيو انگ اکر

مري مانَ موچاري ٿيان ڇوتا منجهه ڇپر

سورن ۾، سانوڻ چئي، منهنجو جلي ويو جگر

دوست پنهونءَ جو در، ڏسان ته ڏک لهي.

 

90 – حي ئون هاڙهي هليا، مون کي ڪانه پيئي ڪَل

پنهون نيائون پاڻ سان، منهنجو ٻڌي ويا ٻاروچل

چوريءَ رات چڙهي ويا، ڪري هَلو هَل

وهايان پئي وِرهه جا، ڳوڙها مٿئون ڳل

ڦاٽي من ڦارون ٿيو، جيءَ ۾ اٿم جَل

اٿم آس الله ۾، مَن پنهون ملي پل

سورن جا سانوڻ چئي، اٿم سيني منجهه سَل

ننگ سڃاڻي نرمل، قادر مون کي ڪيچ رساءِ.

 

91 – خي ئون خبر پئي ها، هوتن جي حقيقت

ته مهارون جهلي ويهان هامين جون، پرمون کان ويئي مت

پنهون نيائون پاڻ سان، جيڏيون! منهنجو جت

چوريءَ رات چڙهي ويا، ڏيئي ليڙن تي لت

هاڻي ڏسيو پير پنهونءَ جا، روئان ويٺي رت

آءٌ ٻانهي هيس ٻاروچل جي، ڪاپاڙي جي پورهيت

قادر مون کي ڪرائي، ڪيچين سان قربت

”اطيع الله واطيع رسول لعلڪم ترحمون“ منهنجي پري اچي پت

روضي پاڪ رسول جي، روز وسي رحمت

سچي اٿم، سانوڻ چئي، پنهنجي نبيءَ وٽ نيت

مانَ وڏي محبت، هلي ڏسان هوت پنهون کي.

 

92 – دال ئون منهنجيءَ دل تي، دود پيا دکن

لڳو پاند پنهون سان، تڏهن ڏکويس ڏکن

سسئي سور پرايا، ڪئي بُرائي بلوچن

پنهون نيو پاڻ سان، جاني منهنجو جتن

هاڃي منجهه هڻي ويا، چهڪ پيا چڪن

ڪيئن ڳوليان ڪانڌ کي، اڳيان جبل جاڙون ڪن

پيرين اگهاڙي پنڌ گهڻو، ٻيا ويري واٽ وڙهن

اٿم آس الله ۾، ٿيان هيڪاندي هوتن

”اِن عصيت ربي عذاب يومِ عظيم “ ڪندو ميلو محبوبن

سئو ڪوهه تي سُجهن، پکا پنهونءَ ڄام جا.

 

93 – ذال ئون ظلم ڪري ويا، ڪيچي مون سان ڪال

ڏيئي باهه ڀنڀور کي، مڏيون ساڙيان مال

ٿيان ٿي گهوري گهوٽ پنهون جي، هيڻو وٺيو حال

سا رڙهي چڙهي روهه تي، جر وهائي جال

روئندي وتي رتيون رت جون، زاريون ڪندي زال

قادر مون کي ڪيچ رساءِ، ڀلا! ڪر ڪو ڀال

منجهي من ماندو ٿيو، جيءُ پيو اٿم جنجال

نڪا واٽ وندر جي، اڳيان سجهي مِرن جي مقال

سڙي مران، سانوڻ چئي، مون سان قدرت ڪيو ڪمال

جلوو ۽ جمال، پنهون وٺي ويو پاڻ سان.

 

94 – ري ئون روڄ مچائيو، سسئي سويرو

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڦند ٻڌي ڦيرو

ور وٺي ويا مون ولهي جو، گهوٽ ڏيئي گهيرو

هاڻي ڏهاڳڻ سڏيس ڏيهه ۾، منهن ٿيم ميرو

سينو مون ڏکيءَ جو، جلائي ويا جيرو

ڏکن منهنجي ڏيل تي، دردن ڪيو ديرو

ڪيئن ڏونگر ڏوريان، پنهون جو پڳ ناهي پيرو

مرون انهيءَ ماڳ جا، کيندا مون ٻانڀڻ جو ٻيرو

”اِنڪ على صراط مستقيم“ ڪندو ڀرم سندو ڀيرو

سڙي مران، سانوڻ چئي، ڏيئي ويا ڇاتيءَ تي چيرو

مون ڏهاڳڻ جو ڏيرو، ڪامل وسائيندو ڪيچ ڌڻي.

 

95 – زي ئون زور ڇڏي ويو، منهنجا هيڻا ٿيا هڏ

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، رکي ليڙن تي لڏ

پرهه پوڪارون، ڪيم ڪوڪارون، ساجن سُئو نه سڏ

مون کي ڇڏي ويا ڇپر ۾، گولي نه نيائون گڏ

آءٌ جيئري ناهيان جهان ۾، جهڙو مُئل مَڏ

روئندي وتان رندن ۾، هڻي ويا کاڻيءَ کي کڏ

جبل مون جڏيءَ جي، تون ڇيڙ کڻي ڇڏ

سورن جي، سانوڻ چئي، اَجها پنهنجي اَڏ

لاڳاپا لاهي لَڏ، ته سيڻن پهچين سسئي.

 

96 – سين ئون مون سسئي جو، سانگو نه ڪيو سيڻن

گهوڙا گهوٽ وٺي ويا، نيڻ ٽمايان نيڻن

هاڻي ڏهاڳڻ ٿيس ڏيهه ۾، ماريو انهن مهڻن

ڦاٽي من ڦارون ٿيو، منهنجو نيو لعل پنهون ليڙن

ڏونگر وتان ڏوريندي، پيس ڌڪن ۾ ڌيڙن

سُڌ ناهي سسئيءَ کي گهٽن ۽ گهيڙن

سورن ۾، سانوڻ چئي، پيئي جهڄي منجهه جهيڙن

منٿون ڪندي ميڙن، اگهان در عجيبن جي.

 

97 – شين ئون شڪ پوي ها، ته پنهون ويندم پري

ته ڪين سمهان ها سيج تي، سرتيون! سک ڪري

ويساهي ويا ولهيءَ کان، جت به جاڙ ڪري

آڌيءَ اُٺ اُٿاري ويا، ڪيچي قهر ڪري

هاڻي جيئڙو مون جڏيءَ جو، ٻاروچل لاءِ ٻري

وساري ڪيئن ويهان، منهنجي ساعت ڪين سري

ڪري ڪشالا ڪيچ جا، ڀلي منڌ مري

”تعبدون من دون الله“ اچي ويس ازل جي آري

آءٌ ڪاهيو وڃان ٿي ڪيچ ڏي، من اچي پنهون پير ڀري

مون سڃيءَ تي، سانوڻ چئي، من ڪيچي ڪهل ڪري

هيءَ ڳڻتين منجهه ڳري، هوري هوت پنهون جي.

 

98 – صادئون منهنجو سينو، ويا جت به جلائي

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، منهنجو ور به ويساهي

پنهون وٺي ويا پاڻ سان هت منهنجو ڇاهي

ستي هيس سيج تي، پيچ پنهل سان پائي

منهنجو ٻاروچل ٻڌي ويا، لاڳاپا هتان لاهي

بغدي اٺ بلوچن جا، ويا ڪرها هتان ڪاهي

هڻي نائڪ نينهن جي، ويو لئون ٻارچو لائي

ڪيئن ويهان ڪانڌ ري، سينو هت ساهي

ڪريان ٿي پنڌ پنهون لاءِ، آءٌ وندر واجهائي

”و من يطيع الله ورسولَھ“ من محب ملائي

سورن جو، سانوڻ چئي، ويا آهن دود به دکائي

وڌي ننگ به نمائي، ٻانڀڻ هوت ٻروچ سان.

 

99 – مون کي عين اندر ۾، ڪوهيارو هڻي ويو ڪير

روئان ويٺي رتيون رت جون، نيڻين وهايو نير

وندر ويو اٿم ولهو، هڻي چهڪ اندر ۾ چير

ٿينديس جو ڳياڻي جتن لاءِ، فالون پائي فقير

روئندي وتان رندن ۾، دانهون ڪندي دلگير

اٿم حب هينئين ۾، پنهون ملائيندم پير

”ان ربڪ يعلم انڪ تقوم ادنى“ توڙ پڄائيندم تقدير

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، سيّد لنگهائيندم سير

هي نينهن سندا نظير، آءٌ چونديس ڄام پنهون کي.

 

100- غين پئي غمن ۾، آءٌ غريب ٿيس غرق

پنهل سان پاتم پيچ، ويم ڪيچ، واري هتان ورق

ڏينديس باهه ڀنڀور کي، تاڙا ڏيئي ترڪ

دوا انهيءَ درد جي، ڦڪي ڪري نه فرق

واري جا وندر جي، ڪاري آهي ڪرڪ

سورن ۾، سانوڻ چئي، آهي مرڻ منهنجو مرڪ

برهه ٻاري برق، جيجل! تن جتن لاءِ.

 

101 – في ئون آهيان فڪر ۾، اٿم آري جي اداس

ڳري انهيءَ ڳڻتيءَ ۾، مون ماري ڇڏيو ماس

ڇڏي ويو ڇپر ۾، ڪونه ڪيائون قياس

ماري ويو معذور کي، پنهون ڏيئي پياس

هي بندي رولي برن ۾، ويو لالڻ ڏيئي لباس

هيس راڻي راڄن سنڌي، پر نينهن ڪيس ناس

”و نحن لھ مسلمون“ مون کي باهه لڳي باس

ڪڏهن ملندم ڪوهيارو، تن جي لهندي تاس

سورن ۾، سانوڻ چئي، آءٌ ننڍي ٿي نپياس

ڄاپي آءٌ ڄاياس، تڏهن لکيو انگ آري سين.

 

102 – قاف ئون منهنجي ڪيچين سان، اچي دل اڙي

جيڏيون! جانب جت سان، هيم جيءَ جڙي

ڇڏيا ويا ڇپر ۾، گهاريان ڪيئن گهڙي

ڇڏي ويا ڇپر ۾، آءٌ ٿيس ڪيچين کي ڪڙي

ڇڏي ويا ڇپر ۾، آءٌ روئان رت رڙي

منهنجو ڪوهيارو ڪيچ ويو، آءُ وينديس چوٽ چڙهي

چڙهي ڏونگر چوٽئين، وينديس لڪن تان لڙي

”يــٰس والقرآن الحڪيم“ منجهان پرت پڙهي

پنهون ساريندي پنڌ ۾، ڳوڙها پيم ڳڙي

سڄي عمر، سانوڻ چئي،آءٌ رهيس سورن منجهه سڙي

اهي ٻول ٻڙي! مون ٻڌا ها ٻاروچل سان.

 

103 – لام وتان ليلائيندي، آءٌ لڪ جهليو لامون

سيڻ سنڀري هليا، هڻي ڪرهن کي ڪامون

چپ ڪري چڙهي ويا، نڪو هُل هنگامون

ڏيئي ويا باهه برهه جي، هاڻي کوري منجهه کامون

جي ٿين پر پنهل لاءِ، ته آيل اُڏامون

بلائون کائين برن جون، آءٌ تائب ٿيان طعامون

سڙي مران، سانوڻ چئي، اهو سور ٿيم سامهون

هن هيئين سنديون هامون، ڪين پلجن پنهون ري.

 

104 – ميم ئون ماري هليا، رکي من مدي

ڪانڌ نيائون ڪڇ مان، منهنجو ٻاروچل ٻڌي

ڇڏي ويا ڇپر ۾، گولي هيءَ گندي

جتن مون سان جاڙون ڪيون، ڏکن آءٌ ڏڌي

پوي ڏس پنهل جو، ته وجهان وک وڌي

ماري ويا معذور کي، ڪري ريءَ ردي

ڳوڙها وهي پيا ڳلن تان، ڪري نيڻ ندي

”الم يجعل ڪيدهم“ ڪيائون ڪانه ڪنڌي

اهي سور، سانوڻ چئي، پيا انهي باب بندي

پوءِ ڪيچين لاءِ ڪندي، واڪا وندر وچ ۾.

 

105 – نون ئون مون نصيب ۾، لکيو الستي انگ

مون کي ڇڏي ويا ڇپر ۾، دوست ڪري دنگ

ڇڏي ويا ڇپر ۾، چاڙهي مون کي چنگ

ڇڏي مون ڇپر ۾، ڏير هڻي ويا ڏنگ

تڏهن روئندي وتان رندن تي، مون کي وره وڌا ونگ

آءٌ روئندي وتان رندن تي، مون سان جبل نه ڪر جنگ

آءٌ پو رهيت هيس پنهل جي، پر نينهن نه سڃاتو ننگ

ماري ويا مسڪين کي، هڻي تراڙيون تفنگ

چانگ چاري، ڪرها قطاري، ٻڌي ويا توڏن تي تنگ

ميا مهري، پيا پهري، روڏا ڪري رنگ

آءٌ واجهايان پئي وڻڪار ۾، جهليو پنهل جا لنگهه

آءٌ سڙي مران، سانوڻ چئي، ڀلي ڪارا کائين ڪنگ

ٻاروچل سان ٻنگ، منهنجو مڙهيو ڏينهن ميثاق جي.

 

106 – واو منهنجي وجود کي، ذوق لڳو ذاتي

لکيو انگ ازل ۾، تڏهن لئون پنهل لاتي

ستل ڇڏي سيج تي، ويو پنهل پرڀاتي

هڻي ويو هيئين ۾، قرب سندي ڪاتي

جيرا وڍي مون جڏيءَ جا، ڇني ويو ڇاتي

جيئري ناهيان جهان ۾، جهڙي مئل مماتي

ڪيئن ڳوليا ڪانڌ کي، مون سان ڀيڙو ناهه ڀاتي

”والله خير بما تعملون“ اٿم صورت سڃاتي

سوڙهي ۾، سانوڻ چئي، ٿيندم هوت حمايتي،

جيئري جماعتي، ٿينديس پورهيت ڄام پنهل جي.

 

107 – يي ئون ويٺي ياد ڪريان، جنهن جي آهي هاڙهي منجهه هاڪ

ٻاروچل ٻڌي ويا، من ٿيم مشتاق

پنهون نيائون پاڻ سان، تاڙا ڀڃي طاق

اندر منهنجو اڌ ٿيو، چوري ويا آهن چاڪ

لڳو مونجهارو من کي، دل ٿيم دردناڪ

ننڍي هوندي نينهن لڳو، ڦٽيس انهي فراق

سو ڪڏهن ملندم ڪوهيارو، پهرائيندم پوشاڪ

آءٌ گهوري آهيان گهوٽ جي، جنهن ماڻيو لولاڪ

”والله هوالغني الحميد“ پرور ميڙيندم پاڪ

سير ڪرايو سبحاني، عاشق ٿي افلاڪ

سردار چڙهي سوار ٿيو، بهشتي مٿي براق

اهو موت بيٺو آهي مٿي تي، ڏيو واعدي جا واڪ

ساري دنيا، سانوڻ چئي، خالق ڪندو خاڪ

رازق ربّ رزاق، ڏيندو ڪلمون ياد قلب ۾.


(64) ظ، ل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) (65) ۽ (66) هه ۽ محمد جمن (تعلقو ميرپورخاص). (1) ر: رات لڏي ويا، مون – الخ.

(67) ل 7 محمد بچل (تعلقو  حيدرآباد)

(72) هه. (73) ل ۽ قاضي نور محّمد (تعلقو هالا). (75) ۽ (76) محمد عالم ”شور“ خانپوري (تعلقو ميرپورماٿيلو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org