39 – مڏيون مون نه وڻن، تنهنجا ڪچا ڪامڻ ڪم
گهمين ٿي گهوٽن سان، هميشھ هردم
وڃائي ڇڏيئي وقوف سان، پنهنجو شان شرم
مري وڃبو، مَدو چئي، نيٺ پوندو خدا سان ڪم
سُتئين ٿي ساميءَ سان، رکي دنيا مٿي دم
هاڻي ڪُٽين مٿو ڪرم، ته به مور نه ايندئي مينڌرو.
40 – مون وٽ مير مينڌرا! وري آءُ وِير
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، اٿم اندر منجهه اڪير
ساريان پنهنجن سڄڻن کي، جيئن لڳي اتر هير
سارو ڏينهن سبحان سان، پونجي ويٺي پير
ڪامل آءُ ڪاڪ تي، توکي کارايان کنڊون ۽ کير
هاڻي ثابت رکي سير، تون مَٽ نه مومل تي.
41 – مَٽَڻ ڪم مردن جو اصل کان ناهي
ڏسي سونهن ساميءَ جي، ويٺيئن ورڌ به وڃائي
مٿي تي مينڌري کي، لقب ڇڏيئي لائي
اِهو ارمان اندر ۾، افسوس گهڻو آهي
سُتيئن ٿي ساميءَ سان، پيچ سرين پائي
ڏنئي ٻارڻ، ٻروچ چئي، ٺاهوڪو ٺاهي
اسان جو ڇاهي، ڪامڻ! تنهنجي ڪاڪ تي.
42 – ڪامل! منهنجي ڪاڪ جا، سوڍا! ڏي نه ساڙ
ڏينديسئين ڏيهه جا، پرزا سڀئي پار
سُڻي سمجهي ڳالهڙيون، تون عاشق ڪر آچار
مڙس ڏٺئي منجي تي، ته ڪرين ها ڌڙ سِسيءَ کان ڌار
تنهنجي نيڪي، نظاماڻي چئي، نسنگ ٿئي ها نروار
مري وڃين ها مدو چئي، تون گهرين ها ڪين ڄمار
هاڻي مَس، قلم، بنديون، وڃي ڪوٺيون سڀ سنڀار
هاڻي گولو ٿي گذار، راڻا! اسان جي راڄ ۾.
43 – گولِي! گولو بنايئي، جڏهن رکيم تو سان ياري
چيم: موٽي وڃان مومل وٽ، متان ڪري نه مياري
ڪاهي آيس ڪاڪ تي، ڏٺم سج سنواري
ٻِٽ سُتا اوهين ٻه ڄڻا، اوهان کي ننڊ به پياري
چيم: ڏيئي ڇڏيانو ڏيهه ۾، ڪا خلق جي خواري
اٺئي پهر در الله جي، منهنجي توبهه آهي زاري
خبر منهنجن خانن کي، ٻي سڌ آهي ساري
سوڍيون عمر ڪوٽ جون، بيٺيون ڪن زاري
ڪڏهن موٽي ايندين مينڌرا! ڪرين پرين پوئواري
حمير مونکي اڳئي چيو، ڪانهي مومل موچاري
ڏيکاري ٿي منهن ماڻهن کي، هو ڪوڏ منجهان ڪنواري
جڏهن اها مومل ٿي ماڻيئي، تڏهن وڌئي آزار پنهنجي اندر ۾.
44 – راڻا! رنج ڦٽو ڪر، ڪر مون سان پرين پڄاڻي
هيس ڌيءَ راجا نند جي، ڪا نِرت ڀري نياڻي
هيس دادلي ڪنهن در جي، پر نٿو سڄڻ سڃاڻي
ناتي چڙهيس نينهن جي، آهيان ڏوڪڙ وڪاڻي
وينديس تنهنجي در جو، پورهيت ٿي پاڻي
ووڙينديس وَر کي، ٿي جيجل جوڳياڻي
منهجا ڪم ڪريم تي، لاهيندو ڏک به ڏهاڻي
ساريندي سوڍل کي، روئندي رات وهاڻي
ڪجئين مينڌرا مهرباني، ڏجئين پانڌ پناهه جو.
45 – پانڌن کان ڳالهه پري ٿي، تو مَٽِي راڻي جي رهاڻ
گهمين ٿي گهٽين ۾، وٺيو سومل ساڻ
لڄ وڃايئي لوڪ ۾، اوڳي ٿي اڻڄان
مُٺِي! ويهه ماٺ ڪري، سمجهه پنهنجو پاڻ
نه ته ڏيئين ٿو ڏيهه جا، اهيئي اهڃاڻ
ڦٽائي ڇڏيئي، فقير چئي، رَتل روح رهاڻ
هاڻي اتي ويهي پاڻ، ڪهڙو ڪنداسون مقابلو مومل سان.
46 – مقابلي کان مينڌرا! مون بنهه ڪئي آهي بس
راڻا! راٺوڙين جا، مون کي ڏور پون ٿا ڏس
سونهين نه آهيان ساٿ جي، ڏس گاروڙين جو گس
هڪڙي محبت من ۾، ٻيو سور به ٿيا سرس
گڏي ويهار گوليءَ کي، توکي جهان به چوي جَس
مريو وڃان، مدو چئي، آهيان وير به تنهنجي وس
هاڻي لاههِ قلب جي ڪَس، رهج راڻل! رات هڪڙي.
47 – رهڻ جو راڻي کي، عيب وڏو آهي
ڪامڻ! تنهنجي ڪاڪ تي، اسان جو ڇاهي
حرف ملوڪن هڪڙو، ڳجهن ڳالهائي
تنهنجو منهن موليٰ وري ڏاتر نه ڏيکائي
هاڻي هلي ڏس پڇائي، من گر وٽ ڪا گلا ٿئي.
48 – گلا پنهجي گُر جي، مون مٿي خان کنئي
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، ڳالهه وَس کان ويئي
سڄي ڳالهه صبوح جو، پڌر وڃي پيئي
سُور تن سڄڻن جا، سِنجريا سڀيئي
لڳا اٿم لکئي جا، ٻاڻ سڄڻ ٻيئي
محبت جي، مدو چئيم ڳالهه ڪريان ڪيهي
راڻا! تو دل ريهي، منهنجو جيئري من جڏو ڪيو.
49 – مومل! ماٺ ڪري ويهه، چَپ نه پنهنجا چور
گولي غلامن سان، ٽِليئن ڪهڙيءَ ٽور
سُتيئن ٿي ساميءَ سان، ڊُڪ ڪري ڪا ڊوڙ
ڪانڌ مَٽڻ سان قهر ڪيئي، ڏس زماني جو زور
وساريئي ور کي، نه ته ڏيئين ها خزاني جا کوڙ
مري وڃين ها مرم ۾، يا ڀڄي ٿين ها ڀور
مَٽي ڇڏيئي، مدو چئي، نه ته توتان لک لُٽايان گهور
هاڻي لکيو ويٺي لوڙ، تو ڇڄي هانو ڇڻي پيو.
50 – ڇڄي هانو ڇڻي پيو، اٿم سوڍل تنهنجا سور
ڪاوڙيو وڃين ڪاڪ کان، هڻيو اندر منجهه انبور
موٽيو وڃين مومل کان، گهائين تنهنجا گهور
مور نه ويهنديس ماڙيءَ ۾، وينديس بالضرور
محبت جا، مدو چئي، پلپل پون پور
پر دِليئون اهي دستور، وڃڻ سور سنڌا ڪريو.
51 – وڃن سور سنڌا ڪريو، اچان نه ڪامڻ! تنهنجي ڪاڪ
ڏيئي ڇڏيئي ڏيهه ۾، تاڙيون سڀيئي طاق
وڃان شل اوڏانهن، جتي رڻ ۾ پوي رات
يا چڙهان منهن مرونءَ جي، يا وڃان واڳونءَ وات
رنگ ڏٺو هوم روبرو، تنهن ۾ تر به ناهي تفات
هڪڙا ڦٽ فراق جا، چوري ويٺيئن چاڪ
تو ڪئي، توکي ڦَٻي، مُٺِي! هيءَ مذاق
مومل! ملاقات، مور نه ٿيندي، مدو چئي.
52 – مور نه ٿيندي مدو چئي، راڻا! ڪر نه رِيس
مارين ٿو مسڪينن کي، حاڪم! ڪريو هِيس
ڪنور لتاڙيئي ڪاڪ جا، تون ڪرين ڪنوارين ڪِيس
تِن مردن جي، مدو چئي، اچي ٿي ٻاٻِيس
کولي ڏس حديث، آءٌ قلم کان ڪاڏي وڃان.
53 – قلم کان ڪاڏي وڃين، تون راڻي! ڪر نه راڳ
وطن ڇڏيوسون پانهنجو، ماڙيون ڇڏي ماڳ
(1)
هڻي ويٺِس هڪجيڏن وٽ، اتي ڪا هاڳ
چوڏهين رات چڙهي هليو، موڙي ميي جي واڳ
ڪاهي آيو ڪاڪ تي، آڌيءَ ڪي اڌ رات
ستل ڏٺائين ساميءَ سان، لڳي عشق اندر ۾ آڳ
موٽي وڃي، مدو چئي، ڏيئي دل مٿي داڳ
سومل! هي سهاڳ، مونکي سورن سڀ سيکاريا.
54 – سورن سڀ سيکاريا، ڪي مَڪر کي ماڻهن
پُڇ هلي پاڙيوارن کان، ڪامل! لائي ڪن
محبت ڀري مينڌرا! تارون ڏيان تن
محبت جا، مدو چئي، اولانبا اچن
ڏوهه ڏيان ڪرمن، وڃي ڪانڌ ڪچي ڪَريو.
55 – وڃي ڪانڌ ڪچي ڪريو، تو کان موڳي! ويئي مهل
آيئي ننڊ نڀاڳ جي، پهر نه جاڳئين پل
آڌيءَ رات اوهاڙون ڏين ها، ڪونه هئو سامي ستل
پر مومل! مسافرن جي، توکي اڳيئي ڪانه ڪهل
بنگلا اڏائي بناوت جا، ڪي ماڙيون ڪي محل
کوهه کڻائي خيرن جا، مانجهي ڪيئي مَل
پيئي ڪانه ڪهل، محبت وارن جي، مدو چئي.
56 – محبت وارن لاءِ، مدو چئي، ٿي وير ڪري وارا
آءُ ته پرچون پاڻ ۾، پرين پيارا
رٺي تنهن راڻل کي، ٿيا ڏينهن نه ڏهاڙا
اُڏايان ٿي عجبين ڏي، ڪانگ سڄڻ ڪارا
ملڻ لاءِ مدو چئي، ٿي ڍول وجهي ڍارا
جيڪي هوندا نصيب وارا، ڪندا رهاڻيون روبرو.
57 - ڪندا رهاڻيون روبرو ۽ هو مدعي مرن
پوندو ماڻ راه منجهه، پوندي خبر منجهه کرن
ڳالهيون تان ڳوٺن ۾، ٿيون گهمن منجهه گهرن
مرد پنهنجيءَ مام ۾، سي ڳڻتي منجهه ڳرن
جن کي لڳي محبت، مدو چئي، سي راتو ڏينهن رڙن
ڀَلي گهنڊ گُڙن، راڻو رات رُسي ويو.
مارئي
58 – آ شرع تي سومرا! سچي ساک ڀري
منهنجو من ماڙيچن لاءِ، ٻارڻ جيئن ٻري
ساريو تن سنگهارن کي، هي نماڻي نجهري
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، منهنجي ڪين ساعت سري
قابو آهيان ڪوٽن ۾، ٿي ڳڻتين منجهه ڳري
اٺ نه اچي ماڙين ۾، ٿي راتو ڏينهن رڙي
بي ڏوهيون ٿو بند ڪرين، ائين ڪو ڪونه ڪري
هڪڙي رضا ربّ جي، ٻي مٿئون ٽڪ ٽري
مارو منهجا، مدو چئي، پنهوار ٿيم پري
هاڻي سانگي سانگ ڪري، موٽي ايندا موهر ۾.
59 – موٽي ايندا موهر ۾، سانگي سرت سجان
ڏوٿي گهمن ڏيهه ۾، ماروئڙا مستان
جهڻ پين، جهنگل رهن، ڪن گوڙن تي گذران
پهرايو مال پٽن تي، هُو کِلن ويٺا خان
آءٌ به وڃان اڳڀري، شادي ڏيندم شان
وڻن ڪين وجود کي، طرحين طرحين جا طعام
مُڪا ڪين مون ڏي، سنگهارن سلام
رهجي ويم روح ۾، اندر منجهه ارمان
موڪلينديس ملڪ ڏي، پرهه ساڻ پيغام
مون جيڏيون ملير ۾، جر پين ٿيون جام
قابو آهيان قيدن ۾، منهنجي ڪل لڌائون ڪانه
اٿم اميدون الله ۾، موٽي وينديس ما نه
پيرون چونڊينديس پاند ۾، ڪري سڱر سرتين ساڻ
تن ماروئڙن وٽ مدو چئي، وڃي ڪنديس روح رهاڻ
پوءِ ڀاڳيا ۽ ڀاڻ، ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا.
60 – ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا، مارو ياد پون ٿا مَس
ڪڍي ڇڏ قيد مان، توکي جَهان چئي جَس
مارين ٿو مسڪين کي، هيڏا ڪريو حدس
موڪل ڏي ته موٽي وڃان، لاهيان قلب جي ڪَس
وساريان نه وسرن، سندن گوندا ۽ گس
لَڏي مون ڇڏي ويا، هو وير به ڪهڙي وَس
پڇايان تن پنهوارن جا، هوند ڏهاڙي ڏس
پَٽ پهرينديس ڪينڪي، مون بنهه ڪئي آ بس
گلم غاليچا ڪين وڻن، منهنجو روح به ڪونهي رَس
ٻوڙ پلاءُ کي ٻَن ڏيان، مونکي چڱي چڀڙن چس
ڪڙيون ڪڙولا ڪين قبوليم، هار به تنهنجا هَس
مون جيڏيون ملير ۾، ڪي لويون ڪن لس
هاڻي هلي پکا پَس، ماروئڙن جا مدو چئي.
61 – مونکي ماروئڙن جا، ڪي اُهڃاڻ آيا
آءٌ ٿي سنڀران تن ڏي، ڪيو سنگت جا سعيا
مارو پنهنجي ملڪ ۾، هو جام ڪن جاوا
وُٺا مينهن ملير ۾، سڱر ٿيا ساوا
هڻن آنگڙا اٽڪلي، قرب سندا ڪايا
ڪيم ڪوڪارون ڪنڊن تي، جيڪي مون تڙن تي تنواريا
وساريان نه وسرن، جيڪي مون ولر ڪري واريا
جيڪي تاڻين بيٺا تندن ۾، سي مون ننڍڙا نپايا
جيڪي پينگهي منجهه پرايم، سي ڀوڳڻ مون آيا
مارو پنهنجي مرجات کان، نڪي آچارن ۾ آيا
نڪي مشڪل ملينديس منهن کي، نڪي ڪنديس عطر سان آرا
مٺي محمّد مير ڏي، ڪنديس وڃڻ جا وارا
آءٌ به ٿي سِڪان انهن لاءِ، سي وري ڪين آيا
ماڙين منجهه، مدو چئي، اچي سور به سامايا
هِن گُجر گنوايا، گهوٽ گهڻا گهوڙن تي.
62 – گُجر ڪئين گنوايا، سوڍا ڪئين سوار
وريو ڪونه وطن تان، ڪو پُرزور کڻي پار
مونکي مارو ۽ ملير جي، آهي لنئو لنئو منجهه لغار
موڪلينديس ملڪ ۾، تهتان وري تار
قابو ٿي آهيان ڪوٽن ۾، ڪِين سانگين لڌي سار
هوبه به وساري ويهي رهيا، مونکي پاڙيچا پنهوار
دانهون ڪريان ٿي درد مان، مَن ٻُڌن ڪي ٻڪرار
روئي ٿي رت ڦڙا، مون نيڻين وهايو نار
عمر! رکجانءِ خوف خدا جو، ڏاڍي سائين جي سرڪار
مارو ڪُٽي، مدو چئي ، ڪندوئي ڌڙ سسيءَ کان ڌار
وڻندن ته وڙ ڪندا، نن ته اڳين جي اختيار
سومرا سردار! موڪل ڏي ته ملير وڃان.
63 – موڪل گُهري مارئي! تون ڇوري ڪنديئن ڇا؟
ماٺ ڪري ويهه، مدو چئي، جيڪي کپئي سو کاءُ
هر هر ويس هيڪاندا، تون دانهھ! دِل سان لاءِ
اِهي ويڻ مئيءَ سان، تون ڳهلا، ڪيم ڳالهاءِ
مور نه ويهنديس ماڙيءَ ۾، منهنجو سِڪي ٿو ساهه
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، منهنجو اُڪانڊي ارواح
موٽي وڃي ملڪ ۾، ڏينديس پنهنجن منجهه پساهه
ڪانهي مدي من ۾، ٿو ڄاڻي هڪ الله
ڇڏ لاهي لاڳاپا، پوءِ ورڻ جا پوئتي.
64 – ٿي موڪل گهري مارئي، هٿ ٻڌيو ٻانهون
هڻيو هٿ گوڏن تي، ڪري درد منجهان دانهون
موڪل ڏي ميان سومرا! ٻڌ ڪُٿيءَ جون ڪيهون
ڪَم نه ايندئي سومرا! جيڪي تو ڳڻيون اڱرين تي ويهون
مير ڏٺا هئم مدو چئي، ڪندا ويا رندن تي ريهون
پَکا ۽ پيهون، سي من تي رهيون ماڙيچن جون.
65 – مَن مان ماڙيچن جي، کڻي وائِي وسار
ڪڏهن ڇڏيندئي ڪينڪي، جي ڪاوڙيو قهار
ڪورٽ وس ڪريم جي، جنهن لکيو لکڻهار
بندياڻي بند ۾، ٿي روئي زارو زار
موڙهي گهمي من ۾، جنهن کي ڳڻتيون لک هزار
ڪيم ڪوڪارون ڪيتريون، منهنجا پري ٿيا پنهوار
وساري ڇڏ ويڙهيچن کي، جن تنهنجي لڌي ڪين سار
وجهي هَس ڳچيءَ ۾، هار ويهه، ماڙين منجهه، مدو چئي.
66 – مهڻا ڏي نه ماڙين جا، اسان جا واريءَ وڇاڻا
وڃيو اُتي اَِڏين، منهنجا ڀٽن تي ڀاڻا
مونکي تن ماروئڙن جا،اچي سور به ساماڻا
مور نه وسرندس مدو چئي، آيل اباڻا
چونڊينديس چاهه منجهان، ڏٿ به ڏاڏاڻا
جن جا ٿَر مٿي ٿاڻا، سي ڪين جيٽينديون ڪوٽن ۾.
67 – ويهه ڪامڻ! ڪوٽن ۾، تنهنجا سانگي سڃاڻا
وڃو ويهن ويڙهه ۾، ڏسيو لُلر ڪئين لاڻا
وڃيو ويهن ويڙهه ۾، ڏسيو ٿوهر ڪئين ٿاڻا
وڃيو ويهن ويڙهه ۾، ڏسيو مُرٽ مانڌاڻا
وڃيو ويهن ويڙهه ۾، ڏسيو ڪونڀٽ ڪوماڻا
مري وينديئن، مدو چئي، مُٺي! ڇڏ ماڻا
چئي: لوئي ڪيئن لڄايان، جيڪا ڏني پنهوارن پاڻا
توکي ڀاءُ ڪريو ڄاڻان، تڏهن مدي ڪڍي ڇڏ من مان.
68 – مدي ڪڍي ڇڏ من مان، رک سورهيه صفائي
ڪڍي ڇڏ قلوب مان، دانھ! دغائي
ڪڍي ڇڏ قلوب مان، اها ڏورئون ڏنگائي
مون ماروئڙن مان، توکي چوري ڪونه چڱائي
سُڌ تني کي سور جي، جني جي ڄائي
ماڙين منجهه مدو چئي، هن عمر روئندي وڃائي
توڙئون تقصير آئي، ڪا بندي! تنهنجي باب ۾
69 – بندي! تنهنجي باب ۾، اَمر سان آئي
ڪانه ٻُڌيسون قيد ۾، ڪِينِن جي ڄائي
کاڄ کڻي آئي کومچا، دل رکي دائي
چانور چکينديس ڪانڪا، توڙي هجي مڻ مٺائي
مٿو مور نه ويڙهيان، وجهان ڇتن ۾ ڇائي
ڏسي محل ۽ ماڙيون، آءٌ ڪين مَٽينديس وائي
ماروئڙن وٽ مدو چئي، ملي وير به واڌائي
ڪر چڱا چڱائي، ڪڍ ڪنگالڻ ڪوٽ مان.
70 – ڪڍ ڪنگالڻ ڪوٽ مان، ڄاڻي سڃاڻي
زور ظلم ڪم نه ايندئي، نڪو جوڀن جواڻي
رکجانءِ خوف خدا جو، جنهن جي آهي ڪورٽ ڏهاڻي
پَٽ پهرينديس ڪينڪي، مٿي پوتي پراڻي
ڀيڻ نه رهائي ڀاءُ کي، اِها ٿي نياڻي
وُٺا منهن ملير ۾، ٿيا پٽ مڙيئي پاڻي
مکڻي اسان جي ملڪ ۾، اجها سگهي ساماڻي
ماروئڙن وٽ مدو چئي، اَٿئي مَٽِي، مانڌاڻي
آڻين چاڙهين سومرا! هو ڏٿ به ڏهاڻي
موڪل ڏي ملير وڃان، پيان پلر ۽ پاڻي
روئندي رات وهاڻي، ڏسندي ڏوٿيڙن کي.
71 – ڏسندي ڏوٿيڙن کي، هينئون ٿيو حيران
لاکيڻا لڏي ويا، ڇڏي هيءُ جهان
لاکيڻا لڏي ويا، بر ڀانيان بيبان
لاکيڻا لڏي ويا، اٿم اندر ۾ ارمان
لاکيڻا لڏي ويا، سي قهري هڻي ڪانَ
وڄون وسڻ آئيون، گوڙون ڪري گهمسان
قابو ٿي آهيان ڪوٽن ۾، تڏهن بت ٿيم بيران
تن ماروئڙن لاءِ مدو چئي، هنيون ٿيم حيران
ساريو سانگيڙن لاءِ، ٿي جَر وهائي جام
سک ڦِٽو آهي سرتيون، اندر ناهي آرام
هاڻي ڪل پوي ٿي ڪانه، ڪڏهن مارو ملندا!
72 – جڏهن مارو ملندا، تڏهن هينئڙي لڳندي هير
جڏهن مارو ملندا، تڏهن ٿيندم ساهه سڌير
جڏهن مارو ملندا، لهندي اندر جي اُڪير
جڏهن مارو ملندا، تڏهن کلي پيئندس کير
جڏهن مارو ملندا، تڏهن ملڪ ٿيندو ڪشمير
ڀانيان پنهنجي ڀاڳ کا، توڙئون لکي تفصير
قابو آهيان ڪوٽن ۾، ڀڃ قضا جا ڪير
عرض ڪريان ٿي الله کي، ٻڌ دليئون دستگير!
هن مارئي جي، مدو چئي، ثابت رکجئين سِير
پنهوارن جا پِير، مون کي مارن ميلئين.
73 – روئندي ڇڏيم ريل ۾، سي سانگي ٿي ساريان
ڪيو منهن ملير ڏي، اُڀي اوساريان
ڪيو منهن ملير ڏي، ٿي پر ۾ پوڪاريان
ڪيو منهن ملير ڏي، ٿي تَن ۾ تنواريان
ڪيو منهن ملير ڏي، ٿي لَڙڪ آءٌ لاڙيان
ڪيو منهن ملير ڏي، ٿي ڳوڙها آءُ ڳاڙيان
ڪيو منهن ملير ڏي، هنجون آءٌ هاريان
اهي ماروئڙا مدو چئي، مان ڪيئن وساريان
جن سان ٽڪ ٻڌم ٽاڻا، سي پاڙيچا پري ٿيا.
74 – پاڙيچا پري ٿيا، تِن جي اٿم اندر ۾ اُڪير
وساريان نه وسرن، ساريان منجهه سرير
تن مردن جا مدو چئي، اٿم اندر ۾ تير
ماڳن تي مسڪين چئي، ورائيندن مديني جو مير
ڄاڻي پاڪ پير، ته مارو پيا آهن مامري.
75 – مارو پيا آهن مامري، جي ٿا وس وڃن
لڏا تن لاکيڻن جا، ليئا ٿا لٽڪن
گهيٽا پاس گهرن جي، ڦريو ڦيرا ڪن
ٻڪر ٻاٻاڻن جا، ليلا لاتيون ڪن
ڪوڪارون ڪنڊن ۾، تن تنوارون ڪن
تون راجا اسين رعيت، ايڏا ناحق ڪين ڪجن
ماروئڙا، مدو چئي، روئندا رت وڃن
ڀلي ويڙهه وڃن، جن کي ٿيڙو سڏ سيراهه جو.
76 – جن کي ٿيڙو سڏ سيراهه جو، ڀلي وَس وڃن
مِلين وڳا ولائتي، پهريو پَٽ وڃن
سڄڻ پنهنجي سور جي، ڳالهه نه ڪنهن سان ڪن
لڳي ماٺ ماڻهن کي، ڏسي سونهن سندن
ڀيڻون تن ڀائرن لاءِ، پانڌيڙو پڇن
رکن روزا، پڙهن نمازون، سورهيه سجدو ڪن
تن مردن لاءِ مدو چئي، ڪريو ڳَچ پون
جوان وڃن ٿا جنگ تي، مَن موٽي مانَ اچن
ڏهاڻي ڏسجن، منهن مارو ڄام جا.
77 – مارو پنهنجي ملڪ ۾، خوش گذارين خان
سُرها آهن سڀئي پرين، جن کي شافي ڏنو آهي شان
موليٰ تن مردن کي، ڏنو آهي دين ايمان
حسن مير حسين جي، وڃان قدمن تان قربان
پهر رهيو آهي پويون، هت آهيون ماڳ گهڙي مزمان
مالڪ وٽ، مدو بيٺو، ڪري عرض غلام
آهيان سائين! تنهنجي سام، ڏجئين تُرهو تار جو.
78 – ڏجئين ترهو تار جو، والي ڪري وڙ
سمهين ٿو سيج پلنگ تي، وڇائي لاکيڻا لٻر
ٻانهان ٻيلي ڪيترا، آهن گهوٽ به تنهنجي گهر
ويندئي ڪُل وسري، توکي دور دنيا جا در
ڪجئين خوف خدا جو، ٿي ڪري ڪوڪارون قبر
نيئي ملڪ الله جا، پڇندئي کولي سڌ خبر
ڇا کاڌئي ڇا پيتئي، ڇا ڏنئي تونگر
انهيءَ بابت بِلا ڏيئي، توکان پڇندا دانھ دلاور
مالڪ وٽ، مدو چئي، تون توبهه زاري ڪر
پاڪ نبي پرور، ساڻي ٿجان سڪرات ۾.
79 – وٺي پاس وري ويا، مارو ڪاهي مال
ڏوٿين ڏٺي ڏينهن ٿيا، سانگين کي پڻ سال
لڏي مون ڇڏي ويا، مُڪائون ڪونه احوال
قابو ٿي آهيان ڪوٽن ۾، ٿي ڪريان سائين کي سوال
ڪڪريون ڪڪر ڪال، ڏٺا هئم ڏاڏاڻن ڏي.
80 – وُٺا مينهن ملير تي، ٿي گاهن جي گلزار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، ٻڌم تاڙي جي تنوار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، چارين ڌڻ ڌنار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، مَرڪن اچيو ميهار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، اوڏا ٿين اوٺار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، ڳهلا اچن ڳنوار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، ڪن رهاڻيون ريڍار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، ٻَهڪن اچيو ٻڪرار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، سرها ٿين سنگهار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، ڪن ڪونجن جيئن قطار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، هڪجيڏيون پائين هار
پوڃاڙيءَ جو پٽن تي، سرتيون ڪن سينگار
چوٽا تن چوڙيلن جا، وينگس ڳتا وار
ڀڃيو اچن ڀرم سين، ڪي ڏورن سندا ڏار
چارين ٿيون چوڙيليون، وڍيو لامن لڳا ٽار
ڦِريو اچن، فقير چئي، ٻاجهه ڀريا ڪي ٻار
ماروئيءَ جي، مدو چئي، واڳ ڌڻي کڻي وار
منهنجا پاڙيچا پنهوار، اُتر پاسي آسهيا.
گهاتو
*ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن عالم ڪئين خلقيا
انسان بنايئين آدمي،ٻيا بيشمار بانڪا
سج چنڊ پيدا ڪيائين، ٻيو تارن جو شعاءَ
هن زمين تي ڪيترا، ڪي شاهه سڪندر هئا
جن روزو نماز قبول ڪيو، سي وارو وڄائي ويا
ڪلمون جن قلوب ۾، سي پاڪ وڃي پڙهندا
اڪثر هلبو هڪ ٺپيءَ تي، جت ڏوهاري پيا ڏڪندا
مرڻ ويلي موت جي، سهنجي سِير ڪندا
محشر ۾، مدو چئي اچي پُڇاڻو پڇندا
وڃي وڻج وهائيندا، ساجن پنهنجي ساٿ جو.
82 – ساجن پنهنجي ساٿ جو، ڪج واپار وڻي
ايندئي ملڪ الله جا، ڪندئي پيرن هيٺ پڻي
ڪانهي مدي من ۾، ڄاڻي هيڪ ڌڻي
مجلس تن ماڻهن جي، مون کي آهي وير وڻي
محبت ۾، مدو چئي، مون هيءَ ڳالهه ڳڻي
سڄڻ ڳالهه سڻي، پئجي رهيو پيرن تي.
83 – پئجي رهيو پيرن تي، قاصد ري ڪهي
ڪيائين واڪا ويڙهه ۾، هئي هئي ويو وڙهي
ڇهه پُٽ اوڀائي جا، ويڙا غار ٿي
مرد ويا مياڻ تي، تن مان آيو ڪونه وري
تن ملاحن ۾، مدو چئي، ڪا ٽاڙهو ٽاڙهه هئي
ماڻهو مڪائون مور ڏي، ڪو ڏوراپو ڏيئي
تون ترسيو اتي طعام کائين، اسان کي ويا آهن ٻه ٽي پهر پئي
ايڏا سور سهي، سي مور رکيا آهن من تي.
84 – مور رکيا آهن من تي، ڪامل ري ڪَهي
مدو چئي، هن مرد کي، پيا آهن لڙڪ وهي
چئي: لڳم ڄيڙو جان کي، سو ڪيم سور سهي
اڙي ادا! اسان جڏن جو، ڪونهي ڪو ڌڻي
مون کي تان ڀائرن لاءِ، پيئي آياڪر ڀڻي
جڏهن واحد کي وڻي، تڏهن خاطو بند خطا ڪيائين.
85 – خاطو بند خطا ڪيائين، هئا ڏاڍا سُرت سجان
پهرين ويندا هئا پريت مان، وڏا جوڌ جوان
مرد ويندا هئا مياڻ تي، ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍيائون ڪانه
آين امر الله جو، تڏهن ڇڏيائون ماڳ مڪان
محبت ۾، مدو چئي، هئا گهر گهڙي مزمان
ايڏو اٿم ارمان، جو ڀائر ڪانڌي ڪين ٿيا.
86 – سالڪ ڳالهه سڻي هليو، مڃي مٿي تي بار
ڀيڻون تن ڀائرن لاءِ، ٿيون پرهه پڇائين پار
چوڙيليون تن ورن لاءِ، روئن زارو زار
مائون تن پٽن لاءِ، وجهن ڦوڙائي جا ڦار
هئي هئي! اڄ هتان هليا، سهڻا ڪري سينگار
هاڻي وائي ڪڍيو وار، موٽڻ جي ڪر مورڙا!
87 – موٽڻ جو مردن کي، عيب وڏو آهي
هئي هئي هن جهان ۾، هن ڇوريءَ جو ڇاهي
مِٽ هن جا مري ويا، سي وارو وڄائي
هڪڙي آڳ اندر ۾، ٻيو ويا دونهان دکائي
تيتر موت نه ماري، جيتر ماريان انهيءَ مڇ کي
88 – مرد موڪلايو مائٽن کي، پيرن تي پئي
انهيءَ وقت اوڀاهي کي، پيا لڙڪ وهي
هنڌين ماڳ مشهور هئا، منهنجا سورهيه سڀيئي
مُور نه وسرندس، مدو چئي، سک سڄڻ سيئي
ڪونڌر هن جا ڪالهه ويا، تن کي ويا ڪات ڪهي
هاڻي موڪل ڏيئين ڪيهي، مور! انهيءَ مڇ جي.
89 – مور چيو هئس منهن تي، تون سانگو کڻي لاهه
ڇهه پٽ تو اڳئي سهسايا، مون ڀوري ۾ ڇا آهه
نيٺ مري وڃبو، مدو چئي، آهي پرايو پساهه
مون کي تن ڀائرن لاءِ، لڳي برهه سندي باهه
هاڻي جهل نه جيجل ماءُ، ته ماريان انهيءَ مڇ کي.
90 – ماءُ چيو مرد کي، پير پروڙي پاءِ
آڏا دور درياءَ جا، جت سختي لڳندي ساهه
آڌي رات اوڙاهه ۾، ڪُن ڪري ڪڙڪا
پِرين! ويندين پاڻيءَ ۾، جت ڪونه سُڄي پڙلاءُ
توسان هلندو ڪونڪو، ڀيڙو ئي ڪو ڀاءُ
ٻٽيهه ڌارون بخشيم توکي، تون جيئنري ٿئين جدا
سڄڻ! ڳالهه سُڻاءِ، ڪا سورهيه پنهنجي سور جي.
91 – سڄڻ پنهجي سور جي، ڳالهه به ڳالهائي
مردن بنان مُلڪ ۾، مون کي ڪونه چئي ڀائي
جيئري شال ڪامَ ٿئي، ڀائرن کان جدائي
قسمت آندا ڪُن ۾، ٿيو اَمر اِلاهي
ڪانهي من ۾ مدائي، ڪا موٽڻ جي مرد کي.
92 – مرد سنڀريو مَڇ ڏي، کڻي ڪات قهار
مدد ٿجاءِ موليٰ علي، ڏجئين سوڀ ستار!
ماريان انهي موذيءَ کي، ڪري ڌڙ سسئيءَ کان ڌار
تن مردن جو، مدو چئي، وير کي ٿيو ويچار
ڳوڙها سر ڳلن تي، هن نيڻ وهايا نار
ساري سڀ ڄمار، لاٿم سانگو ساهه جو.
93 – ڀيڻ ڏٺو ڀاءُ کي، تنهن جا پيڙا ڳچ ڳري
هئي هئي ڪري هٿ هنيائين، جوٽن تي ٻيئي
تن ملاحن جي، مدو چئي، هن کي ڪَل ڪانه پيئي
مرد ويا ٿي مياڻ تي، آءٌ ڪريان ها سوگها سڀيئي
ڏني هئي ڏکن ڏهنائي، مرڻ ويل موت جي.
94 – مرڻ ويل موت جي، هن وائي ٿي واري
رات لڌو هئم سهڻو، ڪانه ڪئي ڀائرن ڀلائي
هُو به وساري ويهي رهيا، ڪانه ڪيئون پوئواري
لڏي ويا ڇڏي، ڪري اڱڻن مٿي اونداهي
تن مردن لاءِ، مدو چئي، قيام هئي ڪاري
اٺئي پهر الله جا، منهنجي توبھ آهي زاري
سرس ڪريو ساري، اڄ مور وڃي ٿو مَڇ ڏي.
95 – مور وڃي ٿو مَڇ ڏي، ڪري ڪاهو ڪاهه
ڀيڻ اتي ڀڙ ۾، ڪيس درد منجهان دانهه
نڪي گهڙئين پاڻيءَ ۾، نڪي اکين ڏٺئي اوڙاهه
مالڪ کڻي مهر ڪندو، پنهجي شر ڪندو شاهه
ڀائر پنهنجا مَڇ نِيا، ڪو واري لڳن واءُ
دلوراءِ کي دانهن، تون مهندان ڏجئين مورڙا!
96 – مهندان ويهي مورڙي، ڏنو فرياد فقير
کاڌا کاڌم ڪيترا، تو وٽ کنڊون ۽ کير
جوان! جوڙائي ڏي جنگ جا، ڪوڏ منجهانئي ڪير
مون کي تن ڀائرن جا، آهن تن اندر ۾ تير
وساريان نه وسرن، ساريان منجهه سرير
تن مردن جي، مدو چئي، اٿم اندر منجهه اُڪير
پردو رکج پير، اٿم جوان! سعيو جنگ جو.
97 – جوان سعيو جنگ جو، آيس ڪوڏ منجهان ڪاهي
دونهان منهنجي دل تي، ويا دوست به دکائي
ڪلاچيءَ جي ڪَن تي، ٿو ٻهڳڻ ٻولائي
ماڻهن لاءِ، مدو چئي، هو ويٺو واجهائي
مور ادا مائٽن کان، ٿو بيهو موڪلائي
اوباهيو اِينهون ڪري، ٿو ڳهلو ڳالهائي
پوٽن پوءِ منهنجو، جڏو جيئڻ آهي
ڇڏ لوڙهه به ورائي، مون تي مور! مٽيءَ جو.
98 – مرڻ ويس نه ماڻهوءَ جي، توڙي هزار ڪري حيلا
ڀيڻون تن ڀائرن لاءِ، ٿيون وير ڪڍن ويلا
چوڙيليون چريون ٿيون، جن جا هئا البيلا
نڪي ٽِڪن ڪِٿ راتڙيون، نڪي اچن اويلا
گهاتن جي گهرن ۾، ٿا ڪيهون ڪن ليلا
هاڻي ساجهر سويلا، موٽي ايندم مياڻ تان.
99 – موٽي ايندا مياڻ تي، ايندا وير وري
مور ادا! مائٽن وٽ، ٽِڪي نه هڪ گهڙي
جڏهن ماريان انهيءَ مڇ کي، تڏهن اچي پَٽ پَري
رهندي ڳالهه ذري، مئي پڄاڻان مور جي.
100 – مئي پڄاڻان مور جي، وڄا وسيعت ويئي
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، سڄڻ هئم سيئي
منهنجي تن ڀائرن لاءِ، ڏڪي ٿي ڏيهي
تن مردن جي، مدو چئي، ڳالهه ڪريان ڪيهي
هاڻي ڏکن ۾ ويهي، رهي رهندس ڪيترو.،
101 – رهڻ جون راڻا، ڪوڙيون ڪٿائون ڪن
ڀائر هن غريب جا، من حياتي هجن
بگل وڳو، بانشا اٿيا، جوان جنگ چڙهن
پايو پيٽ ورن ۾، ٿيون زوران زور روئن
مئي پڄاڻان، مدو چئي، ڪو سک ٿيندو سڄڻن
گهوڙا منجهه گهٽين، ڏين فاتحون، فقير چئي.
102 – ڏين فاتحون فقير چئي، مڙيا سڀ ملاح
ڪاهيو هلن ڪُن ڏي، دل جهليو داناءُ
موٽندا ڪونه، مدو چئي، ڏيندن سوڀ الله
دوکو دل مٿانءُ، لالڻ سڀ لاهي ڇڏيو.
103 – لالڻ سڀ لاهي ڇڏيو، اندر مان ارمان
هنن کي ته مڇ جا، آهن قهري لڳل ڪان
موٽندا ڪونه، مدو چئي، هلي ٿيندا مڇ سندا مهمان
ساري ڏج سلام، موٽي تن ملاحن کي.
104 – موٽي تن ملاحن ڏي، وڃان ڪهي ڪهڙيءَ پر
گهمي ڏٺا هئم گهوٽن جا، اتي وڃي گهر
ماري ويا هن مئيءَ کي، ڏيئي ڏک ڏمر
ماري ويا هن مئيءَ کي، ڏيئي سور ثمر
ماري ويا آهن، مدو چئي، غم ڏيئي گوندر
ڪات کي ڪونڌر، اچي مور بيٺو ميدان ۾.
105 – مور بيٺو ميدان ۾، جيئن واڪا ڪري واءُ
سُڻي ڳالهه سرير ۾، لڳس برهه سندي باهه
ڪونه ڏسان ٿو اکين سان، ڀيڙو وري ڪو ڀاءُ
مري ٿي، مدو چئي، موڳي هن جي ماءُ
ڏيان پرين وٽ پساهه، سورهين پهر سپرين.
106 – سورهين پهر سپرين، هن صندوق سٽائي
ڪائو آندو تنهن ڪيترو، جودئون جوڙائي
ڪو جو ڪوڪٽ ڪُن ۾، ٿيو قهر اِلاهي
مڇ اڳي مستانو سُجهي، تنهن خان ڇڏيا کائي
تن مردن جي، مدو چئي، شل ونگي نه ٿئي وائي
ڏج حضرت همراهي، ويريءَ جي وڙهڻ جي.
107 – ويري جي وڙهڻ جي، مون کي موليٰ ڏني مت
ڪافر ماريم ڪيترا، ٻيا گهائي ڪيم گهٽ
امر ٿيو الله جو، ٿي واڳ ويرين جي هٿ
لاکيڻا لڏي ويا، وري مڪئون ڪونه خط
تن مردن جي موليٰ! ڪجئين ڪا مدت
ڏيانس ڪات ڪلين وٽ، سُتي هِن کي سِير ۾.
108 – چوٿين ڏينهن چريو ٿي، بيٺو سورهيه سڏ ڪري
اتان ميڙو ملاحن جو، آيو پرين پير ڀري
انهيءَمڇ جي مون سان، ڪو خان خبر ڪري
اوباهيو تن پٽن لاءِ، ٿو ڳڻتيءَ منجهه ڳري
تن مردن جي، مدو چئي، ماريس ڳالهه ذري
بنان ڍنڍ تري، ڪانه خبر پوندي تنهن خونيءَ جي.
109 – لاکيڻو لهي پيو، توڪل ڪري تار
سڏ ڪيائين سنگتين کي، ڪري الله تهار
جيئن اسان جو جڏهن ٿئي، وڃي پوندس منجهه پاتار
بڻڇيون ڀالا ڪيترا، ٻيا ڪات کنيائين ڍار
بارودخانو، بلوچ چئي، ٻيو بتيون بيشمار
بتيون اتي بس ٿيون، ٿيو اوندهه انڌوڪار
کولي اکيون قلب جون، هڪدم ٿيو هوشيار
وڃي ڏٺائين اکين سان، ڪي جاني جگر يار
بدلجي بيهي رهيو، ڪيائين ڪپڻ جي ڪار
جيرا، بڪيون، آنڊا، اوجهريون، ڪيائين ڌڙ سسئيءَ کان ڌار
چوري رسيون چريو ٿيو، ڪيئين ڇڪڻ جي پچار
اوباهي مٿان ڏني هئي، روئڻ جي اوڇنگار
ستين ٻڌا سندرا، جتي حورن لاٿا هار
پَرين ٿي پٽڪو ڪيو، ڇوڙيئون اُتي وار
تن مردن جي، مدو چئي، وڃي پري پيئي پچار
جڏهن ڏني سوڀ ستار، تڏهن ٿيو فيصلو، فقير چئي.
110 – فيصلو فقير چئي، ٿيو وڃڻ جو ڇوهه
صوبا سڏايائون ڪيترا، ڪيو اميرن اندوهه
مهري آندائون ملڪ جا، جوڙا مٿي جوءِ
پاڏا آندائون پڙ ۾، تن جو پرو ڪونه پيو
تن مردن کي، مدو چئي، اچي سالڪ سمجهائيو
ته گهوڙيون انهيءَ ملڪ جون، کڻي حاڪم هڻائيو
ڪئين ڪاريون، ڪمريون، نيريون، چينيون، لاسيون، ڳاڙهيون، اچي مڪڙين ملهايو
هنن جا ڦر، فقير چئي، کڻي ٻاهر ٻڌايو
وٽائي رسيون پَٽ جون، اتي هادي هلايو
ڇڪيائونس ڇوهه مان، وڃي ڪيائين ڪنڌي ڪنارو
ماڻهو مڙيئي گڏ ٿيا، آيو لوڪ سارو
ڦاڙيائون پيٽ مڇ جو، آيو اوٻارو
اوباهيو تن پٽن لاءِ، ڪڙهي ٿيو ڪارو
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، اوهان جو ڀاڳ ڦٽو ڀائرو!
ميندي تن ملوڪن کي، لاڳ ڪري لايو
ڪفن تن خانن جا، اوهين گهوٽ به گهرايو
ڏنئون تڙ توڪل جو، ٿيو رب سندو رايو
کنيئون مڙهه مقام ڏي، اهو آواز آيو
حسن مير حسين هئا، سي به ويا سور سهيو سارو
مٺي محمّد مير جو، ڪونهي مَٽ ٻيو
جن ڪلمون ياد ڪيو، سي اُمتي ڇُٽندا ايمان سان.
|