شيخ حمر کان پوءِ سندس پٽ شيخ ابراهيم (اندازً 1180 – 1240هه) وڏو شاعر ٿيو، جنهن جو همعصر سنڌ جو مشهور شاعر سيد ڪبير شاهه هو، جنهن به پوءِ وڃي لسٻيلي کي وسايو. شيخ ابراهيم ۽
ڪبير شاهه جا بيت ڊيگهه ۾ ويهن سٽن کان ويندي چوويهن بلڪ چوٽيهن سٽن تائين وڌيا
1
۽ پڻ ڪچهرين ۾ سر سان آلاپجڻ لڳا. لس، ملير ۽ ساڪري طرف 1950 – 1965ع واري عرصي ۾ ڪچهريون ڪندي، شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهه جا ”ساکي بيت“
2
ملوڪن کان اسان پاڻ ٻڌا. شيخ ابراهيم جي ڀيٽ ۾ ڪبير شاهه جا بيت سنڌ طرف گهڻو مشهور ٿيا ۽ لاڙ توڙي ناري طرف
3
نَڙ جي لئي تي آلاپجڻ لڳا ۽ اسان پاڻ ملوڪن کان ٻڌا. خاص ڪري ڪبير شاهه جو هيٺيون بيت اسان سنڌ ۾ ”نڙ بيتن“ جي اڪثر ڪچهرين ۾ پئي ٻڌو آهي
ته:
ڪرڙا ڏونگر، ڪھ گهڻي، آءٌ چاڙهه مڙئي چڙهندياس
منهنجو ٻول ٻروچ سان، آءٌ پيرين پنڌ ڪندياس
پيرن پنڌ ڦٽو ڪيو، آءٌ ٽنگن سان ٽرندياس
ٽنگن ٽرڻ ڇڏيو، آءٌ گوڏن ڀر گسندياس
گوڏن گسڻ ڇڏيو، آءٌ چيلهه ڀر چُرندياس
چيلهه چُرڻ ڇڏيو، آءٌ سيني ڀر سُرندياس
سيني سُرڻ ڇڏيو، آءٌ ٻانهن سان ٻرندياس
ٻانهن ٻرڻ ڇڏيو، آءٌ هٿن سان هلندياس
هٿن هلڻ ڇڏيو، آءٌ سِسيءَ ڀر سرندياس
سِسيءَ سُرڻ ڇڏيو، آءٌ چوٽيءَ ڀر چُرندياس
چوٽيءَ چُرڻ ڇڏيو، آءٌ اکين سان ايندياس
بيمانت جي بر ۾ باس نه باسيندياس
پَکين ۾ پَکي ٿي، واهڻ ووڙيندياس
مِرن ۾ مِرون ٿي، سَر به سوجهيندياس
ماڻهون ۾ ماڻهو ٿي، گهر گهر ڳوليندياس
اها مُند مجاز جي ويهي نه وڃائيندياس
ڪيچين لاءِ ”ڪبير شاهه“ چئي، وندر ووڙيندياس
پوءِ چوڻ اهو چوندياس، ته آهيان گهوري گهوٽ پنهل جي 1
مطلب ته ڪبير شاهه جا بيت سنڌ ۾ نهايت مقبول پيا ۽ سنڌ جي ڪن نالي وارن شاعرن سندس تتبع ڪيو، جن ۾ خاص طرح سان مريد پالاري ۽ سانوڻ جي بيتن ۾ اسان کي ڪبير شاهه وارو رنگ
نظر اچي ٿو. ڪبير شاهه ۽ سانوڻ جي بيتن جي مطالعي مان هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته سانوڻ جو حقيقي اُستاد ڪبير شاهه ئي آهي.
لسٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم بيت چيو ته:
محبت ماٺي ڪين قطر ٿئي، جا لئون لعلڻ لائي هئي 1
انهيءَ بيت جي ڀران ڪبير شاهه چيو ته:
آڳ اندر جي ڪيئن اُجهامي، ٻاروچل جا ٻاري هئي (1)
ڪبير شاهه جو هيءُ بيت مشهور ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ ”نڙ بيتن“ جي ڪچهرين ۾ هليو. سانوڻ هن بيت کان متاثر ٿي بيت چيو ته:
آڳ اندر جي ڪيئن اُجهامي جا باهه ٻاروچل ٻاري هئي
ڪهل ڪوهياريل ڪانه پيئي شت ڌوٻڻ ڌي جا ڌاري هئي
گڏ سُتي هئي جوڙ جانب سين اوٺين ڪين اُٿياري هئي
ننڊ نڀاڳي نيو نهوڙي چانگن تي نه ته چاري هئي
آڌيءَ رات اُٿي ويا، آسور ۽ اونڌاري هئي
ڌوٻڻ اُٿي ڌوڙ مٿي ۾ وسائي او واري هئي
نينهڙو لايو اکيون اڙايو ڇپر ۾ جا ڇاري هئي
حال محرم هوت مئي جو ساٿي ڳالهه سنڀاري هئي
ننڍي هوندي نينهن لڳو يار پنهون سان ياري هئي
ڇپر ۾ آءٌ ڇولون ٿيس ڪا لکئي جي لاچاري هئي
سرهي ڪريو ها، سانوڻ چئي، نه هي خان اوهان سان کاري
هئي
پير پيادي پنڌ گهڻو ٻيو منزل جا هي ماري هئي
جبل مان سان جاڙون ڪيون ذات زوراور زاري هئي
سڪ پئي مون سڱ ڪيو نه ته اوٺين ڇا اختياري هئي
پنهل ڳالهه پاري هئي، پر ڏيرن منهنجو ڏک رهي ويو.
انهن بيتن جي مطالع مان ظاهر آهي ته سانوڻ جو حقيقي اُستاد ڪبير شاهه آهي
سانوڻ ۽ سندس ساٿياري
مٿئين مختصر جائزي ۾ اسان ”ڊگهي سنڌي بيت جي ارتقاء“ جي سلسلي تي آڳاٽي دور کان وٺي سانوڻ تائين، مختصر طور روشني وڌي آهي. سانوڻ ۽ سندس ساٿيارين ڊگهي بيت جي صنف کي
نڀايو ۽ واهه جو نڀايو. سنڌ ۾ سانوڻ جي اسلوب بيان جو گهڻن شاعرن تي اثر پيو. صديق خاصخيلي
1، توڏو فقير مري
2
۽ ٻيا سندس ٻالڪا هئا. مولا بخش خاصخيلي سئو فيصدي کانئس متاثر ٿيو ۽ سندس شاگردي قبول ڪيائين. بچائي فقير رند تي به قدري سانوڻ جو اثر
پيو، حالانڪه هو سانوڻ جو مد مقابل ساٿياري ۽ پاڻ پنهنجي سر نامور شاعر هو. مدد علي عرف مدو فقير نظاماڻي پڻ سانوڻ ۽ بچائي فقير جي صحبت
مان (گهڻو پوءِ) شاعر ٿيو. سانوڻ جي ساٿارين مان البت الله ڏني نوناري ۽ محمود شيخ ٻنهي پنهنجو گس ورتو: اڪثر قصا منظوم ڪيائون، جنهن ڪري
بيتن ۾ سندن ”اسلوب بيان“ نثر واري سٽاءَ کي وڌيڪ ويجهو هو.
سانوڻ، مولا بخش خاصخيلي، محمود شيخ، بچائي رند، الله ڏني نوناري جي بيتن کي هن جلد ۾ انهيءَ ڪري پيش ڪيو ويو آهي جو 1920ع کان وٺي نڙ – بيت جي ڪچهرين ۾ سندن بيت گهڻو
ڪري گڏوگڏ هليا ۽ انهيءَ لحاظ سان ”نڙ جي بيتن“ جا ڄڻ هو نمائندا شاعر هئا. انهن ”وڏن“ شاعرن جي ڀيٽ ۾ جمعو ٻارچ ۽ مدو فقير نظاماڻي ڄڻ ٻئي
درجي جا شاعر هئا. سنڌ اندر بيتن ۾ سانوڻ جا همعصر شاعر ٻيا به گهڻا ئي هئا، جن ۾ پاهڙ دل (پروڙ جو)، غلام حسين مغل (سنڌڙي، تعلقي کپري
جو)، طيب خاصخيلي (ٽنڊي غلام علي جي پاسي جو)، مريد پالاري (ڪوهستان جو)، گل محمد کوسو (کوسن جي ڪيٽي، تعلقي سجاول جو)، شادي ۽ شادمان مري
(تعلقي کپري جا)، مرزو نوحاڻي (ڊگهڙي طرف جو)، منو چانڊيو (موري تعلقي جو) ۽ ٻيا مشهور هئا، جن جا بيت سندن پنهنجي تَر ۾، ۽ آسپاس هليا
3؛
مگر نڙ – بيتن جون اهي وڏيون ڪچهريون جن جو مرڪز ڀٽائي صاحب جو ميلو هو، تن ۾ سانوڻ ۽ سندس مٿي ڄاڻايل ساٿيارين جي ڀيٽ ۾ ٻين شاعرن جا بيت
نسبتاً گهٽ هليا ۽ انهيءَ ڪري مشهوريءَ جي لحاظ سان ”نڙ جي بيتن“ ۾ سانوڻ ۽ سندس ساٿيارين کي ڄڻ مرڪزي حيثيت حاصل ٿي.
سانوڻ ۽ ٻين جي سوانح حيات بابت جيڪي معلومات ملي سگهيا، تن کي هر شاعر جي بيتن کان اڳ هن ڪتاب اندر قلمبند ڪيو ويو آهي. البت انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي وڌيڪ ٽاڻا ۽ اهڃاڻ
مليا آهن سي هيٺ ڏجن ٿا.
سانوڻ: هڪ روايت موجب سانوڻ جي پيءُ جو نالو ڪارو هو، جو تعلقي بدين ۾ ”ڪڍڻ“ لڳ ”پني“ جو ويٺل هو. ٻيءَ روايت موجب سانوڻ، جيئو، جلال ۽ سِلوُ پاڻ ۾ چار ڀائر هئا، اوائلي
دور ۾ سانوڻ تيرهن سال ڳوٺ مراد علي خان ٽالپر ۾ شاعر محمد خان ٽالپر وٽ ويٺل هو. مرحوم بنگل فقير لغاري (ويٺل لڳ ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ماتلي) اسان کي خاطريءَ سان خبر ڏني ته؛ سانوڻ، ڳوٺ سعيد خان جمالي (تعلقي ماتلي) ۾ خود سعيد خان جي اوطاق تي وفات ڪئي. قاضي الله ورايي جي
روايت موجب ”فتح باغ“ (تعلقي ماتلي) ۾ وفات ڪيائين. وفات بعد سندس پنهنجي وصيت موجب سندس جنازو کڻي وڃي ”اوٽي وارن پيرن جي مقام“ (ماتلي ۽
ٽنڊي غلام علي جي وچ ۾) ۾ دفنايائون، جتي سندس قبر موجود آهي. سندس وفات اندازً سنه 1935ع ڌاري واقع ٿي.
بنگل فقير لغاري خبر ڪئي ته؛ سانوڻ پڪو مڙس هو جو شاعر ٿيو؛ ڪي ڪي اڇا به هئس، چيائين ته، علي خان ڪورائي (ويٺل ڪوراين جو ڳوٺ، شهر ٽنڊي باگي کان هڪ ميل اتر طرف) عرس
پٺاڻ (ويٺل شهبازي نوتڪاڻي، تعلقو ماتلي) ۽ خير و لغاري (ويٺل آڇاري جو، تعلقو ٽنڊو باگو) اڳ بيت ڏيندڙ هئا ۽ علي بخش جسڪاڻي ساڻن ڪاني
وڄائيندو هو. سانوڻ جڏهن شاعر ٿيو ته انهيءَ ٻاريءَ سان گڏ پنهنجا بيت ڏنائين. پوءِ علي خان ڪورائي ۽ ٻين سانوڻ جا بيت ڏنا. انهن مڙني ۾
علي خان کي سانوڻ جو گهڻو گُن ياد هو.
زندگيءَ جي پوئين دور ۾ سانوڻ سان موسو پٽ گلو خاصخيلي (ويٺل ”ڪنڊڙي“، تلهار کان ٻه ميل اوڀر، نصير واهه جي ڪاري موري لڳ) ڪاني وڄائيندو هو،. موسو ڪچهريءَ جي نڙ ۽ ڪاني
جو ملوڪ هو. نڙي اهڙي ته مٺي ۽ سُر ۾ هئس جو ”نڙ“ جهلي به نڙيءَ سان ”گُر“ پورو ڪري ڇڏيندو هو.
سانوڻ جا بيت محض بياني نه آهن، مگر بيان سان گڏ اهي سندس پنهنجي سوز ۽ جذبي جي ترجماني آهن ۽ انهيءَ ڪري ئي سامعين تي سانوڻ جي بيتن جو وڏو اثر ٿيو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ
ڪونهي ته سنڌ ۾ اندازً 1915ع کان وٺي 1955ع واري دور جي نڙ – بيتن جي ڪچهرين ۾ سانوڻ ۽ سندس بيتن جي هنڌ و ماڳ هڪل ۽ هونگار هئي. سانوڻ پاڻ
پنهنجا بيت وڏي سوز سان ڏنا. بيتائي ڏاڙهون جوڻيجي (ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو) چيو ته؛ ”سانوڻ کي اندر ۾ آڳ هوندي هئي، پوهه جو
مهينو ۽ سخت سيارو هو جو بيت پئي ڏنائين؛ اسين هونگاري وارا پئي ٿڙڪياسون پر سانوڻ جي لون لون مان پئي پاڻي ڪِريو“ سانوڻ جي ٻالڪي رمضان
عرف توڏي فقير مري سان تاريخ 11 آگسٽ 1949ع تي اسان جي ڪچهري ٿي. چيائين ته؛ سخت سيارو هو ۽ منهنجي مڪان تي ڪچهري هئي. سانوڻ اهڙي ته جوش
مان بيت چيا جو پگهر پئي وڙهس؛ مون کي وري وري پئي چيائين ته؛ ”ادا توڏا پاڻي وراءِ“ بيت ڏيئي پاڻيءَ جا ڍڪ ڀري پيو چوي ته: ”هاءِ ڙي
هاءِ!“ تو ڏي فقير چيو ته؛ ”سانوڻ، محمد فقير کٽياڻ کي چيو ته: ”سور تو کان وڌ اٿم، پر ڇيريون ڪونه ٻَڌم.“
سانوڻ جا بيت سنڌ ۾ ايترو ته مقبول پيا جو هن وقت به وچولي ۽ لاڙ ۾ بيت ڏيندڙن مان ڪو ورلي اهڙو هوندو، جنهن کي سانوڻ جو بيت ياد نه هجي مگر سانوڻ جا بيت جيترو وڌيڪ
زبان زد عام ٿيا، اوترو ئي بيت ڏيندڙن جي ڀُل ۽ ويسر توڙي سندن پنهنجن اضافن سببان انهن ۾ گهٽ – وڌايون ٿيون. اسان کي سندس ڪي ٿورڙا اهڙا
بيت مليا جي ٻن جدا بيت ڏيندڙ راوين هوبهو ساڳيءَ طرح ٻڌايا هجن. گهڻو ڪري سانوڻ جا اڪثر بيت جدا راوين وٽان جدا نموني ۾ (سٽن جي پڙهڻين ۽
ڦير گهير، اڳ پوءِ، يا گهٽاوڌيءَ سان) مليا. هن ڪتاب لاءِ سانوڻ جي بيتن جو متن اسان ٽن مکيه راوين جي پڙهڻين مطابق قائم ڪيو آهي. 1. سانوڻ
جي مکيه راوي علي خان ڪورائيءَ جي روايت جا محترم محمد طالب لوهار، خود علي خان ڪورائيءَ کان قلمبند ڪري موڪلي؛ 2. حسين فقير هڱوري جي
روايت جا هن کي سانوڻ جي شاگرد شاعر مولا بخش خاصخيلي کان ملي: ۽ 3. لاڙ (ٽنڊو محمد خان) جي سگهڙ الله ورائي نظاماڻيءَ جي روايت، اهي بيت
جيڪي سگهڙ الله ورائي نظاماڻي کان مليا سي وڌيڪ ڊگها هئا، پر جيئن ته الهه ورايو نظاماڻي پاڻ سگهڙ شاعر آهي. انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته بيتن
۾ ڪن سٽن جو هن پاڻ پنهنجي طرفان اضافو ڪيو هجي. بهرحال اسان ڪوشش ڪري، مختلف رواين کان سانوڻ جا گهڻي ۾ گهڻا بيت گڏ ڪيا آهن
1 ۽ پڻ مختلف روايتن کي ڀيٽي حتي المقدور بيتن جو صحيح متن قائم ڪيو آهي.
مولا بخش خاصخيلي؛ مولا بخش جي سوانح سندس راوي حسين فقير هڱوري جي زباني لکي ويئي آهي
2
مولا بخش، سانوڻ کان گهڻو متاثر ٿيو، ۽ سانوڻ وانگر مولا بخش جا بيت پڻ سندس ذاتي جذبن ۽ احساسن جو آئينو آهن؛ هو قصو ڳائيندي ڳالهه پنهنجي
پيو ڪري، بلڪه پٿر پرائي سور پنهنجا پيو روئي. ”مارئي“ جي بيتن ۾ مولا بخش مارن جي رهڻي ڪهڻيءَ جا سُئي سڳي سوڌا پار ڏنا آهن ۽ سارنگ جي سر
۾ ملڪ جي مختلف ماڳن ۽ ڀاڱن ۾ مينهن جي مانڊاڻن ۽ سانگين ۽ سنگهارن جي خانه بدوش زندگيءَ جا ذري پرزي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڏنا آهن. مولا بخش جي
بيتن ۾، هر سُر جي مضمون جو تفصيلي بيان ۽ ان سان گڏ سندس پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو سمان سمايل آهن.
محمود شيخ: محمود شيخ، ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي (تعلقو هالا) لڳ زندگيءَ جو گهڻو عرصو گذاريو. نيڪ نمازي ۽ پرهيز گار هو. مڙس قد جو ننڍو هو پر آواز گهڻو هوس ۽ واهه جا بيت
ڏيندو هو. راضي فقير لاشاري مرحوم پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته؛ ”سانوڻ سو سڀني ۾ گهڻو هو، باقي ٻئي نمبر ۾ محمود شيخ بيتن جو وڏو شاعر هو.“
راضي فقير غالباً محمود شيخ جي سُر رامڪلي مان چيل هڪ بيت جون هيٺيون سٽون مثال طور اسان کي ٻڌايون ته:
هنگلاج هلڻ جا سامين ڪيا سعيا
جاما پنهنجي جان تي جن پاڪ ڪري پايا
لاهوتين لاهيا، آسانگا ارواح جا.
هن مقدمي لکڻ وقت البت اسان کي پنهنجي آڳاٽي قلمي يادداشت مان محمود شيخ جا هيٺيان بيت مليا، جن مان ظاهر آهي ته فقير رامڪلي جو سُر واهه جو ڳايو.
1 – هليا ها هنگلاج ڏي پسڻ پار پريون
محبت جون محمود چئي، کليو بهشت دريون
لهي ويون لاهوتين تان جي هيون ڀل ڀريون
جيجان تن جوڳين جي ڪهڙي ڳالهه ڪريون
ٻئي ٿي شمع ٻريون، اکيون آديسين جون.
2 – ڪهڙا جوڳي جوڳ جا، ڪهڙا جوڳين جُڳ جُنگ
ڪهڙا سامي سنرا، ڪهڙا سامين سُنگ
نشا پيتائون نيهن جا، دارون پيتئون دنگ
محبت جي، محمود چئي، هنن روئي گُهري رُنگ
لاهوتي سي لُنگ، ٻولائي ٻڌي ويا.
محمود جو خاص ٻالڪو ۽ راوي جمعو شيدي (ويٺل ڳوٺ باقر خان نظاماڻي تعلقو هالا) هو جو ڪچهرين ۾ خاص سندس بيت ڏيندو هو راضي فقير چيو ته: جمعو شيدي خاص طرح ”ڀوري“ ۽ سيف
الملوڪ“ جي سُرن مان محمود شيخ جا بيت ڏيندو هو.
راضي فقير جي بيان مان معلوم ٿيو ته محمود شيخ ”سر ڀوري“ مان پڻ بيت چيا پر اسان کي اهي سر دست ملي نه سگهيا. جمجما سلطان، يوسف زليخان، ليليٰ مجنون، سيف الملوڪ ۽ مورڙي
بابت محمود شيخ جا چيل بيت اسان آڳاٽو گڏ ڪيا، جي لوڪ ادب سلسلي جي ”چوٽيهين“
1
۽ ”ڇٽيهين“ 2
ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ٻين قصن ۽ داستانن بابت سندس چيل بيت پڻ ڏنا ويا آهن مگر باوجود انهيءَ جي محمود شيخ جا ڪيترائي بيت دستياب
نه ٿي سگهيا آهن.
بچايو فقير رند: بچائي فقير جي حياتيءَ جو احوال اسان خود بچائي فقير جي پنهنجي زباني سنه 1952ع ۾ قلمبند ڪيو جو اندر ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.
3
ٻه سال پوءِ سنه 1952ع ۾ 82 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. بچايو فقير ڪچهريءَ جو مور هو. سندس بيتن جو اسلوب بيان سانوڻ سان ملندڙ جُلندڙ
آهي. بچائي فقير پنهنجا بيت ڇپايا هئا ۽ اهو اصل ڪتابڙو اسان کي ڏنائين ۽ پڻ ٻين بيتن جا اضافا ڪيائين؛ انهيءَ ڪري بچائي فقير جي بيتن جو
گهڻو ذخيرو هن ڪتاب ۾ شامل ٿي سگهيو آهي.
4
الله ڏنو نوناري: سندس سوانح حيات، اندر ڪتاب ۾ سندس بيتن کان اڳ ڏني ويئي آهي.
5 هن ڪتاب لاءِ الله ڏني جا بيت اسان کي ٿورا ملي سگهيا آهن؛ سندس بيت گهڻا آهن جي ڪچهرين ۾
هلن ٿا.
جمعو ٻارچ: راضي فقير مرحوم سنه 1950ع ۾ اسان سان ڪچهري ڪندي خبر ڪئي ته: ”سندس نالو جمعو پٽ ٻارچ جو ۽ ذات جو خاصخيلي هو. حيدرآباد کان اُڀرندي طرف جو ويٺل هو، ۽ سنه
1947ع ۾ اسان ڏٺو هو. عمر جو ڪرڙاٺ هو. بيت ٺاهيائين ته پنهنجي پيءُ ٻارچ جو نالو وڌائين. محبوب سبحاني جي ٻيڙي واري معجزي تي چڱا بيت
چيائين. پاڻ بيت ڏيندو هو ۽ چڱا ڏيندو. 1. هه:
هن ڪتاب لاءِ، جمعي جا بيت اسان کي ٿورا ملي سگهيا ۽
جيڪي مليا سي سندس راوي بچي کور کان سنه 1958ع ۾ مليا.
|