بچايو فقير رند
بچايو پٽ بنگل خان رند بلوچ، ڳوٺ دَليل رند (کاڻِي ۽ سِنڌڙيءَ جي وچ۾) تعلقي کپري ۾ ڄائو، سندس وڏا خيرپور رياست ۾ جُهونجهاڻ مان لڏي اچي هيڏانهن کپري طرف ويٺا هئا ۽
اتي آباديءَ لاءِ نئين کوٽايل مٺرائو واه مان ڪڙيا اچي کنيائون. بچايو اُتي ڄائو پر پيءُ مري ويس، ڇٺيءَ جو ڇورو ۽ ڇورو ٿي نپنو. 12 – 14
ورهين جو ٿيو جو ٻين مائٽن عزيزن جي سانگي اتان لڏي وڃي ڳوٺ ٽالهو رند (چنبڙن لڳ) تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ويٺو. اتي جوان مڙس ٿيو ۽ هڪ ڏاڍو
مڙس چور ٿي ساماڻو. هڪ دفعي (ٽالهي رند جي ڳوٺ واري) مدد شاهه سيد چيو ته؛ ”جيڪو ڀري کڻائيندو، تنهن سان ڌڻي ڀلائي ڪندو“ بچائي فقير چيو ته
”منهنجو هن گفتي طرف ڌيان ٿيو، سيد کي ڳوٺ تائين ڀري کڻائي آيس – ان بعد انهيءَ سيد، مصريءَ جي ڳَڙي پياري، جنهن نشو چاڙهي ڇڏيو ۽ ست ورهيه
مستان رهيس“. مستيءَ بعد انهيءَ سيد کيس پنهنجن مريدن رندن مان پرڻايو ۽ اولاد ٿيس. ان بعد اتان لڏي اچي سندس ناناڻي ڳوٺ محمد خان رند (لڳ
جهول) تعلقي سنجهوري ۾ ويٺو. 1932ع ۾ براج واهن تي گور والا کيس پنجاهه ايڪڙ زمين ڏني ۽ پهرين قسط پاڻ ڀريائين. پوءِ زمين تي پنهنجو ڳوٺ
ٺاهي ويٺو ۽ بچائي فقير رند جو اهو ڳوٺ اڃا تائين موجود آهي.
*
بچايو فقير اڃا ٽالهي رند جي ڳوٺ ۾ سيد مدد شاهه وٽ هو جو بيت ڏيڻ لڳو. پهريائين هي تُڪ چيائين ته؛
”هتان مونکي هاڻ، ني مديني جي ملڪ ۾“.
ان بعد بيتن جي کنڌي کنيائين:
مديني جي ملڪ جا کاڄ هلي کائون
سرها آهن سڀين پرين ماکيءَ مٺائون
منهنجو مڙهه ملير ڏي نج هادي هِتائون
بخشين سڀ بچايو چئي منهنجو خانو خطائون
پوريون ڪرين پاڻ ڌڻي منهنجي روح جون رٿائون
پنهون جي پيرانديءَ کان هجان شل آئون
انهيءَ روضيءَ جون ڇائون، مئي کان پوءِ مون تي ٿين.
بچائي فقير چيو ته: ”استاد منهنجو منٺار فقير راڄڙ، جنهن مون کي ڇوڪرڙو هوس، جو لب وڌي هئي.“ چيائين ته: ان کان اڳ به آءٌ بيتن جي ڪچهري ۾ ويهندو هوس. پانڌي پنهور جا بيت هلندا
هئا جو اسان کان اڳ هو. پوءِ ”سانوڻ“ ۽ ”بچائي“ گڏ بيت چيا. چيائين ته: پير ڀٽائي منهنجي هن نياز جي گفتي کي گهڻو ساراهيندو هو ته، ”بخش
گناهه بچايو چئي....“ سانوڻ کي چوندو هو ته: سانوڻ، تنهنجا بيت ڀلا پر تنهنجي نالي واري مصرع ۾ تو پاڻ کي ساڙي ڇڏيو آهي جو ”سڙيءَ جو سانوڻ
چئي وغيره....“
بچائي فقير جا بيت پهريائين ٽنڊي آدم ۾ ڇپيا پر غلط هئا، انهيءَ ڪري فقير اها ڇپائي بند ڪرائي ڇڏي. ان بعد وري نواب شاهه مان سندس بيتن جو ڪتابڙو ڇپيو.
بچايو فقير ڪچهريءَ جو ملوڪ، گفتي جو ملوڪ ۽ زبان جو ڇُٽل، پنهنجي بيتن چوڻ وقت معنيٰ ڪندو ملائيندو ويندو هو. سندس ڪي گفتا ته: ماڪوڙين کي ڏسو ته بر ۾ تخت بنايو رڻ ۾
رنگ لايو ويٺيون آهن، آءٌ پيرين پئي پيو چوان ته ٻيلي جي اوهان ۾ به ڪو پير فقير آهي ته ان جي آڏو منهنجو نياز سلام آهي. اهڙيءَ طرح ڳيرو
”الله هو“ پيو ڪري ته ٽيٽهر ”والتين والزيتون“ پيو پڪاري وغيره.
بچايو فقير بدن جو ڳرو ۽ همت ڀريو مڙس هو. پيري هوندي سندس هاٺي ڪاٺي واه جا هئي. پنهنجي تر ۾ ڪچهري ڪانه ڇڏيائين، اسان کيس پير صاحب پاڳاري جي درگاهه، ڀٽائي صاحب توڙي
ٻين درگاهن تي يارهين يا ميلن جي موقعن تي بيت ڏيندو ڏٺو. نهايت خوش خلق ۽ خوش مزاج هو. سنه 1954ع جي وچ ڌاري پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين.
ساراهه
1 – الله جل جلاله، صاحب ربّ سَچو
قادر! پنهنجي قدرت سان، پوري ڪونه پيو
تون ڪرين تيئن ٿئي، ڪَري ڪونه ٻيو
ربّ تون، رحيم تون، قادر تون، ڪريم تون، جليل تون، جبار تون، تون آهين مالڪ مُلڪن جو
آءٌ آهيان ڏڍ تنهنجي، مون ٻيو تڪيو ڪونه تڪيو
تون آهين ايمان اسان جو، ڏسڻ جو ڏيِو
جن ٿي سڪندر سڏايو پاڻ کي، تن جو پَرو ڪونه پيو
تو اَڏايون تجرون تن تي، جن توکي ياد ڪيو
تڏهن محبوب پنهنجي ملڻ جو، مونکي ڏس ڏيو
”فاذڪروني اذڪر ڪم“ اٿم اعتبار اهو
آهيان غافل گناهن ۾، مون ڏاڍو ڏوهه ڪيو
محابي محمّد مير جي، مونکي معاف ڪريو
بخش گناهه، بچايو چئي، مون کي اُنهيءَ سيّد جو صدقو
جن اهو پنڌ پڇيو، وندر سي ئي وينديون.
2 – الله جل جلالھ، صاحب ربّ سچو
هڪڙا گدا گرغني ڪيئي، جن جي ڪيو تخت حوالي تو
ٻيو وري سڪندر کي سوري چاڙهي، جو روئندو رت ويو
قادر! تنهنجي قدرت تي، پوري ڪونه پيو
منهنجي پاندي پوري نٿي ٿئي، جي ڦوليان ٿو ڦورو
اڻ ڪتيو اگهائج، مون ڏڏيءَ جو ڏورو
پهرين ڪلمون راس ٿيو، پرين پوءِ ڄائو
بخش گناه، بچايو چئي، مونکي صدقو سيّد جو
جو هئو هينئين ۾ هٽڪو، سو محمّد ڄائي معاف ٿيو.
3 – الله جل جلالھ، تون آهين صاحب ستارو
مڙيئي تو وٽ منگتا، تون هڪڙو ڏيندڙ ڏانارو
اُمت تنهنجي آسري، سڄو جڳ سارو
تون ڪرين تيئن ٿئي، آهين والي وَس وارو
هڪڙيون ڪَتيندي ڪنبي ويون،جن کي ويو لهي سج سارو
ٻِينَ کي ويٺي کڻي وَجههُ ڏنئي، جو ڏنئي ڏيکارو
ٽِينَ جو ڪتيل ئي ڪپاهه ڪيئي، سڄو سُٽ سارو
تڏهن توبھ تنهنجي در ٿو پِني پينارو
هادِي! تنهنجي هٿ رِيءَ، چَلي ڪونه چارو
محابي محمّد مير جي، ڪج محشر موچارو
بخش گناهه، بچايو چئي، اڳيان تُرندو تراڙو
هِي ڌڻ اٿئي ڌاريو، سو پرور! نج پناهه سان.
4 – الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ ستّار
تون مِيون، آءٌ مڱڻو، مون ۾ عيب اپار
متان عيب اگهاڙين، ڍڪج ڍَڪڻهار
تون ڏئين ڏهاڙي ڏيهه کي، تون آهين ڏيڻ جو ڏاتار
سَوين سُوالي تو وٽ، مون ڏٺا آهن منگتا مڱڻهار
ٻيا ڪَئِين نِرمل تو نوازيا، ڪوڙين لک هزار
تون ڪرين ٻاجهه ٻانهي تي، لَهن حرف هزار
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، تون صاحب ربّ ستار
ڌڻِي! تو کار ڌار، مون ڪِيڙي ڏِٺي آهي ڪانَڪا.
5 - الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ سچو
مِٺي محمّد مير جي، صفت اوهين سڻجو
مڪي جي شهر ۾ جڏهن مال چاريندو هو
تڏهن پَهرائي پِرهه سان، اُٿي هوت هليو
تڏهن موليٰ ملائڪ موڪليو، رازق رحمت جو
حڪم ڪر زمين تي، ڪر سائو گاهه سِگهو
اسر ساڻ الله جي، ٿيو سائو گاهه سگهو
مال چري محبوب جو، کائي خوش ٿيو
نَبِي سُمهي ننڊ ۾، پيغمبر پيو
قادر حڪم ڪڪر کي، پرور پاڻ ڪيو
سامهون ٿي سج کي، متان ڪري تڙڪو
ماڻهن کي ماٺ لڳي، عجب ٿيو اهو
سارو ڏينهن سُڃ ۾، آهي وِهاريو ويٺو
سانجهيءَ جو سڀڪا، اچي کير کنيو
ايڏو راض رسول تي، پرور پاڻ ڪيو
بخش ڏوهه، بچايو چئي، مونکي انهيءَ سيّد جو صدقو
جڏهن ڪلمون راس ٿيو، تڏهن ٿيو اُمت آسرو.
6 - الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ سچو
مٺي محمّد مير جي، صفت اوهين سڻجو
موليٰ جڏهن معراج تي، ٿي سائين سڏايو
تڏهن جبرائيل جلد سان اُتاهين آيو
ڪري سڏ سردار کي، اچي سالڪ سمجهايو
اُن تي سيّد سوار ٿي، توکي گهاتو گهرايو
وٺي ڪنجڪ ڪريم جي، جبرائيل آيو
اڳيان ڇهين آسمان تي، ملائڪ ٻولايو
منهنجي طاقت ڪانه ڪا، پرين! پاڻ وڃو
هئي چاڙهي هڪڙي، جنهن کي ڏاڪو ڪونه هئو
سونن دُرن سان ڇوڪرو، اچي حاضر ٿيو
رکي قدم تنهن تي، سيّد سولو ٿيو
سو به اٿئي جيلاني جڳ ۾، ساري ڏيهه ڏٺو
موزا لاهي ميدان تي، وڃي سيّد سوار ٿيو
ڪيو آواز اندر مان، قادر قدرت جو
ته جُتيءَ سان جانِي! اوهين چڙهِي هِت وِهو
تڏهن چيائين: سوا لک نبين جو، عيسيٰ اتي هو
موزا لاهي ميدان تي، اچي وهندو هو
سوا لک نبين جو، جڏهن مون پيدا ڪيو
ڪيم اُمتي تنهنجا، مڃيائون دين تنهنجو
نه خلقيان ها توکي، نه خلقيم جڳ ٻيو
تنهنجو مَٽ محمّد! ٿيو نڪو ٿيندو
ايڏو راض رسول تي، پرور پاڻ ڪيو
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي سيّد جو صدقو
انهيءَ ڏينهن ڪلمون در ٿيو، مِٺي محمد مير تي.
7 - الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ سچو
مٺي محمد مير جي، صفت اوهين سڻجو
جڏهن هن دنيا مان، ٿي لاهُوتي لَڏيو
تڏهن موليٰ ملائڪ موڪليو، پرين ڏي پنهنجو
ته هوندئو هن دنيا ۾، ڪين اسان ڏي ايندئو؟
چيائين: ٽي ڳالهيون منهنجون، جي قادر قبول ڪندو
ته ايندس آءٌ ايڏانهين، وٺي ساٿ سڄو
هڪڙو، صورت نه مَٽجي ڪنهن جي، توڻي ڪري گناهه وڏو
ٻه ڀيرا هفتي ۾، مونکي پيغام پُڄائجو
ڏسي ڏوهن ۽ گناهن ڏي، ڪريان عرض اُمت جو
ته ڇڏايان عاصين کي، ٿيان مهندار محشر جو
اهو راض رسول جو، قادر قبول ڪيو
هاڻي بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي انهيءَ سيّد جو صدقو
سو ملائڪ موٽيو، وڃي حاضر ٿيو حضور ۾.
نصيحت
8 - 8الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ سچو
ڪجانءِ خوف خالق جو، جو آهي قادر ڪُلني جو
عزازيل انهيءَ کي، ماڳهين ڪين مڃيو
تڙجي سو تڙ تان، ورهين کان ويو
هاڻي مڃ مٺي محمّد کي، جو آهي مهندار مڙني جو
ڪَتڻ واريون ڪوٺبيون، سڀان سڏ ٿيندو
مون پَهو پڃايو ڪونه ڪو، مون کان پُوڻيءَ جو پڇندو
محابي محمّد مير جي، اچي بديون بخشيندو
بخش گناهه، بچايو چئي، مون کي صدقو سيّد جو
جڏهن اچي بخشڻ تي بيهندو، تڏهين ڪوڙين ڇٽنديون ڪيتريون.
9 - الله جل جلالَھُ، صاحب ربّ سچو
ماڻهوءَ کي مغز ۾، هڪڙو بانور آهي بڇڙو
تڙايائين ٿي تن کي، جن توڙئون تڪبر ڪيو
انهي بانور ڪئين بيران ڪيا، جن ٿي سڪندر سڏايو
هر ڪو هن دنيا مان، ويو وڄائي وارو
هڪڙا ڪَئين ديوانا دنيا جا، تن جو پرو ڪو نه پيو
پر جي ٿيو مطلب پورو دنيا ۾، ته به ٿيو نڪي ٿيندو
جيسين موليٰ مليس ڪينڪي تيسين ڄائو نڪي ڄمندو
منهنجي نفس نادان ۾، ويري آهي ويٺو
ڪيو اٿئون سوال سرڪار ۾، اچي محي الدين ماريندو
ڪڍي منهنجي قلب مان، نهوڙي نيندو
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي سيّد جو صدقو
جتي ترارڙو ترندو، اتي شل ڪانياري ڪانه ٿئي.
10 - الله جل جلالَھُ، ساراهيان سبحان
بندا! تنهنجي بُت کي، حرص ڪيو حيران
ڪَئين هليا ويا ڪيترا، ڇڏي مير مڪان
ٺوڪي هٿ هليا ويا، ڇڏي طنبو ۽ طولان
ڪڍي ڇڏ قلوب مان، کوٽائي جو کام
واري رک وجود ۾، محبت جو مڪان
سرهو ٿي ساڻيهه ۾، ساڳو ئي سلطان
وٺجئين راهه رسول جي، ته جنت پَسين جام
اهي ريتيون، رند چئي، ڪي جُنگ پروڙين جوان
ڪلمون ۽ قرآن، ايندئي ڪم قبر ۾.
11 – ايندئي ڪم قبر ۾، جتي ڀاءُ نه ٿيندئي ڀيڙو
وساري ڇڏ وجود کي، ٿي نرمل سان نيڙو
عاشقن اڳيئي ڪيو، پنهنجي جيءَ سان جهيڙو
ٻَڌ سندرو سچائيءَ جو، متان ٿين لَڪن ۾ ليڙو
حسن مير حُسين سان، وڃي ڪندئي بچايا، ڀيڙو
پنهونءَ جو پيرو، وڃائي ولهيون ٿيون.
معجزو نبي صلعم جو، محسن اصحابيءَ وارو
12 – مالڪ ٿي مرضي رکي، سيّد جي سڀڪا
سڻو سڀ ڪنن سان، معجزا محمد مير جا
لڳي جنگ تبوڪ جي، هليا هوت هتان
”محسن“ نالي هڪڙو هو اصحابن منجهان
تنهن چيو پنهنجي ماءُ کي، منهنجي جيجل ماءُ
موڪل ڏي مونکي ته وڃان گڏجي غازين سان
ڪين ڇڏيندس ڪڏهن، منهنجا اکين ٺار اَبا!
بنان موڪل ماءُ جي، آيو هلي هيج منجهان
هوءَ به آئي ڪندي ڪِيهون ڪيتريون، دانهون درد منجهان
سُڻ فرياد منهنجو، مير محمّد شاهه!
مُحسن منٿ منهنجي مڃي نٿو مُوران
واري ڏيو مونکي، منهنجي امانت اَن
اِهي بار، بچايو چئي، هن جا سيّد سڀ سٺا
اٿي هوت هتان، جوان هليا آهن جنگ تي.
13 – جوان هليا هئا جنگ تي، وڃي کنا کوڙيائون
ماري مجوسين کي، ليکا لاٿائون
ٿي سَڻائي سيّد جي ۽ فتح ڪيائون
هُو به شير شهيد ٿيو، جو اُتاهون آندائون
ڪٽڪ ٿي ڪاهيائون، آيا مير مديني تي.
14 – آيا مير مديني تي، ڪٽڪ کي ڪاهي
جيڪا رضا رب جي، سا پير به پڄائي
سڏ ڪيو سردار سان، بيٺي ڳوري ڳالهائي
آندي اٿئي امانت منهنجي، يا آيون رهائي؟
ڪامل ڪُڇي ٿو ڪينڪي، پيو ڳجهه ۾ ڳالهائي
آيو جبرئيل جلد مان، ٿو سيّد پاڪ سچي
هيون چوڏهن منزلون پنڌ جون، اڃان هوند پري
پهرئين سَڏِ سَڏُ ڏنو، مُحسن محمّد کي
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي سيّد جي صدقي
بيٺو ربّ رکي، مرضيون محمّد مير جون.
15 – مرضيون محمّد مير جون، سُيون ربّ ستار
لطف ساڻ لنگهائن، ڪيچاڻي قطار
خالق خلق خلقي، تنهن ۾ سيد ڪيائين سردار
کڻي ٿو بار کُهينَ جا، توڻي آهن عيبدار
مون به ڪيون ڪچايون ڪيتريون، بَديون بيشمار
بخش ڏوهه، بچايو چئي، سُڻين ربّ ستار
ڪلمي جي آڌار، اُمتي ڇُٽندا ايمان سان.
معجزو نبي صلعم جو: اُٺ وارو
16 – ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيو جڳ جهان
ساراهيان تنهن سيّد کي، جو عالم جو اِمام
ساراهيان چارئي يار رسول جا جن اول آندو ايمان
ساراهيان پنجئي تن پرينءَ جا، جن لاءِ جڙيو جڳ جهان
هڪڙو آدم خلقيئي آدمي، ٻيا مَلَڪ، جِن، حيوان
تن مان هڪڙا شاهه سڪندر ڪئين ڪيئي، جن جا ايڏا ڪيئي اخوان
ٻيا ڪيئي تالابين تخت تي، سائين سليمان
ٻيا گهوٽ چڙهيا اچن گهوڙن تي، کٽن مٿي خان
ٻيا مهري ڏيئي ملوڪن کي، صاحب ڪيئي سامان
ٻين کي حاڪم ڪيئي حڪومت ڏيئي، جن کي سوين ڪن سلام
ٻيا ڪيئي پيرين پيادا پنڌ ۾، جي هلڻ لاءِ حيران
ٻيا مانيءَ لاءِ محتاج ڪيئي، جن کي تازو ملي نه طعام
ٻيو ڪِيڙيءَ کي ڪَڻ رسائين، جتي آهي بَر بيابان
ٻيو مِرن کي ماس ڏنئي، جتي هليا وتن حيوان
ٻيو قضائن تي ڪيترا، ڪي قاضين جا ڪِمام
قادر! تنهنجي قدرت جي، آهي ڪل ڪيهين کي ڪانه
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، آگا! ڪر احسان
جن آندو احمد تي ايمان، دوزخ تن تان دور ٿيو.
17 – دوزخ سو اچي دور ڪندو، سُڻ سائينءَ جي صفت
ڪري ڪريان ڪيتري، آڳي جي عبرت
لنگهي ويا لاهوت ڏي، جاني سڀيئي جَت
ڪَرهو اُتي ڪري پيو، جنهن کان ڪُل ويئي طاقت
عربي چڙهيو اُٺِ تي، مير ڪري مصلحت
ڪَرهي اتي ڪُڻڪ ڪئي، منهنجي محمّد! ڪرمَدتَ
عربي جهلي اُٺ، بيهي رهيو، بچايو چئي.
18 – بيهي رهيو، بچايو چئي، سيّد اتي سردار
موليٰ اسان کي موڪليو، ڪري اڙين جو آڌار
اٿئي بُک بدن ۾، ڪِين بنهه آهين بيمار
ڪِين جائون اٿئي جان ۾، ڪهڙو اٿئي لاچار
ميا! ڪڍي مهار، توکي ڪيئن جَت ڇڏي ويا جوءِ ۾؟
19 – جڏهن جُت ڇڏي ويم جوءِ ۾، تڏهن سائِي ٿيو آهين سردار
جڏهن جوڀن هئم جان تي، تڏهن هوس مِڙن جو مهندار
جهاٻا جهوڙا ڪيترا، مون کي ايڏا ڪيائون اختيار
ڪئين ناڪيليون نَڪن ۾، ڪوڏ منجهان ڪاپار
گِهنگهريا منهنجي گوڏن ۾، مون کي سڀ ڪيائون سينگار
ٻي بغدين جي، بچايو چئي، هئي منهنجي ڪڍ قطار
ٻڌبي هئي، ٻروچ چئي، منهنجي لکن ۾ للڪار
جوڀن ويو اٿم جان تان، تڏهن بنهه ٿيس بيڪار
هڪڙا اٿم ڦَٽ فراق جا، ٻيا چٽا اٿم چوڌار
ساڻي ٿيو آهين سردار، تڏهن پيو اٿم ساهه سرير ۾.
20 – پيو آهي ساهه سرير ۾، جڏهن اَجهو ٿيو آري
هڪڙي رُڃ عجيب رِي، ٻِي واٽن تي وارِي
هڪڙو حڪم حاڪم جو، ٻيو زور سُڄي زاري
ڪنڌي اٿم ڪانه ڪا، تنهنجي اٿم تاري
سيّد! ڳالهه سارِي، روشن اٿئي، رند چئي.
21 – روشن اٿئي، رند چئي، مڙيئي معلومت
ڇڏي مون ڇپر ۾، جاني ويا جَت
ويم وسيعت وجود مان، ڪل جڏهن ڪاڪت (1)
تڏهن ٻڌم، ٻروچ چئي، سيّد! تنهنجي صفت
آهين وسيلو ولهين جو، ڏين ٿو هيڻن کي همت
اِها سيّد تنهنجي صفت، پئي ملائڪن وٽ مون ٻڌي.
|