سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :22

262 – ميم ئون ماروئڙن جا، چُري پيا آهن چاڪ

ڇو باري وڌئي بند ۾، تاڙا ڏيئي طاق

هت ڳري وينديس مري، هينئون ٿيم هلاڪ

پيو ولوڙو وجود ۾، ڦٽيس انهيءَ فراق

ڪڍ بندياڻي بند مان، سڃاڻي ربّ رزاق

گجرون پنهنجي گام ۾، پلر پين پاڪ

سنگهارن جي، سانوڻ چئي، هاڙهي منجهه هاڪ

هٺ ويندئي هارجي، ميان! ڪر نه مذاق

ڪرڪو خوف خالق جو، جِت پرور پڇندو پاڪ

هُت لالڻ ماڻيو لولاڪ، سو سڃاڻي نيندم سومرا!

263 وينديس ويڙهيچن جي، نون ئون نياپي

ڏيل ته منهنجو ڏٻرو، ڍايو نه ڍاپي

آءٌ مارو مير جي ڏنگيس ڏوراپي

ميان! مارو مير جي، لڳس لاڳاپي

نالو هن نماڻيءَ جو، ڇڏيائون ڇاپي

نالو هن نماڻيءَ جو، مَلڪ ويا ماپي

هن سڙيءَ جي، سانوڻ چئي، من صورت سڃاپي

ڄائي ڪا مَ ڄاپي، مون جهڙي ملير ۾.

264 -  وارو منهنجي وطن جو، وانگي ڪونه وريو

ساريو تن سنگهارن کي، وڃان ماڳ مريو

ساريو تن سنگهارن کي، پوي ڏيل ڏريو

لکيو انگ ازل جو، نيٺ پنهواريءَ تي پريو

مون نڀاڳيءَ جي نصيب ۾، اهو ٻارڻ اچي ٻريو

سورن ۾، سانوڻ چئي، ڪهل مُئيءَ تي ڪريو

دستگير ڌريو، هٿ مون هيڻيءَ تي.

265 – يي ئون مونکي ياد پيا، ڌنار ڌڻولي

جن نپايو نماڻيءَ کي، ڏيئي لاڏ منجهان لولي

مِٺي تن مارن جي، لڳي ٻانهياري ٻولي

آءٌ ٻانِهي تي ٻانهيارين جي، گجر آهيان گولي

ڪنجرا تن جا قيمتي، ٻي چِٽن سان چولِي

قسمت آڻي قيد ۾، هيءَ رندن ۾ رولي

قسمت آڻي قيد ۾، هيءَ ٽولاڪن ٽولي

ڇڏ ته وڃي ڇيلا چاري، هيءَ ڀٽن تي ڀولي

سورن جي، سانوڻ چئي، مون جهلي آهي جهولي

جيئن ڍڪون ڪري ڍولي، تيئن آءٌ ساريان سنگهارن کي.

 

 

ليلان چنيسر

 266 عجب رنگ الله جا، سڀ ڏينهن ڏٺم سيئي

دانهيندي درٻار ۾، مونکي وهامي ويئي

ڪونهي ڏوهه ڪونرو جو، قسمت جا ڪيئي

سورن جي، سانوڻ چئي، پيٽان آئون پيئي

اٿئي معلوم مڙيئي، ٿو دليون پرکين داسڙا!

 

سهڻي ميهار

267 – گهڙو کڻي هلي گهيڙ تي، وڌس نينهن به نهوڙي

وڏي دور درياءَ ۾، بيٺي ٻانهياري ٻوڙي

ڪيائين گُن غريب سان، ڇڏيائين ڇتڙا ڇوڙي

ڏيو ور ولين تان، ٿي ڊيل اُڀي ڊوڙي

سينڌ پٽيون، سانوڻ چئي، ٿي جانب لاءِ جوڙي

تڏهن منهن موڙي، جڏهن لڳس ناوَڪ نينهن جي.

 

ليلى مجنون

267 – ليلى اچي لاڏ سان، مجني کي موهيو

پلنگ پٿراڻيون پَٽ جون، ڊيل اچي ڊوهيو

وڇائي ٿي وقوف سان، عطر مشڪ اوتيو

پچائي ٿي پرين لئي، پڪوان پوهيو (1)

کڻيو اچي خوشيءَ مان ڳُڙ کنڊون ڳوهيو

کارائي ٿي کٿابيءَ کي، ليلى پاڻ لويو

هيرو موتي هار ۾ پائي ٿي پويو

حور ويهي ٿي هنج ۾، ڪُنج ڳچي ڪويو

ٽول پائي، ٽنڊ ڪري، سينڌ پٽيون سويو

صدقي وڃان، سانوڻ چئي، تن کي ڏيڻين ڏکويو

ٿي رنج ڪڍي رويو، پيا وڇوڙا ورهن جا.

269 – الله آندئي عرب مان، محب مستانا

دائي سونهان تنهنجي در جي، دلبر ديوانا

قيس! مون قبوليا، تنهنجا طالع تي طعنا

سوين سٺم سِر تي، تنهنجا بديون بهتانا

سانولي سينگار ڪري، ٻيو ڳچيءَ پائي ڳانا

ماڻهو شهر مصر جا، تو ٻيلي سونهن ٻانها

واهڙ ڪئين وهي ويا، مون جڏيءَ تان جانا

گهوري توتان سِر گهوريان، ڪريان نيڻ نذرانا (1)

سورن جا، سانوڻ چئي، توتي منهنجا حرف حقانا

ڪيس قربانا، نينهن به تنهنجي نام تان (2).

270 – مجنان شهر مصر ۾، هڪ نار آهي نامي

ڌيءَ قاضي قمر جي، آهي مينهن سندي مامي

ڪيئي آهن ڪيترا، ان جا سوين سلامي

ڪيئي آهن ڪيترا، ان جا ڪامورا ڪامي

منهن مثل مهتاب جي، هٿ ۾ خنجر خنامي

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، ٿيندو حضرت پير حامي

ويندا عاشق اگهامي، ميڙي محمّد ڄام جي. (3).

271 – حور کڻي حيران ڪِي، قيس ڪاريگر

پِريائي ٿي پرينءَ کي، لالڻ ڏيو لَرَ

ويهي اچو ويجهڙي، ڀورل وٺيو ڀَرَ

پڙهائي ويٺي پرت مان، ڪونج ڪبوتر

سيکاري ٿي، سانوڻ چئي، عاشق کي اکر

مجنان مسافر، توکي الله آندو عرب مان.

272–ليلى ڏٺو لال کي، ايندو اڄ اوري

ماڻڪ موتي محب تان، گهورون بيٺي گهوري

ڀلي آئين مجنا! تون ڏيهه ڏِسيون ڏوري

ماري آهيان مجنا! تنهنجي هول انهي هوري

پرين! پهچان ڪينڪي، تنهنجي هڪ ٿوري

چڙهي ويهه چاڳلا! وڃڻ هور به هندوري (1)

سدائين، سانوڻ چئي، تنگ هيس تو ري

ڇند هڻي ڇوري، ٻڌو ريب راڻي سان.

273 – ملي حور مجني کي، ٻج ننڍي ڪا ٻور

ڌيءَ ته حافظ قمر جي، منڌ سوڄي ٿي مُور

مُکياڻي مصر جي، توڏ مثل آهي تور

بَکائي ٿي باهه جيئن، ديد اهڙي دستور

مجنان! اٿئي مشهور، ليلى شهر مصر ۾.

274 – قاضي چيو قيس کي، توکي شاهه هجي شابس

لٿين ڪين لچائيءَ تان، تنهنجو گهر اهوئي گس

مونکي مرڳو مجنان! توکان بکيا آهي بس

لڪيو ٿو ليلى سان، تون گڏ ڪرين گوپس

ڌاريا! منهنجي ڌيءَ سان، کاڻا! تون مَ کس

هت ويٺي، حافظ چئي، راهه نه هلندو رس

وٺيو وڃان ٿو وس، ليلى پنهنجي لَڏ سان.

275 – قاضيءَ چيو قيس کي، مجنا! شال مرين

مونکي شهر مصر ۾، ڪارو ٿو ڪرين

ليلى ڏٺئون توسان، ڀورا! ڀاڪرين

موٽيو منهنجي منهن تي، ڪوهه ٿو ڪوڙ ڪرين

طالع تتا توکي، کنيو پادرين

اچين ٿو استاد سان، نڀاڳا نرين

لڏي آءٌ ويندس، صبح ساگهرين

سامهون اچيو سانوڻ چئي، ورنديون ڏيو ورين

قيس ڪوه ڪرين، توسان ڪانهي پهچ پڄڻ جي.

276 – نينهن به تنهنجي نام تان، چوري ڪيس چَري

جنهن کي مچ مجاز جا، ٻيڻا ويا ته ٻَري

ڦري سا فقير تي، واڍوڙيل وري

عطر تنهن عاشق تي، ٿي نائي ناز ڀري

ڇٽ هڻيو ٿي ڇانوَ ڪري؛ پرڏيهي تي پري

ٽول وجهيو ٿي ٽنڊ ڪري، هڻيو تيل تري

ليلى توتي لائق ڪيا، ڪي مجنان مادري

سڻج سڏ، سانوڻ جا، تون ڪن ڏيئي قادري

دستگير دري، تون اُپٽي ڏي احسان جي.

277 -  ريب ڪري راڻي سان، ٺڳي ڪيائين ٺلهي

ڦِري ٿو فقير ٿيو، وٺيو ڳوٺ ڳلي

پنيئين پاند پناهه جو، ڏنس انت علي

پٺ ڀري پرديسي جي، محي الدين مَلي

ملي تنهن مڙد کي، ڀيڻي ڪا ڀلي

گُجر پائي گَلي، ملي حور مجني سان.

278سُتي رات سهڻي ۾، ٿيس ليلى جو لقا

مجنون اتي مست ٿيو، لڳس، پار پڪا

حُسن ڏسي تنهن خور جو، وريس نينهن نڪا

آڻِي کُتس عشق جي، جنهن دل ۾ ڪيس ڌڪا

مڪو ڇڏي مجنون هليو، پنهنجا سيڻ سَڪا

جيئري وڃي جاني ڏسان، ناهي بندي جو بقا

ماس ڳري محبوب لاءِ، ٿيس ڀور ڀُڪا

سورن جا، سانوڻ چئي، مون کي ڏنا دائيءَ دُڪا

ڪري ڪاَ ڪڙڪا، مَٽيا تنهن مجني کي.

279 – مڪو ڇڏي هليو مجنون، جنهن کي لڳي ليليٰ جي لغار

قدم کڻي قرب مان، هليو نيڻين ٽمائي نار

اچي مصر پهتو مجنون، ڪيائين دلبر جو ديدار

ليليٰ ڏٺائين لاڏلي، جنهن جي رمز ڀري رفتار

سروقد سهڻي هئي، ڪونج ڳچي ڪلتار

سا قمر ڌيءَ قاضيءَ جي، هئي سرت ڀري سينگار

مجنون آيو مڪتب ۾، ڪيائين پڙهڻ جي پچار

سبق سکيو سُلکڻا، نقطا سڀ نروار

”طٰھ، يٰس، تلڪ“ رکي تن ۾، حِلم پڙهي ٿيو هوشيار

بخرو پيتائين بحر جو، مجنون ٿيو مختيار

سڄي عمر، سانوڻ چئي، هئس طوطيءَ جي تنوار

ساري سڀ ڄمار، منهن نه مَٽيئين محبوب کان.

280 – مجني کي مجاز جو، ذوق لڳو ذاتي

لڳس لئون ليليٰ سان، ڏٺائين صورت صفاتي

امام ڪيائين عشق کي، ٿيو جانب مماتي

دلڙي دردوندن جي، اچي فڪر منجهه ڦاٿي

وڌائين وڍ وصال جا، کڻي قرب سندي ڪاتي

سورن جي، سانوڻ چئي، اها پاکر مون پاتي

پوءِ صورت سڃاتي، مجني گڏجي محبوب سان.

281 – مصر آيو مجنون، ساري پنهنجو سبحان

محبت جا مجني کي، لڳا قلب اندر ۾ ڪانَ

محبت جا مجني کي، نينهن ڪيا نيشان

قاتل ڪين ڪڙهيو، اتي هرڪو ٿيو حيران

زهر پيتو ٿي ذوق مان، مجني ٿي مستان

سو مِٺو ماکيءَ کان، ٿيو عشق جو امتحان

لک ڀيرا ٿي ليليٰ ٿئي، تنهن ڪامل تان قربان

جسم ٻنهي جو هڪڙو، روح گڏين رحمان

جيئن ڪعبو ڀيٽين قرب مان، تيئن مجني ڀيٽيو مڪان

”لولاڪ لما خلقتھ الافلاڪ“ پرين پَسايو پهلوان

مالڪ بخشيا محبت سان، تنهن سورهيه کي سامان

سڙي مران، سانوڻ چئي، ڏسي عاشق جو ايمان

آدم جهڙا انسان، تنهن عشق کڻي اُجاريا.

282 – مصر پهچي مجني، ڪئي مانجهي ملاقات

پڙهي پئي پرت مان، ليليٰ ڪريو لات

مجني آڻي رکيون مهندا، سوکڙيون ۽ سوغات

عشق اُٿيو اوڌما ڏئي، کڻيو ڪهاڙا ڪات

گڏيا گل گلابي، ٻئي صورت ڀريا صفات

کٿابين وڃي خار مان، بُري مچائي بغات

قاضي قبيلو گڏ ڪري، ضد ڪيو ظلمات

پر عاشق کي اصل کان، ملي ڏاتر وٽان ڏات

زهر پيتائين ذوق مان، سو ماکي ٿيو ميوات

اهڙا سچا عاشق، سانوڻ چئي، هُون هميشه حيات

نينهن ڇڏايو نيات، مست پنهنجي مجني کي.

283 – ليليٰ جي لَڏڻ جي، پئي قيس کي ڪَل

رُنو رت گاڏئون، ڳوڙها مٿئون ڳل

لُڙڪ هاري ليليٰ، اچي موڪلايو کان مَل

قسمت واڳون ڇڪيون، پرين پيارل

جانب تنهنجي جدائيءَ جا، جيءَ ۾ اٿم جل

آءٌ بيوس وڃان بند ۾، هلڻو اٿئي ته هَل

مينهن ميڙائا ڪيا، جڏهن پرين پهريا پٽ

جيئن مهراڻ ٿو موجون ڪري، تيئن اٿم وندر جا وٽ

ويلا گذاريم ويڙهيچن لاءِ تن جا ڦاڪا اٿم ڦٽ

ڀاڳيا ڇڏي ويا ڀيڻيون، ماڳ ڪري ويا مٽ

مٺي محمّد مير جي، آهي کاهڙ پياسي کٽ

ڪيا نانگيلين نٽ، ڪنوارين ڪالهه تڙن تي.

104 – ڪنوارين ڪالهه تڙن تي، وٺا تَهموري جا تَس

ڀاڳناڙي سان ڀر ڪري، ڪيائين ”خان ڳڙهه“ سان کس

شاهپور تان شيل ڪري، پهتو ملا علي تي مس

سرحد تان سري اچي، ڪيائين گهوٽڪيءَ تي گس

عادلپور ۽ ڊاڳي تان ڊهي رکيائين چيچڙي سان چِس

پني، روجو ريج ٿيا، لاٿئون ٻلهڻيءَ جي ڪَس

ڀري ڏهر ڏوڪريءَ جا، آيو مون گي منجهه مَس

ڏيئي لوليون لاڙڪاڻي کان، ورتائين قمبر جا ڪَس

ڏيئي گهمرا گهاڙ کي ورتائين غيبي جا گس

 ڪري کيڪارون خيرپور سان، اچي پيس ڏونگريءَ ۾ ڏس

شاهه پنجي سان شوق رکي، ورتائين جُماڻين کان جس

جهلي اولا امير جا، وسي تنهن واهڙ تان، ڪري ڪارايو ڪيٽين ۾، ڇوڙيائين درياءَ تي دس

ڀانن کي ڀري، ورتائين ناري جي نَس

بوبڪن تي برساتون پيون، ڪيائين رتيديري تي رس

جهوري جهانگارن کي، ڪيائين باجارن تي بس

منڇر ۾ ميڙائا ٿيا، اچي لڪ وُٺا لس

اچي آمريءَ تان، ڏيئي ڇوليون ڇڇرن کي، گونگا مينهن گانئچن ۾، ڪيائين سَن ۾ صاف سرس

نديون نارا، گهُنڊ گهارا، ڪيائين واهڙن سان به وَس

سڀئي سهڻا ٿو ڀانئيان، وِٿي نه آهي وار

متان مردَ ميار، ڪا عاشق اتانئين ڪري.

بهاولپور، بڙودو، بيڪانير، ڪيتلو ۽ ڪڇ، لس،

لاهوتي، لامڪان، گڊ گجرات، سملو ستارو

بمبئي، ماڏور، چين، ٻنگهار، دِلي، دکن

پورب پڇم ۾ مينهن مانڊاڻا ڪيا، سورهن ڏينهن سرس

ٻانهياريون ٻيٽن تي هيرا پائن هُس

ڀري پنهنجا ڀاڳيا ڏسان، اٿم چانگن سان چَس

ملير ۾، مولا بخش چئي، ٿي آهي ويڙهيچن ۾ وس

وٺي گابن جا گس، آءٌ ڀڻي ڪينجهر ڪوڪاريون ڪريان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org