سسئي
1- سرتيون پرتيون رب کي، آءٌ جا هلڻ هاري*
قسمت واڳون ڇڪيون، آءٌ وڃڻ واري
جيڏيون منهنجي جان ۾، برهه لڳو باري
عشق جي عذاب کان، منهنجو جانو ۽ زاري
ساجن سُتي سُور جي، مون کي پينگهي ۾ پياري
ساجن ستي سور جي، منهنجي هڏن تي هاري
ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، اندر ڪانَ ڪٽاري
دکيا داغ دل تي، چڪيا چهڪ چوڌاري
باهه منهنجي بخت لاءِ، اها ٻاروچل ٻاري
هڪڙيون پَٽيون پنڌ جون، ٻي ڪڙهي ٿيس ڪاري
هڪڙيون پَٽيون پنڌ جون، ٻي برهه بيماري
هڪڙيون پَٽيون پنڌ جون، ٻيو ڏونگرن ڏاري
لتاڙيم لتن سان، وندر جي واري
هاڙهي، وندر وچ ۾، توبھ ٻِي زاري
سڱ نه منهنجو سڦرو ٿيو، جو ڌيءَ هيس ڌاري 1
منهنجا ڪم ڪريم تي، ڪندو مرشد موچاري
سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، اَجهو ٿيندم آري
جنهن پنهون ٿي پاري، اُهو ڪوهيارو ڪيچ ويو 2
2 – سرتيون پرتيون رب کي، آءٌ هت اڄوڪي
قسمت مون کي قيد ڪري، رات هتي روڪي (1)[1]
سج لهي سانجهي ٿي، ڪئي چنڊ به چانڊوڪي
مُرڪي ڏينم ميهڻا، اها تار به تو ڪِي
ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، ٻڌان ڪيئن ٻوڪي (2)
ڇوڙيان ڪيئن ڇپر ۾، ڪمر ڪالهوڪي
سُڄي ٿي، سانوڻ چئي، اڃا منزل مهندوڪي
3 - پنهل پاڊوڪي، وڃي ٿيو وڻڪار ۾.
سرتيون پرتيون رب کي، پنهنجي واٽ وٺو
بيگاني ڀنڀور ۾، ساڄن ڪين سَٺو
ڪين گهران پنهنجي ڪانڌ جي مَيَن کي مَٺو
جيءُ ته منهنجو جيڏيون! گونگن ساڻ گٺو
اندر اُلنڀا عشق جا، جيئن ٻَري باهه بَٺو (3)
ڏاگهن هو ڏيکاريو، مون ڪُوڙيءَ کي ڪٺو (4)
سارو ڏينهن، سانوڻ چئي، مون کي پاڻي اَنّ پٺو
آرِي اُبٺو، ساٿ جهليو ٿو سڏ ڪري (5)
4 - سرتيون پرتيون ربّ کي، اديون ڪريو نه ارمان
آئين سڀ وري وڃو، آءٌ ڪڏهن ورنديس ڪانه
آريءَ جي عشق ۾، منهنجي جلي ويئي جان
آءٌ ٻانهي ٻاروچل جي، هو آري آهي اڳوان
پٿون ڪنديس پاڻ کي، ڪسي ٿينديس قربان
”ونحن اقرب اِليھ من حبل الوريد“ ٿيندو مالڪ مهربان
پڙهنديس وڃي پرت مان، فائق جو فرقان
سڻي سڏ، سانوڻ جا، غم لاهيندو غفران
تار منجهان طوفان، لنگهائيندو لطف سان.
5 – سرتيون پرتيون ربّ کي، آئين وڃو سڀ وري
آءٌ جاليان ڪيئن جدائيءَ ۾، منهنجي ساجن ري نه سري
ساهه ته منهنجو سرتيون، ويو ڳڻتين منجهه ڳري
هاڻي ڪٽي ڪشالا ڪيچ جا، ويندي منڌ مري
هڪڙيون پٽيون پنڌ جون، ٻي برهه جي ڀري
ڦاٽي من ڦارون ٿيو، ڏکن منجهه ڏري
واهون ڏيان پئي وندر ۾، چانگن ڪيس چري
ڪيچين ڪين قبوليو، تڏهين ٻارڻ ويا ٻري
ڏيئي ويا آڳ اندر ۾، جيئن دوزخ جي دري
سورن ۾، سانوڻ چئي، ويا اٿم ٺپ ٺري
جي پنهل سان پت پري، ته سونهان سرتين وچ ۾.
6 – سرتيون پرتيون ربّ کي، ڪريو سڀ سُڃوتي
نڪي پنهون پرڻيو، نڪا پيس پوتي
آءٌ ساري مند سورن ۾، ڳڀرو تان ڳوتي
سُتي انهيءَ سور جي، مون کي آريءَ ڄام اوتي
جليو جانب جت لاءِ، آءٌ وتان رائي منجهه روتي
من منهنجي محبوب کي، آءٌ ملان ماڳوتي
”سلامن قولا من رب الرحيم“، ڀلي فوت ٿيان فوتي
ماڻهو ڏيندم مهڻا، آهين نار نانگوتي
ماڻهو ڏيندم مهڻا، آهين لَنڊي لانگوتي
سورن جي، سانوڻ چئي، مون چاڙهي آهي چوتي
جيئن تنواري طوطي، تيئن ٿي ٻوليان ٻاروچل لاءِ.
7 – سرتيون پرتيون ربّ کي، مُٺيون ڇڏيو مانگ
ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، لُنگ ٻڌي ڪا لانگ
مون ڪميڻيءَ قبول ڪيو، ساهه پريان جي سانگ
انهي مارڳ جي ملڻ جي، آهي طلب اندر ۾ تانگ
پهرين وينديس پنهونءَ ڏي، ڀُونگو ڪري ڀانگ
ڀلي کائين مون کاڻيءَ کي، ننگ پٺيان ئي نانگ
ڀلي ٻيرا کائين ٻانڀڻ جا، ڪيچ سندائي ڪانگ
سورن لاءِ، سانوڻ چئي، آڏيو اٿم اَجهانگ
عليءَ جي اورانگ، آءٌ مري مانَ موچاري ٿيان.
8 – سسئي شهر ڀنڀور ۾، پئي سارو ڏينهن سنبر 8
ڪم نه ايندئي ڪانڌري، گهوڙا ۽ گهر
ڪَت جان ڪَنب، ڏي جان ڏر، وڃ جان وَرِ، ٽِڪ جان ٽر
انڌي ڇڏي آرس کي، اُٿي مَ اوجهر
ليلهايو لَڪن ۾، ڍرڪيو ڏئين ڍر
پڙهيا ڄام پنهل جا، تو ڪي هَرتالي هُنر
پڙهيا ڄام پنهل جا، تو ڪي البيلي اکر
وَريو اچين واٽ تان، هُل سُڻيو هُونگر
هلندي هاڙهي سامهان، ويا اُٺ ڏيندي اوڳر
اٺن اوٺيڙن جا، اٿئي نالا نيشانبر
سنجهي ويا اٿئي، سانوڻ چئي، هوت لنگهي هن ڀر
پيو ڪيچين کي ڪٽر، ڪو پرڻي رات پنهونءَ جي.
9 – سسئي شهر ڀنڀور ۾، تون کپ نڪِي کِج
هلي هوت پنهونءَ کي، اُت ڏوراپو ڏج
جتاڻِي ذات سان، تون ڪاوڙ ڪيم ڪج
جتاڻي ذات سان، تون وير ڪيم وجهه
جتاڻي ذات سان، تون سينو نه ساهج
جتاڻي ذات سان، تون نينهن نه نبيرج (2)
جتاڻي ذات کي، پلئو وڃي پائج (3)
جتاڻي ذات کي، روئي ريجهائج (3)
جتاڻي ذات سان، منهن نه مَٽائج (3)
جتاڻي ذات سان تون ٻاڙو نه ٻولج
جتاڻي ذات سان، تون کلي ڳالهائج
سيڻ تنهنجا سسئي! آهن نوراني نج
”والسوف يعطيڪ ربڪ فترضى“ تونءَ انهي راهه رمج (1)
سورن جي، سانوڻ چئي، هلي ڪورٺ اتي ڪج
هوندو ٻاروچاڻو ٻج، ته ڪوٺي نيندئي ڪيچ ڏي.
10 – 10 سسئي شهر ڀنڀور ۾، تون رڙ نڪي رو (1)
بيگاني ڀنڀور ۾، تون ڇِلا ڪاٽين ڇو
پاڻهي ڪيئي پاڻ سان، اها تعدي تو
توکي ننڊ نڀاڳ جي، تو سمجهيو نڪي سو
تو کان اُٺ اٿي ويا، گونگا کڻي گوءِ
سُتي هئينءَ سيج تي، لاهي لعل لِيوء (1)
هوت تنهنجيءَ هنج مان، وهاڻيءَ ويو (2)
سارو ڏينهن، سانوڻ چئي، هتي هل هنگامو هو
بخت تنهنجي ڀُل ڪئي، ناهي ڏيرن جو ڏوهه
کڻي پير پنهل جا، وڃي رندن مٿي رو
سيڻ تنهنجا سسئي، اجهو هو ٿا وڃن هو
پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ، هاڙهو هوت مٽي ويا (3)
11- سسئي شهر ڀنڀور ۾، تنهنجو ساٿ به سنڀوڙل
صبح تنهنجي سر تي، آهن ڪيچين جا ڪر ڳل (4)
جتن مون سان جاڙون ڪيون، تون آهين پهر پَل
جتن مون سان جاڙون ڪيون، اٿي هاڙهي هل
جتن مون سان جاڙون ڪيون، تون آهين وڇوڙل
سرتيون منهنجي سور جي، ڪنهن کي نه آهي ڪل
وهيو پون وڇوڙي جا، ڳوڙها مٿئون ڳل
منهنجا ڪم ڪريم تي، جو آهي مير مدني مل
نيئي پنهنجي نيات سين، مون کي ميڙيندو مرسل
”بل هو قرآن مجيد في لوح محفوظ“ اهي جيءَ ۾ اٿم جل (1)
آءٌ برهمڻ بڇڙي، منهنجو ڪيچي يار ڪنڍل (2)
آءٌ برهمڻ بڇڙي، منهنجي اڳيان نه آهي اُڇل (2)
سورن لاءِ سانوڻ چئي، مون کي پرڻيو ڄام پنهل
لهندي ڍٽ مٿان ئي ڍل، جڏهن ايندو ساٿ سيّد جو.
12- سسئي! شهر ڀنڀور ۾، کج نڪي تون کام
ٻانهي ٻاروچل جي، گولي ٿي غلام
تو ۾ ساهه، سانوڻ چئي، جيڏي تون جيتام
ويهه مُٺي ماٺ ڪري، ربّ سڃاڻي رام
جان هلي وڃ هوت ڏي، جان پرزو لک پيغام
جان پکي ٿي پنهون ڏي، اُٿي تون اُڏام
جان صدقو ٿي سّيد تان، جو مير مدني ڄام (3)
جان پٿون ڪر پاڻ کي، جان ڪهي ڪر قتلام
ته سسئي تنهنجي سر تي، ٿين ميڙا ۽ مقام
رسولاڻي راهه تي، اولياء ٿي اگهام
خوشيءَ مان، خاصخيلي چئي، توکي جنت ملندو جام (4)
سوين ڪن سلام، اچي پنهون پڻ پير ڀري.
13 – سسئي شهر ڀنڀور ۾، ڀوري ڦٽئي ڀاڳ
ننڊ نه ڏين ها نيڻن کي، جيءَ ۾ وجهين ها جاڳ
سُتئينءَ انهيءَ سوز مان، تڏهن ڏکي آئي ڏهاڳ
اهو ٻاروچل ٻاري ويئي، ڏئي اندر ۾ آڳ
هاڻي ڪاهي ڀڄ تون ڪيچ ڏي، وار وندر ڏي واڳ
من پتو پونئي پنهل جو، جبل وڃي تون جهاڳ
گهوري ٿي تنهن گهوٽ جي، اهي مڙهيون ڇڏي ماڳ
ڪوهيارو ڪهي ويئي، دل کي ڏيئي داڳ
هاڻي واري جا وندر جي، تنهن جو لٽن کي ڏي لاڳ
ته سڃاڻي، سانوڻ چئي، مَن سسئي ڏينئي سهاڳ
جنهن سان چري! هو ئي چاڳ، سو آري اُٺ کڻي ويا.
14 – سسئي شهر ڀنڀور کي، تون ڇوري کڻي ڇڏ
ننڊ پرايئي نڀاڳي، سُتي سُوَئي نه سڏ
ڏاڏي پوٽي هجين ها ته گولي نينئي ها گڏ
هو ڌاڙو هڻي ويا تو ڌاريءَ کان، رکي ليڙن تي لڏ
سُتي هئينءَ جنهن سيج تي، سا کاڻي هڻين ها کڏ
مَهارون جهلين هامَيَن جون، ته هاڃو نه ڪنئي ها هڏ
هو آڌيءَ اُٺ اُٿاري ويا، ڏيئي توڏن کي تڏ
سورن جا، سانوڻ چئي، هاڻي آڏاڻا ويٺي اڏ
ڪري مڙهيون ماڳ مَڏ، رس ڪاهي ڪيچ.
15 – سسئي شهر ڀنڀور ۾، تون مُٺي ڪر ماتام
تون جاڳين ها جتن لاءِ، ڇو انڌي ڪيئي آرام
اوٺي اُٺَ اٿاري ويئي، هڻي ڪرهي کي ڪام
هاڻي روندي رت رندن تي، تون گس جهليو گام
سڙي انهيءَ سور ۾، پيئي کوري منجهه کام
کڻ پير سويرا سسئي، پيا اٿئي سور پکي ۾ سام
سسئي سانگا، ڇڏ آسانگا، اُٿي تون اُڏام
سسئي سهاڳڻ ڏک ڏهاڳڻ، جبل ڏيندئي جام
پرهه پڪارون، ڪر ڪوڪارون، اٿئي پنهل جا پيغام
پرهه پوڪارون، ڪر ڪوڪارون، لنڪ جهلي تون لام
محبن ميلا، وجهه مَ ويلا، من اگهين وٽ امام
لڄ لاهي، ڪيچ ڪاهي، محبن پڄ مدام
سورن جا، سانوڻ چئي، هو دل هڻي ويئي دام
پوءِ آرياڻي انجام، پارج ٻول پنهونءَ سان.
16 – سسئي شهر ڀنڀور ۾، تون هنبس ڇڏ هاڻ
ستي هئينءَ سيج پلنگ تي، ڪري وهاڻا وڇاڻ
انهيءَ ننڊ نڀاڳي، تنهنجا وڍي ڇڏيا واڻ
جڏهن ڏمر ڏٺو هوئي ڏيرن ۾، تڏهن ڏين ها ڏاگهن کي ڏاڻ
جاڳئين ڪين جتن لاءِ، تون انڌي ٿئين اڻڄاڻ
سنبري آيا هئا ساٿ ڌڻي، جو ڪانه ڪڍيائون ڪاڻ
”الم يجعل ڪيدهم في تضليل وّ اَرسل عليهم“ پروڙين ها
پاڻ
ڏئي ويا اٿئي ڏکن جا، اهي ميا ڀري ماڻ
تڏهن وڃڻ توکي واجب ٿيو، اُٿي پنڌ پلاڻ
سورن جي، سانوڻ چئي، وڃي ڪروندر منجهه واکاڻ
اهي سور کڻي ساڻ، وڃي گهوري ٿي گهوٽ جي.
سسئي شهر ڀنڀور ۾، لڌيون لکئي جون لانئون17 17 –
ڄنگهن ڊگها، وڃن سگها، ليڙا ڏين لاهون
ڀڳي ڳوري، اٺ به اوري، ڍوياڍوري، چانگا ڏيئي چاهون
بغدي برهي، نندئي نه رهي، سسئي سرهي، ٻانڀڻ ٻڌ ٻانهون
برهمڻ ڀوري، لڳس لوري، ڪري هوري، درد مان دانهون
مٺي موڙ، پائي ڊوڙ، هڻي لوڙ، وڃي موڙ، اُٺ به
اورانهون
برهمڻ ويچاري، محبت ماري، بي سواري، ڏي وندر ۾ واهون
ستي سيج، ڪري هيج، ڏکيءَ ڏيج ڏنائون
جتن جوش، نيس، هوش، توڏن تونس، لاهين غوث، برهه جون
باهون
آري آئي، پلئو پائي، بيٺي بخشائي، گولي گناهون
سنجهي ويا اٿئي، سانوڻ چئي، ٿي وير نه ويساهون
سسئي صلاحون، هڻي هوتن ڏي هلڻ جون.
|