176 – سيد گڏيو هو سُڃ ۾، پارس گڏيو هو پِير
نڪي کاڌائين کومچن ۾، نڪي ماڻيائين ملير
ڪرڙ پٽيائين ٿي قوت لاءِ، کائي ڳم ڳنڍير
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، تون مديني جا مير!
هاڻي طاهر لاهه زنجير، ته جيئري وڃي جيڏيون پَسان.
177 – پيو خوف خالق جو، عمر کي ادا!
سڏيو تن سنگتين کان، ٿو سهڻي پڇي صلاح
هي رهائي ٿي، رند چئي، جا آياسون کڻي کوهه مٿان
سچ نه چيائون سومري کي، رکي ويا رياءُ
همراهه اُتي هو هڪڙو، جنهن ڪئي سچي ڳالهه صفا
هي وڙ نه حاڪمن جو، تون آهين رعيت جو راجا
زورو ظالم ڪنهن کي، ڪرڻ ناهي روا
نڪي هوندين هت هميشه، نڪي جيئندين جڳ ٻيا
قاضي اُٿي ڪيترا، هن کي هٿ هنيا
ڪل نه پيئي قاضيءَ کي، دين سندي دنيا
بخش ڏوهه، بچايو چئي، سائين! سُڻ صدا
سائين سهج ڪيا، جنهن چيو سچ سومري کي.
178 – چيائين سچ سومري کي، هن کي ويئي ڳالهه وڻي
کڻي آئين کوهه تان حاڪم وئين هڻي
آءٌ به لوئي لاهينديس ڪينڪي، ڪندس پٽ پِڻي
لَڏون لَس لنگهي وييون، کاهڙ پاس کڻي
ڪڍ بندياڻي، بچايو چئي، تون خان کڻي
هيم مٿي منجهه ڦڻي، سا منهنجي رهي ملير ۾.
179 – منهنجي رهي ملير ۾، مينڍا موڙهه ٿيام
ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو، لوئي ليڙ ٿيام
ڪتڻ سکيس ڪينڪي، نڪي پوڻي پڃايام
جڏهن ٿوري ٿر ٿيام، تڏهن ڪوٽ وڻن ٿا ڪينڪي.
180 – ڪوٽ وڻن ٿا ڪينڪي، آهيان مارن ريءَ ماندي
تو کڻي ڪوٽن ۾، عمر تو آندي
لاهي بند، بچايو چئي، ڪر ورهين کان وانڊي
هيڪر هيڪاندي، وڃي ٿيان ٿاريلين سان.
181 – آءُ شرع تي سومرا! ڀري وير وکون
ڪونه ويهنديس ڪوٽن ۾، جيئري هونديس جاکون
مونکي پنهوارن پياريون، پينگهي منجهه پڪون
پيتم پس پاڙيچن سان، ڏيئي تار تڪون
روئان ويٺي، رند چئي، منهنجي هيئين ۾ هٽڪون
جي اٿم لوئي منجهه ليکون، سي وڃي چونڊائينديس چوڙيلين کان.
182 – عمر اتي مارئيءَ کي، مير ڏني موڪل
باندين تان بند معاف ٿيا، لٿي جهانگياڻين تان جهل
لٿا قيد قسمت جا، ڪڙيون پيا ڪنگل
ڏئي ٿو ڏاج هٿن سان، مير اٿيو انهيءَ مهل
جنهن کي سِڪ ساڻيهه جي، سا پَهر نه جالي پَل
پر مارئي کي مڱيندي، کائي ڏني ٿي کل
جنهن جي بدي نه هئي، بچايو چئي، تنهن کي جاڳيا جيءَ اندر ۾ جل
مارئي انهيءَ مهل، سِر ڏيئي سرهي ٿي.
183 – سِر ڏيئي سرهي ٿي، جنهن جو رکيو سيل ستار
مرڻ ويل مسڪين جا، تون سڻين سڏ ڏاتار
هن جي ڪوڪ ڪنن سان، ٻڌي ٿي ٻڪرار
نه ڪو اٿئي ارمان عمر تي، نه ڪا آهي مارئي تي ميار
هن جو چت چريو ٿيو، ڏسي دونهن جا ڌڌڪار
مومل کي مجاز جا، هئا تن اندر ۾ تار
سسئي ٻڌي سندرو، هلي ڪيچين جي قطار
ليلان لکڻن مٽيا، جا ڀُلي کان ڀتار
هير اُتي حيران ٿي، جنهن کي تهتان لڳي تار
سيفل بديعل لاءِ، ٿو روئي زاروزار
مجني کي مستي هئي، جنهن تي وکين ڪيا ولهار
مورڙي ڪڍيا مڇ مان، ڪُلئي ڀاءُ ڪنڌار
ڏنو سِر صاحب کي، کِلي راءِ کنگهار
ساري ساريان ڪيترو، عاشق جو آچار
ڪيم ڪچايون ڪيتريون، مون ۾ بديون بيشمار
خاوند کڻي مونکي، بخشين بخشڻهار
مون ۾ مداين جا، آهن عيب اَپار
بخشين ڏوهه، بچايو چئي، سڻين رب ستار!
ڪونهي وسيلو مون ولهيءَ جو، سواءِ تو سردار!
ڪلمي جي آڌار، اُمتي ڇٽندا ايمان سان.
ڪيڏارو
184 – ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ سڌر
هجيئي حُب ”حُسين“ ڏي، ته رک ”ڀٽائي تي ڀر
مون به رکي آهي لڄ ”لطيف“ تي، پاڙيندو پرور
ثمر کڻجاءِ سنگتي، اڳيان سُجهيئي ٿو سفر
هتان ويندين هيڪلو، اڳيان باري سجهيئي بر
اتي سنديون ڪانياريون ڪانڌ جون، جن هِت وساريو ٿي ور
هرڪو ويندو هِڪ ٺپيءَ ۾، جن ٿي سڏايو سڪندر
رکي حُب جن مير حسن ڏي، تن اٿئي موچارو محشر
مون بندياڻيءَ جو، بچايو چئي، سيّد اٿئي ثمر
ڪلمون ڀري قلوب مان، تار مان اچِي تَر
مُنجهِي هِتي نه مَر، وارث گڏبئي واٽ ۾.
185 – هليا مير مديني کان، ڪاپڙي ڪاهي
دل رکيائون دين ڏي، ٻيا ڇڏيائون لاڳاپا لاهي
شهادت جو سيّد کي، اڳيئي جامو جُڙيو آهي
سِينو سنباهي، ڪاهيائون ڪربلا ڏي.
186 – ڪاهي ڪربلا ڏي، هليا جُنگ جوان
هڪڙا سُنهان هئا سيّد سان، مومن مسلمان
ٻيا پيارا هئا پرينءَ رسول جا، جي آيا مٿي اسلام
ٻيا کريل خارجي ڪيترا، هُئا اُتي حيوان
سي شڪ رکي شيطان ٿيا، مري ويا مَروان
جن رکيو بغض، بچايو چئي، تن جي قيامت ٿيندي ڪانه
ڇڏيو مير مڪان، ٿا ڪاهين ڪربلا ڏي.
187 – ڪاهي ڪربلا ڏي، ڪيائون ڪاهون ڪاهه
سيّد اڳيئي سهڻا هئا، ٻي هُين نيڪ نگاهه
ڇڏي مير مدينو، اُٿي هوت هليا
پرين کي پنڌ ۾، ٻه ٽي پهر پيا
تن بانڪن جي، بچايو چئي، نه پيئي شمر کي سماءُ
مڃيائون ربّ رضا، جا وڻي هئي واحد کي.
188 – وَڻِي هئي واحد کي، هُو ٿيا رضا تي راضي
جن جي هئي حب حسين ڏي، سي گوهر ٿيا غازي
جي ڦِري ويا، فقير چئي، سي رُليا روازي
اُتي ٿيندين تعدي، جتي ٿيندو ميڙو محمّد مير جو.
189 – ميڙي محمّد مير جي، ماڻهو سڀ مڙندا
ٿيندي جُٺ يزيد سان، جنهن قبيلا قيد ڪيا
منهنجو بُت، بچايو چئي، ويو سڙي سڄڻن لاءِ
اُتي گهوٽ گهڙيا، سورهيه ٻَڌي سندرو.
190 – سورهين ٻَڌي سندرو، مرضي مڃيائون
دليئون اچي دوست کي، پاڻان چيائون
راضي ٿي رخصت ڏي، اسين يزيد جلايون
چئي: آهيون رضا ربّ جي، ڪي آهين ڪٽائون
اڳي ڏٺيون هُيم علي جي اولاد تي، ڇَپر جون ڇائون
اڄ ڏٺم توکي هيڪلو، تڏهن آيس اُتاهون
وڃايان ٻج، ٻروچ چئي، يزيد جو آئون
وري وڃ پاهون، متان ڪاوڙجي ڪريم پوي.
191 – ٻيو ڏٺائين، ٻروچ چئي، آيو مَلڪ مٿان
اچي چيائين حضور ۾، اولاد عليءَ جا
راضي ٿي رخصت ڏي، هينئر هن ويرا
ته وڙهون هلي ويرين سان، هاڻي ڪري حملا
چيائين: آيو آهين امر الله جي، ڪِي پيئي تَرس متان؟
چيائين: اڳي دايا تنهنجي در تي مڙيئي مَلڪ هئا
اڄ ڏٺم توکي رڻ ۾، ڳاڙيندي ڳوڙها
تڏهن بيهڻ نه آيم، بچايو چئي، ڪريان جان فدا
چيائين: وري وڃ ادا! متان رنج رسول ٿئي.
192 – موٽي اچي مِينهن چيو، مِٺا محبوبا!
تون آهين اولاد رسول جو، سچو دوست خدا
آءٌ آهيان تنهنجو گولا غلاما
ڏينم اِذن جنگ جو، هينئر هن ويرا
وڙهون هلي ويرين سان، هاڻي ڪري حملا
آيو آهين اَمر الله جي، ڪِي پيئي ترس متان؟
چيائين: توکي ڏٺو هئم رسول جي، ڪلهي مبارڪا
اڄ ڏٺم توکي رڻَ ۾، تَسيارو طلبا
بيهي وسايان، بچايو چئي، ڳلن تان ڳوڙها
وسايان وِڄن کي، پٿر پهڻ جا
چيائين: وري وڃ اَدا! اِهو ڪُسڻ مون قبول ڪيو.
193 – ڪُسڻ جنهن قبول ڪيو، تنهن ٿي سيّد جي ساري
سخا ۽ شهادت جي هن کي ڏني آگي اختياري
ٿيندي جُٺ يزيد سان، جتي قيام ٿيندي ڪاري
بچايو چئي باري، اُتي منصف ڪندو محمّد کي.
194 – منصف ڪندو محمّد کي، پاڪ پروردگار
لڳي جنگ ميدان ۾، ٿيا ڪٽڪ ڪارونڀار
هڪڙا شير شهيد ٿيا، تن جي هئي پرين وٽ پچار
مَري ڪيئي مردود ويا، ڪُٺا ٿي ڪُفار
تنهن مهل بيٺو هو، بچايو چئي، موليٰ ٿيو مختيار
جتي ٿيندو عاشق جو آچار، اُتي جاءِ نه ملندي يزيد کي.
195 – جاءِ نه ملندي يزيد کي، اُتي مڙد متا
پاڻي پليتن بند ڪيو، شام ڪُوفي جا ڪُتا
شرم نه پيو شيرکي، ٿيو سامهون سّيد سان
تنهن مهل بيٺو هجان ها، بچايو چئي، ڪريان ها سِر صدقو ساهه
بيٺي رازق رنگ ڏٺا، عليءَ جي اولاد جا.
196 – عليءَ جي اولاد کي، ويري ولر ٿي وريا
حُر هو اتي جو هڪڙو، جنهن کي مَت ڏني موليٰ
هَلي مِير حُسين جي، ڪريو قدمن آ
هُئس طرف يزيد جي، آيس تنهنجي لاءِ
هاڻي بخش گناهه، بچايو چئي، جا ڪيم آس اتا
ان سان سائين سَهنج ڪيا، هو هليو حُر حضور ڏي.
197 – هليو حُر حضور ڏي، اچي شمر سڏ ڪيا
آهي مڙد جوان ڪو، هاشمين منجها
ڏني ورندي ويريءَ کي، سچي سيّدا
بيهي رهه بي ايمان اِتي، پري پليتا
عليءَ جي اولاد جو، توکي سڙيا! پئي نه سماءُ
وڃائي وقت پنهنجو، هيا تون هٿا
ڳاڙيندين ڳوڙها، جتي ٿيندو حملو مير حسين جو.
198 – ڏٺم حملو مير حسين جو، مونکي هڪڙو ڏينهن ياد پيو
حسن مير حسين، جڏهن ننڍڙو هيو
راند ڪندي مديني کان، پري وڃي پيو
آئي ننڊ معصوم کي، سُمهي اُتي رهيو
ويئي ڇانوَ وڻ جي، اچي مٿان مَلڪ بيٺو
بيبي فاطمھ رسول کي، اچي پاڻ چيو
اڄ حسن مير حسين کي، لِهي سِج ويو
نڪي آيا مانيءَ تي، نَڪو ڏس پيو
اُتي حبيب ربّ جو، اُنهيءَ طرف هليو
تيسين آيو جبرئيل جلد مان، جو موليٰ هو مُڪو
اَٿئي ٻَئي سُتل غار ۾، تن مٿن مَلڪ ويٺو
سڏ ڪري سردار، اچي جوانن کي جاڳايو
جاڳئي کان پوءِ جوان هو، ناني کي چيو
نانا! اسان کي پاڻي ڏي، ڪو مانيءَ جو ڳڀو
چيائين: اَبا پنهنجو شهر مدينو، اُتي آهي طعام جهجهو
تيسين آيو جبرئيل جلد مان، کڻي پاڻيءَ جو پيالو
چئي: خالق اسان کي خذمت ۾ موليٰ آهي مُڪو
ماني کڻي ميڪائيل آيو، ڍاڪن منجهه ڍڪيو
اهو مون روبرو ڏٺو هو راضپو ربّ جو
هڪڙو کنيو جبرئيل ڪلهي تي، ٻيو ميڪائيل کنيو
آيا مڙد مديني ۾، لهي غم ويو
پوءِ جڏهن ڪٺائين ٿي ڪربلا ۾، تڏهن ان کي ترس نه پيو
هُو ٿو پنهنجن جون پرکائون لهي، اهڙو رب سچو
هاڻي بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي انهيءَ سيّد جو صدقو
جن محمّد ٿي مڃيو، سي هئا طرف حُسين جي.
199 – ڏٺم حملو مير حسين جو، تڏهن مونکي ٻيو ڏينهن ياد پيو
راهب نالي سامي هڪڙو، اولاد اُن کي ڌُرئون ڪونه ٿيو
آيس دليل دل ۾، ۽ اهو ايرادو
سُجهي ٿو شهر مديني ۾، سيّد پاڪ سچو
نپٽن کي ٿو پُٽ ڏئي، آهي اَجهو اڙين جو
سامِي چڙهي سوار ٿيو، جنهن ڪست منجهان ڪاهيو
آيو شهر مديني ۾، سائل سوال ڪيو
سُڻ فرياد منهنجو، تون آهين مير مديني جو
آيس تو وٽ آس ڪري، رکي اهو ارادو
دنيا ۽ دولت جو، مون وٽ پرو ڪونهي ڪو
اٿم سڪ اولاد جي، سو مون کي پِنِي ڏيو
سيّد اُتي ساميءَ کي، پيغمبر پاڻ چيو
هُوندئي لکيو پاران رب جي، ته ڏاتر توکي ڏيندو
اُتي مير حسين، اهو لفظ اُچاريو
نانا! سَت پُٽ ساميءَ کي، ڏاتر کڻي ڏيندو
تيسين آيو جبرئيل جلد مان، جو موليٰ هو مُڪو
جيڪي مير حسين جو، ساري لوڪ سڻيو
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي انهيءَ سيد جو صدقو
سامي سَرهو ٿيو، جنهن جا قادر سڀئي ڪم ڪيا.
200 – قاصد ڪربلا کان، اُتاهين آيو
محمّد حنيفي مير کي، اچي ٻيجل ٻُڌايو
هِت ٿو خُودي خيال ڪرين، هُت وهي واڪ ويو
عليءَ جي اولاد جو، اُن کي شرم ڪونه پيو
ڪيائين قبيلا قيد رسول جا، اِهو ڪوفين قهر ڪيو
سُڻي ڳالهه سيّد جي، هو غش ٿي ويو
ڦاڙيائين ڪپڙا پنهنجا، ڪيائين ڪارو شهر سڄو
هئوسئون جنهن سڄڻ جو آسرو، سو وڃي ٿو لاهوتي لڏيو
ڪيائين هوشيار حملي کي، سيّد سوار ٿيو
قسم کنيائين ڪريم جو، جنهن خالق آهيان خلقيو
ڪونه ڇڏيندس يزيد جو ننڍو ٻار ٻچو
بخش گناهه، بچايو چئي، مون کي هن سيد جو صدقو
تن تي راضي رب ٿيو، جي هئا طرف حسين جي.
201 – هئا طرف حسين جي، تن تي راضي رب ٿيو
هئو ڏينهن جمعي جو، وقت اڳينءَ جو
هلي مير حسن کي، شمر شهيد ڪيو
پيون اوڇنگارون اُڀن ۾، جِنن رت رنو
پيئي واويلا وڻڪار ۾، پَرين پار ڪڍيو
جهنگ مان مِرن، گهر ماڻهن، ملڪن ماتام ڪيو
لاشو مير حُسين جو، نبين نهراج ڪيو
پٿر تن پرين لاءِ، پرور پاڻ ڪيو
ٿيا حوالي حوض ڪوثر جي، ٿيو سردار شهيدن جو
هاڻي بخش گناهه، بچايو چئي، هن سيّد جو صدقو
جني ڪلمون ياد ڪيو، سي اُمتي ڇُٽندا اِيمان سان.
202 – مديني جي مير جي، هاتڪ حُب رکن
مڪي ۽ مديني جي، جي طالب طلب ڪن
منارا محمّد ڪريم جا، جي ڏهاڙي ڏِسن
راهب جهلي، رند چئي، مهماني مَردن
سامي ٿيا سزا، آئي آگ نه اوڏي تن
بخش گناهه، بچايو چئي، مونکي محابي مڙدن
اڳيان اڻ تارن، پيو حيدر اُڪاري هٿ سان.
رامڪلي
201 – ڪالهه لنگهي ويا ڪاپڙي، محبت رکي من
جوڳي پنهنجي جوءِ تي، ويراڳي وڃن
نڪي ويهن واٽ تي، پورب پيا پُڇن
ڄمندي ڄاوا ئي ڪينڪي، اِها عادت عاشقن
جتي ناهي پير پکيءَ جو، اُتي پيا سنياسي سجهن
دُکايا ائي در تي، دونهان درويشن
پرهه جو پاڻيءَ لاءِ، پاڻئون ڪين پُڇن
لائي لالائي لڱن کي، پيا ڌوڙ ۾ ڌنون
سارو ڏينهن سُبحان سان، ويچاريا وَتن
مونکي تون موليٰ ڪرين، طالب منجهان تن
هنن کي رام گڏيل هو، رند چئي، انهن اُهڃاڻن
سدائين سامين، سُک نه آندو سر تي.
202 – ڪالهه لنگهي ويا ڪاپڙي، سامي سوڀارا
هلڻ جا هنگلاج ڏي، ڪيائون چت اندر چارا
گنگا جي گرنار تي، هنن جا اَٿئي اڏيل اوتارا
جيجان! جوڳئڙن جا، مونکي ٻرن ٿا ٻارا
اُتر لڳي ٿيو اَڪرو، ٻيا پون ٿا پارا
رات وِهامي ڏينهن ٿيو، تَڪيندي تارا
رام گڏيو هون روح ۾، هنن ڪيا وڃڻ سان وارا
سي مون بيٺي ڏٺا، بچايو چئي، سنياسي سارا
سامي سوڀارا، جن ڪاهيو ڪارونڀار ڏي.
203 – ڪالهه لنگهي ويا ڪاپڙي، لاهي لاڳاپا
جوڳين ويندي جوءِ مان، وڏا ڪيا واڪا
جن جا هُئا گَس گنگا تي، سي وڃي ٿانيڪا ٿيا
”وحده لاشريڪ لھ“ جو هو پَنو پڙهن ٿا
انهيءَ ريت، رند چئي، جوڳين جُڃ ڪيا
لاهوتين لاٿا، سانگا پنهنجي سِر جا
204 – ڪالهه لنگهي ويا ڪاپڙي، ڪري لاهوتي لٽڪا
بُک وڌي هئائون بگرين، اُٿي نيراني نڪتا
نڪي ويٺا واٽ تي، نڪي ٽڪاڻن ٽِڪيا
مِٽي ڇڏي هو مائٽي، نانگا ٿي نڪتا
سامين پنهنجي سِر تي، وڏا سوُر سَٺا
رام گڏيو هون، رند چئي، جن گنگا تي گس ڪيا
لاهوتين لَٽا، ڌر کان ڌوتا ڪينڪي.
205 – ڌرئون ڌوتا ڪينڪي، سنياسين سڳا
نڪي اوڍيائون انگ تي، نڪي ٻَڌئون گوڏ گدا
لاهي ڇڏيا لڱن تئون، هنن ٽيو ڏينهن ٽڳا
سامين ۽ سنياسين جا،مونکي پورا پار لڳا
ويچارن وڳا، لڱن تان لاهي ڇڏيا.
206 – لڱن تان لاهي ڇڏيا، سنياسين ساڳا
جوڳي ويا ٿي جُوءِ تي، سامي سڀاڳا
مِٽي وڌائون مَٿي ۾، ڌوڙ ڀرين ڌاڳا
”قالو ابليٰ“ جو واعدو، پاڙيائون پرت منجها
ماري پنهجي مَن کي، ڏنائون اندر اوجاڳا
بيهي رهيا بر ۾، لاهي سڀ لاڳاپا
سي مون بيٺي ڏٺا، بچايو چئي، سنياسي ساڳيا
سامي سڀاڳا، جن روح ڏنو هو رام کي.
207 – روح ڏيئي رام کي، سڀيئي سَٺائون
وکون جي وحدت جون، پوءِ نه پاتائون
پڪون جي پريت جون، پاڻئون پيتائون
وَحده وجود ۾، ويهي وڌائون
روبرو رام کي، ڏوران ڏٺائون
تڏهن ڪپي ڪنڌ ڪلهن کون، لڻي لاٿائون
اِهي بار، بچايو چئي، کلي کنيائون
مرضيون مڃائون، تڏهن گنگا ۾ گڏ ٿيا.
* * * * * * * * * |