240 – آءٌ نه سَتِي سومرا! نه سَتِي منهنجي ماءُ
سَتِي ڪيئن سڏايان، ٿي ڊڄان تنهجي ڊاءِ
ستين کي، سانوڻ چئي، تون اِت نه آماءِ
سَتِي سڏجي ساءِ، جنهن جو مانُ ملير ۾.
241 – واءِ لڳو مند ٿِي، سِڱر ڪڍي ساک
ڏوٿي وڃن ڏٿ تي، لاهيو اچن لاک
مارو منهنجا ملير ۾، پين ٿا پاڻياک
کٽون کهنبا کايان، ڪيس هندورن هلاک
تون ته ساماڻين سومرا! مون لئي موت ملاک
سورن جا، سانوڻ چئي، چڪن پيا چاک
جن جي سيّد رکندو ساک، سي مرڪنديون ملير ۾.
242 – ساراهيان سچو ڌڻي، جو رب آ ساڻي
مارئي پنهنجي ملڪ تي، سدا سياڻي
ماڻا ڪيئين مائٽن سان، ڏوٿين وٽ ڏهاڻي
ننڍي ٿي نپني، سکي ٿي ساماڻي
واهه مٿي، سانوڻ چئي، ڀريو پوڃاڙيءَ پاڻي
هاڻ راءُ سڃاڻي راڻي، عمر چاڙهي اٺ تي.
الف ئون اکر هڪڙو، بي ئون بسم الله (1)243
–
لکيائون ٿي لوئيءَ تي، الحمد الله (2)
ونهين ۽ ويڙهيچن جي، ڪنديس ڪانه گلا (3)
تن ونهين ۽ ويڙهيچن مان، اندو ئي ڪيئن الا
تن ونهين ۽ ويڙهيچن جا، آهن ڪينجهر منجهه ڪِلا
تن ونهين ويڙهيچن جا، ٿا ڀرجن کير دِلا
ونهين ويڙهيچن جا، اهي باب بلا
اباڻن جي آسري، آهي بنيو بيت الله
پڙهن ٿا پرت مان، ڪن ٿا دور دليا
رسول جي رهاڻ ۾ پڙهيائون هو الله (4)
سرهي ڪري، سانوڻ چئي، مارن ساڻ ملا
توکي تهدِ ليا، بيٺي پهنوارن ڪيون پارتون.
244 – تي ئون طلب تن ۾، آهيم اباڻن اڪير
ڪڍ بندياڻي بند مان، مديني جا مير
”ولقدر خيره و شره من الله تعالى“ کلي پيان کير
هت ساريو سنگهارن کي، نيڻين وهايان نير
ويڙهيچن جي وڃڻ جا، اٿم چهڪ اندر ۾ چير
قلم منهنجي قسمت ۾، نه ته آءٌ پيان پاڪ پنير
آءٌ ملان تن مارن کي، جن لاءِ لٽا ٿيا اٿم لير
سڻندو سڏ، سانوڻ جا، دليئون دستگير
ٿيان مقامي منجهه ملير، پيراندي پاڪ رسول جي.
245 – ثي ئون ويٺي ساريان، صاحب ربّ ستار
اپت کپت اُن جي، ڪسب ري ڪنڀار
عمر آندي مارئي، ٻيل کڻي ٻڪرار
سهسين ڪيائين سيگهه مان، ڪارڻ ڪوڏ ڪنوار
اچڻ سان ارزان ڪيئين، ٿيا تهتا طعام تيار
کٽون خوب خوشيءَ مان، هڱوريون هزار
طول وهاڻا تن تي، هئا سيج بندن سينگار
سهسين وڇائيون سوڙيون، بوين سان بسيار
ارزان ات عنبير ڪيا، هنڌن تي هٻڪار
ڪپڙا آندئون قيمتي، ٻيون ذاتيون زريدار
(1)پٽ پٽيهر بافتا، سِر سالون ٻيا سينگار
روا ڀيريئين روح تي، ٻيا سوئا ۽ سالار (1)
ڪچ ٻانڌڻو، ڪان پيرو، اکر ڪي ڪارو ڪار
مينهن ٻُر، مورپک، منجهن ٻگهه پسي سوڌار
اڪ ڦلڙي اَورنگي، رنگ ڪمانگر ڪار
پاٽويا اکر مٿي، چنڊوليون چوڌار
راس رتيون هيون ريٽيون، آهن هالاريون هزار
خاصي اکر کينهوڙو، اکر ڪار ڪي ڪار
پوشيدا پنج گُلا، سنجهي ٻڌ سينگار
ٻڌ ٻهون ٻيا ٻانڌڻا، آهن گج به گلزار
هڪڙا گل گلابي پٽ جا، ٻيا اڇا ڪاٺا ڪار
ڦڪا، نيلا پڌرا، آهن ساوا سال سينگار
سِبو سبڻ واريون، ملوڪليون موچار
ڪوڏ ڀريائون ڪنجرا، ٻيون چوليون چهريدار
سائيون، ڳاڙهيون، سڦريون، ڇيٽون ڇڳيدار
صوفن سونهن سامان ڪيا، ڌڻيئون ڌونر سار (2)
زوري هن کي زربفت ڳڻايا، آئي عمر اپار
هڪڙو ڳاڻيٽو ڳهن جو، ٻيو ليکو ناهي شمار
زيور ذات ڀتيلا، آهن واهه گهڙيا وينجهار
هسيون، دهريون درس هيون، ٻيا چوڪا چندن هار
ڪٺمالون سندن قيمتي، ٻيا تائڀ تنهين کان ڌار
نٿ، بولو بي بها، ڍولڻ چڱي ڍار
لُڙڪا دُهلا، دُرٻچا، ٻيون نسبيون ٿيون نروار
واهه جي والا گهڙيا، جهومڪ ۽ جهالار
سونيون سنگهرون سينڌ ڦل، ٻي ڇلن جي ڇمڪار
هٿين منڊيون حڪمتي، ڪنگڻ منگليون موچار
چوڙو آندو چوڙوي، ويڙهه واڍولا ڌار
سڳيون آيون سهج مان، ٻي پوپٽن جي پچار
ٻانهين آندئون ٻانهن رکي، ٻيا ڪتريا ڪهڙي ڪار
بيشڪ آهن بازو بند، ٻيا چوٽيءَ ڦل چوڌار
اڻوَٽ آڱوٺيون هيون، ٻيا نُورا، ڪڙيون ڪار
مور نه پائي مارئي، توڙي هونِ ٽول هزار
سي هنڌ پَسيو حيران ٿئي، جنهين جو وڻن سان واپار
قيد نه ٿئي ڪنهن جو، ٻيهر شل ڪو ٻار
اوڍيندڙ انهين جا، ساٿيون سڀ ڄمار
سا ٿي آزيون ڪري عمر کي، رويو زارو زار
(1 )
مون کي سندي مارئين، آهي تن ۾ تات تنوار
تون ڪر ڪو خوف خدا جو، جو رازق رب جبار (1)
تون حاڪم آهين انهي هنڌ تي، دنيا ديريدار
راجا تنهنجي روح ۾، ڪا آهي پرڻي پهه پچار
توکي سوين آهن، سانوڻ چئي، سوڍيون منجهه سينگار
بخشيندو بخشڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو.
246 – جيم ئون پڙهي جاڳيا، سُتا ڪين سنگهار
ونهين ويڙهيچن کي، سنجهي نه ٿي سار
ڏوٿي هليا ڏٿ تي، وڏي ڪنهن ويچار
قسمت آنديس قيد ۾، آءٌ نماڻي نار
قسمت آنديس قيد ۾، مون کي تون نه مار
قسمت آنديس قيد ۾، واڳ منهنجي وار
(1) مڙئي مون تان معاف ڪرين، بند بوجا
سڀ بار
آءٌ انهن جي آهيان، هو پنجئي منهنجي پار
حسن مير حسين جي، مونکي پلپل آهي پچار (2)
مديني جي مير جا، آيا ڪي اخبار
کڻنديس سنهن ساڻيهه ۾، ترت پڙهي تبار
ڏينديس ڏوٿيئڙن کي، اهو وڃي اعتبار
ته عمر منهنجو ڀاءُ ٿئي، سائين لڳ ستار (3)
وڳر ۽ ولر کان، لنگهي پونديس پار (3)
هن سڃيءَ تي سانوڻ چئي، کڻي ڀرم ڪندا ڀار
ويچارا پنهنوار، عمر منهنجي آسري.
247 – ماروئڙن جا من ۾، حي ئون ٿيم هنبس
آءٌ ڪُسان پيئي قيد ۾، هٿ ويڙهيچن تي وس
باهه ڏيان تنهنجي بنگلن کي، مون کي اچي چڀڙن چس
مارن ۾ ماتام ٿيو، ڏسي ڪڪرن جا ڪس
هو نبي سر جون نامڪٺيون، جن گجرين ٻڌا گس
ڪڍ بندياڻي بند مان، تون رسول اچي رس
”جف القلم بما هوَ ڪائِن“ مالڪ ميٽيندو مس
تن سنگهارن وٽ، سانوڻ چئي، لُلُر پڪا لس
اهو ڏاڏاڻن جو ڏس، مون کي سهڻي ۾ مليو سومرا.
248 - خي ئون نالو خدا جو، ادا ڙي عمر!
منهجا ڪم ڪريم تي، ڪندو ڀيڻي ڀر
اکيون تن عجيبن لاءِ، ٿيون جال وهائين جر
ساڻيهه ۾ سڪار ٿيا، وُٺا ڪي وِڏُر
ميگهن ۽ مينهن جا، آهن اوهيرا اَپر
يٰايّها الذين آمنو عملو الصٰلحٰت“ سوين سجهن ٿا سر
ملڪ مارو مير جو، ٿورو نه ڀانيان ٿر
(1) ملڪ مارو مير جو، وسيو ڪل وڳر
ملڪ مارو مير جو، پڪو پارڪر
آڻين چاڙهين سومرا، سائو ساڳ سڱر
آڻين چاڙهين سومرا، اها پنهوارن جي پر
ڪٿي ٿيون محل ماڙيون، ڪٿي ٿيا ڪينجهر
ڪٿي آئي آهيان ڪوٽن ۾، گهوڙن سندا گهر
توبھ توبھ ٿي ڪريان، هادي حمد شڪر
توبھ توبھ ٿي ڪري، منهنجي توبھ تنهنجي در
سنگهارن تان، سانوڻ چئي، آيو ڪو اوسر
آءٌ مران مر، شل ڏوٿين تان ڏڪار لهي!
249 – دال ئون درد دل ۾، مون کي اباڻن جو آهي
سوال ڪريئين ٿي سومرا، سو سُڻي عمر اُنائي
ڪڍ بندياڻي بند مان، هي لوهه ڇڏ لاهي
آءٌ پلئو وجهئين ٿي پير جو، مون کي ڇڏ وطن ورائي
”ولا يحض على طعام المسڪين“ اهي کاڄ سڀئي کائي
وُٺا مينهن مارن تي، ڇڏيائين پلر پلٽائي
مارو رهن ملير ۾، هتي منهنجو ڇاهي
ڪڍ نماڻي نِيرَن مان، وڃي ولر ورائي
سوال منهنجو، سانوڻ چئي، من آگو اگهائي
آءٌ ملير ملهائي، ثابت وينديسئين سومرا!
250 – ذال ئون پنهنجي ذات جو، ظاهر ڪيان ذهن
ننگ ڇڏيائون نِيرڙين، من ڪا ٻاجهه پئين
ڪربلا جي پڙ ۾، مون رات ڏٺي جا رئين
ڪربلا جي پڙ ۾، هئا حسن ۽ حسين
ڀيڙو تن ڀلارن سان، هو آڌر علي عين
چوٿون محمّد مصطفيٰ، آهي نوري سندس نين
مون سُڃيءَ کي، سانوڻ چئي، ڦٽي ويا فين
پڙهي حج حرمين، آءٌ عيبن کان آجي ٿيان.
151 – ري ئون پنهجي ربّ کي، آءٌ سڪيو ڪريان سوال
ته ڪڍ بندياڻي بند مان، ڀلا ڪر ڪو ڀال
ڪڍ بندياڻي بند مان، جا جر وهائي جال
ساريو تن سنگهارن کي، پئي لڙڪ وهائي لال
آءُ بندياڻي بند ۾، هت مارو چارين مال
سڱر سيڪيو سرتيون، ڪن ڳاڱين سندي ڳال
ساري عمر، سانوڻ چئي، چوکي چوڙيلين جي چال
مارن وٽ مقال، منهنجي سدائين اٿئي سومرا!
252 – زي ئون ضد نه ڪر، آءٌ ٿي زاري ڪريان سان زبان
موڪل ڏي ته ملير وڃان، رک مارئي جو مان
ڪڍ بندياڻي بند مان، ادا عمر! ڪر احسان
کڻي آئين کوهه تان، ڪري ٻانهياري ٻانَ
ساڻيهه سونهنديس، وطن وينديس، هت ڪڏهن ويهنديس ڪانه
ڪين وڻن ٿا ڪوٽن ۾، ري پهنوارن پڪوان
سرتين جي سور ۾، منهنجي جلي ويئي جان
ڪر ڪو خوف خدا جو، اڳيان اٿئي محشر جو مڪان
”ومن يعمل مثقال ذره شريره“ اهو فائق جو فرمان
جت ڪورٺ ٿيندي ڪريم جي، اهو تل نه ڇڏيندو تان
محابي محمّد مير جي، ڇٽندو جڳ جهان
پڙهي ڏس پرت مان، اهو ”فاذڪروني“ فرقان
سوڙهي ۾، سانوڻ چئي، شرم رهي شان
ٿي ميان مهربان، ته ملڪ پهچي مارئي.
253 - سين ئون سنگهارن جا، اٿم سيني منجهه سيل
کڻي آئي کوهه تان، ڪري ٻانهياري ٻيل
باندي وڌئي بند ۾، سا ڊوڙي پيئي ڊيل
مون ڪُٺيءَ ڪين قبوليا، جيئري تنهنجا جيل
هت وُٺا مينهن ملير ۾، کنوڻن لايا کيل
پلر پالوٽون ڪيون، وُٺو وچينءَ ويل
ويڙهيچن تي وسون ٿيون، گولاڙن ڪئي گيل
پيرون آڻين پاند ۾، ٻڌيو چوڙيليون چيل
سي ڪريو ويس وڏاندرا، طرح مکين تيل
تن سنگهارن سان، سانوڻ چئي، محمّد ڪندو ميل
هت ڦند ڪرين جي فعل، سي سڀ ڇڏيندين سڃ ۾.
254 – شين ئون شرم بچاءِ، ته شڪر ڪريان شادي
ڇني آئين ڇانگ مان، مون بند ڪيئي باندي
موڪل ڏي ملير وڃان، تون بادشاهه بنيادي
اٿم سڪ سنگهارن جي، آهيان مارن لئي ماندي
ستي رات سهڻي ۾، آيو پهنوارن پانڌي
خبر تنهن کاهڙ مان، اباڻن جي آندي
ته وٺا مينهن ملير ۾، ٿي عمر آزادي
ڪي بندياڻي بند مان، تون حيدر پير هادي
آءٌ مران وڃي مارن وٽ، قريب ٿين ڪانڌي
پاڙي پاڪ رسول جي، وڃي پوان پيراندي
سڻي سڏ، سانوڻ جا، والي ڪندو واندي
ٿيان هُتي هيڪاندي، وڃي مارن وٽ ملير ۾.
255 – سڻ صادئون صدائون، تون صاحب سَگهيرو
موڪل ڏي ته ملير وڃان، هت دردن ڪيو ديرو
موڪل ڏي ته ملير وڃان، هت جلي ويو اٿم جيرو
مارن ۾ ماتام هو، ڪو صبح سويرو
سانگي منهنجا سنمک سهڻا، ڏين ڦڙيءَ مٿي ڦيرو
کِلندم کاهڙ واريون، هتي منهن ٿيم ميرو
سورن مئيءَ تي، سانوڻ چئي، اڏيو آهي آکيرو
ڀرم سندو ڀيرو، ڏوٿي ڪندم ڏيهه ۾.
256 – ضادئون مون کي دل ۾، آءٌ وڃان شال وطن!
قيد مونکي ڪنبايو، آءٌ وڃان ويڙهيچن
سڪ به اٿم سومرا، مون کي ساريو سنگهارن
وُٺا مينهن ملير ۾، ٿيا پلر پهنوارن
ٿي ساوڪ ساڻيهه ۾، کڙيا کاٽونبن
پڪا ڏونرا ڏيهه ۾، ٿيو ڏٿ به ڏاڏاڻن
ملڪ مڙيئي مڃر ٿيو، ڪڍيا گُل به گولاڙن
”اِن الذين ڪفرو بعد ايمانهم“ اهو توڻ توشوڪن
ٻي ملڪيت ناهي مارن وٽ، اهو روز به رفيقن
قادر منهنجي قسمت ڪر، الله اباڻن
روضو پاڪ رسول جو، آءٌ چُمان ساڻ چشمن
سچي سڪ، سانوڻ چئي، وڃي ٿيان اوڏي عجيبن
ڍوليا ڍڪ ڏين، مرڻ ويل ملير ۾.
عمر عين اڪير، اٿم ونهين ويڙهيچن جي257 –
وينديس ويڙهيچن ڏي، ڀڃي ڪوٽ ڪبير
برهه جي بوندن جي، هينئڙي لڳم هِير
لوهُن لوڏي آهيان، واءَ چڙهي جيئن وِير
ڪوٽ جهليندم ڪينڪي، تنهنجا زيل زنجير
نِيرڙ ويندا ناس ٿي، ڪندو محي الدين مير
سُڄي ٿو ساڻيهه ۾، پنهوارن جو پير
ملنديس ماروئڙن کي، ميان! منجهه ملير
ڏيندو سوڀ، سانوڻ چئي، مون کي فتح ساڻ فقير
مون کي حب حمير، آهي مديني جي مير جي.
غين ئون، مون کي غمن، آهي مارن جي ماريو258–
جن سان هيج پائي هليس، سرتين تن ساريو
ڇيلا پاس ڇَنن ۾، اچن ولرڙا واريو
ٻڪر ٻاٻاڻن جا، اچن چوڙيليون چاريو
موهر ملڪ مارن جو، اٿئي نماڻي نهاريو
روئان ويٺي رت ڦڙا، هَنجوهون هِت هاريو
قيدن منهنجي قلب ۾، ٻارڻ آهي ٻاريو
ڏوٿين ڏٺي ڏينهن ٿيا، هت گهنگهر مون گهاريو
سورن مونکي، سانوڻ چئي، آهي سبق سيکاريو
مون کي ڏاتر ڏيکاريو، روضو پاڪ رسول جو.
259 – في پئي فڪر ۾، مون ماري ڇڏيو ماس
مارن جي ملڻ جي، مون کي اندر منجهه اداس
لاهيان ڪيئن لڱن تان، لوئيءَ جو لباس
ويڙهيچا وطن ۾، وٺن وڻن جو واس
انّ جي انهن کي، بوءِ نه وڻي باس
جهڻ پين، جهنگل رهن، جن وٽ مڏي ناهي ميراث
جڙي تن لاءِ جنت ۾، روضو ٿيو راس
قادر ڀڃندو ڪوٽ ڪڙا، تن جا نير ٿيندا ناس
مون سڙيءَ جو سانوڻ چئي، تو ڪيو ڪونه قياس
اٿم تانگهه تلاس، وطن جي وڃڻ جي.
260 – قاف ئون هت قيدن ۾، آءٌ ڪڙهي ٿيس ڪاري
ڦٽو نصيب مون نڀاڳيءَ جو، تڏهن بند پيم باري
عطر کان اُچي ڀانئيان، آءٌ وطن جي واري
ٿڌا ريٽ ٿرن جا، هت تنهنجي بنگلن باهه ٻاري
وڻن ڪين وجود کي، تنهنجا هنڌ هٻڪاري
بيگناهه بنگلن ۾، هيءَ مسڪين اٿئي ماري
هُت وُٺا مينهن مارن تي، ڪئي بادل بهاري
ساڻيهه ۾ سڪار ٿيا، ڪئي مينهن ملاري
ڏونرا پڪا ڏيهه ۾، ڪئي گلن گلزاري
موڪل ڏي ته ملير وڃان، ڪر صاحب سرداري
ڇيلا پاس ڇَنن ۾، ٿا چَرن چوڌاري
”فمن يجادل الله عنهم يوم القيٰھ متھ“ ڪر ترت تياري
ڪر ڪو خوف خدا جو، ظالم ڪر زاري
جت ٿيندي ڪورٺ ڪريم جي، ايندا سمن سرڪاري
خزانا ويندئي خاڪ ۾، اهي ڪوٽ ڪفاري
سڪ اٿم، سانوڻ چئي، ڪندو محمّد موچاري
سڀ هيرا هزاري، سڙي ويندئي سومرا!
261 – لام سڻي لُولَهٽ، ڪر مون بنديءَ جو بِلو
قبر ڪاري آهي، انڌاري، اتي هلندين هيڪلو
اها آهي راهه رباني، جت هلو ڙي هلو
ڌن ڇڏيندين ڌوڙ ۾، جنهن جو اٿئي ٺاٺ ٺلو
”المال والبنون زينتھ الحيات الدّنيا“ ڪم نه ايندئي ڪوٽ قلعو
سورن جو، سانوڻ چئي، جت ٿيندو زلزلو
جهانگي ٿيندم جهلو، اچي ساڻيهه منجهه سومرا!
262 – ميم ئون ماروئڙن جا، چُري پيا آهن چاڪ
ڇو باري وڌئي بند ۾، تاڙا ڏيئي طاق
هت ڳري، وينديس مري، هينئون ٿيم هلاڪ
پيو ولوڙو وجود ۾، ڦٽيس انهيءَ فراق
ڪڍ بندياڻي بند مان، سڃاڻي ربّ رزاق
گجرون پنهنجي گام ۾، پلر پين پاڪ
سنگهارن جي، سانوڻ چئي، هاڙهي منجهه هاڪ
هٺ ويندئي هارجي، ميان! ڪر نه مذاق
ڪرڪو خوف خالق جو، جِت پرور پڇندو پاڪ
هُت لالڻ ماڻيو لولاڪ، سو سڃاڻي نيندم سومرا!
263
وينديس ويڙهيچن جي، نون ئون نياپي
ڏيل ته منهنجو ڏٻرو، ڍايو نه ڍاپي
آءٌ مارو مير جي ڏنگيس ڏوراپي
ميان! مارو مير جي، لڳيس لاڳاپي
نالو هن نماڻيءَ جو، ڇڏيائون ڇاپي
نالو هن نماڻيءَ جو، مُلڪ ويا ماپي
هن سڙيءَ جي، سانوڻ چئي، من صورت سڃاپي
ڄائي ڪا مَ ڄاپي، مون جهڙي ملير ۾.
264 – واو منهنجي وطن جو، وانگي ڪونه ورتو
ساريو تن سنگهارن کي، وڃان ماڳ مريو
ساريو تن سنگهارن کي، پوي ڏيل ڏريو
لکيو انگ ازل جو، نيٺ پنهواريءَ تي پريو
مون نڀاڳيءَ جي نصيب ۾، اهو ٻارڻ اچي ٻريو
سورن ۾، سانوڻ چئي، ڪهل مئيءَ تي ڪريو
دستگير ڌريو، هٿ مون هيڻيءَ تي.
265 – يي ئون مون کي ياد پيا، ڌنار ڌڻولي
جن نپايو نماڻيءَ کي، ڏيئي لاڏ منجهان لولي
مِٺي تن مارن جي، لڳي ٻانهياري ٻولي
آءٌ ٻانِهي تن ٻانهيارين جي، گجر آهيان گولي
ڪنجرا تن جا قيمتي، ٻي چِٽن سان چولي
قسمت آڻي قيد ۾، هيءَ رندن ۾ رولي
قسمت آڻي قيد ۾، هيءَ ٽولاڪن ٽولي
ڇڏ ته وڃي ڇيلا چاري، هيءَ ڀٽن تي ڀولي
سورن جي، سانوڻ چئي، مون جهلي آهي جهولي
جيئن ڍڪون ڪري ڍولي، تيئن آءٌ ساريان سنگهارن کي.
ليلان چنيسر
عجب رنگ الله جا، سڀ ڏينهن ڏٺم سيئي 266 –
دانهيندي درٻار ۾، مون کي وهامي ويئي
ڪونهي ڏوهه ڪونرو جو، قسمت جا ڪيئي
سورن جي، سانوڻ چئي، پيٽان آئون پيئي
اٿئي معلوم مڙيئي، ٿو دليون پرکين داسڙا!
267- گهڙو کڻي هلي گهيڙ تي، وڌس نيهن به نهوڙي
وڏي دؤر درياءَ ۾، بيٺي ٻانهياري ٻوڙي
ڏيو ور ولين تان، ٿي ڊيل اُڀي ڊوڙي
سينڌ پٽيون، سانوڻ چئي، ٿي جانب لاءِ جوڙي
تڏهن منهن موڙي، جڏهن لڳيس ناوَڪ نينهن جي.
سهڻي ميهار
268 – ليلى اچي لاڏ مان، مجني کي موهيو
پلنگ پٿراڻيون پَٽ جون، ڊيل اچي ڊوهيو
وڇائي ٿي وقوف سان، عطر مشڪ اوتيو
پچائي ٿي پرين لئي، پڪوان پوهيو (1)
کڻيو اچي خوشيءَ مان ڳُڙ کنڊون ڳوهيو
کارائي ٿي کٿابيءَ کي، ليلى پاڻ لويو
هيرو موتي هار ۾ پائي ٿي پويو
حور ويهي ٿي هنج ۾، ڪُونج ڳچي ڪويو
ٽول پائي، ٽنڊ ڪري، سينڌ پٽيون سويو
صدقي وڃان، سانوڻ چئي، تن کي ڏيڻين ڏکويو
ٿي رنج ڪڍي رويو، پيا وڇوڙا ورهن جا.
269 – الله آندئي عرب مان، محب مستانا
دائي سونهان تنهنجي در جي، دلبر ديوانا
قيس! مون قبوليا، تنهنجا طالع تي طعنا
سوين سٺم سِر تي، تنهنجا بديون بهتانا
سانولي سينگار ڪري، ٻيو ڳچيءَ پائي ڳانا
ماڻهو شهر مصر جا، تو ٻيلي سونهن ٻانها
واهڙ ڪئين وهي ويا، مون جڏيءَ تان جانا
گهوري توتان سِر گهوريان، ڪريان نيڻ نذرانا (1)
سورن جا، سانوڻ چئي، توتي منهنجا حرف حقانا
ڪيس قربانا، نينهن به تنهنجي نام تان (2)
270 – مجنان شهر مصر ۾، هڪ نار آهي نامي
ڌيءَ قاضي قمر جي، آهي مينهن سندي مامي
ڪيئي آهن ڪيترا، ان جا ڪامورا ڪامي
منهن مثل مهتاب جي، هٿ ۾ خنجر خنامي
سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، ٿيندو حضرت پير حامي
ويندا عاشق اگهامي، ميڙي محمّد ڄام جي (3).
271 – حور کڻي حيران ڪِي، قيس ڪاريگر
پِرڀائي ٿي پرينءَ کي، لالڻ ڏيو لَرَ
ويهي اچو ويجهڙي، ڀورل وٺيو ڀَرَ
پڙهائي ويٺي پرت مان، ڪونج ڪبوتر
سيکاري ٿي، سانوڻ چئي، عاشق کي اکر
مجنان مسافر، توکي الله آندو عرب مان.
272 – ليلى ڏٺو لال کي، ايندو اڄ اوري
ماڻڪ موتي محب تان، گهورون بيٺي گهوري
ڀلي آئين مجنا! تون ڏيهه ڏِسيون ڏوري
ماري آهيان، مجنا! تنهنجي هول انهي هوري
پرين! پهچان ڪينڪي، تنهنجي هڪ ٿوري
(1 )
چڙهي ويهه چاڳلا! وڃن هور به هندوري
سدائين، سانوڻ چئي، تنگ هيس تو ري
ڇند هڻي ڇوري، ٻڌو ريب راڻي سان.
273 – ملي حور مجني کي، ٻج ننڍي ڪا ٻور
ڌيءَ نه حافظ قمر جي، منڌ سُڄي ٿي مُور
مُکياڻي مصر جي، توڏ مثل آهي تور
بَکائي ٿي باهه جيئن، ديد اهڙي دستور
مجنان! اٿئي مشهور، ليلى شهر مصر ۾.
274 – قاضي چيو قيس کي، توکي شاهه هجي شابس
لٿين ڪين لچائيءَ تان، تنهنجو گهر اهو ئي گس
مون کي مرڳو مجنان! تو کان بکيا آهي بس
لڪيو ٿو ليلى سان، تون گڏ ڪرين گوپس
ڌاريا! منهنجي ڌيءَ سان، کاڻا! تون مَ کس
هت ويٺي، حافظ چئي، راهه نه هلندو رس
وٺيو وڃان ٿو وس، ليلى پنهنجي لَڏ سان.
275 -قاضيءَ چيو قيس کي مجنا! مرين
مون کي شهر مصر ۾، ڪارو ٿو ڪرين
ليلى ڏٺئون توسان، ڀورا! ڀاڪرين
موٽيو منهنجي منهن تي، ڪوهه ٿو ڪوڙ ڪرين
طالع تتا توکي، کنيو پادرين
اچين ٿو استاد سان، نڀاڳا نرين
لڏي آءٌ ويندس، صبح ساگهرين
سامهون اچيو سانوڻ چئي، ورنديون ڏيو ورين
قيس ڪوه ڪرين، تو سان ڪانهي پهچ پڄڻ جي.
276 – نينهن به تنهنجي نام تان، چوري ڪيس چري
جنهن کي مچ مجاز جا، ٻيڻا ويا ته ٻري
ڦري سا فقير تي، واڍوڙيل وري
عطر تنهن عاشق تي، ٿي نائي ناز ڀري
ڇٽ هڻيو ٿي ڇانوَ ڪري، هڻيو تيل تري
ليلى توتي لائق ڪيا، ڪي مجنان مادري
سڻج سڏ، سانوڻ جا، تون ڪن ڏيئي قادري
دستگير دري، تون اُپٽي ڏي احسان جي.
277 – ريب ڪري راڻي سان، ٺڳي ڪيائين ٺلهي
ڦِري ٿو فقير ٿيو، وٺيو ڳوٺ ڳلي
پنيئين پاند پناهه جو، ڏنس انت علي
پٺ ڀري پرديسي جي، محي الدين مَلي
ملي تنهن مڙد کي، ڀيڻي ڪا ڀلي
گُجر پائي گُلي، ملي حور مجني سان.
278سُتي رات سهڻي ۾، ٿيس ليلى جو لقا
مجنون اتي مست ٿيو، لڳس پار پڪا
حُسن ڏسي تنهن حور جو، وريس نينهن نڪا
آڻي کُتيس عشق جي، جنهن دل ۾ ڪيس ڌڪا
مڪو ڇڏي مجنون هليو، پنهنجا سيڻ سَڪا
جيري وڃي جاني ڏسان، ناهي بندي جو بقا
ماس ڳري محبوب لاءِ، ٿيس ڀور ڀُڪا
سورن جا، سانوڻ چئي، مون کي ڏنا دائيءَ دُڪا
ڪري ڪانَ، ڪڙڪا، مَٽيا تنهن مجني کي.
279 – مڪو ڇڏي هليو مجنون، جنهن کي لڳي ليلى جي لغار
قدم کڻي قرب مان، هلو نيڻين ٽمائي نار
اچي مصر پهتو مجنون، ڪيائين دلبر جو ديدار
ليلى ڏٺائين لاڏلي، جنهن جي رمز ڀري رفتار
سر وقد سهڻي هئي، ڪونج ڳچي ڪلتار
سا قمر ڌيءَ قاضيءَ جي، هئي سرت ڀري سينگار
مجنون آيو مڪتب ۾، ڪيائين پڙهڻ جي پچار
سبق سکيو سُلکڻا، نقطا سڀ نروار
”طٰھ، يٰس، تلڪ“ رکي تن ۾، حلم پڙهي ٿيو هوشيار
بخرو پيتائين بحر جو، مجنون ٿيو مختار
سڄي عمر، سانوڻ چئي، هئس طوطيءَ جي تنوار
ساري سڀ ڄمار، منهن نه مَٽيئين محبوب کان.
280 – مجني کي مجاز جو، ذوق لڳو ذاتي
لڳس لئون ليلى سان، ڏٺائين صورت صفاتي
امام ڪيائين عشق کي، ٿيو جانب جماعتي
مشهور ٿيو ملڪ ۾، مجنون ائين مماتي
دلڙي دردوندن جي، اچي فڪر منجهه ڦاٿي
وڌائين وڍ وصال جا، کڻي قرب سندي ڪاتي
سورن جي، سانوڻ چئي، اها پاکر مون پاتي
پوءِ صورت سڃاتي، مجني گڏجي محبوب سان.
281 – مصر آيو مجنون، ساري پنهنجو سبحان
محبت جا مجني کي، لڳا قلب اندر ۾ ڪانَ
محبت جا مجني کي، نينهن ڪيا نيشان
قاتل ڪين ڪڙهيو، اتي هرڪو ٿيو حيران
زهر پيتو ٿي ذوق مان، مجني ٿي مستان
سو مِٺو لڳو ماکيءَ کان،ٿيو عشق جو امتحان
لک ڀيرا ٿي ليلى ٿئي، تنهن ڪامل تان قربان
جسم ٻنهي جو هڪڙو، روح گڏين رحمان
جيئن ڪعبو ڀيٽين قرب مان، تيئن مجني ڀيٽيو مڪان
”لولاڪ لَما خلقتھ الافلاڪ“ پرين پَسايو پهلوان
مالڪ بخشيا محبت سان، تنهن سورهيه کي سامان
سڙي مران، سانوڻ چئي، ڏسي عاشق جو ايمان
آدم جهڙا انسان، تنهن عشق کڻي اُجاريا.
282 – مصر پهچي مجني، ڪئي مانجهي ملاقات
پڙهي پئي پرت مان، ليلى ڪريو لات
مجني آڻي رکيون مهندا، سوکڙيون ۽ سوغات
عشق اٿيو اُڌما ڏئي، کڻيو ڪهاڙا ڪات
گڏيا گل گلابي، ٻئي صورت ڀريا صفات
کٿابين وڃي خار مان، بُري مچائي بغات
قاضي: قبيلو گڏ ڪري، ضد ڪيو ظلمات
پر عاشق کي اصل کان، ملي ڏاتر وٽان ڏات
زهر پيتائين ذوق مان، سو ماکي ٿيو ميوات
اهڙا سچا عاشق، سانوڻ چئي، هُونِ هميشه حيات
نينهن ڇڏايو نيات، مست پنهنجي مجني کي.
283 – ليلى جي لَڏڻ جي، پئي قيس کي ڪل
رُنو رت گاڏئون، ڳوڙها مٿئون ڳل
لُڙڪ هاري ليلى، اچي موڪلايو کان مل
قسمت واڳون ڇڪيون، پرين پيارل
جانب تنهنجي جدائيءَ جا، جيءَ ۾ اٿم جل
آءٌ بيوس وڃان بند ۾، هلڻو اٿئي ته هَل
سا روئي رواني ٿي، ڪر کڻي ڪونجل
لڳو پٺ ليلان جي، گهوٽ مجنون گهايل
پنڌ ڪري اچي پهتو، پَهر انهيءَ پل
بيهاري ڇڏيائين بَر ۾، ٿيو درخت جيئن داخل
اٿي بيٺل ادب ۾، ترسيو هڪڙو نه تِل
ڪڙهي اتي ڪارو ٿيو، جيئن کوري اندر کاڻل
سورن جا، سانوڻ چئي، ٿيس سيني اندر سَل
نيڻ کنيو نرمل، بيٺو محرم نهاري مجنون.
284 – محرم نهاري مجنون، جنهن جو آتڻ اُجهاڻو
ليلى لڏي، ويئي ڇڏي، گهمائي گهاڻو
بيهاري ويئي بَر ۾، هيءُ سُڪي ٿيو ساڻو
لُڪن لوساٽي، ڇڏيو ٻوساٽي، قيس ڪوماڻو
ورهيه گذريا وڇوڙي کي، هيءُ کوري منجهه کاڻو
”ترڪ الدنيا واجب“ اِهو سفر سٽاڻو
پکين تنهن پرديسي تي، اچي اَڏيو آڏاڻو
مادر مرڪي مجني جي، جنهن جو سورهيه پٽ ساماڻو
سورن جو، سانوڻ چئي، ڏنس عشق اولاڻو
کنيو نيڻ نماڻو، بيٺو محرم نهاري مجنون.
285 – محرم نهاري مجنون، بيٺو ٿي منجهه بَر
جيئن قطب بيٺو ڪنڊ تي، تيئن قيس کنيو ئي ڪر
نيڻ وهيا نار ڪري، جيئن آسمان منجهه اَبر
هن کي بيهاري ويئي بر ۾، جنهن جو ساٿي نه سڳر
پکي گهمن پاڻ ۾، ويڙها ڪيو ولر
ڏسي حال حيوانن جو، جانب وهايا جر
ڏکن ڏيل ڇنو، جيرا جيئن جگر
اهي آگي انگ لکيا، دائم منجهه دفتر
پرديسيءَ جي پکين سان، واليءَ ڪئي وندر
وُٺا مينهن مصر تي، ڀريا پَٽ پَلر
ولهين ويڙهه وڏا ڪيا، ڏيئي وراڪا ور
سورن سان، سانوڻ چئي، ٿيو غريب جو گذر
عاشق منجهه امر، محرم بيٺو مجنون.
286 – قاضي اٿي قسمت مان، وهه چاڙهيو وير
سوٽ ماسات سڏائي، آندائين ڪل امير
پر ڀڄي ويا ڀئو کان، دانهون ڪري دلگير
مست آيو مجنون، پرس سنڀالي پير
زهر پيتائين ذوق مان، پر اڃان سڌ سرير
سو مٺو ٿيو ماکيءَ کان، عشق ڪيو اڪسير
ليلى پنهنجي لعل تان، فدا ٿي فقير
سئو ڀيرا صدقي ٿي، منڌ مَٽائي مير
قربان ٿي قيس تان، هٿ ٻڌي سا هير
سورن جا سانوڻ چئي، ٿيس چهڪ اندر ۾ چير
نيڻين وهائي نير، محرم پنهنجي مجني لاءِ.
پورب
287 ڪانگل ڪل ڪيهي، تو آندي عجيبن
منهنجو جيءُ جڏو ڪيو، پيچ وجهي پرين
منهنجو جيءُ جڏو ڪيو، عشق جي اُلنَڀَن
منهنجو جيءُ جڏو ڪيو، پرين جي پرتون
منهنجو جيءُ جڏو ڪيو، انهن اُهڃاڻن
ڀڳو سڄو نه ٿئي، موتي توڙي من
ڏيئي ريهه رُپي جو، جي ڳنڍيو صرافن
ته به وچان سنڌو سور جو، ميٽيو نه ملوڪن
عقل جي آچار سان، کڻي جوڙيو جانبن
مون ڀانيو ڀيرو ڪندا، پر ميلو ٿيو مهينن
وڃي سوگها ٿيا، سانوڻ چئي، هو وڏي وقوفن
ڪانگل قريبن، مون تان ڦيرو کڻي ڦٽو ڪيو.
|