سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: نڙ جا بيت

 

صفحو :16

 342 – لاهوتي لڏي هليا، ڪيائون وڃڻ جي وائي

پرين هليا پرديس ڏي، رات ٿيا راهي

مون ٻاڙو ڪونه ٻوليو، قرب نڪا جي ڪچائي

منهنجي پوري هئي پرين ڏي، ڪا صحبت سچائي

ساري عمر، سانوڻ چئي، هيم اُڪنڊ اجائي

پوءِ هر هر هلڪائي، وڃڻ در دوست جي.

 

343 – لاهوتي لڏي هليا، سفر ويا سامي

ڌاڳا ڌوڙ ڀُڪليا، خاڪ ٿيا کامي

هليا ويا هنگلاج ڏي، ٿيا مڙهين مدامي

پورب ڏيهه پرديسين جو، ٿيا ڪينجهر قيامي

سي ڪاپڙي ويا ڪابول ڏي، ٿيا آديسي آرامي

ملڪ مڙيئي معاف ٿيو، آديسين انعامي

جڙين جاءِ جبروت ۾، ٿيا عاشق آسامي

سوڙهيءَ ۾ سانوڻ چئي، هادي ٿيندن حامي

سي طالب تمامي، هاتڪ پنهنجي حق سان.

 

344 – لاهوتي لڏي هليا، محب ٻُڌي مُوڙا

ڪڍيا ڪونج ڪنن مان، ڪي جمهٽين جا جهوڙا

ڀڃي ڀوري ڇڏيا، ڪي چوڙيليءَ چُوڙا

سي سنياسي، سانوڻ چئي، ٿيا قولن جا ڪوڙا

جي سنجهي سنڀوڙا، سي لاهوتي لڏي هليا.

 

345 – لاهوتي لڏي هليا، منهنجا ويا ويراڳي

اُلڪي آديسين جي، آءٌ آيل اوجاڳي

سرتيون، مون سُک ڦٽايو، جوڳين لاءِ جاڳي

پرين پرديس ويا، آءٌ ڏکن ڏهاڳي

آگي انگ لکيا، تڏهن ٿيس ننڍپڻ ۾ نڀاڳي

ڏيئي ويا ڏهاڳ جي، مون وِلهيءَ کي واڳي

سورن منهنجي، سانوڻ چئي، آهي دل سڄي داڳي

کڻي بار پيراڳي، منهنجا لاهوتي لڏي ويا.

 

 346 لاهوتي لڏي ويا، ايندا ڪي آڳنڌ

وڃن ويراڳين سان، پورب ٿيندو پنڌ

ڏسيو ڀونگا ڀيڻيون، ويٺي آهيان آسروند

ڀاڳ مون ڀوريءَ جو، ڪو وقت هو بلند

سورن ۾، سانوڻ چئي، آهي خلقي تنهن خاوند

دوست دلپسند، سي لاهوتي لڏي ويا.

 

347سڌ به ساميڙن جي، مون کي ڪانه پيئي (1)

ڪهڙي سانگ سناسي ويا، سيڻ منهنجا سيئي

نهاريم نينهن جا ٽڪاڻا ٽيئي

جيئري جوڳي ويڙا، مون کي ڏولائو ڏيئي

ڪري ويا ڪاپڙي، سير هي سڀيئي

سڱ جني سان، سانوڻ چئي، سا وِٿَ مون کان ويئي

پاڙي جن پيئي، سي لاهوتي لڏي ويا.

 

348سامي سفر هليا، رسيا وڃي روم

”حافظ“ جي حال جي، مولى کي معلوم

سنياسين جي، سانوڻ چئي ڪالهه گڏي هئم قوم

ننڍي هوندي نينهن لڳو، مومل هئي معصوم

دانهون ڪندي ڌوم، ويئي ويراڳين پٺيان.

349 – چنگ وڳا چپ ٿي، ڪين سڻان ٿي ڪڙڪ

آيل آديسن جي، ٻولي ناهي ٻِڙڪ

هو سنجهي ئي سمهي رهيا، هام پَلي هِڙڪ

سي سنياسي، سانوڻ چئي، آهن عليءَ جي اِڙڪ

ڇڏي ڦاهيون ۽ ڦِڙڪ، هو اَڏيندڙ اُٿي ويا.

350 – نماڻيءَ کي نازل ٿيون، پورب اچي پٽيون

دوا منهنجي درد تي، لڳي ڪانه لٽيون

سمهڻ نه ڏين سرتيون، ڦوڙائي جون ڦٽيون

فقيراڻي فيض لاءِ، مون پيتيون وِهه وٽيون

بيوسيءَ جون بند ٿيون، گهوڙا سڀ گهٽيون!

محبوبن جي ملڻ لاءِ، جهاوا ڏنم جهٽيون

جوڳي ويا جوءِ ڇڏي، سنجهي ڏنم سٽيون

”وصدق بالحسنا“ مون کان ڇو مَٽيون

سي سنياسي، سانوڻ چئي، لٽي ويم لٽيون

جن لاءِ ڪيف ڪٽيون، سي ڪرمين ملندا ڪاپڙي.

 

351 ڪرمين ملندا ڪاپڙي، آءٌ گهمان ٿيو گهوري

ڏيئي جام جدائيءَ جو، لائي ويا لوري

سوگهي آهيان سورن ۾، مونکي جهوري ٿِي جهوري

ويٺي فالون پائيان، ٿيو ڇني ۽ ڇوري

ڪڏهن ملندا ڪاپڙي، هت ڏکن آهيان ڏوري

روئان رڙان، جهڄان جُهران، چاڪن آهيان چوري

سڄڻ ڌاران، سانوڻ چئي، ڀُڻان ٿيو ڀوري

غور ڪري غوري، ملندا سگها مون پرين.

 

352 – ملندا سگها مون پرين، واري وصل جو وارو

حبيبن جي هجر جو، آهي من اندر مارو

وڇوڙي ۾ واجهه وجهي، ٿيو قلب ڪڙهي ڪارو

ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، چلي نٿو چارو

گذري وقت غمن ۾، ساريندي سارو

ائين وهي آب اکين مان، جيئن گوني جو گهارو

سڄڻ ڌاران، سانوڻ چئي، مون کي ٻارڻ ۽ ٻارو

ڳڻتيون ۽ ڳارو، آهي اوک اندر ۾.

 

353 – آهي اوک اندر ۾، جهڄان ٿيو جهڻي

وڌي ورونهه، وهلور چڙهيا، هجر ڪيس هيڻي

اٿلي فوج فراق جي، ٻاري سان ٻيڻي

قسمت قيد قلم جي، ڪئي قابو ڪميڻي

سورن ماريس، سانوڻ چئي، آهيان وصل وهيڻي

رکي ڦٽن تي ڦيڻي، محب اچي ملم ڪندا.

پهرين رات پلٽيا، مونکي سنياسين جا سور 354 -

ڪاپڙي ويا ڪابول ڏي، مڙهيو ڇڏي مور

پرديسي پرڏيهه ويا، ڏسڻ کان ٿيا ڏور

هليا سي هنگلاج ڏي، ماري ويا معذور

اڱڻ منهنجي تان آديسي، درئون ٿيا دور

مون ويس سڀئي ويران ڪيا، چُوڙا ڪري چُور

تن سنياسين جا سانوڻ چئي، پلٽيا اٿم پور

اهي ڪٽاريون قرب جون، هڻي ويا اندر منجهه انبور

گهايل ماريس گهور، آيل تن آديسن جي.

 لڳم لاهوتين جو، ٻيجهيءَ رات ٻاڻ355

وتان ويراڳين لئي، هئي هئي ڪندي هاڻ

آديسي اندر جا وڍي ويا واڻ

ڏيئي ويا، ڏکن جا، مسافر ڀري ماڻ

جيجل جيءُ جلي ويو، آءٌ کامي ٿيس کاڻ

جن سان سڱ اٿم، سانوڻ چئي، الله سي مون وٽ آڻ (1)

جن سان روح رهاڻ، سي آديسي اٿي ويا.

356 – ٽيءَ رات نه ٽڪيا، هليا گودڙيا گرنار

هليا ويا هنگلاج ڏي، واسي پنهنجا وار

ڇتا ڇوڙي ڇڏيائون، سڳا سهيليون سڀ سينگار

مڙهيون، مالها، مرليون، نڪا تند تنبوريءَ تار

صبر ٻڌائون سندرو، ڪنبي ڀر قهار

تن سنياسين لاءِ، سانوڻ چئي، مون نيڻين وهايا نار

ڪري گودڙيا گرفتار، سي لاهوتي لڏي ويا.

357 – چوٿين رات چلي ويا، هڻي تُنبن کي تان

ناسور ڪري نڪتا، ڪاپڙين جا ڪانَ

مرلين ڪين ميٽيا، نفيلين جا نيشان

هليا ويا هنگلاج ڏي، سامي کڻي سامان

پورب پنڌ پُريا، رضا وٺي رحمان

ڪٿ ڪاپڙي، ڪٿ ڪا بول، ڪٿ ماڳوتي مڪان

سورن ۾، سانوڻ چئي، آءٌ راتو ڏينهان روئان

من جنين لاءِ مستان، سي لاهوتي لڏي ويا.

358 – پنجينءَ رات پُوري هليا، جوڳيئڙا جايون

کڻي سِڱيون سيلهون، ڪيائون وڃڻ جون وايون

لُنگ ڪڍي لال ٿيا، ڪابول ڏي ڪاهيئون

ڏياريون آيون، ڪين ڏسجن، بيراڳين جون باهيون

ڇتا ڇوڙي، جاما جوڙي، نانڪ سِر نمايئون

گودڙيا ويا گرنار ڏي، وڃي رام ريجهايئون

تن سنياسين جون، سانوڻ چئي، قبول پون ڪمايون

وصل واڌايون، موٽي اچن مان گهرين.

359 – ڇهين رات ڇتن کي، ڏنو ويراڳين واس

پورب ويا پرديسي، ڪونه ڪيائون قياس

جوڳي ويا جُوءِ ڇڏي، مون کي بوءِ اچي نه باس

رهجي ويئي روح ۾، آديسين جي آس

گيڙو رڱيائون گودڙيون، ريٽا ڪيائون راس

ڏسيو آسڻ آديسين جا، ڳڻتين ۾ ڳرياس

سورن لاءِ، سانوڻ چئي، جيجل آءٌ جياس

آءٌ ادب ۾ اُڀياس، آيل آديسين لئي.

360 ستين ڏينهن صبوح جو، ڪڍي سج ڪَني

سناسين جي سور ۾، آءٌ راتون ڏينهن رُني

آيو اجل اوچتو، کڻي سِرڪ سنهي (1)

روئين جي رڙين، بندا تنهنجي باب بني

مرڻ نه آهي مهڻو، جيئن گُهري ٻج ٻني

سورن ۾، سانوڻ چئي، آءٌ ننڍي ٿي نپني

ساجن سڱ ڇني، منهنجا هوت لڏي ويا.

361 – اٺينءَ اوتارا، ڏٺم خالي کاهوڙين جا

جوڳي پسان نه جوءِ ۾، هو ويا ويچارا

آديسين جا اندر ۾، آهن مون ٻانهي کي ٻارا

اهي ڪنهن کي سور سڻايان، نيڻ وهن نارا

سڀ کڻو سرتيون! مون بيڪس جا بارا

هينئون ڏيان هنڌ ڪري، اکيون اوتارا

سي سنياسي سانوڻ چئي، ٿيا مون مُٺيءَ جا مارا

جي هئم جيءَ جا جيارا، سي هليا ويا هنگلاج ڏي.

362 – نائين رات نهاريا، مون گودڙين جا گس

نڪي قنديل ٻرن ڪاپڙين جا، منهنجو هينئون ڪري هنبس

هليا ويا هنگلاج ڏي، هو لڏا کڻي لس

بار کڻي ويا بيراڳي، ڏنئون ڪونه ڏس

جوڳين جيءُ جلايو، ناهي مون وِلهي جو وس

ميٽيان ڪين من تان، ڪاپڙين جا ڪس

هن سڃيءَ کي، سانوڻ چئي، سور ڏنائون سرس

توڙ ڪنان ئي ترس، سنياسي ڪين سکيا.

363 – ڏهينءَ رات ڏک لڳو، آديسين جو اچي

ڪڏهن ڪيم ڪانه ڪا، ڪاپڙين سان ڪَپجي

سناسين جي سور ۾، آءٌ پختي ٿيس پچي

هڏ وڍي هيڻا ڪيا، آءٌ بيراڳن لاءِ بچي

محبت رکي من ۾، ڪئي ساڌن ڳالهه سچي

لاهوتي لامڪان ۾، ويا رمز منجهه رچي

سنياسين لاءِ سانوڻ چئي، آءٌ آهيان نينهن نچي

انهيءَ ماڳ مچي، هو هليا ويا هنگلاج ڏي.

364 – ڪارهين رات ڪاپڙي، هڻي ويا قرب جا ڪِير

ڏسي آسڻ آديسين جا، مون نيڻين وهايا نير

جوڳي جيءَ جلائي ويا، تڪي هنيائون تير

پورب ويا پرڏيهي، مون کي رهي اندر منجهه اُڪير

ڪنهن سان ڪري ڪاپڙين جا، هيءَ نماڻي نظير

آديسين جي اُداس ۾، آءٌ پوڄان ويٺي پير

تيرٿ ڪيائون تڪيو، سچ مٿي ئي سِير

سورن جا، سانوڻ چئي، مونکي زلف وڌائون زنجير

دل ٿيم دلگير، سناسين جي سڪ ۾.

365 – سڻان ڪين سنياسين جي، ٻارهينءَ رات ٻولي

هليا ويا هنگلاج ڏي، ٽولاڪن آءٌ ٽولي

رهجي ويم روح ۾، لاهوتين جي لولي

سنياسين جي سور جي، خبر مون نه کولي

ڪڏهن ايندم ڪاپڙي، هي گس نهاري گولي

جڏهن ڏک ورهايا ڏيهه ۾، تڏهن مون جَهلي هتي جهولي

ٻين کي دُڪا ماسا درد جا، مون کي ملي ڏکن جي ڏولي

سڄي عمر، سانوڻ چئي، آءٌ رمز انهيءَ رولي

هي پرهه پتولي، هو سنجهي سڃ ڪري ويا.

366 – تيرهين رات تن ۾، مون کي دود اچي دکيا

ڏيئي باهه بوهه جي، چاڙهي ويم چکيا

ڀڀوت ٿي بيراڳي، مٿا تن مکيا

وِلهيءَ کي وڇوڙي جا، آيا ڏينهن ڏکيا

ڌاڳا ڌوئي ڌڙڪيون، راول تن رکيا

”عظيمِ يوم يقوم الناس لرب العٰلمين“ بابو ڪن بکيا

اهي انگ ازل کان، هئا لاهوتين کي لکيا

سورن جا سانوڻ چئي، اهي سبق مون سکيا

آيل مون اَکيا، سي لاهوتي لڏي ويا.

367 – چوڏهين رات چڪي پيا، مون کي فراقي ڦٽ

جوڳي ويا جوءِ ڇڏي، لَهس اڏامي لٽ

آهن خالي کاهوڙين ري، پِڙيون سڀيئي پٽ

ويس مَٽائي واسيا، جهالون جهوڙا جهٽ

ڪَن پَٽ، ڪاپڙي، ڪَنوٽيا، ٿيا ڀڀوتي ڀَٽ

مون جهليا، ڪين پليا، مون کي گهاءُ ڏنائون گهٽ

سناسين جي سور ۾، آءٌ چڪي ٿيس چٽ

گنگا نميا گودڙيا، مهر هڻي مٽ

”وصدق بالحسنى“ اهي ناز ڪيائون نٽ

سي ڪڏهن ايندا ڪاپڙي، ڍول منهنجي ڍٽ

سورن جي، سانوڻ چئي، سڄي عمر پڙهنديس سٽ

ڳچيءَ پائي ڳٽ، پيئي ليلهايان لاهوتين لئي.

368 – وجهي پيچ پنڌرهين، جوڳي ڇڏي ويا جاءِ

هڻي ڪِير قرب جا، ويا لئون مونکي لائي

ڏيئي ڦوڪ فراق جي، ويا جيءُ کي جلائي

وجهي وڍ وڇوڙي جا، هليا دود دکائي

گهوڙا تن گهوٽن لئي، هنبس ڪريان هاءِ

ساز کڻي سرندڙا، هليا واڄٽ وڄائي

بر جهاڳي بيراڳي، هليا پورب پڇائي

اڱڻ اچن آديسي، واڳ وطن تي ورائي

اهي سوال، سانوڻ چئي، منهنجا آگو اگهائي

محبت ساڻ ملائي، جوڳي مون جڏيءَ کي

369 – سورهينءَ مون سڏ ڪيا، آيو ڪونه لاهوتين مان لڙي

جيجل تن جوڳين ساڻ، منهنجي دل اڙي

ڪاپڙي ڇڏي ڪابول ويا، آءٌ روئان رت رڙي

هڻي نيلون نينهن جون، ويا چوٽ چڙهي

جوڳين جي جدائيءَ ۾، آءٌ گهاريان ڪيئن گهڙي

کاهوڙين لاءِ خاڪ ٿيس، سورن منجهه سڙي

سورن جا، سانوڻ چئي، اهي پنا ڏس پڙهي

جن سان جيءَ جڙي، سي لاهوتي لڏي ويا.

370 – سترهين ساريم سناسي، سي ارڙهين ڪين آيا

اُوڻهين رات اُلڪي ۾، وِيهين وِرهه وسايا

جوڳين جي جدائيءَ ۾، مون روئي پٽ پسايا

جڻيا پائي جان، تي لاهوتين لُنگ لڳايا

وٺي گس گنگا جو، ڪيائون سنان جا سعيا

تُنبا کڻي طلب جا، ويراڳين وڄايا

بک وجهي بگرئين، لاهوتين ڏينهن لايا

سورن جا، سانوڻ چئي، مون پيچ تنين سين پايا

لکئي لوڙايا، انگ تن آديسين جا.

ايڪيهين رات آديسين، مون سان ٻاويهين ٻڌا ٻول

ٽيويهين مون کان ٽُٽي ويا، چوويهين چڙهي چوڏول

گيڙو سندن گودڙيون، ريٽا ڪيائون رتول

بيک وڌائون بگرئين، جوڳين ٻڌا جهول

پنن ڪين پنجڪڻي، مست ڪيا مخول

”اِن الله غفور الرحيم“ اهو اجهو سندن اول

ماري تن مسڪينن کي، تون راول ڪيم رول

سورن جا، سانوڻ چئي، ڦٽ اندر جا نه ڦول

تون ڍٽ ڌڻي آهين ڍول، آءٌ بيراڳڻ بڇڙي.

پنجويهين پرديس ۾، مون کي ڇويهين ڇڏي ويا ڇو

ويراڳين جي وڃڻ جو، مون ستاويهين ڪين سئو

اٺاويهين ڪين آئيا، مون ڪيو ڪهڙو ڏوه

اوڻٽيهين اداس ۾، تون ويٺي سڄو ڏينهن رو

گنگا مَٽي هليا گودڙيا، تون ٿي جوڳين سندي جوءِ

ته لهر لڳئي لولاڪ جي، دل تان لهئي دوکو

سورن ۾، سانوڻ چئي، گاروڙي کڻي ويندئي گوءِ

اها طلب ڪئي نه تو، تڏهن لاهوتي لڏي ويا.

ٽيهين رات ٽمڪي، اچي بيراڳين جي باهه.

آديسين جي اوسيڙي ۾، پُنو پورو ماهه

آيا منهنجي اڱڻ تي، سي راول وٺي راهه

عجيب آيا عيدون ٿيون، سرهو ٿيم ساهه

”اِن الله على ڪل شيءِ قدير“ اها وسيلي جي واهه

سڪ جني جي، سانوڻ چئي، سي آندم پرين الله

گهايس جني جي گهاءُ، سي پرين پاڪ ميليا.

 

سارنگ

 374ڏينهن تتو جهُڙ ڀائيان، تتو ڏينهن آسمان

سارنگ سٽائون ڪيون، ٿيو اُمت کي ايمان

اُمت سندي آسري، ڇٽو جڳ جهان

کنوڻ ڏسي خوش ٿيا، لٿو غير گمان

گُڙي گجي آئيو، جنهن جي ڪَل پوري ٿي ڪانه

ڪڪر ڪاونڀار جا، نڪري ٿيا نيشان

وسيو ولهارن تان، اچيو ملڪ ڀرين ميدان

برڪت بهاؤ الدين جي، ٿيا گاهن جا گهمسان

مارو ڌڻ ڌارو، ڪن گاهه مٿي گذران

جويون جيسلمير جون، وڏي ديد ڌيان

وچينءَ جو ويس ڪريو، ڪن شهر اڳيان شيلان

سانگي منهنجا سنمک سهڻا، وٺا مينهن مٿان

آءٌ سڪان ٿي، سانوڻ چئي، وريو ڪونه وٽان

هيءَ ڪا مور منجهان، قضا آندي ڪوٽ ۾.

 

ڪارايل

375 – اڇي کي لُڙ ڪيو، ڪنگن ڪَلالِي

زُرن زور هاريو، رهيا ٻڳا ٻلالي

ٿر ۾ پکي هڪڙو، رهيو هنجهه هلالي

ماري ميرا ڪپڙا، آهيس هٿ ۾ دنالي

ڪونج رهندي ڪينڪي، ماريندو ملهالي

سوڙهيءَ ۾، سانوڻ چئي، واهر ٿيندو والي

کڏون ٿينديون خالي، هنجهه نه رهندو هڪڙو.

376 – وڃ اُڏامي هنجهڙا، هُت ڇنون ڀريون ڇڇ

ماڻڪ ۽ موتين جي، اُتي آهي اڇ

پاڙهيري پهه ڪريو، ٿا ريبيو هڻن رڇ

ڦاسايو ڦاهين ۾، ٿا پاپي ڪن پڇ

ڪرت جن جي ڪُهڻ جي، ڪاني اٿن ڪڇ

ساهه پٺيان، سانوڻ چئي، آهي بادشاهي بڇ

ماريو ماريو مڇ، ڀيريو هڻنس ڀن ۾.

 

متفرقه

 377خود پنهنجي خدا سان، مون ڳجهو ڳالهايو

داتا جي درگاهه مان اهو آواز آيو

”وحده لاشريڪ لھ“ ائين فائق فرمايو

ڇو توبھ ڪريو تسبيحون پڙهين، تون عاشق اجايو

ڇو توبھ ڪريو تسبيحون پڙهين، مون چيو نڪي چايو

”اعوذ بالله من شيطان الرجيم“ تو بيک به بنايو

”بسم الله الرحمٰن الرحيم“ تون آهين سگهه ۾ سوايو

”الحمد لله رب العالمين“ توکي آهي موليٰ مرڪايو

”اِهدنا الصراط المستقيم“ توکي پاڻ ڌڻي پهرايو

قادر جي قدرت سان، ٿيو سانگ به سجايو

سِر پنهنجو، سانوڻ چئي، تو ڪُهِي ڪمايو

توکي هاڻي هلايو، هادي پنهنجي حڪم سان.

 378الله جي عاشقن سان، ڇو واڳيو ڏيئين وات

خبر تنهنجي خواب جي، مون کي ڪُل ڪلات

تيرنهن رتيون تو ڪنا، آهيان عقل ۾ آفات

نڪو ڪُن فيڪون هو، نڪا توڏي سندي تات

نڪو ڏينهن ڏسڻ ۾، نڪا رانول رات

نڪو گهاٽ گهڙيو هو، نڪا رڪ روات

نڪو اُڀ زمين هو، نڪا بني هئي بات

نڪو لوح قلم هو، نڪا لبيڪاڻي لات

”التحيات لله و صلوات و طيبات“

مَلڪن کان مهند هئي، ڪا بابو تنهنجي بات

تڏهن قابل تنهنجي ڪڇ ۾، هئس سڄڻ ان ساعات

توکي سڃاڻان ٿو، سانوڻ چئي، تون وڏو آهين وڇات

جو پرهه ڦٽيءَ پرڀات، لڳئي لئون لحاظ سان.

379 – خود پنهنجي خدا سين، آءٌ رات به ٿيس روء

ڪوجها ڍڪيم ڪپڙا، ٻيو سيل بنايم سوء

اسان عاشقن جو، آهي هنڌ مڪان هوء

سچي سڪ، سانوڻ چئي، آءٌ سچو طالب اوء

الله جل جلالھ، رکندو پاڪ پناهه ۾.

380 – الف اکر هڪڙو، ٻيو ڪُل ڀانيان ڪوڙ

نڪو استاد علم جو، نڪا سبق سوڙ

مُلان! ٿو مِڻ مِڻ ڪرين، مِٽون ڦوڪيو مُوڙ

سورن جون، سانوڻ چئي، آهن آيتون اروُڙ

پڙهي تو نه پروڙيو، مُٺين ڙي مغرور

”وحده لاشريڪ لھ“ پنڌ اهو ئي پروُڙ

نه ته ڌڻي وجهندو ڌوڙ، ملان تنهنجي منهن ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org